ڪتابن سان پيار ڪندڙ منهنجو سرمد!
ماٺيڻو مزاج رکندڙ، اڪثر اڪيلو ۽ الڳ ٿلڳ رهندڙ سرمد، مون کي خبر آهي ته پنهنجي اندر ۾ هڪ معصوم دِل رکي ٿو. بيحد حساس، حد کان وڌيڪ پيار ڏيندڙ ۽ جيڪڏهن ڪنهن بيرُخي ڪئي ته پوءِ اُن سان هميشه لاءِ تعلق ختم ڪري ڇڏيندو ۽ اُنهي ماڻهو کي بغير ڪو ڏوراپو ڏيڻ جي خاموشي سان اُن کان پري ٿي ويندو آهي.
آءٌ جڏهن به سندس ڪمري ۾ ويندي آهيان ته سندس سامهون ڪو نه ڪو ڪتاب رکيل هوندو آهي، قلم هن جي هٿ ۾ هوندو آهي ۽ نوٽ بڪ تي ڪجهه نه ڪجهه پيو لِکندو آهي. گهر ۾ جڏهن به ڪا ٽپال ايندي آهي ته اُن ۾ اڪثر سرمد جي ئي هوندي آهي، جنهن ۾ ڪتاب ۽ رسالا هوندا آهن. ننڍي هوندي کان ئي کيس ڪتابن سان بيحد پيار آهي. جڏهن کيس اسڪول جي خرچي ملندي هُئي ته هي انهيءَ خرچي مان ڪتاب ۽ رسالا وٺندو هو، جڏهن ته اڪثر ٻار رانديڪا وٺندا آهن پر هِن کي ڪتاب خريد ڪري مزو ايندو هو. سندس اِهو شوق هر روز وڌندو رهي ٿو. هاڻي جڏهن پگهار کڻندو آهي ته، پگهار مان به پنهنجي لاءِ ڪتاب ئي وٺندو آهي.
مون وٽ جڏهن گهر ڪي عورتون مهمان ٿي اينديون آهن ته، حيرت مان پُڇنديون آهن؛ ”ايترا ڪتاب ڪير ٿو پڙهي؟“
مون کي بيحد خوشي ٿيندي آهي، جڏهن آءٌ سرمد جا ڪتاب ٺاهي رکندي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن حيرت ٿيندي اٿم ته، هِي اخبارن جو پُراڻيون ڪٽنگس، پُراڻا رسالا ۽ ڪتاب ڪيئن سنڀالي رکي ٿو ۽ کيس خبر هوندي آهي ته، ڪهڙو ڪتاب ڪٿي پيل آهي. ڪتابن جي ترتيب کيس سُٺي لڳندي آهي. سندس پڙهيل ڪتاب صاف سُٿرا، اڇا ۽ اُجرا هوندا آهن، جيڪي سندس پيار جي گواهي ڏئي رهيا هوندا آهن.
هاڻي ڪجهه سالن کان سندس ڪتاب به ڇپجن پيا، جيڪا مون لاءِ هڪ ماءُ جي حيثيت ۾ فخر جي ڳالهه آهي جو منهنجو ٻَچڙو علم ۽ ادب سان وابسته آهي ۽ کيس پنهنجي ماڻهن ۽ مِٽي سان پيار آهي. سرمد جو هي ڪتاب ته وري خاص طور تي آهي ئي ڪتابن جي باري ۾! سو، انهيءَ ڪتاب تي ٻه اکر لکندي مون کي جيڪا خوشي ٿي رهي آهي، سا شايد ئي ڪير محسوس ڪري سگهي. منهنجي دعا آهي ته منهنجو پُٽڙو سدائين سُکيو هُجي.
آمين!
عائشه کوسو
(سرمد جي اَمڙ سانئڻ)
10 جون، 2021ع