اندر ۾ لهي ويندڙ درد
هن ڪتاب جي ٽائيٽل هڪ خوبصورت نوجوان جي تصوير آهي، جنهن جي اڻمدائتي وڇوڙي سبب سندس والد کيس پيار ۽ ڏک جي گڏيل احساس مان هن ڪتاب جي صورت ۾ ڀيٽا ڏني آهي. هن درد سان ڀرپور نثري نظمن جو شاعر محترم آصف جمالي آهي. جيتوڻيڪ آصف جمالي سان منهنجي ملاقات ناهي پر پوءِ مون خبر ناهي ڇو اِهو محسوس ڪيو ته آصف بيحد حساس ماڻهو آهي، هو روايتي ماڻهو ناهي. هُن کي دنياداري به نٿي اچي. تڏهن ئي پنهنجي پياري کي ڪتاب جي صورت ۾ ڀيٽا ڏني اٿس. نه ته اڪثر ماڻهو پنهنجي ويجهن عزيزن جي وڇوڙي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ دنيا جي هڻ وٺ ۾ لڳي ويندا آهن پر آصف جي اندر اِهو درد گهر ڪري ويهي رهيو آهي. جنهن جا شاهد سندس هي نظم آهن. درد جي گهرائي جو وڏو سبب به اِهو آهي جو هي نوجوان پنهنجي ٻن ٻين دوستن سميت هن رهزن سماج جي بيحس ۽ مردار ڪرتوتن جي زد ۾ اچي پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو.
زندگي به ته هڪ حادثو ئي آهي. کن پل ۾ ئي سڄي تبديل ٿيو وڃي. گهڻو ڪجهه هوندي به ڪجهه نٿو رهي ۽ ڪجهه نه هوندي به گهڻو ڪجهه رهجي ٿو وڃي. هِن قسم جي حادثن ۽ وڇوڙن ۾ درد ئي ته رهجي ٿو وڃي.
هن ڪتاب ۾ موجود نظم جڏهن پڙهجن ٿا ته، ائين ٿو محسوس ٿئي ته ”ڪئلينڊر“ ۾ تاريخ تبديل ٿيڻ ڇڏي ڏنو آهي. آسمان مان ڪا ”وڄ“ ڪري پئي آهي. "وقت" بيهي رهيو آهي. ماڻهو ”بيوسي“ جو شڪار ٿي ”آئسوليشن“ ۾ هليو ويو آهي. زندگي جي ترتيب بگڙي وئي آهي. ”دوست“ رُسي ويا آهن. ”هٿ“ ٻَڌجي چڪا آهن. ”سمنڊ“ اداس آهي. ”درد“ دل ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهيو آهي. سڀ ڪجهه ڄاڻندي به انسان بيخبر ٿي ويو آهي. ”ڪرونا“ ويتر ڏکن ۾ اضافو ڪري وئي آهي. ”هُو“ پري وڃي چڪو آهي. ”خواب“ اکين جي پنبڻين ۾ اٽڪي پيا آهن. ”بارش ۾“ اندر جو آسمان روئي رهيو آهي. تصويرون خاموش آهن، ڇو ته ”تصويرون ڳالهائينديون ناهن“. درد ”تعارف“ بڻجي ويو آهي. ”بي جواز مصروفيت“ وڌي وئي آهي. ”خوشين جا ڏڻ پوڙها“ ٿيندي محسوس ٿين ٿا. اکين ۾ ”ڳوڙهو“ ئي رهجي ويو آهي. هر پاسي "موت" جا واڪا آهن. خوابن جا پکي آکين جي آکيرن مان هليا ويا آهن. درد جا ”رشتا“ پڪا ٿي ويا آهن. ”ننڊ“ نيڻن کان ڏور آهي. ”ماڻهو پٿر ٿي ويا آهن“. ”زندگي اتي ئي بيٺي آهي.“
مٿين پيراگراف ۾ انورٽيڊ ڪاماز ۾ آصف جي نظمن جا عنوان آهن. انهن عنوانن مان ئي درد جي شدت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هڪ هڪ نظم اندر ۾ درد ساڻ لهي ٿو وڃي. ماڻهو هي نظم پڙهندي پڙهندي روئي ٿو پئي. هي لفظ لکندي به ڪجهه اهڙي ئي ڪيفيت آهي.
هن بيحس ۽ بيرحم سماج ۾ حساس دل هجڻ ئي ڏوهه آهي. جنهن جي سزا درد آهي. هي بيدرد سماج ٻيو ڏيندو به ڇا؟ حساس دل ماڻهو وٽ پنهنجي قسمت تي روئڻ سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو بچي.
هن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ اردو نثري نظم آهن، جن جو محور به درد ئي آهي. درد کي به حساس دل ئي پيار ڪري ٿي. تڏهن ته بيرحم انهي دل ۾ گهر ڪري ويهي ٿو رهي ۽ زندگي ڀر تڙپائيندو ٿو رهي.
درد جون ڳالهيون لکڻ جي سگهه نه ساريندي، آلين اکين سان هن ليک کي اتي ختم ٿو ڪريان.
بس دعا آهي ته اهڙو درد ڪنهن کي به نه ملي ۽ اها به دعا آهي ته پالڻهار، محترم آصف کي همٿ ڏيندو آمين.
***