جي تو اڃا نه ڄاتو
عالمي وبا ڪورونا جو ذڪر به اثرائتي انداز ۾ ڪيل آهي. جنهن کي ليکڪ ”ڪورونا جو ڪوڪٽ“ جو نالو ڏنو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب عالمگيريت جا جيڪي روپ بيان ڪري ٿو، انهي ۾ سڀ کان خطرناڪ روپ ”ڪارپوريٽ عالمگيريت“ کي سمجهي ٿو. هاڻي اسان جڏهن پنهنجي چوڌاري مشاهدو ڪيون ٿا ته، واقعي ائين ئي آهي. ترقي جي نالي ۾ هر قسم جي تباهيءَ جاري ۽ ساري آهي. اسان جي سماج جي ويتر حالت خراب آهي. نور احمد صاحب جا هي ليک پڙهندي سوچيندو رهيس ته، ڪاپوريٽ مافيا ڪيئن نه ماڻهن کي سبز باغ ڏسي، پنهنجي وکر جو عادي ڪري فطرت کان نه رڳو پري ڪري رهي آهي پر فطرت دشمن ڪري رهي آهي. ڪهڙو به شعبو کڻو، سو انهي مرض ۾ ورتل آهي. اسان جو سماج زرعي سماج آهي، جنهن جي گهڻي آبادي جو گذران زراعت تي آهي. هاڻي انهيءَ زراعت جي شعبي ۾ هائبرڊ ٻج، ڪيميائي ڀاڻ ۽ دوائون، جنسن جو وقتائتو، جائز ۽ مناسب اگهه نه ملڻ، پاڻي جي هٿرادو کوٽ سميت انيڪ مسئلا پيدا ڪري آبادگار ۽ پورهيت کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ٿورو سوچيو ته، سموريون زرعي دوائن ۽ ڀاڻن جو ڪمپنيون، ملز مالڪ، وڏا سيٺيا ۽ انهي وکر جي پروموشن ۽ مشهوري ڪندڙ مخلوق ڏينهون ڏينهن مچي مواڙ ٿي رهي آهي، ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪري رهي آهي، بنگلا ٺهرائي رهي آهي، وڏين گاڏين ۾ گهمي رهي آهي ۽ ٻئي پاسي جيڪو هاري آهي، اُهو اٽي لپ لاءِ پريشان آهي. هاڻي هن ماڻهن کي رڳو کپي چمڪ ڌمڪ ۽ ڏيکاءَ! نتيجي ۾ اسان جي جيڪا ماحولياتي، سماجي ۽ اقتصادي تباهي ٿي آهي. انهي تي ڪنهن جي به ڪن تي جونءِ نٿي سُري. اهي هائبرڊ ٻج جا اناج ۽ ڀاڄيون کائي ماڻهو مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن. جيڪي جانور وري اهي گاهه کائين ٿا، سي به بيمار ۽ پوءِ وري انسان انهن جو کير ۽ گوشت استعمال ڪري ٿو. اهڙي طرح سڄي food chain مرضن ۾ وٺجي ٿي وڃي.
هاڻي وري بيمارين جو ذڪر ٿيو آهي ته ياد آئي هتي جي اڄوڪي ميڊيڪل سائنس. جنهن ۾ هڪ ڊاڪٽر جي اخلاقيات اِها آهي جو پهرين اسپتال ۾ فيس جمع ڪرائبي پوءِ علاج ٿيندو. مريض مري ٿو ته ڀلين مري وڃي، اِهو آهي عالمگيريت جو عڪس. جنهن ۾ عوام کي ڏسڻ لاءِ عوام جي خدمت جو slogan استعمال ٿئي ٿو پر ان جي برعڪس عوام کي ڪاسائي وانگر ڪُهجي ٿو. هاڻي اِهو درد جو داستان به ڊگهو آهي. جنهن ۾ نقلي دوائون، مهانگيون دوائون، ٻار جي نارمل ڄم کي آپريشن ۾ تبديل ڪرڻ سميت انيڪ ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. ظاهر آهي جيڪي ماڻهو ڪروڙين روپيا لڳائي وڏا ميڊيڪل ڪامپليڪس ٺهرائين ٿا. انهن ۾ مقصد رڳو مال ڪمائڻ آهي. مريض سان کين ڪا به همدردي ناهي.
مٿي ذڪر ٿيو اخلاقيات جو، سو اخلاقيات ته ايندي بهتر تعليم سان. وري ڏسون ٿا، اسان جي تعليمي حال کي ته، اندر سڙي ٿو وڃي. نور احمد جنجهي جنهن ڪارپوريٽ عالمگيريت جو ذڪر ڪري ٿو، انهي جو مثال اِهو ٿي سگهي ٿو ته، هڪ غريب جو ٻار جنهن جي مادري زبان سنڌي آهي پر ان کي به هڪ کُڏي جهڙي ٻارن سان سٿيل خانگي اسڪول ۾ آڪسفورڊ جو syllabus خريد ڪرڻ لاءِ چيو ٿو وڃي. هاڻي اسان جو ماڻهو انهيءَ ۾ خوش ته منهنجو ٻچو آڪسفورڊ جا ڪتاب پيو پڙهي. حقيقت ۾ جيڪي نه اسان جي سماجي حالت سان ٺهڪن ٿا ۽ نه ئي اُتي موجود ويچاري استاد کي پڙهائڻ اچن ٿا. ان ۾ استاد جو ڏوهه ناهي، جڏهن تعليم ڪاروبار ٿي وڃي ته پوءِ اُهو ويچارو رڳو پنهنجو پيٽ گذر ڪندو، ٻيو ڇا ڪندو! هاڻي انهي منظر ۾ اسان جي جيڪا ثقافتي، سماجي ۽ تعليمي ڀينگ ٿي آهي، ان جو ڪاٿو لڳائڻ سان زمين پيرن هيٺان نڪري ٿي وڃي. ٻار نه پنهنجي ٻولي ٿو سکي سگهي ۽ نه ئي ڪا ٻي ٻولي سکي سگهي ٿو.
عالمگيريت جو هڪ ٻيو ڀيانڪ پاسو آهي صنعتڪاري. جنهن کي ترقي جو ته نالو ڏنو ٿو وڃي پر انهي ذريعي سرمائيدار هڪ طرف پورهيت جو استحصال ٿو ڪري ته ٻئي طرف ماحولياتي تباهي جو وڏو ڪارڻ ٿو ٿئي. نتيجي ۾ هاڻي مشين ماڻهو کي replace پئي ڪري. هاڻي ڳوٺن ۾ به کيڙي کان ويندي لاباري تائين، لاباري کان ويندي جنس مارڪيٽ تائين پهچائڻ سميت سڀ ڪم مشين ٿي ڪري. هاڻي في الحال ته ماڻهن کي سبز باغ ڏسي خوش ڪيو پيو وڃي ته جلدي ڪم پيا ٿين. اسان جو عام ماڻهو به مشين کي لابارو ڪندي ڏسي گد گد پيو ٿئي پر کيس خبر ئي ناهي ته سندس روزي تي لت پئي اچي. اِهي آهن خوفناڪ ڪارپوريٽ عالمگيريت جا رنگ، جيڪي انسان جي زندگيءَ کي بي رنگ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا. جنجهي صاحب عالمگيريت جا اثر بيان ڪندي لکي ٿو ته عالمگيريت انهي چڪر ۾ آهي ته دنيا ثقافتي طور هڪ ٿئي ته جيئن شيون ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ آسان ٿين. بلڪل انهي جو ئي نتيجو آهي جو اسان وٽ ثقافتي تضاد جنم ورتو آهي. جيڪي شيون اسان لاءِ آهن ئي ڪونه، سي به اسان جي ڳچي ۾ وجهي، اسان کي انهن جو عادي ڪري ۽ پوءِ دنيا ناڻو ڪمائڻ ۾ پوري آهي. نالو اهو ٿو ڏنو وڃي ته، دنيا سُسي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ٿي وئي آهي. پر اهو ڪير به نٿو سوچي ته، انسان انسان کان ڪير ڏور هليو ويو آهي. انسان ڪيئن فطرت دشمن ٿي پيو. انسان ڪيئن تيزي سان پنهنجا سماجي قدر وڃائي چڪو آهي. نتيجي ۾ انسان جي زندگي مان هر حُسناڪي موڪلائي پئي ۽ رڳو نراسائي ۽ مايوسي جنم وٺي پئي. صفا ننڍڙو مثال ٿا وٺون ته، اڄ جي ماڻهو لاءِ موبائيل فون رشتن ناتن کان مٿي ٿي پيو آهي. ماڻهو وٽ پنهنجي اولاد، دوستن يا ٻين ماڻهن جي ڳالهه کي ڌيان سان ٻُڌڻ جو وقت ناهي. ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي جو ماڻهو کان وڌيڪ مشين پياري ٿي پئي آهي. اِها ڳالهه اِهو ظاهر پئي ڪري ته اڄ جو انسان مادہ پرست ٿي بيحس ٿي چڪو آهي.
جنجهي سائين ته پنهنجي سڀني مضمونن ۾ عالمگيريت بجاءِ عالم پسندي جي پرچار ڪندي نظر اچي ٿو. اسان جي فڪري رهبر ڀٽائي سائين جو به اهو ئي ته فلسفو آهي ته سمورو عالم آباد هجي. اِها ڳالهه بلڪل درست آهي ته عالم پسندي ئي اڄ جي انسان ۽ فطرت جي ڀلي ۾ آهي.
نظرين کان پڄائڻ جي عنوان سان هڪ مضمون ۾ ليکڪ لکي ٿو ته ”نظرين کان پڄاڻان واري دنيا ۾ انسان ڏينهون ڏينهن جانورن جهڙي زندگي واري سماج ڏانهن ڌڪجندا پيا وڃن جو وٽن نه گهر گهاٽ آهي نه پيٽ ڀري کائڻ جيتري ماني، نه ئي مناسب علاج تائين پهچ. اهي سڀ ڳالهيون ڇڏيو کين پيئڻ جو صاف پاڻي به نصيب ناهي. ائين سڌرندڙ دنيا جي نالي ۾ نهال اها غريب دنيا شاهوڪار دنيا جي هڪ وڏي تجرييگاهه آهي، جنهن ۾ دوا، ٽِڪي گوري کان وٺي هٿيار تائين هر شيء آزمائي ٿي وڃي. “
جڏهن هر شيء بازاري ٿي وڃي، ماڻهو به وڪجڻ لڳن ته پوءِ ڇا جا نظريا. نظرياتي ماڻهو ئي مري ويا ۽ هاڻي رهجي ويا آهن لوڀي ۽ ٺوڳي. سو پيا دنيا کي ٺڳين. افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ ڇڏي ڏنو آهي. انهي ڪري دنيا جو امن ۽ سڪون تباهه ٿي چڪو آهي. نور احمد جنجهي صاحب ڏاڍي ڏک سان اهو لکي ٿو ته، انسان جا پنهنجا ڪرتوت ئي کيس تباھ ڪن پيا. پاڻ لکي ٿو ته ”موچي جا گهڙيل موچي جي مٿي ۾ ٿا لڳن. انساني تاريخ رت سان رنڱيل آهي. درندن ۽ سرڻن انسان جو ايترو رت نه وهايوم هوندو جيترو انسان پاڻ هٿن سان منهن سائو ڪيو آهي.“
هي ڪتاب پڙهندي اِهڙا ڪيترائي جملا ملن ٿا، جيڪي لکڻ لاءِ دل چوي ٿي. جيئن ”اهڙي هٻڇي اقتصادي سرشتي انسان مان ماڻهپو ۽ فطرت سان پيار ڪڍي منجهس مال ميڙڻ جي اُلي وجهي ڇڏي آهي. “
ڪورونا واري صورتحال کي به سائين نور احمد نهايت ئي شاندار انداز ۾ بيان ڪيو آهي. انهي ۾ به ليکڪ انساني اوڻاين جو ذڪر ڪندي وري به کيس حوصلي ۽ همٿ جو درس ڏئي ٿو. جيڪا ڏاڍي ڀلي ڳالهه آهي. هاڻي عالمگيريت جي تناظر ۾ ڪورونا کي ٿو ڏسجي ته، اِتي به سرمائيدار حاوي آهي. جيڪو عام واهپي جي شين تي به بي انتها ۽ ناجائز منافعو وٺڻ کان نٿو مُڙي. ماڻهو ايڏو وحشي ٿي پيو آهي جو ڪورونا جي نالي ۾ ملندڙ امداد جا پئسا يا سامان غريبن يا ضرورتمندن کي ڏيڻ بجاءِ پاڻ کائي ٿو وڃي. ان کان وڏي ڪا ٻي بيحسي ٿيندي جو دنيا کي سِر جي لڳل آهي پر سرمائيدار کي بس اهو فڪر آهي ته پنهنجي دولت کي ڪيئن وڌايان. پر منهنجي خيال ۾ هي ته دولت جي ڳالهه ناهي پر هي هر قسم جي دهشتگردي آهي. جنهن ۾ بغير ڪنهن محنت جي، پورهيتن جو رت چوسي مال گڏ ڪرڻ جي لوڙ لڳل آهي.
ڪورونا جي ڪري تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيا آهن. انهن ۾ تعليمي عمل جو جاري رهڻ به وڏو مسئلو آهي. هن وقت جڏهن هي سِٽون لکان پيو ان وقت به اسان وٽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پيو وڃي. هاڻي فاصلاتي تعليم جي ڳالهه ٿئي ٿي پر اِهو اسان جي سماج ۾ ممڪن نٿو لڳي. اسان جي اڪثر اسڪولن ۾ واش روم ناهي، پيئڻ جو پاڻي ناهي، ويهڻ لاءِ ڪا بينچ ناهي، بجلي ناهي. اُتي آن لائن فاصلاتي تعليم جي ڳالهه ڪرڻ مذاق ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اسان وٽ ته تعليم مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي. جنهن جو وڏو سبب اهو آهي جو اهڙا ماڻهو پاليسي ٺاهڻ تي ويهن ٿا. جن کي تعليم جي هڪ اکر جي به خبر ناهي. هاڻي انٽرنيٽ، مختلف ڊوائيس ۽ لاڳاپيل ڪورس هڪ غريب جي ٻار لاءِ ڪٿان اچي؟ هتي جا حاڪم ته اها ڳالهه ڪندي ٿڪجن ئي نٿا ته تعليم هر ٻار جو حق آهي. هاڻي اهو حق ڪيئن پيو ملي سان ڳالھ ڪرڻ ۾ ڪونهي. سچ ته دل رت جا ڳوڙها ٿي روئي.
نور احمد جنجهي صاحب هن ڪتاب ذريعي ماڻهو کي ماڻهپي، فطرت دوستي، انسان دوستي، ڪتاب دوستي، شعور، فضيلت، اعلي انساني قدرن جو سبق ڏيندي نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ شامل مضمون پڙهندي اِهو به محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سائين جي مشاهدي جي اک ڪمال جي آهي. پاڻ پورهيت تي ٿيندڙ ظلم، ثقافت جي زوال، فطرت جي تباهي، انسانيت جي موڪلائڻ سميت انيڪ اهم ڳالهين جي نشاندهي ڪري ٿو.
ڪتاب جي هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته هن ۾ استعمال ٿيل ٻولي عام فهم، آسان ۽ رواني واري آهي. سائين نور احمد هن هيڏي وڏي موضوع تي دنيا جي ٻين ليکڪن جا حوالا ڏيڻ بجاءِ پنهنجا مشاهدا نهايت ئي شاندار انداز ۾ بيان ڪري ٿو. جنهن ذريعي هو پڙهندڙ کي پڙهڻ تي مجبور ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. مضمون ايترا وڏا به ناهن جو پڙهندڙ لاءِ بوريت جو سبب بڻجن. مناسب لفظن ۾ مناسب ڳالهه ٿيل ملي ٿي، جيڪا پڙهندي سُٺي لڳي ٿي.
نور احمد جنجهي صاحب هميشه نوجوانن کي همٿائيندو رهي ٿو ۽ کيس نوجوانن مان وڏيون اميدون آهن. تڏهن ته هن ڪتاب جي ارپنا به نوجوانن کي ڪندي لکي ٿو ته ”انهن نوجوانن جي نالي جيڪي ڄاڻ جي عشق کي نه رڳو ڄاڻن ٿا پر ڄاڻ کي سڪارج به ڪرڻ ڄاڻن ٿا.“
ڪتاب جو مهاڳ ”گلوبلائيزيشن جي بند گهٽي ۾ ڦاٿل دنيا کي سجاڳ ڪندڙ سچ“ جي عنوان سان مير منصور مڱريي لکيو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب کي ههڙي شاندار ڪتاب جي شايع ٿيڻ تي واڌايون هجن. **