مٺل جسڪاڻي جو ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“
ڳالهه نڪتي آهي برسات ۽ ٻوڏ جي تهه، ڪجهه برساتن جو به ذڪر ڪجي. مون جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي، انهي وقت کان وٺي هن وقت تائين ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ برسات کي ڇڏي، باقي ته مون برساتن کي تباهيون ڪندي ڏٺو آهي. پوءِ اُها 1994ع واري ٻُوڏ هجي، 1999ع وارو سامونڊي طوفان هجي، 2003ع واريون خوفناڪ برساتون هجن، 2010ع، 2011ع واريون ٻوڏون هجن يا وري هن سال واري برسات ۽ ٻوڏ هجي. انهن سمورين برساتن جي تباهين جا جيڪي منظر منهنجي ذهن تي نقش ٿيل آهن، سي سڄي ڄمار نه وسرندا ۽ انهي ڪري مون کي برسات سُٺي ناهي لڳندي. هاڻي انهي تي سڀ ڪو پنهنجا پنهنجا حوال ڪندو ته، برساتن جي ڪري پاڻي وڌي ٿو، فصل ٿين ٿا. يا وري برسات رحمت آهي پر اسان جي انتظامي ناڪامين جي ڪري ائين ٿئي ٿو يا وري گلوبل وارمنگ آهي، سڄي دنيا ۾ ماحوليات ۾ وڏي تبديلي آئي آهي، وڻ وڍجي ويا آهن، ماڻهن پاڻي جي قدرتي لنگهن تي قبضا ڪيا آهن وغيره وغيره.... کوڙ ڳالهيون آهن، گهڻي ڊيگهه ۾ نٿا پئون. اهي سڀني کي خبر آهن پر هاڻي ڳالهه اها آهي ته، جنهن غريب جو الهه تلهه چٽ ٿي ويو، ڪا ٻڪري ٺڪري هئس سا مري وئي، فصل ٻُڏي ويو... انهي تي ڇا ٿي گذري، ٿورو سوچي ڏسجو....!
محترم مٺل جسڪاڻي به ته انهن تباهين جي ڳالهه ڪئي آهي. ڇو ته مٺل جسڪاڻي بنگلن ۾ ويهي اِهو چوندڙن مان ناهي ته، برسات جي ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. جيئن هتان جا ٽي وي چينل ڪندا آهن ته، برسات جي ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي. بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. مختلف حادثن ۾15 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. مٺل ته جهر جهنگ گهُمي حقيقي مشاهدن کي انهي درد ڪٿا ۾ لکيو آهي ۽ پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچايو آهي.
هاڻي نقادن جي مرضي پيا حساب ڪتاب ڪن ته، هي ڪهڙيون ڪهاڻيون آهن، هي ڪهڙا نظم آهن. پر مون ته اهو محسوس آهي ته، هن ڪتاب ۾ موجود هر هڪ ڪهاڻي يا نظم ڪهاڻي درد جو احساس آهي، احتجاج آهي، بيوسي جو اظهار آهي، نصيحت آهي، زرعي ۽ سماجي ڄاڻ آهي.
انهن برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري تقريبن هر ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. جيئڻ عذاب ٿيو پوي. هاڻي مهرباني ڪري رحمت وارا داستان نه ٻُڌائجو. ڪتاب تي نظر وجهجي ٿي ته، انهي جو ٽائيٽل اهڙو appealing آهي، جو ماڻهو سوچن ۾ گم ٿيو وڃي. جيئن آئون مٿي لکي آيو آهيان. هي سٽون لکڻ دوران به برسات سان وابسته يادون ذهن ۾ هلن پيون. پر سڀ هتي لکي نٿيون سگهجن. پر هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اهو خيال آيو اٿم ته، برسات سان وابسته يادون لکجن.
ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ حصو ڪهاڻين جو آهي ۽ ٻيو نثري نظمن جو، جن جو موضوع برسات ۽ ٻوڏ جون تباهيون آهي.
ڪتاب جي شروعات ۾ ئي ليکڪ هي سٽون لکي ٿو، جيڪي پڙهڻ کان پوءِ انهي درد کي بخوبي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
”امداد جي آسري ۾ ماڻهن،
پنهنجا گهر پاڻ نه ٻوڙيا آهن،
پنهنجي سوچ بدلايو،
يا هڪ ڏينهن جي لاءِ،
پنهنجي ڪٽنب سميت،
ڪنهن ڪيمپ ۾ گذاريو......“
هي پڙهڻ کان پوءِ مون تصور ۾ ئي پاڻ کي انهي جڳهه تي رکي ڏٺو ته، پيرن هيٺان زمين نڪرندي محسوس ڪيم. هاڻي اهي جيڪي فوٽو سيشن ڪري، متاثرين جي نالي ۾ پنهنجي مشهوري ڪندا پنھنجو پنهنجو دڪان چمڪائيندا وتن، سي به اکيون پٽين ۽ ماڻهو ٿين.
ڪتاب ۾ موجود هر ڪهاڻي موضوع سان ڀرپور نڀاهه ڪري پئي. هڪ ڪهاڻي ”وس ۾“ ۾ همراهه برسات جي اڳڪٿين بابت ڳالهائيندي چون ٿا ته، اهڙيون برساتون اسان جي وس ۾ ناهن يا وري ڪهاڻي ”نٿو مُڙين نه....“ ۾ ليکڪ سنڌي ٽي وي چينل تي برساتن بابت خبرون ٻُڌي گهر ويهي ٿو رهي ۽ سندس ڀاءُ گهمي ڦِري اچي ٿو. هاڻي اِهي ٻئي ڪهاڻيون پڙهڻ سان ذهن ۾ اڄوڪا موسميات جا ماهر ٿا اچن. جن کي نه جن نه ڪن، وتن دٻون ڏيندا ۽ خلق جو ساهه مُٺ ۾ ڪندا. اڄ هيترا ملي ميٽر برسات پوندي.......، اڄ هي سلسلو پيو اچي وغيره وغيره........ اسان جي ڳوٺ ۾ به اهڙا ٻه چار موسميات جا ماهر آهن، جيڪي انهي موسم ۾ رڻ ٻاريو ڏين. هنن برساتن دوران هڪڙو ڪورونا جي مصيبت ۽ ٻيون اِهي برساتون، اسان به گهر ۾ ئي هئاسين. همراهه صبح شام برسات بابت تبصرا ڪري پيا مٿو کائيندا هئا.... ڇا ڪجي ڪيڏانهن وڃجي. اسان وٽ ته هڪ ظلم اهو به آهي ته، هر ماڻهو هر علم ۽ فن جو ماهر آهي. جيڪو نه رڳو پنهنجي راءِ ڏي ٿو پر راءِ مڙهي ٿو. سو، اهي سورن پچارون ڪنهن ٻئي ڀيري ڪبيون.
هي ڪهاڻيون پڙهندي مون کي اِهو به محسوس ٿيو ڄڻ ليکڪ سامهون ويهي ڪچهري ڪري رهيو آهي. هونئن محترم مٺل جسڪاڻي صاحب قرب ۽ محبتون ونڊيندڙ ماڻهو آهي. پاڻ دوستن سان ڏک سک ۾ گڏ به هوندو آهي ۽ رهاڻيون به رچائيندو رهندو آهي.
مٺل جسڪاڻي صاحب سان روبرو منهنجون ٻه مختصر ملاقاتون آهن. پر فيس بوڪ ذريعي ساڻس روز ملاقات ٿئي ٿي. انهي مان مون مٺل کي ڪيئن ڏٺو، اِهو به ڪنهن ٻئي ڀيري، سائين تي تفصيلي خاڪو لکي بيان ڪبو.
برسات ۽ ٻوڏ جي عنوان سان ڪهاڻي ۾ ته منهنجي دل جي ڳالهه (لک جي ڳالهه) ڪيل آهي. ”برسات کي رحمت بدران زحمت بڻائيندڙ سبب، ڳجهه ۾ نه رکڻ گهرجن. بلڪه برسات کي زحمت ڪندڙ سبب ظاهر ڪجن ۽ انهن جو ازالو به ٿيڻ گهرجي“.
”ملاقات“ ڪهاڻي ۾ ليکڪ برسات دوران ملاقات جون ساروڻيون ساري ٿو. بلڪل ائين ئي آهي برسات يادون ئي ته کڻي ٿي اچي. تڏهن ته سائينداد ساند چيو آهي ته،” کڻي آئي برسات يادون اوهان جون، کنوڻ رنگ لايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا...... “.
برسات دوران ليکڪ سموسي کائڻ جو مزو به لکي ٿو پر ساڳي وقت کيس انهن جي به سار اچي ٿي، جيڪا بکئي پيٽ هوندا. ”ٻنو ٻار هڪ“ ڪهاڻي ۾ شاندار منظر ڪشي ڪئي وئي آهي ته، برسات ڪيئن ٿي ڀينگون ڪري!
نظم ڪهاڻين واري حصي ۾ ليکڪ لکي ٿو بلڪه نصيحت ٿو ڪري ته:
”خيال ڪجو،
جيڪي برسات ۾ نه ٻُڏا،
اُهي هاڻ،
برسات کانپوءِ
ٻُڏڻ نه گهرجن“.
يا وري ”متاثر“ نالي نظم ۾
”برسات ۾ پاڻ سان گڏ،
ٻين جو به خيال ڪريو،
اوهان جي ڪري،
ٻيو متاثر نه ٿيڻ گهرجي.“
نظم ”ڪيئن ٿو ڀانئين“ ۾ اِها ڀيٽ ڪيل آهي ته، اڳي وارين برساتن ۽ هاڻي وارين برساتن ۾ فرق ڪهڙو آهي؟
ڪتاب جي آخري نظم” اڱارو“ ۾ ليکڪ برسات دوران دل پشوري ڪندي، چمبڙ جي پڙي گهمندي خريداري ڪري ٿو. سنگت سان ملي ٿو، گلن ۽ موتين وارا آڳٺ وٺي ٿو. لالڙي به سوکڙي طور وٺي ٿو. آخر ۾ موجون ڪندي برياني به کائي ٿو. جيئن اسان وٽ اڪثر همراهه مال پڙي تي ويندا آهن. پُڇنداسين ته ادا ڇا وڪڻڻ ٿو وڃين يا ڇا خريد ڪرڻ ٿو وڃين؟ ته جواب ۾ چوندو ته ادا نه ڪجهه وڪڻان ٿو ۽ نه ئي خريد ٿو ڪريان، بس آئون ته برياني کائڻ ٿو وڃان.
باقي ڪهاڻيون ۽ نظم پڙهندڙ پاڻ پڙهن. مون هڪ پڙهندڙ طور پنهنجو رايو لکڻ ضروري سمجهيو. ڇو ته هر ليکڪ اهو چاهيندو آهي ته، منهنجي تخليق تي ماڻهو تبصرو ڪن. ته جيئن گهڻا پڙهندڙ ڪتاب پڙهي سگهن. انهي ڪري هڪ پڙهندڙ ۽ ليکڪ جي صورت ۾ اِهو منهنجو فرض آهي ته، جيڪو ڪتاب پڙهان، اُن بابت ٻه اکر ضرور لکان.
محترم مٺل جسڪاڻي جا قرب، جنهن محبتن مان ڪتاب اماڻي محبتن جو قرضي به ڪيو ته هڪ املهه تحفي سان به نوازيو. ڇو ته منهنجي نظر ۾ ڪتاب کان بهترين ٻيو ڪو به تحفو نٿو ٿي سگهي.
**