ڪتاب تحفي ۾ ملي ته ٻيو ڇا کپي؟
ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو صاحب يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. مون کي روايتي پروفيسرن کان مختلف لڳي ٿو، ڇو ته هي شاگردن ۽ تعليم جي بنيادي مسئلن تي ڳالهائي ٿو، لکي ٿو ۽ سوچي ٿو. نه ته مون اڪثر پروفيسرن کي شاگردن سان ڳالهائيندي يا سندن مسئلن تي ڳالهائيندي عار محسوس ڪندي ڏٺو آهي. مٿان وري پروفيسر ڊاڪٽر ٿي پوي ته عام خلق ويتر آزار ۾ پئجو وڃي. بهرحال شاهمراد صاحب جي هن ڪارائتي ڪم کي ساراهيندي، سندن هن تازو شايع ٿيل ڪتاب ”ڪامياب شاگرد“ کي ڏسون ٿا ته، هن ۾ شاگردن جي رهنمائي لاءِ تمام گهڻا موضوع شامل آهن. جن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ سان شاگردن جي اندر اعتماد پيدا ٿيندو. مثال طور پنهنجي اندر لڪل ڏات کي دريافت ڪريو، پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري، رٿابندي ڪريو، وڏا خواب ڏسو، گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪريو، ٻُڌڻ سِکو، رڳو پنهنجو پاڻ سان مقابلو ڪريو وغيره.
ڪتاب ۾ ليکڪ شاگردن جي ڀلائي لاءِ 72 موضوعن تي ننڍا ننڍا، عام فهم ٻولي ۾ نهايت ئي ڪارائتا ليک شامل ڪيا آهن. جيڪي خاص طور تي هاءِ اسڪول جي شاگرد کان ويندي يونيورسٽي جي شاگرد لاءِ ڪارائتا آهن. اِهو هڪ ڪڙو سچ آهي ته، اسان جي شاگرد جي رهنمائي صحيح طرح سان نٿي ٿئي، جنهن جي ڪري هُو انيڪ مسئلن جو شڪار آهن. سو، ان قسم جي رهنمائي لاءِ هي ڪتاب نه رڳو شاگردن کي پر استادن ۽ والدين کي به پڙهڻ گهرجي. ڪتاب جي آخري حصي ۾ ليکڪ شاگردن کي پنهنجي شخصيت جو جائزو وٺڻ لاءِ نهايت ئي زبردست سوالن جي هڪ فهرست ڏئي ٿو. جيئن.
• توهان ۾ موجود ڪي ڏهه خوبيون
• توهان ۾ موجود ڏهه خاميون
• توهان جون پسنديده عادتون
• توهان جي پسند جا پنج ڪتاب
• توهان جون رول ماڊل شخصيتون
انهن سميت ٻيا ڪيترائي اهڙا سوال هن ڪتاب ۾ آهن، جن تي سوچڻ ۽ انهن جا جواب ڳولڻ سان راهون آسان ۽ واضح ٿين ٿيون. اِهي سوال ورڪ شيٽ جي صورت ۾ ڏنل آهن. اُنهن جا جواب لکڻ سان اوهان کي پنهنجي شخصيت جي لڪل پاسن جي خبر پوڻ شروع ٿيندي ۽ اوهان اُن تي سوچڻ شروع ڪندا. آئون پنهنجي شاگردن ۽ دوستن کي به هن ڪتاب بابت معلومات ڏيندس ته جيئن هُو، هي ڪتاب پڙهي، هِن ۾ موجود موضوعن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.آئون ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي صاحب کي هن شاندار ڪتاب جون واڌايون ڏيان ٿو ۽ ٿورا مڃان ٿو، پياري دوست سرفراز علي پنهور جا، جنهن هي ڪتاب مون ڏانهن موڪليو.