گلن ۾ گلابي شهنشاهه ”گُل“
اڄ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جِي سينڌ سنواريندڙ سُهڻي شاعرَ، دانشور، عالم، صحافيءَ، مُترجم، سچل جي شارحَ، ٻارن جي ليکڪ ۽ ڪالم نويس، مقصُودگل جو69 يون جنم ڏينهن آهي ۽ مُنھنجي سامھون ھن وقت سندس شاعري جو اھڙو ئي ھڪ خوبصورت ڪتاب آھي، جنھن کي وري وري پڙهڻ تي دل ٿي چوي. جنھن ڪتاب ۾ اھي سمورا حسين احساس سمايل آھن. جيڪي ڪنهن به شخص جي ضمير کي جاڳائڻ لاءِ ڪافي آھن. اھو ڪتاب آھي ”اکڙيون نيل ڪنول“، جيڪو سائين مقصُود گُل جي زندگيءَ ۾ ڇپيل انهن جو آخري ڪتاب آھي. مون جنهن وقت ھي ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيو ته ان وقت ئي منھنجي دل چيو ته ھن ڪتاب تي ھڪ عام پڙھندڙ جي حيثيت ۾ ٻه اکر ضرُور لکندس. جيڪي ھن وقت توھان سان ونڊيان پيو:
سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايل ھن ڪتاب جي ارپنا شاعر، پنهنجي امڙ ماءُ ۽ ڌرتي ماءُ جي نانءِ ڪئي آھي. ھن ڪتاب ۾ حمد، نعت، غزل، رباعيون، پنجڪڙا، دوھا، ڏيڍوڻا ۽ ترائيل شامل آھن. مقصود صاحب جي ھن ڪتاب ۾ مُون کي سندس ٻولي جو خوبصورت استعمال ڏاڍو وڻيو آھي. سندس شاعريءَ ۾ قومي جذبو، انسانيت، محبوب جي سونھن، سڪ ۽ سوڀيا، حساسيت، قرباني جو جذبو، ھلندڙ سياسي صورتحال، سماجي براين کي نندڻ ۽ انهن جي مذمت ڪرڻ، پنهنجي ٻوليءَ سان پيار، فطري خوبصورتيءَ جو اظھار، انسانيت ۽ رواداريءَ جو درس ۽ ڌرتيءَ سان پيار وارا موضوع نمايان آھن.
مقصود سائينءَ جي شاعريءَ مان ڪجهه مثال مان ھتي پيش ڪريان ٿو، جن مان سندس ڏات جي گھرائيءَ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
ڌرتي سان محبت جو سندس انداز ڪيڏو نه شاندار آھي:
ڌرتي سڏي ته دم نه ڪجي دوست دير ڪا،
سَوَ سِرَ سِسيُون ھجن ته سي وَر وَر پيُون وارجن.
يا وري ھن طرح:
”درد دلبر جو به آ پر درد ڌرتيءَ جو وڏو“
ڌرتيءَ جي دُکن ۽ سُورن تي سندس اندر مان آواز ٿو اچي ته:
ڌرتيءَ جا دُک دل ۾، اکيُون آڊوکيون،
دوزخ ۽ درياءَ کنيون ٿو ساڻ وتان.
پرينءَ کي به سنڌ جي نقشي سان ڀيٽي ٿو:
آ پڌرو پرِين جيئن نقشي ۾ سنڌ،
سندس لوڏ آ مون لکن ۾ لڌي.
يا وري ھن طرح؛
چمي ”گل“ کڻي ٿو اکين تي رکان،
اھو پيار ڌرتي، ڌرم دوستو.
سنڌ سان سندس محبّت ان حد تائين آهي، جو ھر سوڀيا جي ”سِين“ کي چُمي ٿو:
آ سنڌ، سونھن، سچَّ ۽ سُرھاڻ جو قسم،
ھر سوڀيا جو ”سين“ سِٽُن تي چُمان پيو.
ڌرتي جي ويريءَ سان نفرت به وڏي بيباڪيءَ سان کُليل ريت ڪري ٿو:
ڌرتيءَ ويريءَ ساڻ رھان، پر ڪيئن رھان!
دشمن سان گڏ گھارڻ ڏاڍو اوکو ڪم.
سندس سموري سڃاڻپ جو محور سنڌ امڙ آھي:
تنهنجي نالي ۽ حوالي جي ڪري،
ٿا سڀئي مون کي سڃاڻن سنڌڙي!
سياست جي نالي ۾ ٿيندڙ ٺڳيءَ کي به ھن طرح بيان ٿو ڪري؛
ڪنهن کي پنهنجو ليڊر سمجُھون،
ڪنهن کي ڪيئن اڳواڻ ڪيون!
پڳ وارا پڳدار گھڻا، پر نانگُ لڪل ھو پڳَ پڳَ ۾
نام نھاد ليڊرن جي ڪيل تباھين جو ذڪر سندس ھنن سٽن ۾ ڏسو؛
اقتداري اؤجَ جا ماڻيا مزا پئي ليڊرن،
بي خطا، مظلوم ماڻھو قوم جا ڪُسندا رهيا.
سندس ھي سٽون به ليڊرن کي واھه جو وائکو ٿيون ڪن؛
نڪري آ تون خول انا مان سنڌي ليڊر! ھاڻ،
بيٺي آ سنڌ چؤواٽي تي، ان جو سُور سڃاڻ!
ھن ملڪ ۾ حڪومتون ڪيئن ٿيون ٺھن، انھيءَ ظلم کي سندس ھڪ غزل جو ھڪ بند بيان ٿو ڪري؛
ڊش ائنٽينا تي آمريڪا چئنل پئي بلائي،
تڏهن ھتي تبديل سياسي چھرا ٿيندا آھن.
اسان جي پيرن ھيٺان ڌرتي کسڪڻ تي ھي بيحد حساس ۽ پيارو ماڻھو روئي ٿو پوي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان جي اگُھور ننڊ ۾ ستل ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري؛
پنهنجي پاڙَي ۾ به ڇو رستو نه ٿو مون کان لڀي،
اوپرن کان پنھنجي گھر جو دڳ پُڇائي روئبو.
سندس ھي شعرُ طبقاتي سماج کي آئينو ٿو ڏيکاري، جيڪو پڙھي اھو احساس شدّت سان ٿو ٿئي ته ڪيڏي نه بي رحميءَ سان اميرن جا بنگلا ۽ محلات غريبن جي حصي جي اُسَ ۽ چانڊوڪي چورائي، روشنيءَ کي ڀاڱا ڪري ويا آھن:
روشني ڀاڱا نه ڪريو، اُس ھجي يا چاندني،
سجَّ چنڊ جو ھي سڄڻ سھڪار سھڻو ٿو لڳي.
محبوبَ جي سڪَ جي عڪاسي سندس ھنن خوبصورت سٽن ۾ ڏسو؛
ھا ڀرم سڪ جو رکي سودو ڪيم،
سمنڊَ کي سوڙھو ڪري قطرو ڪيم.
پرينءَ جي اچڻ جو پيغام ھن طرح ٿو ملي؛
سالن کان پوءِ وري آ برکا، بھار آئي،
تنھنجي اچڻ جون ڳالھيون ڪنَ ۾ ھوا ڪري ٿِي.
۽ وري اُنَ پرينءَ جي ديدار لاءِ ته چنڊ به دعائون پيو گُھري؛
چنڊُ وڻَ جِي ٻانھن تي کاڏي رکِي،
تُنھنجَي درشن جون دعائون ٿو گھرَي.
پرينءَ جِي سونهن جي ڪري نه رُڳو انسان جو اندر مھڪي ٿو پوي پر ماڻهوءَ کي سمُورو سنسار به سھڻو ٿو لڳي؛
سُونهن تنهنجيءَ جي ڪري سنسار سھڻو ٿو لڳي،
تنهنجي ٻانهن جو ڳچيءَ ۾ ھارُ سُھڻو ٿو لڳي.
مقصود سائينءَ جو ھي رومانوي پنجڪڙو به ڪمال جو آھي:
تنهنجي زلفن ۾ لڪِي آ رات رات
تنهنجي ڳلڙن مان صبح جاڳي اُٿيو
تنهنجي مرڪڻ ساڻ سج اُڀرِي پيو
ڪئي شفق تنهنجي چپن مان ھات ھات
تنهنجي زلفن ۾ لڪي آ رات رات.
سندس ھڪ بيحد رومانٽڪ غزل (جيڪو ماسٽر وليءَ ۽ سڄڻ سنڌيءَ جي آوازن ۾ ڌار ڌار ڳايل آھي) جا ڪجهه بند توھان پاڻ پڙھي ڏسو؛
تنهنجي ڳلن تي ماڪَ جو مرڪِي بکي پئي،
قطرا پگھر جا ڄڻ ته گُلن تي چمان پيو
تنهنجَي لبن جي ساک ڀريَ لاک پيار سان،
لالي شفق جي ڄڻ ته گُلن تي چمان پيو
ڀاڪرَ سان تنهنجي منھنجو معطر وجود ٿيو،
خوشبوءِ تنهنجِي، پنھنجي لڱن تي چمان پيو.
جُدائيءَ جي لمحن کي به ڪيڏي نه پُرسوز انداز ۾ بيان ڪيو اٿس؛
توکان ڏُور گذارڻ ڏاڍو اوکو ڪم
پاڻ ئي پاڻ کي مارڻ ڏاڍو اوکو ڪم
تنهنجِي ياد کان جھلجي ڪيئن ڀلا دل کي؟
وھندڙ وِيرَ بيھارڻ ڏاڍو اوکو ڪم
مھربان آيا اکين ۾ رات ھڪڙي ويا رھِي
پر سموري زندگي دل ۾ سَدا وسندا رھيا
نينھن ۾ ڪا نئين نرتڪي ٿي نچي،
ياد ڪنهن جي اندر ۾ اچِي ٿي نچي
ياد تنھنجي جي سھارَي زندگي گھاريُون پيا
آسَ جا ڏيئا اکين جي آب سان ٻاريُون پيا
اسان جي زندگِي تو ساڻ ئي زندگي آ جانان!
سوا تنهنجي اسان وٽ ڪا نه آئي ڪا خوشي جانان!
ماءُ جي مامتا جو مظھر ھي سٽون پڙهو:
ٻچو ماءُ ڇاتيءَ تي ٻانھُون وريلَ،
پئِي ٻاجَهه آ ٻارڙَي سان ٻکِي.
اڄڪلهه جي وڌيلَ مذھبِي انتھا پسنديءَ کي به ڪيڏي ڀرپور انداز ۾ ننديو اٿيائون؛
مذھب جيڪو ٻارَي بِيٺا نفرت وارو مچ،
انسانيّتَ ساڻ اجھايُون آڳَ انھيءَ کي اچ!
چوڌارِي پکڙيل وحشتن، لالچن ۽ انساني بيقدرين ۽ بيحسين جي عڪاسي ھي سٽون ڪيڏي نه سُهڻي نمُوني ٿيون ڪن؛
ڪيڏو وحشي ماڻھو ٿِي پيو، ڪيڏِي آ ڊُڪَ ڊوڙَ
لالچ لوڙھه لُڇايا ماڻھو رانڱڻ رتُ ولوڙَ
انسانن کي گھوگِھڻَ وارو ڪيئن سڏيان انسانُ
ڌرتيءَ تي اپمانُ ڏسي آ حيرت ۾ ڀڳوان.
انھن مثالن مان توھان پاڻ اندازو لڳائي سگھو ٿا ته مقصود گل صاحب جِي شاعري ڪيڏي نه رنگ ڀرِي آھي. سو جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته ھي سمورو ڪتاب وري وري پڙھڻ جھڙو آھي. ھن سُھڻي ڪتابَ جو تفصيلي ۽ بيحد علمي مھاڳ به سنڌ جي ھڪ بيحد پياري ۽ ڪمال جي شاعر سائين مير محمّد پيرزادَي صاحب جو لکيل آھي. افسوس جو ھي ٻئي پيارا شخص ھاڻي ھن دنيا ۾ ناھن رھيا.
ھن ڪتاب ۾ موجود شاعري ڪافي فنڪارن پنھنجي حسين آوازن ۾ ڳائي به آھي. خاص طور تي مقصود سائينءَ جي گذريل ٻن ورسين جي موقعي تي جنسار سمي، ذوالفقار عليءَ ۽ مظھر حسين ڏاڍيُون خوبصورت ڪمپوزيشنز تيار ڪري پيش ڪيون آھن. جيڪي يقيناً گل صاحب جي شاعريءَ کي گھڻن ۽ عام ماڻھن تائين پھچائڻ جو سبب بڻبيُون. ھونئن به جڏھن ڪا شاعري سُرن جو روپ ڌاري ٿي ته وڌيڪ امر ٿي وڃي ٿي.
مقصود گل جھڙن ماڻهن جي سوچ ۽ فڪر کي عام ڪرڻ جي ضرورت آھي ڇو ته ھنن ڌرتيءَ جي عاشقن محبتن، امن، رواداري، پيارَ ۽ انسانيت جو پيغام ڏنو آھي.
مان يقين سان چوان ٿو ته ھي ڪتاب فڪري ۽ گھرائيءَ واري شاعريءَ سان چاھه رکندڙ دوستن لاء ھڪ تمام خوبصورت تحفو آھي. مقصُودگل جي فڪر جي لاٽ مٿس تحقيق ۽ سندس ترجمن جي صُورت ۾ اڃا وڌيڪ روشن ٿيندي ۽ ايندڙ وقت کي واسيندي رهندي ۽ ”گُل“ جي تخليقي هُٻڪارَ پنهنجن پڙهندڙن ۽ پيار ڪندڙن ۾ خوشبُوء جو خيرُ ونڊِيندي رهندِي.
گلن ۾ گُلابي شهنشاهه ”گُل“،
ونڊَي خيرُ خُوشبُو جي خيراتَ جو.