انور پيرزادي جون ڪهاڻيون
هن ڪتاب جو طويل ۽ شاندار مهاڳ ناليواري ليکڪ محمد علي پٺاڻ لکيو آهي. جنهن ۾ هُو لکي ٿو ته ”هُن جي هر گُفتي، بلڪه هر جملي ۾ ڪا نئين ڳالهه هوندي هُئي. ڳالهه به اهڙي، جيڪا پڙهندڙ جي ڪنن مان هڪدم سڌو رستو وٺي، دل جي دفتر ۾ لهي وڃي هميشه لاءِ اُتي ديرا ڄمائي ويهي رهي هئي.“
محمد علي پٺاڻ هنن ڪهاڻين بابت لکي ٿو ته اڪثر ڪهاڻيون هِن 1970ع جي پنهنجي جيل ياترا دوران لکيون. جنهن ۾ تنهن زماني جي مسئلن ۽ ڳالهين سان گڏ انور پيرزادي صاحب پنهنجي ڳوٺاڻي زندگي جي ڀيانڪ غربت کي به وائکو ڪيو آهي. ” اڳتي لکي ٿو ته“ هي ڪهاڻيون، جن کي لکيي ذري گهٽ پنجاهه ورهيه گذري چڪا آهن، سي جڏهن اڄوڪي زماني ۾ پڙهجن ٿيون ۽ انهن ۾ بيان ڪيل مسئلن ۽ ڳالهين تي غور ويچار ڪجي ٿو، ته توڙي جو وقت جي وڇوٽي جي شدت سان احساس به ٿئي ٿو پر گهڻي ڀاڱي ائين ئي لڳي ٿو ته، هي اڄوڪي دور جون ئي ڪهاڻيون آهن. جن جي ماحول ۾ جيڪڏهن ٿورو گهڻو فرق آيو به آهي، ته اهو موبائيل، انٽرنيٽ جو ئي آيو آهي. ڇو ته وقت اسان وٽ بدليو ناهي ۽ حالتن جي ڦيري سان اُن جو ڳانڍاپو ٿي نه سگهيو آهي.“
ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين ۾ پهرين ڪهاڻي”خدا ۽ سرمايو“ آهي. جنهن کي پڙهڻ دوران اِهو ئي محسوس ٿئي ٿو ته سماجي ڪهڙي طرح اسان جو سُک ۽ چين ڦٽايو آهي.
”ملاقات“ ۽ ”جيل جو سماج ۽ ڌاڙيل“ نالي ٻئي ڪهاڻيون جيل ياترا جي پس منظر ۾ لکيل آهن. انهيءَ کان پوءِ ڪهاڻي” ٻه جيون ساٿي“ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ٻن پيار ڪندڙ دلين جي پيار ڪهاڻي آهي. ”قرباني جي ٻڪري“ ڪهاڻي جو موضوع، اسان جي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ ظلم آهي. هن ڪهاڻي ۾ اهو ڀرپور انداز سان ڏسيو ويو آهي ته هڪ ماء جي پيٽ ۾ موجود نياڻي اڃا جنم ئي ناهي ورتو ته اڳ ۾ ئي ان جا سڱ طئه ٿي ٿا وڃن. ڪهاڻي ”سازش“ لالچ ۾ اچي وفاداريون تبديل ڪندڙ هڪ شخص جي آهي، جيڪو تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ غدار ۽ مجرم قرار ڏنو وڃي ٿو. ”پرين پڄاڻان“ ڪهاڻي ڳوٺاڻي زندگي سان واسطو رکندڙ هڪ ناڪام عشق جي آهي، ڪتاب ۾ موجود اٺين ۽ آخري ڪهاڻي ”ڪاڇي جي ڪهاڻي“، ڪاڇي ۾ سوڪهڙي جي منظر ڪشي آهي.
هن ڪتاب کي پيڪاڪ پرنٽرس شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل محترم انور ابڙي لکيو آهي. جنهن ۾ لکي ٿو ته ”هي وڏي ڏات وارو انسان هر شعبي جو ماهر هو. هي ڪهاڻيون پڻ سندس اُن علم، مشاهدي، سوچ ۽ فني قابليت جو هڪ مثال آهن. جيڪي سنڌ جي ويجهي ماضي ۾ پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي پيدا ٿيل نسلن لاءِ هڪ انڪشاف پڻ هونديون.“