منهنجي من اندر جون ڳالھيون
مختلف ماڻهن جون آتم ڪٿائون، مون لاءِ دلچسپي جو سبب ھونديون آھن. انهن مان به وڌيڪ اھي ڪٿائون وڻنديون اٿم، جن ۾ ليکڪ وڏي سچائي ۽ بيباڪي سان حقيقتن تان پردا کڻندي، پنھنجو پاڻ کي به بخش نه ڪيو ھجي. اھڙين آتم ڪٿائن مان ھڪ ڪٿا گذريل ڪجهه ڏينهن کان منهنجي مطالعي ھيٺ رھي، اھا آھي استاد مٺل حيدري چانڊيي جي آتم ڪٿا، منھنجي من اندر جون ڳالهيون. جنهن کي اڄ پڙھي مڪمل ڪيم ۽ سوچيم ته دوستن سان ٻه اکر شيئر ڪريان.
استاد حيدري چانڊيي سان جڏهن به ملبو آھي ته سندس ھر لفظ، ھر اَدا ۽ ھر عمل ۾ محبت ئي سمايل ھوندي آھي. ڳالهه ڳالهه تي وڏا ٽھڪ ڏيندڙ ۽ ڀٽائي جا بيت ٻڌائيندڙ ھن زندگي سان ڀرپور شخص جي آتم ڪٿا به ٽھڪن، لڙڪن، پيڙائن، محبتن، حوصلي ۽ جذبي سان ٽمٽار آھي. جنھن ۾ ھن نه رڳو پير پرستي کي ننديو آھي پر ان خلاف سندس جدوجهد جا قصا به بيان ڪيا اٿس. جتي ھن جي شادي به پاڻ کان تمام ننڍي عمر جي ڇوڪري سان ٿئي ٿي ته ان تي به ھي پنهنجي مائٽن سان احتجاج ڪري ٿو ته توھان ھي ڪھڙو ظلم ڪيو آھي ۽ ان واقعي تحت سنڌ جي اڪثر ٻھراڙين ۾ ٿيندڙ ننڍي عمر جي شادين ۽ بي جوڙ شادين کي نندي ٿو. ھي بھادر مڙس پنهنجي نوڪري دوران پنهنجي بالا آفيسرن کي سچ چوڻ کان به نٿو ڪيٻائي.
ھن کي ته ورھاڱي کانپوء ھتان ھليو ويندڙ اھو گھورڙيو به نٿو وسري جنهن کان کيس سندس ڏاڏي ڀڳڙا وٺي ڏيندي ھئي، ان کي ياد ڪندي ھي اڏول شخص روئي ٿو پوي. پاڻ ورھاڱي جي ڏک جو اظھار ڪندي لکي ٿو ته ” اڄ به ساڙھي سان گڏ چنڊ چھري واري نرڙ تي تلڪ جو ڳاڙھو نشان لڳل ڪاٺياڻي ڏسندو آھيان، ته مون کي پنهنجو پراڻو وقت ياد اچي ويندو آھي، جڏھن اسان جا ھم قوم سنڌي ھندو سنڌ ۾ رھندا ھئا ۽ شاھ سائين جو ھي بيت دل تي تري ايندو آھي ته؛
بيکارِيءَ کي بَر ۾، ويو ڪَيف چڙھي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙھا پيس ڳڙي،
ڪا جا انگ اڙي، جيئن ڇٽا فٽ ڇڙي پيا.“
حيدري سائين، پيشي جي لحاظ کان استاد رھيو آھي، پنھنجي سروس دوران ھن سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ پڙھايو. سندس ڪٿا جو تقريبن وڏو حصو سندس سروس دوران پيش ايندڙ واقعن تي مشتمل آھي، جيڪي پڙهي ماڻھو ٽھڪن ۾ ٻڏي ٿو وڃي. ھي ايڏو باضمير استاد آھي، جو ھڪ وقت ڪنهن شاگرد کي سبق ڪچو ھجڻ ڪري مار ڏئي ويٺو، جنھن جو پوء کيس شديد ڏک ٿيو ۽ پاڻ ان شاگرد کان معافي ورتائين. پاڻ لکي ٿو ته پنجاهه سال ان ڳالهه کي گذري ويا آھن پر مون کان اڄ به اھو واقعو نٿو وسري ته مون شاگرد کي مار ڏني. اڄ به پنهنجي پاڻ سان اندر ۾ جٺ ڪندو آھيان ته مون ھي ڪيڏو وڏو ڏوهه ڪيو. اڄ به جڏهن ساڻس ملجي ٿو يا ننڍڙن ٻارن سان ورتاء ڏسجي ٿو ته اھو ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھ وارو آھي. پاڻ کان ننڍن سان جڏهن ھي سنڌي ٽوپي پھريل شخص منھنجا ٻچا چئي مخاطب ٿيندو ته سچ پچ محبتن جو امين لڳندو آھي.
ھي محبتي ماڻھو پنهنجي اولاد سان به بيپناھ پيار ڪري ٿو، ان حوالي سان ھڪ واقعو لکي ٿو ته سندس ننڍڙي نياڻي سورٺ جيڪا شديد بيمار ٿيڻ کان پوء ھي جھان ڇڏي ٿي وڃي ته ھي روئي سندس لاش سان مخاطب ٿو ٿئي ته منھنجا ٻچا مون کي معاف ڪجان، مان غربت ھجڻ ڪري تنھنجو سٺو علاج به نه ڪرائي سگھيس.“
پنهنجي مزاج ۾ حسن پرست ۽ عاشقانه مزاج رکندڙ استاد حيدري پنهنجي پيار جي سلسلن، اندر جي اڌمن کي به وڏي بيباڪي ۽ وڻندڙ انداز ۾ بيان ٿو ڪري. جيڪي پڙھندڙن ۾ دلچسپي پيدا ڪن ٿا.
سندس ڪٿا سنڌ جي ان وقت جي خوشحاڪ دور جي تاريخ جو ھڪ حصو آھي. جڏهن اوطاقون آباد ھيون ۽ عام ماڻهو به خوشحال ھو. افسوس جو اڄ جو عام سنڌي اٽي لپ لاءِ به پريشان ۽ بيوس آھي.
ايلسا پبليڪشن پاران ڇپايل ھن آتم ڪٿا جو مھاڳ علي نواز آريسر لکيو آھي. جنهن ۾ ھو لکي ٿو ته ”استاد حيدري پنهنجي مزاح طبيعت جا به ڪيترائي داستان چِٽيا آھن، جيڪي دلچسپ تہ آھن ئي آھن، پر انهن ڳالهين کي پڙھندي ھڪڙي اھا ڳالهه بہ سمجھ ۾ اچي ٿي تہ اڄ کان ٽيھارو سال اڳ واري سنڌ سھپ ۽ رواداري واري سنڌ ھُئي، اڄ جي دور ۾ ڪير ٿو اھڙا ڀوڳ چرچا برداشت ڪري!“
استاد حيدري سندس ڪٿا ۾ سائين جي ايم سيد ۽ عبدلواحد آريسر سان سندس دوستي ۽ نيازمندي کي ڏاڍي پياري انداز ۾ بيان ڪيو آھي. سندس ڪٿا جا اھي باب به پڙھڻ وٽان آھن.
استاد حيدري کي شابس آھي جو پاڻ ھن ڄمار ۾ به لکڻ پڙھڻ جي ڪم ۾ مصروف رھي ٿو ۽ دوستن لاءِ سندس دل جا در ھر وقت کليل رھن ٿا ۽ پاڻ وڏا ڀاڪر پائي، کين چميون ڏئي ڀٽائي جي بيتن سان سندن آجيان ڪري ٿو.
ھي ڪٿا پڙهڻ کان پوء مون کي شدت سان اھو احساس ٿو ٿئي ته اسان جي چوڌاري ڪيڏا نه وڏا ماڻهو لڪل ھيرن جي صورت ۾ موجود آهن جن جو اسان کي قدر ڪرڻ گھرجي ۽ سندن روشن خيالي ۽ فڪر کي عام ڪجي. اسان کي قدر سدائين ماڻهو جي مرڻ کان پوءِ ٿيندو آھي. سندس حياتي ۾ کيس گھربل عزت ۽ پيار ناھيون ڏيندا. جيڪا ڏاڍي افسوس ۽ ڏک جي ڳالھ آھي.
سنڌ ۾ يقينن اھڙيون کوڙ ھستيون موجود آھن، جيڪي جيڪڏھن پنهنجي آتم ڪٿا لکن ته قوم تي سندن اھو وڏو احسان ھوندو. ڇو ته سندن ڪھاڻيون ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ اتساھ ۽ علم جو سبب بڻجي سگھن ٿيون.
**