قلم جي وارثن کي پيار مان ڀيٽا
ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھ وارا ته اُھي ماڻهو به آھن، جيڪي ڪتاب ۽ قلم سان لاڳاپيل ماڻهن کي پيار به ڪن ۽ انهن کي پيار مان ياد ڪري انهن کي ڀيٽا پيش ڪن.
نامياري ليکڪ انور ابڙي صاحب به محبتن مان 50 علمي ادبي شخصيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي، ان ڪاوش کي ڪتابي شڪل ڏئي اسان تائين پھچايو آھي. محبتن مان ٽمٽار ان ڪتاب جو نالو آھي ”قلم جا وارث“. ھن ڪتاب ۾ انهن شخصيتن جا خاڪا شامل آهن جيڪي ليکڪ جا رھنما، محسن، دوست ۽ ساٿي رھيا آھن. ھي شخصي خاڪا انهن علمي ادبي شخصيتن جي جيون ڪٿا جو ڪجهه حصو آھن، جن کي انور صاحب ڏاڍي سھڻي نموني پڙھندڙن تائين پھچايو آھي.
ڀٽائي سائين اسان جو رھبر آھي، سو ليکڪ پنهنجي پيار جي اظهار جي شروعات ڀٽائي سائين تي لکيل مضمون سان ڪئي آھي. انھي مضمون ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته ”ڀٽائي سائين جي شاعري ۾ ڪا به اھڙي سٽ ناهي جيڪا ماڻهو جا ھوش خطا نه ڪري، ماڻھو جي وجود کي نه ڌوڏي، سندس سوچن ۾ تبديلي نه آڻي ۽ کيس انهن رستن سان نه جوڙي، جن کان ھُو الڳ ٿي چڪو ھوندو آھي يا جن سان ھو جڙي ناھي سگھيو ھوندو.“
ان کانپوء ڏکڻ ايشيا جي، اردو ٻولي جي عظيم شاعر فيض احمد فيض کي ڀيٽا پيش ڪيل آھي. فيض صاحب تي لکندي ليکڪ لکي ٿو ته ” فيض احمد فيض جھڙا ماڻهو نہ صرف پنهنجي دور جا عظيم انسان ھئا، پر اِھي ھر دور جا عظيم انسان آھن، ڇاڪاڻ ته ھنن سماج کي بدلائڻ ۽ انساني آزادي ۽ خوشحالي لاء جيڪا جدوجھد ڪئي، ان کي ڪير به تاريخ جي ورقن مان ڦاڙي ڦٽو ڪري نٿو سگھي.“
ليکڪ، سنڌ جي عظيم ڏاھي سائين محمد ابراھيم جويي صاحب کي به ڀيٽا پيش ڪئي آھي ته مھان ڪوي شيخ اياز کي به محبتن مان ساريو آھي.
ھن ڪتاب ۾ موجود سمورا ليک پڙھي، اِھو شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته محترم انور ابڙو پنهنجي ڌرتي جي ڏات ڌڻين سان ڪيڏي نه محبت ڪري ٿو ۽ سندن عزت ڪري ٿو.
ان سان گڏوگڏ ھن ڪتاب ۾ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، اياز قادري، آغا سليم، شمشيرالحيدري، علي احمد بروھي، تاج بلوچ، انور پيرزادو، راشد مورائي، حليم بروھي، رزاق مھر، محمد علي پٺاڻ، محمود مغل، اياز گل، حسن درس، قربان سنڌيلو ۽ طارق عالم ابڙي سميت ٻين عظيم شخصيتن تي خاڪا موجود آھن، جن جي علمي ۽ ادبي حوالي سان تمام وڏي اھميت آھي.
ھي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرس پاران شايع ڪيو ويو آهي جنهن جو سرواڻ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو صاحب ليکڪ بابت لکي ٿو ته ” مون کي انور جو ھر عمل، ادب جي دائري ۾ نظر ايندو آھي. مان نٿو سمجھان ته ڪو کائنس سندس ورتاء جي ڪري به ناراض ھوندو! ھو ته سڀني سان محبت ونڊڻ ۽ سندن مدد ڪرڻ لاءِ ھر دم تيار ھوندو آھي. ھو ته وڏي سھپ ۽ صبر وارو آهي.“
ھن ڪتاب جو مھاڳ ناليواري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي صاحب لکيو آهي، جنھن ۾ ھو لکي ٿو ته ”انور ابڙي جي ھن ڪتاب ۾ خلوص به نظر اچي ٿو ۽ وقار به نظر اچي ٿو. وسعت دلي به نظر اچي ٿي ته ڊگھي نظر (vision) به نظر اچي ٿي. انور ابڙي جي شخصيت باوقار آهي ته لکڻ ۾ به باوقار نظر اچي ٿو.“
ھي ڪتاب انهن شخصيتن جي جيون ڪٿا جو ته ڪجهه حصو آهي پر منهنجي خيال ۾ تاريخي حوالي سان به ھي ڪتاب اھميت وارو آهي.
ھي ڪتاب سنڌ جي نوجوانن کي ضرور پڙهڻ گھرجي ته جيئن ھُو پنھنجي ھنن سچن قومي ھيروز سان ملاقات ڪري سگھن ۽ انهن بابت ۽ انهن جو وڌيڪ مطالعو ڪري سگھن.
**