سنڌي سماج جا مختلف پاسا سمجهائيندڙ ڪتاب
ڪتاب جي مقدمي ۾ جامي صاحب، سماجي علمن جي اوسر، تاريخيت ۽ سنڌ شناسي جي عنوان سان تمام اهم معلومات پيش ڪئي آهي. جنهن ۾ هن انساني ۽ سماجي علمن جي اوسر تي روشني وڌي آهي. ان کان سماجي پرک جي مختلف نظرين جو ذڪر ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ انهن نظرين جو اطلاق سنڌي سماج تي به ڪندو هلي ٿو. انهن نظرين ۾؛
1- سماجي پرک جو ارتقائي نظريو
2- سماجي پرک جو دائراتي نظريو
3- سماجي پرک جو معاشي نظريو
4- سماجي پرک جو تضاد وارو نظريو
5- سماجي پرک جو فيمينسٽ نظريو
6- سماجي پرک جو طاقت جو نظريو
7- سماجي پرک جو ٽيڪنالاجيڪل نظريو شامل آهن. انهن سڀني نظرين جي سنڌي سماج جي (context) ۾ تمام بهترين وضاحت ٿيل آهي.
ڪتاب جو پهريون مضمون ”سنڌي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ جا سبب“ جي عنوان سان آهي. جنهن ۾ ليکڪ سنڌي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ جا مختلف سماجي، معاشي، نفسياتي، سياسي سبب به بيان ڪري ٿو ته، ان ڳالهه جا هي سبب به ڏي ٿو ته سنڌي سماج ۾ وڏين جدوجهدن جو نه هجڻ، ڪن وڏن تاريخي بحرانن جو نه اچڻ، ذات پرستي واري بڇڙائي جو هجڻ، ادارن بجاءِ فردن تي انحصار جو هجڻ، به انهي سماجي مسئلي سان لاڳاپيل آهي. سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن کي جامي صاحب، قبيلائي دهشتگردي ٿو چوي. اها واقعي حقيقت آهي ته، اهي جهيڙا نه پر دهشتگردي آهي. انهي دهشتگردي جي سببن کي به بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ تجويزون به ڏنيون ويون آهن ته، ان عذاب مان پاند ڪيئن آجو ڪرائجي. هن ڪتاب ۾ فڪري آزادي ۽ اظهار جي آزادي تي به بحث ٿيل آهي. اظهار جي آزادي جي نالي ۾ اسان وٽ جيڪا ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، ان تي جامي صاحب لکي ٿو ته: ” آزادي هڪ مقدس حق آهي، جنهن جو احترام فرد، سماج ۽ رياست تي لازمي آهي پر ساڳئي وقت اهو به سوچڻ گهرجي ته آزادي هڪ بيحد ذميوار ڪم آهي، آزادي جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪو به فرد يا گروهه پنهنجي مرضي موجب هر اهو ڪم ڇڙواڳي سان ڪندو وتي، جنهن سان ٻين فردن يا گروهن جي حق تلفي ٿيندي هجي. ڪنهن به فرد جي آزادي جون سرحدون فقط تيستائين آهن، جيستائين ڪنهن ٻئي جي حقن جون سرحدون شروع ٿين ٿيون.
ڪم جي اخلاقيات کان وانجهيل سماج! جي عنوان سان هڪ مضمون ۾ جامي صاحب لکي ٿو ته “ سنڌي سماج ۾ ڪم ڪرڻ کي يا ته عيب يا زوري مڙهيل عذاب سمجهيو وڃي ٿو. جنهن کي ڏسو اهو ڪم کان ڀڄڻ چاهي ٿو. شاگرد پڙهڻ نه ٿو چاهي، هن کي ٺلهي ڊگري جي بنياد تي” سڻڀي“ نوڪري گهرجي، استاد پڙهائڻ نٿو چاهي، بيوروڪريسي آفيسن ۾ عوام لاءِ گهٽ پر گهڻي ڀاڱي پنهنجا کيسا ڀرڻ اچي ٿي، اين جي اوز کي هر شهر ۾ انيڪ پراجيڪٽ مليل آهن پر سرزمين تي ٿلهي ليکي ڪاري وارا ڪک، صحافي اڳي هر جاءِ تي وڃي رپورٽ ڪندو هو، هاڻي هر پريس ڪلب ۾ ڪو هڪ ماڻهو خبر لکندو ۽ اُها سمورن ادارن کي فيڪس يا اي ميل ٿيندي، معلومات به فون تي وٺبي، ماڻهو فخر سان ٻُڌائيندا ته فلاڻي جي نوڪري واهه جي آهي جو ڪم آهي ئي ڪونه! جنهن ڳالهه تي هڪ باشعور ماڻهو کي ٻُڏي مرڻ گهرجي، ان تي فخر ڪرڻ هڪ روايت بڻجي چڪي آهي “.
هن ڪتاب ۾ سنڌي سماج جي نفسياتي بحران تي به تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي. رول ماڊل جي حوالي سان جامي صاحب لکي ٿو ته” ڇا اهو نٿو ٿي سگهي ته ماڻهن جا رول ماڊل سچا عالم هجن، اسڪالر ۽ سچا اديب ۽ سائنسدان هجن، بي لوث قومي ڪارڪن ۽ ڏاها ماڻهو هجن، ايماندار ۽ محنتي پروفيشنل ڊاڪٽر، استاد، انجنيئر، وڪيل، جج، عوام دوست آفيسر ۽ رڳو اهي ڇو؟ تخليقي ڪاريگر، واڍا ۽ ڪوري، ڳائڻا، پورهيت ۽ حقيقي سماجي ڪارڪن هجن. ٻيو ته رول ماڊل رڳو مرد ڪردار ڇو؟ ڇا اسان جي سماج ۾ بااخلاق، سورهيه، تخليقي ۽ ڏاهين عورتن کي رول ماڊل نٿو بڻائي سگهجي؟ اها واقعي حقيقت آهي ته اسان کي روايتي رول ماڊلز واري سحر مان نڪرڻو پوندو.
سنڌي سماج سياست مان ڇو بيزار آهي؟ انهي رويي تي به ڏاڍو سُٺو لکيو ويو آهي. سنڌ کي ”محرومي جي رومانس“ مان نڪرڻ گهرجي! جي عنوان سان لکي ٿو ته، ”منهنجي خيال ۾ سنڌي ماڻهن ۾ پيدا ٿيل اُن غلط رجحان جي ذميواري گهڻي ڀاڱي اسان جي قومي سياست ڪندڙ ڌرين جي قيادت ۽ دانشورن تي به آهي.“
ليکڪ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته سنڌ کي ڪجهه چرين جي ضرورت آهي! جيڪي بغير ڪنهن لالچ جي سماج لاءِ حقيقي معني ۾ ڪم ڪن.
هن ڪتاب ۾ ماضي پرست سنڌ مستقبل جي ايجنڊا ڇو نٿي ٺاهي!؟ ننڍي عمر جي شادين کي روڪجي؟ سنڌي سماج کي انارڪي کان بچائڻ جي ضرورت! سماجي انتشار جي چوواٽي تي بيٺل سنڌ! مذهبي انتهاپسندي جي گهيري ۾ ايندڙ سنڌي سماج! نوجوان نسل کي انتهاپسندي کان ڪيئن بچائجي؟ سنڌ کي جنونيت کان ڪيئن بچائجي؟ سنڌ جي روشن خيال روح کي ڪيئن بچائجي؟ سنڌي سماج جي بيهڪ کي سگهارو ڪيئن ڪجي؟ ”ڪجهه نه ڪريو“ پارٽي جو فلسفو، ”ڪجهه نه ڪرڻ ڏبو“ پارٽي جا بنيادي اصول، اچو ته وقت ڏانهن ذميوار ٿيون جي عنوانن سميت ٻين به ڪيترين ئي سماجي موضوعن تي ٽوٽل 46 مضمون شامل آهن.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها به آهي ته، ان ۾ هنن سڀني سماجي مسئلن جو سائنسي انداز ۾ جائزو ورتو ويو آهي ۽ ان سان گڏ انهن مسئلن جي حل لاءِ تمام ڀليون صلاحون به ڏنيون ويون آهن.
منهنجي خيال ۾ هن قسم جي ڪتاب کي يونيورسٽين جي خاص طور تي سماجيات جي شعبي جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن شاگرد به هن ڪتاب مان فائدو وٺي سگهن. ان سان گڏ هي ڪتاب ته هر فرد کي پڙهڻ گهرجي، ڇو ته اسان سڀ هن سماج جو حصو آهيون ۽ هي ڪتاب اسان بابت ئي آهي.
**