انتساب مان پنهنجي هيءُ محنت ۽ ڪاوش، پنهنجي مرحوم ۽ پرين پياري دوست پروفيسر نذير احمد سومرو ڏانهن منسوب ڪيان ٿو. مرهيات جڏهن جيئرو هيو ته ساڻس لاڀائتا بحث مباحثا ٿيندا هيا. سندس ڏيٺ ويٺ ۽ اٿا-ويٺي پراڻن ۽ جهونن اديبن سان ٿيل هئي، جنهن جو سواد ۽ سڳنڌ سندس سنگت ۽ صحبت مان ملندو هيو. ساڻس، مهراڻ هوٽل لاڙڪاڻو منجهه ڪيل ڪچهريون ۽ بحث اڄ به نه ٿا وسرن. پاڻ منهنجي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڪتابن جا مهاڳ لکيائين، جيڪي پڻ ڏاڍي محنت سان لکيائين. ڊسمبر 2005ع ڌاري اسان کان وڇڙي ويو. رب پاڪ کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ رکي. [i][b]انجنيئر عبدالوهاب سهتو[/b][/i]