ل
لتر: اٽون هڻندڙ، لتون هڻندڙ، گھوڙو يا گڏھ ئي اٽون/ لتون ھڻندا آھن.
چڪر: چڪ پائيندڙ. ڪتو ئي چڪ پائيندو آھي.
انسان اشرف المخلوقات آهي، کيس دنيا جي هر شيءِ تي ڪنهن نه ڪنهن طرح دسترس ٿي ٿي وڃي. جنهن سببان پنهنجو دفاع/ بچاءُ ڪري ٿو. لٺ ڌڪو، بندوق يا ڀالو ٺاهي چيريندڙ ڦاڙيندڙ جانورن يا حمله آورن جو مقابلو ڪري ٿو ۽ پنهنجي پاڻ کي محفوظ ڪري ٿو.
ان جي ڀيٽ ۾ جانور ويچارا، ڪو به هٿيار وغيره کڻي هڻڻ جي قابل ناهن. قدرت واري کين پنهنجو دفاع ڪرڻ لاءِ اهڙا عضوا ڏنا آهن، جيڪي هٿيار طور استعمال ڪري پنهنجو بچاءُ ڪندا آهن. جهڙوڪ، مينهن ۽ ڏاند کي سڱ ڏنائين، جنهن سان هو اڳلي سان وڙهي بچاءُ ڪن ٿا. گهوڙي ۽ گڏهه کي ڄنگهه ۾ طاقت ۽ پير جي جاءِ تي سخت کُر ڏنائين، جيڪي وڙهڻ وقت هو حمله آور کي هڻي پاڻ کي بچائين ٿا. شينهن ۽ ڪتي، گدڙ ۽ بگهڙ وغيره کي ڏند/ چَڪَ ۾ وڏي طاقت ڏنائين ته حملي وقت، پنھنجو بچاءُ به ڪن ۽ روزي رزق حاصل ڪرڻ وقت کانئن بندوق، ڪاتي يا ڀالي وارو ڪم وٺن.
لتر گڏهه، هر ڪنهن کي اٽون هڻي ڀڄائي پر چڪر ڪتو ساڻس پڄي کائي. چڪر ڪتو، هر ڪنهن کي ڏهڙي ڀڄائي پر لتر گڏهه ساڻس پڄي کائي.
مطلب: ۱. لتر سان چڪر پڄي ۽ چڪر سان لتر.
۲. لچ سان ماٺ ڪبي ته ٽيڳربو پر ساڻس جوڳي جُٺ ڪبي ۽ ڌُڪي سان ڌُڪو ڏبس ته سمجهي/ سڌري ويندو.
۳. تو هم کينه وَر باش چون فتنه خواست،
که با کينه ور مهرباني خطا است. (فارسي)
۴. تون پڻ جهيڙاڪار ٿي، جڏهن جهيڙو کڙو ٿيئه،
ڇو جو جهيڙاڪار تي توهَ/ مهرباني ڪرڻ ڀل آهي. (ترجمو)
۵. کسي که لطف کند با تو خاک پايش باش،
و گر خلاف کند در دو چشمش افکن خاک. (فارسي)
۶. جيڪو تو تي مهرباني ڪري، تنهن جي پيرن جي مٽي ٿيءُ،
جيڪڏهن ابتڙ ڪري ته اکين ۾ ڌوڙ وجهينس. (ترجمو)
455- لچان چوران پت نه ڪائي، توڙي هوون سڳي ڀائي. (چوڻي، سرائڪي)
لچان: لچن تي.
چوران: چورن تي.
۱. لچ جو ڪم آهي لچائي ۽ ٺڳي ڪرڻ، ٻيائي ۽ دوکو ڪرڻ. سڳو مائٽ هوندو ته به مهل سر پنهنجي عادت کان مجبور ٿي ڪري، چهنڊڙي ضرور پائيندو. ڄاڻي ويڻي ڀلي نه ڪري، پر سندس عادت اها هوندي. ڀل-مانسائي/ چڱائي ڪرڻ واري هاج کيس ڏانءُ ئي نه ايندي.
۲. چور به عادت کان مجبور آهي. وقت/ ضرورت پوڻ تي، پنهنجي هٿ جو ڪرتب ضرور ڏيکاريندو. مائٽ هوندو ته به وجهه ملڻ تي مڙندو ڪين. ڇو جو چور، پنهنجو وَجُهه وڃائڻ ته سکيو ئي ناهي.
مطلب: ۱. لچ ۽ چور تي، ڪنهن به صورت ۾ پت ڪرڻ نه گهرجي. بلڪ مٿس ڪرڙي اک رکڻ گهرجي.
۲. نيش عقرب نه از پي کينه است،
مقتضائي طبيعتش اين است. (فارسي)
۳. وڇونءَ جو ڏنگ، وير وٺڻ لاءِ نه آهي.
سندس طبيعت جي عادت ئي ائين آهي. (ترجمو)
456- لڇمي وڃي، تڏهن لڇڻ به وڃن. (پهاڪو)
لڇمي: ڌن، دولت.
لڇڻ: اخلاق، اوصاف.
دنيا جو ڪار-وهنوار، پئسي ڏوڪڙ سان آهي. پئسو هٿ ۾ هوندو ته آسانيءَ سان خرچ به ڪري سگهبو ۽ گهربل ڪم راس به ڪرائي سگهبو. جڏهن آيل ڌن دولت، هٿن مان نڪري وڃي ته پوءِ هر ڪم ٿيڻ جي اميد به ڄڻ ختم ٿيو وڃي. حالات به ڄڻ تنگ ٿيو پون. بنيادي غريب جي ڀيٽ ۾ نئينءَ مان ٿيل سڃو، وڌيڪ ڇڙوڇڙ ٿي پوي. ڇو جو سندس ڪيتريون ئي رٿون، اڻ-رِٿيون رهجي وينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي رِٿن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڪي بضد نوان سڃا، ٻين آڏو هٿ ٽنگڻ ۽ سوال/ منٿ ڪرڻ تائين به نه مڙندا آهن. ڪي ته اخلاق جي حد کان به ڪريل ۽ ڪڌا ڪم ڪندا آهن.
مطلب: ۱. ونهيون/ مالدار، جڏهن ولهو/ سڃو ٿئي ته ويندڙ مايا جي ڄر، عقل ناس ڪري ڇڏيس. سلڇڻو هجي ته به ڪلڇڻو ٿي پوي.
۲. لڇمي؛ ڪلڇڻ ڍڪڻي.
۳. دولت اچي ته ڳاٽو ڀڃي، وڃي ته چيلهه ڀڃي.
457- لک کٽيا ڏُومڻيءَ، جو ڏُوم سلامت آيو. (پهاڪو)
ڏُوم: لنگهو، مڱڻهار، دهلاري.
ڏُومڻي: ڏُوم جي زال، لنگهياڻي، مڱڻهارڻ، دهلارڻ.
هڪڙو ڏُوم، ڪرت ڪار لاءِ پرڏيهه ويو. ڳچ عرصو نه آيو ته پويان جوڻس هر ايندڙ ويندڙ کان پِئي سندس بابت پڇيو. هلندي هلندي ڪنهن اچي چيس؛ “مڙسنهن ته مري ويو آهي!”
روئي پٽي ويهي رهي.
هوڏانهن مڙسس ته مئو هڏهين ڪين هئو. جيئرو جاڳندو ويٺو هيو ۽ پئي راڄ ڀاڳ ڦُريائين. ڳچ ڏيهاڙن کان پوءِ، راڄ ڀيلي جڏهن موٽيو ته ڏاڍي خوش ٿي. تڏهن هڪڙيءَ ساهيڙيءَ خوشيءَ جو سبب پڇندي چيس؛ “ائي ڏاڍي خوش آهين! مڙسنهن ڪو دنيا کي ڌاڙو هڻي آيو آهي ڇا؟ ڏينهن ڏاڍا لاتا هيائين. لاشڪ ڪو دنيا جي ديڳ هٿ ڪري آيو اٿئي؟”
“ائي ادي کٽي اچي ڪي نه! گهوريو مٿس. مان ته رڳو ان ۾ خوش آهيان جو صحيح سلامت آيو آهي. اهي ئي ڄڻ لک کٽيا اٿم.”
مطلب: ۱. مڱڻهار/ لنگهو، هڪڙن جي گلا ۽ ٻين جي تعريف مان کائي، سو جيڪڏهن سنئين- لڱين گهر پهچي ته به جوڻس لک کٽيا.
۲. واپاري، واپار ۾ کٽيو کڻي نه ڪري ۽ رڳو سک سان موڙي سلامت کڻي اچي ته به کيس شڪر ڪرڻ گهرجي. انهيءَ به ڄڻ لک کٽيا.
۳. جان بچي، لاکون پايا. (اردو)
458- لکئي منجهان لِکَ، نه ڪوئي لاهي نه ڪوئي پائي. (چوڻي)
لکيو: ڪرم جو لکيو، نصيب، ڀاڳ.
لِک: لِيک، جونءَ کان به ننڍي ٿئي، تمام ٿورو ذرو.
نصيب ۾ جيڪو ڌڻيءَ سڳوري لکيو آهي، سو ٿي ئي رهندو. جيڪڏهن نصيب ۾ وڌيڪ ملڪيت لکيل آهي ته ملي ئي رهندي، پوءِ ماڻهو جتن ڪري يا نه. جيڪڏهن سڃائي لکيل هوندي ته سڃائي ملندي، پوءِ ڀلي ماڻهو امير ٿيڻ لاءِ ڪيڏا به کڻي وس ڪري. نه ذرو گهٽ ملندس، نه وڌ ملندس.
مطلب: ۱. جيڪي ڌڻيءَ پاران، ڀاڳ ۾ لکيل آهي، تنهن مان ڪير نه تر جيترو وڌائي سگهي ٿو، نه گهٽائي سگهي ٿو.
۲. لکيو منجهه للاٽ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.
459- لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾. (پهاڪو)
چنيسر، سنڌ ملڪ ۾ آڳاٽو، هڪڙو حاڪم ٿي گذريو آهي. سندس گهر-واريءَ جو نالو ليلان هو. ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي پر ليلان، هڪڙي جواهر تي موهجي پنهنجو مڙس هڪ رات لاءِ ڪونئروءَ نالي زال کي اڌارو ڏنو. ڀانيائين ته مون جهڙي زال، چنيسر کي هٿ ڪا نه لڳندي. ڪونئرو ايڏي خوبصورت ناهي، کيس ڇڏي وري به مون وٽ ئي ايندو.
چنيسر جي مٿان، جڏهن اها ڳالهه آشڪار ٿي ته بدلي ۾ پاڻ وري ڪونئروءَ سان پرڻجي ويهي رهيو. ليلان کي جڏهن ٻنهي جي وھانءَ جي خبر پئي ۽ پنهنجي ڏُهاڳ ملڻ جو انديشو ٿيس ته ڏاڍي پشيمان ٿي. ائين کيس پنهنجي هَٺَ جي سزا ملي.
مطلب: ۱. دنيا ۾ اور کان اور شيءِ پئي آهي، تنهنڪري انسان کي اجايو هٺ ڪرڻ نه گهرجي.
۲. هڪڙو نوڪر، هٺ ڪري ڄاڻي ته مون جهڙو نوڪر راجا کي ڪو نه پڙ پوندو ۽ ڏيھاڙي، ڇڏي وڃڻ يا پگهار وڌائڻ جا دڙڪا ڏئي، اها سندس ڀل آهي. ڇو جو راجائن وٽ نوڪر لک هزار. جڏهن ته نوڪرن لاءِ راجائون تمام ٿورا آهن. تنهنڪري نوڪر کي اهڙو هٺُ نه ڪرڻ گهرجي.
۳. منت مَنِہ که خدمتِ سلطان همي کنم،
منتِ از و بپر که بخدمت گذاشت. (فارسي)
۴. ٿورو نه رک ته راجا جي ٽهل ٿو ڪريان،
بلڪ سندس ٿورو مڃ، جو تو کي خدمت لاءِ رکيو اٿائين. (ترجمو)
460- لکيون لوهارن کي، چَڏن ۾ چڻنگون. (پهاڪو)
چَڏا: عضوا، سٿرن کان مٿي ۽ جهوليءَ کان هيٺ. ويهڻ وقت ٺهندڙ جهولي.
دنيا جي اندر، روزي رزق حاصل ڪرڻ لاءِ، قدرت واري وسائل تمام گهڻا خلقي ڇڏيا آهن. جنهن کي جنهن وسيلي سان روزي ملڻ نصيب ۾ هوندي، تنهن کي تنهن ذريعي ۾ ملندڙ ڏک ڏاکڙا به سهڻا پوندا. جيڪڏهن هڪڙي ماڻهوءَ کي لوهه ڪٽڻ سان روزي حاصل ٿئي ٿي ته ان کي لوهه تائڻ/ تپائڻ مهل، جيڪي باهه جون چڻنگون اٿن ٿيون، سي به سهڻيون پونديون. ڀلي ڪيترو به احتياط ڪري، چمڙو (apron) پائي ويهي پر چڻنگون وري به ڏانهنس ضرور اٿنديون. ساڙيندس نه ته، ڪپڙن تي ڪارنهن ضرور ڇڏيندس. ساڻس جيڪو گڏ ويهندو، تنهن سان به ساڳي ڪار/ جُٺِ ٿيندي.
مطلب: ۱. باهه تي ڪم جي حالت ۾، اوڙڪ چڏن ۾ چڻنگون ۽ اکين ۾ دونهون پيا پوندا.
۲. بڇڙي ڌنڌي مان نيٺ اٻوڇي ٿئي.
۳. لوهر وٽ ويهڻ سان ڪارنهن ۽ چڻنگون لڳن ٿيون، عطار وٽ ويهڻ سان خوشبوءِ حاصل ٿئي ٿي.
۴. صحبتِ صالح ترا صالح کند، صحبتِ طالح ترا طالح کند. (فارسي)
۵. صالحن جي سنگت تو کي صالح ڪندي،
اهنڊن جي سنگت تو کي اهنڊ ڪندي. (ترجمو)
۶. لکيو منجهه للاٽ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.
۷. ڀيٽيو: لکئي منجھان لک، نه ڪوئي لاھي، نه ڪوئي پائي.
461- لنگهن پنهنجو وهانءُ. (ورجيس)
لنگها، دهل وڄائڻ ۽ شادين ۾ ڳائڻ جو ڪم ڪندا آهن. ڪنهن کي شادي وغيره ۾ خوشي ڪرڻي هوندي آهي ته لنگهن کي، ناڻو ڏيئي، گهرائي دهل وڄرائيندو آهي. ان جي برعڪس جيڪڏهن لنگهن جو پنهنجو وهانءُ هجي ته پوءِ کين ٻيا ماڻهو گهرائڻ ۽ مٿن ناڻو خرچ ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي. پاڻ ئي پنهنجي ڪاڄ ۾، پنهنجا دھل کڻي پيا وڄائين. ڪا جهل پل نه هئڻ سبب هٿائين دل سان دهلن کي گهايون ڏيئي وڄائين ۽ وڏا واڄا ڪن. هر لنگهندڙ جا ڪَنَ به کائي ڇڏين ۽ حيرت ۾ وجهي اکيون به ڦاٽرائي ڇڏين.
مطلب: ۱. هر ڪو پنهنجي ڪم لاءِ پاڻ سجاڳ رهي ٿو.
462- لنگهو چڙي مڱن کان، اڳيان اهي ئي مڱ. (پهاڪو)
لنگهي جو ڪم آهي گلا يا اجائي تعريف ڪرڻ. وات جو کٽيو کائيندڙ لنگهي جي وات ۾ مڱ پوندا ته پوءِ ڳالهائي ڪين سگهندو، ڇو جو مڱ سنهن داڻن تي مشتمل هوندا آهن. جڏهن وات ۾ چٻاڙبا آهن ته ڏندن سان گڏ چپ به ڀڪوڙڻا پوندا آهن، ته جيئن وهي نه وڃن. چپن جو ڀڪوڙڻ، چُپ رهڻ جي علامت آهي. چُپ رهڻ، لنگهي جي مزاج ۾ ئي ناهي. چُپ رھندو ته بک مرندو.
۲. اڳي مسلماني راڄن اندر، ڪاريگر ۽ ڪاسبي ماڻهو، حاڪمن يا سردارن جي خوش-طبعيءَ لاءِ هڪڙيءَ نه هڪڙيءَ شيءَ جي نالي تان چڙندا هيا. جهڙوڪ؛ واڍو واڱڻ تان، دايو ليمي تان، رازو مصريءَ تان، تهڙيءَ طرح وري لنگها، مڱن جو نالو وٺڻ سان چڙندا هيا. مڪر/ ڇند ڪندا هيا ۽ ائين پيٽ گذر لاءِ ٿورو گهڻو ڪڍي وٺندا هيا. سندن اها چڙ، سندن دل آزاريءَ لاءِ نه هوندي هئي، بلڪ انهيءَ سان کين ڪيل ڪسب جي محنتاڻي حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي هئي.
مطلب: ۱. جنهن برائيءَ کان ڀڄ، سا ئي سامهون.
۲. دايو چڙي ليمي کان، اڳيان ليمون.
۳. واڍو چڙي واڱڻ کان، اڳيان واڱڻ.
۴. رازو چڙي مصريءَ کان، اڳيان مصري.
۵. حجم چڙي ماکيءَ کان، ماکي اڳيان.
۶. تا تواني درون کس دل نه خراش،
که اندرين راههِ خارها باشد. (فارسي)
۷. جاسين ٿي سگهئي ته ڪنهن جي دل نه رنجاءِ،
ڇو جو انهيءَ واٽ ۾ ڪنڊا آهن. (ترجمو)
463- لنگهي لاٿي لوئي، ڪيا ڪريگا ڪوئي. (پهاڪو)
لنگهو: مڱڻهار، ننگو، لچ، نر لڄو، هڪڙن جي گلا غيبت ۽ ٻين جي ڪوڙي تعريف ڪري کائيندڙ.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو، ڪنهن جي ڪڍ لنگهو ٿي لڳي ته ٽيئر/ ٽائر اٿاري ڇڏيس. لنگهو جڏهن گلا جو گانگهو/ دهل ڳچيءَ ۾ وجهندو آهي، تڏهن سٿرو نه لاهيندو آهي. اڳلي جا ننڍا وڏا جيستائين نه پُڻائي، تيستائين پيٽ نه ٺريس. اهڙي ماڻهوءَ سان وڙهڻ به خراب آهي. زبان ۾ هو سڀني کان وڌيڪ زبان دراز آهي. ڌڪ هڻبس ته مڪر ۾ هو وڌيڪ زور آهي، ڇندُ ڪري ڪِري پوندو. سڄو راڄ ميڙي ڍوءِ ڍوءِ ڪندو. پئسي جو نقصان کيس ڏئي نه ٿو سگهجي، جو اڳي ئي سڃو آهي. تنهنڪري ساڻس کينس نه ڪجي.
مطلب: ۱. لچ يا نر لڄو، جڏهن بي حياءُ ٿي بيهي ته بڇڙي ڪم کان کيس ڪو به روڪي نه سگهندو.
۲. جنهن جو ڌڻيءَ سان سچو نينهن آهي، سو دنيا جا ڌنڌا ڇڏي، سڀ کان پري رهندو آهي. کيس نرڳ توڙي سرڳ، ڪنهن جي ساراهه توڙي گلا، ڪجهه به نه ڪري سگهندي آهي.
۳.اي شيخِ پاکدامن، دوزخ سي مت ڊرا،
مين عشق کا جلا ہون، مجھ کو عذاب کيا ھي؟ (اردو)
۴. اي سلڇڻا شيخ! نرڳ کان نه ڊيڄار!
مان نينهن جو سڙيل آهيان، مون لاءِ عذاب ڇا آهي؟ (ترجمو)
464- لوڀُ ڇڏ ته سونُ مٺين سان ورهائين. (پهاڪو)
لوڀ ڇڏڻ: لالچ ڇڏڻ، حرص ڇڏڻ.
سون مٺين سان ورهائڻ: عياشي ڪرڻ، بادشاهن وانگر خرچ ڪرڻ.
لوڀيءَ ۽ لالچيءَ کي، ڪو به مٽ مائٽ ويجهو اچڻ ئي نه ڏيندو آهي. منجهانئس کيس هر وقت اھو خطرو هوندو آهي ته خوامخواهه اچي مٿان بيهندو ۽ ڪا نه ڪا شيءِ ويهي گهرندو.
ان جي برعڪس، جنهن کي لوڀ ۽ لالچ ناهي، سو پنهنجو وقت قناعت سان گذاري ٿو. جيڪڏھن ٻئي وٽ وڃي ته اهو به سندس اچڻ تي ارهو نه ٿيندو. هٿائين سڀ ڪو پيو کيس امانتدار ڄاڻندو ۽ سمجهندو ته جيڪڏهن وٽس سون امانت طور رکبو ته خيانت نه ڪندو. جڏهن ٻيا پنهنجو مال، ڪنهن ماڻهوءَ کان نه لڪائين ته پوءِ اهو ماڻهو ائين آهي ڄڻ سون مٺين سان پيو ورهائي.
مطلب: ۱. لوڀ ڇڏڻ واري کي هر ڪو سڏي وچ ۾ ويهاري ٿو.
۲. چو در چشم شاهد نيايد زرت، زر و خاڪ يکسان نمايد برت. (فارسي)
۳. جڏهن سون تنهنجي اک کي پيارو نه لڳي،
تڏهن سون ۽ مٽي، ٻئي هڪجهڙا ڀانئيندين. (ترجمو)
465- لوڀ، سڀن پاپن جي پاڙ. (چوڻي)
لوڀ: لالچ، حرص، حوس.
پاپ: گناهه، غلاظتون.
پاڙ: جڙ، بنياد.
لوڀ يا لالچ، هر جيو جي اندر پاڻ-مرادو رکيل آهي، جنهن سبب هيءُ دنيا جو ڪار-وهنوار هلي ٿو. جيڪڏهن دنيا ڏانهن ڪنهن جو به ڌيان نه هجي ۽ دنيا ڪنهن کي به پاڻ ڏانهن نه لوڀي ته پوءِ ڪير به ڪو به ڪم نه ڪري. هٿُ هٿَ تي رکي ويهي رهي ۽ هن دنيا جي رنگيني ئي ختم ٿي وڃي. ٻئي طرف، رڳو لوڀ ۽ لالچ جي پويان هٿ ڌوئي لڳڻ، جائز/ ناجائز جو خيال نه ڪرڻ سان به ماڻهو پنهنجي ساک/ پت وڃائي ڇڏيندو آهي. جڏهن لوڀ ۾ پوندو آهي ته پوءِ گناهه مٿان گناهه ڪندو ويندو آهي ۽ انهن جي دلدل ۾ ڦاسي پوندو آهي.
مطلب: ۱. لوڀ، مت وڃائي.
۲. مڇيءَ کي درياهه ۾ کائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو آهي پر جڏهن مهاڻي جي اڇلايل ڪنڍيءَ ۾ ٿورو سانپي جو اڌ ڏسي مٿس موهجي پوندي آهي ته سندس سر ان ڏينهن اڏيءَ تي پهچندو آهي.
۳. پکيءَ کي چڳڻ لاءِ چُوڻو، جڳ جهان ۾ جام پيو آهي. شڪاريءَ طرفان دام ۾ وڌل چار داڻا، جڏھن کيس موهت ڪن ٿا ته پڃري ۾ ڦاسي، موت جي گهاٽ تي پهچي ٿو.
۴. سپ ساري عمر سمنڊ ۾ رهندي برسات جي پاڻيءَ جي هڪڙي ڦڙي لاءِ تڙپندي رهي ٿي. جڏهن اهو سندس پيٽ ۾ پوي ٿو ته موتيءَ جي شڪل وٺي ٿو ۽ ان سان گڏ سپ جو پيٽ ڦاٽي پوي ٿو.
۵. لوڀ، مولان پاپاني. (سنسڪرت)
۶. لوڀ، ملامت پاپن جو. (ارٿ)
466- لوڀيءَ سندي راڄ ۾، ٺوڳي مري نه بک. (پهاڪو)
لوڀي: لالچي، لالچ رکندڙ.
ٺوڳي: ٺڳ، ٺڳي ڪندڙ، دوکي سان ڦُريندڙ.
هڪڙي ڄٽ ماڻهوءَ کي، پٽ جي وهانءَ لاءِ ٽيهه (۳۰) رپيا گهربا هيا. جوءِ کان پڇيائين؛ “پٽ ته پرڻائين ٿي پر خرچ پکي لاءِ ڪي گهر ۾ اٿئي؟”
“هڪڙو ٽڪو آهي!” جوڻس ٻوٿ چٻو ڪندي چيس؛ “انهيءَ مان ڇا ٿيندو؟!”
“گهڻو ڪجهه ٿيندو! اهو ٽڪو مون کي ڏي.” جوءِ کان ٽڪو گهرندي چيائين؛ “اهو ٽڪو وڏا ڪم ڪندو!”
اهو ٽڪو کڻي، ڳوٺ جي واڻيي وٽ آيو. کيس چيائين؛ “هيءُ ٽڪو وياج جو وٺ، مهيني کن تي رپيو اوڌر ڏي!”
واڻيي اڳواٽ وياج جو ٽڪو ڏسي، کيس ايماندار سمجهيو ۽ يڪدم رپيو ڪڍي ڏنائينس. اهو روپيو کڻي شهر ۾ اچي ۳۲ ٽڪا ڪرايائين. ٽڪا مٽرائي هڪڙي ساهوڪار/ مھاجن/ وياج تي پئسا ڏيندڙ سودخور جي هٽ تي پهتو. ساهوڪار کي چيائين؛ “هيءُ ٽيهه ٽڪا وياج وٺ! ٽيهه رپيا وياجيرو ڏي.” باقي بچيل ٻه ٽڪا، خرچيءَ طور ساهوڪار جي پٽ کي ڏنائين. ساهوڪار ڳرو وياج ۽ پٽ واري خرچي اڳواٽ ايندي ڏسي لوڀجي پيو ۽ يڪدم ٽيهه روپيا ڪڍي ڏنائينس. ڳوٺ اچي پٽ جو وهانءُ ڏاڍي ڌام ڌوم سان ڪيائين. کڻت کنئي کان پوءِ، ٻنهي کي ڳاڙهي ماڻ سان مئي ڏنائين. ڳوٺ جي واڻيي کي فقط سندس گهر وارو ٽڪو ۽ شهر واري ساھوڪار کي ڳوٺ واري واڻيي وارو رپيو نصيب ٿيو/ ڦٻيو.
مطلب: ۱. لوڀيءَ کي ڦرڻ، ٺڳ لاءِ آسان ڪم آهي.
۲. جتي لوڀي هجن، تتي ٺوڳي بک نه مرن.
۳. لوڀ، مت وڃائي ٿو. جڏهن مت وئي ته پوءِ ٺڳ جو مڪو متو.
467- لوچ ته لهين لعل کي، ڏور ته پوئي ڏس. (چوڻي)
لوچ: چر پر، لڇ پڇ، ڀڄ ڊڪ ڪرڻ.
ڏورڻ: محنت ڪرڻ، ڪشالا ڪڍڻ، تڪليفون سهڻ.
لعل: موتي، منزل، محبوب.
ڏس پوڻ: پتو پوڻ، ڄاڻ ملڻ، گس-پنڌ آسان ٿين.
دنيا جي تختي تي، سموريون شيون خدا تعاليٰ انسان لاءِ بڻايون ۽ هڪيون حاضر رکيون آهن، پر انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس هٿ پير هڻڻو پوندو. ڇو جو انسان کي آسانيءَ سان مليل شيءِ جو قدر نه ٿيندو آهي. جيڪا شيءِ ڏکيائيءَ ۽ تڪليف سان، ناڻو خرچ ڪري ملندي اٿس، تنهن کي قيمتي به ڄاڻندو آهي ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسندي ان جي سار سنڀال به لهندو آهي.
وديا/ علم، رزق ۽ ڌن دولت توڙي ڌڻيءَ جي ملڻ جي واٽ به ڳولڻ ۽ لوچڻ سان ملن ٿيون/ آسان ٿين ٿيون. اڻ ڳولئي، ڪي به هٿ ڪو نه ٿو اچي.
مطلب: ۱. سياڻا ڳولي لهن ۽ اياڻا نڪي ڳولهين، نڪي لهن.
۲. هيرا پڙا بازار ۾، خاڪ رهي لپٽاءِ،
مورک مورک چل گئي، چاتر ليا اٺاءِ. (هندي)
۳. هيرو بازار ۾ پيل هيو، مٿس مٽي ويڙهيل هئي،
اياڻا اياڻا (ائين) لنگهي ويا، سياڻي (نگاهه پوڻ تي) کڻي ورتو. (ارٿ)
468- لوڻ وجهي، ڀت ڀائيوار ٿيڻ. (ورجيس)
ڀت رڌڻ لاءِ، گهڻين شين جي ضرورت پوندي آهي. پهرين ته کائڻ لاءِ سيڌو، جنهن ۾ چانور، گوشت، پٽاٽا، گيهه ۽ بصر اچي ويا. ٻيو ڳارڻ لاءِ ٻارڻ، جنهن ۾ ڪاٺيون، چلهه ۽ پاڻي اچي ويا. ٽيون ذائقيدار بڻائڻ لاءِ مصالحا جهڙوڪ؛ لوڻ، مرچ، ڌاڻا، ڦوٽا، دال چيني، سرهجري ۽ ڪمال پٽ وغيره. چوٿون رڌڻ لاءِ ٿانءَ، جهڙوڪ؛ ديڳڙو، ڪيولي، ڍڪ، گلاس ۽ ٿالهي وغيره.
مٿي ٻڌايل مڙيئي شيون، جيڪڏهن هڪيون حاضر نه هجن تڏهن به ديڳڙي، چانور، پاڻيءَ، باهه ۽ گيهه جو هجڻ ضروري آهي. انهن کانسواءِ ڀت وجود ۾ نه ايندو. جيڪڏهن ڪنهن کي بک مٽائڻ لاءِ ڀت گهرجي ته ان کي اهي وٿون هٿ ڪرڻيون پونديون. اڪيلي سر مهيا نه ڪري سگهي ته ڀاڱي ڀائيواري ڪري حصو ڳنڍي، تڏهن وڃي حصي جو لهڻيدار ٿيندو. ان جي برعڪس هڪڙو ماڻهو حصو ڇڪڻ لاءِ فقط لوڻ وجهي ته اها سندس زور-آوري ٿيندي.
جيڪڏهن ڪنهن سان ڪير، ڀت ۾ لوڻ ملائڻ تي ڀائيوار ڪري ٿو ته پوءِ اها ان جي خوشبختي چئبي جو ٿوري محنت ۽ سيڙپ سان کيس گهڻو فائدو پوي ٿو.
مطلب: ۱. ٿورو حصو ڳنڍي، گهڻو ڀاڱو گهرندڙ.
۲. هڪڙو ماڻهو پنهنجي خريد ڪيل پلاٽ/ پٽ تي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري جاءِ ٺهرائي ۽ هڪڙو تر لبنائڻ وقت ڇيڻو کڻي اچي ۽ پاڻيءَ ۾ گڏي تر لبنائي، گهر ۾ رهڻ جي حصيداري گهري ته ان لاءِ ڇا چئجي.
۳. مَنَهه لاءِ ٿوڻي ڏئي، اڌ جو ڀائيوار ٿيڻ.
۴. ٻوڙ ۾ ليمو نچوڙي وجھڻ کان پوءِ، کاڌي ۾ حصيداري گھرڻ.
۵. دال گيھ تيرا، آگ ڦوڪ ميرا.
۶. مال مصالحا آڻڻ تو تي، ڪاٺيون سورڻ مون تي.
۷. لوڻ وجهي، ڀت ڀائيوار ٿيڻ. (اصطلاح)
469- لهي لوهه به نه، چي؛ “منهنجو نالو سون ٻائي.” (ورجيس)
لوهه به هڪڙو ڪارائتو ڌاتو آهي، منجهانئس تمام گهڻا فائدا آهن. تعميرات ۽ مشينري وغيره، جنهن موجوده دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيا آهن، لوهه مان ئي جڙن ٿيون. رب پاڪ طرفان نازل ٿيل، انهيءَ ڌات منجهه انسان ذات جي ترقيءَ ۽ سهوليت لاءِ تمام گهڻا فائدا رکيا ويا آهن.
سون، زيور وغيره طور استعمال ٿئي ٿو، تنهن ڪري وڏي ڪارائتي ۽ مهانگي شيءِ آهي. لوهه جي ڀيٽ ۾ ڏکيائيءَ سان دستياب ٿئي ٿو، جنهن ڪري سندس قدر، لوهه کان وڌيڪ آهي.
هڪڙو ماڻهو تمام گهڻو غريب هجي ۽ سندس قدر ئي نه هجي پر پاڻ کي ٻين آڏو، وڏو قيمتي چوائڻ جي ڪوشش ڪري، اهو ڄڻ لوهه منجهان پاڻ کي سون ٿو سڏرائي.
مطلب: ۱. هڪڙو ماڻهو ايترو ڪمزور آهي، جو پنهنجي پير آڏو پيل ٻير به نِوڙي نه ٿو کڻي سگهي ۽ ڊاڙ/ دم ٿو هڻي آسمان مان تارا لاهڻ جي.
۲. تو کارِ زمين را نکو ساختي، که بر آسمان نيز پرداختي. (فارسي)
۳. ڌرتيءَ جا ڪم سڀ پورا ڪيئي!
هاڻي هليو آھين اڀ تي پورا ڪرڻ. (ترجمو)
۴. هڪڙو گيدي گدڙ کان ڊڄي، ٻٽاڪ هڻي شينهن سان وڙهڻ جي.
۵ . مزن بانگ بر شيرِ مردان درشت،
چو با ڪودڪان بر نيائي به مشت. (فارسي)
۶. شينهن جهڙن ڏاڍن مڙسن سان (مقابلي ڪرڻ جو)دم نه هڻ،
جڏهن ڇوڪرن سان چنبي نه ٿو پڄائي سگهين! (ترجمو)
۷. پنهنجي سگھه کان واڌو، ڍيڪ ڏيڻ نه گهرجي.
۸. ڀيٽيو: ماءُ مري رکي سڪي، ڌيءُ دا نالا ڏھي.