الف
ھر ماڻهو، پنهنجي طبيعت ۽ ڪيفيت سارو، ٻين سان ورتاءُ ڪندو آهي. ھر ڪنھن کي، پنهنجي طبيعت آهر، پاڻ جهڙو ئي سمجهندو آهي. پاڻ سکيو هوندو آهي ته سارو جهان به سندس نظر ۾ سکيو، خوش ۽ سرهو هوندو آهي. پاڻ ڏک ۾ هوندو آهي ته سارو جهان، سندس نظر ۾ ڏکيو، اهنج اندر ۽ تڪليفن ۾ هوندو آهي.
مطلب: ۱. هر ماڻهوءَ جي نظر ۾ ٻيا ائين آهن، جيئن پنهنجي نظر ۾ پاڻ آهي.
۲. خوش ماڻهو ٻين کي خوش، تنگ ماڻهو ٻين کي تنگ محسوس ڪندو آهي.
۳. ڀيٽيو: جيءُ خوش، جهان خوش.
2- آرهڙ جي تتي ڏينهن، سانوڻ جي وسندي مينهن،
سياري جي آڌي رات، شال نه ٿئي هنگڻ تات. (چوڻي)
- آرهڙ: مئي ۽ جون جا مهينا. منجهن سخت گرمي ۽ ڪاڙهو ٿئي. ڏينهن ڏاڍو تپي. خاص طور تي منجهند ڌاري ڌرتي ٽامڻي هڻي وڃي. ڪاڙهي دوران، ٻاهر نڪرڻ عذاب بڻجيو وڃي.
- سانوڻ جو مينهن: سانوڻ جي مهيني ۾، يعني جولاءِ / آگسٽ ڌاري، مينهن جي وسڻ جي ڀرپور مُند هوندي آهي. جتي ڪٿي هڪ-ڪَرو ۽ گهاٽو مينهن پوندو آهي. جڏهن جهور ٻڌي بيهندو آهي ته بند ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو آهي. ان وقت به ٻاهر نڪرڻ وڏي ويڌن وارو ڪم ٿي پوندو آهي.
- سياري ۾ آڌي رات ڌاري، سيءُ ڏاڍو پوندو آهي. خاص طور تي ڊسمبر ۽ جنوريءَ جي مهينن ۾، اڌ رات کانپوءِ ماڪ ۽ پارا پوندا آهن. لُريون لڳنديون آهن. ٻاهر نڪرڻ واري جا ڳچَ ئي ڳاري ڇڏينديون آهن.
مطلب: ۱. مٿي ڄاڻايل ٽن وقتن تي، ٽوري تي يا جهنگ جي خيال سان، گهر کان ٻاهر نڪرڻ تڪليف وارو ڪم آهي. آڳاٽي دؤر ۾ جڏهن گهرن ۾ ٺهيل پُئيون، موريزون ۽ سنڊاس، مرد استعمال نه ڪندا هئا ۽ انساني تقاضا لاءِ جهنگ ڏانهن وڃڻ به ضروري هوندو هيو، تڏهن اهي ٽئي ويلا ڏاڍا اهنجا لڳندا هئا.
۲. مصيبت واري مهل ۾، شل نه ڪو ٻاهر نڪرڻ جهڙو ڪم اٽڪي.
3- آمون، ڏهه گامون. (چوڻي، زرعي)
آمون: آما، انب، انب جو وڻ.
گامون: گامان، گام، وک، قدم.
آرائين يا باغائين جو چوڻ آهي ته؛ انب جو وڻ، هڪ ٻئي کان ڏهن قدمن تي رکڻ گهرجي. ان کان گهٽ يا وڌ مفاصلي تي نه رکجي. وڌيڪ مفاصلي تي رکڻ سان مخصوص ايراضيءَ ۾ گهٽ وڻ رکي سگهبا. ھڪ ٻئي جي ويجهو رکڻ سان زمين مان کاڌ خوراڪ گهٽ ملندن ۽ سٺيءَ طرح اُسري نه سگهندا. پهرين صورت ۾ ڦر ته گهڻو جهليندا پر ڇڊا هئڻ سبب، مجموعي پيداوار گهٽ ڏيندا. پوئين صورت ۾ سوڙهه ۽ گهاٽپ سبب، ڦر ٿورو ۽ ڪمزور جهليندا ۽ مجموعي طور فائدي بجاءِ نقصان ٿيندو. ڇو جو گهاٽا وڻ، هڪ ٻئي ۾ جڪڙيا پيا هوندا. مٿن جهار هڪلڻ ڏکي ۽ سندن ڪاٺي به ڪم جي نه ٿيندي.
مطلب: ۱. مناسب وک تي رکيل وڻ وڌيڪ فائدو ڏيندا. تمام ويجها يا تمام پري وارا، فائدو گهٽ ڏيندا.
۲. ڇڊي پوک، ٿلها سنگ، گهاٽي پوک، سنها سنگ.
۳. سنگت به نه تمام گهري ۽ جذباتي ٿي رکجي ۽ نه ڇڊي ۽ اڻ سونهندڙ رکجي. بلڪ وچٿرا تعلقات قائم رکجن.
4- آهر جي آسري، جهنگ نه چنائون. (ورجيسي جملو)
پاليل وهٽ؛ اٺ، مينھن يا ڍڳو، ڏينهن جو جهنگ ۾ چرڻ وڃي. جهنگ چرڻ اهنجو به آهي ته سهنجو به. جهنگ گهاٽو ۽ چڱي گاهه وارو آهي ته مال خوب کائي چڙهه ڪندو. ڇڊو ۽ ڪنڊن وارن وڻن وارو آهي يا اڻ سڌي زمين وارو آهي ته مال پاڻ ۾ ئي وڙهي پوندو.
اهڙي صورت ۾، مال جي خوراڪ واسطي، سندن ڌڻي ڏارو، کڙ يا سائو گاهه تيار ڪري آهر يا آهور ۾ رکي ڇڏيندا آهن.
جهنگ ۾ چرڻ، جانور جي وس آهي. آهر جوڙي، منجهس ڀاڙو ڀرڻ، ڌراڙ جي وس آهي.
جڏهن ڪو جانور يا وهٽ، آهر جي لالچ دل ۾ رکي، جهنگ ۾ گاهه نه چرندو ۽ بکايل گهر ايندو ۽ هيڏانهن وري ڌڻيس به آهر ۾ ڀاڙو نه ڀريو هوندو ته پڪ گهر ۾ به بک مرندو.
مطلب: ۱. پنهنجي وس وارو, فائدي جو ڪم، پرائي وس يا آسري تي سيڙائبو ته فائدو ڪو نه پائبو.
۲. آهر جي آسري تي جهنگ نه چنڻ. (اصطلاح/ ورجيس)
5- آهر جي وڏائي، ڪُني پاٽ اتي آئي. (پهاڪو)123
املاءَ جي مَٽَ سٽ سان، آهر جون ٻه پڙهڻيون ۽ مختلف معنائون آهن.
۱. آهُرِ: مال جي چرڻ لاءِ، گهر ۾ جوڙيل هود.
۲. آهِرُ: مڙس، مرد، خاص طور تي جهنگ ۾ ڪم ڪندڙ، جنهن کي اهير به ڪوٺين.
ڪُني پاٽ: ٺڪر جا باسڻ، جن ۾ غريب ماڻهو رنڌين ۽ کائين يا مال وغيره لاءِ کڙ يا ڏارو وغيره ڀِڄائين.
(الف) جهنگلي غريب ماڻهوءَ کي گهر ۾، ڪني يا پاٽ جهڙو وسيلو موجود هوندو ته پاڻ کي هوند وارو پيو ڀانئيندو ۽ پيو حڪم هلائيندو. ٻوڙ جي رڌل پوري ڪُني ۽ پڪل مانين جي پوري پاٽ، پهرين پاڻ وٽ گهرائي، دل تي منجهائنس ڪڍندو/ کائيندو، پوءِ ٻي آڪهه جو وارو ايندو.
(ب) آهُر؛ وڏي، ڳؤري ۽ کُتل هئڻ سبب، سوري پوري نه سگهبي آهي. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو، مال جي چاري، گاهه ۽ ڪتر کي اڃا وڌيڪ نرم ۽ سڻڀو ڪرڻ لاءِ منجهس پُسيل کڙ يا ڏارو ملائيندا آهن، جيڪو پهرين ڪنهن ڪني يا پاٽ ۾ ڀِڄائي رکبو آهي، جتان پوءِ آڻي اچي ڪتر/ گاهه ۾ ملائبو آهي. ائين ڪرڻ سان، اهو ڪنو يا پارو، آهر ڏانهن، آهر جي وڏي هئڻ سبب، کڄي ايندو آهي.
مطلب: ۱. ٽرڙو/ ڳؤرو بارو پاڻ کي هر موقعي تي وڏو ماڻهو پيو ڄاڻندو.
۲. وڏن ماڻهن وٽ، ننڍا ڪم لاءِ هلي ايندا آهن، پوءِ ڪم ڀلي ڪنهن جو به هجي.
6- آهِرُ کٽي اوبڻي، رن ھارائي رنبو. (پھاڪو)
آھِرُ: مڙس، ٻهراڙيءَ يا جهنگ جو مرد.
اوبڻي: لوهه جي هلڪي ڪلي، جيڪا تور يا وزن ۾ دڪو يا ٻه دڪا ٿئي، ان سان زالون سُٽُ اوبينديون هيون.
رنبو: لوهه جو هڪڙو وڏو ۽ ڳؤرو ڪِلُ يا نَيڇُ. ان سان مرد، زمين ۾ گُڏ وغيره ڪندا آهن. مزدور جاين کوٽڻ ۾ ڪم آڻين. ان کي ٻاري به چئبو آهي.
گهر جي ڪار وهنوار لاءِ هيءَ ورجيس استعمال ٿيندي آهي. مثال ڏئي سمجهايل آهي ته مرد اوبڻيءَ جيترو، ٿورو ڪمائيندو ۽ زال وري رنبي جيترو گهڻو کپائيندي يا خرچ ڪندي ته گهر جو چرخو مور نه چلندو.
مطلب: ۱. عورت کي مرد جي ڪمائيءَ جي لحاظ کان گهٽ خرچ ڪرڻ کپي. هٿ-ڦاڙ ٿيڻ نه گهرجيس.
۲. زال کي گهر هلائڻ لاءِ، مڙس جي آندل ڪمائيءَ سان هم آهنگ ٿيڻ گهرجي.
۳. ڀيٽيو: مڙس جو پاهوڙين سان ميڙڻ، زال جو سُئيءَ سان کوٽي ڪڍڻ.
7- آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي. (ورجيسي جملو)
ٽانڊي لاءِ اچڻ: ننڍي غرض لاءِ اچڻ.
بورچياڻي ٿي ويھڻ: ماني پچائڻ لاءِ ويھي رھڻ. چلهه جو مالڪ ٿي ويهڻ. وڏي اهم ڪم تي قابض ٿي ويهڻ، گهر جو مالڪ ٿي ويهڻ.
پرائي گهر ۾ ننڍي يا خسيس غرض پوري ڪرڻ لاءِ ڳيجهو ٿي اچبو آهي. مطلب برآور ٿيڻ بعد يڪدم موٽ ڪبي آهي. جيڪڏهن گهر-ڌڻيءَ جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺندي، حرص/ هوس جو دائرو وڌائيندي، وڏا مطلب ۽ غرضون پوريون ٿيڻ لاءِ لڏو لاهي ويهبو ته پوءِ ان لاءِ مٿيون مثال آهي.
هيءَ دنيا به پرائي گهر مثل آهي. منجهس ڪير به سدائين رهڻ لاءِ نه آيو آهي. البته مالڪ، خاص طرح، موڪليو آهي ته جيئن سندس عبادت ڪري سندس راضپو حاصل ڪيون. ڪي ماڻهو ڀُلجي، اهو ڪم ڇڏي، دنيا کي سنوارڻ ۾ محو ٿي ويندا آهن ۽ پاڻ کي گهر-ڌڻي ڄاڻي ويهندا آهن، تن کي هن مثال مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.
مطلب: ۱. اڌارو وٺڻ لاءِ اچڻ، مالڪ ٿي ويهي رهڻ.
۲. آمد براءِ اخگر، چون مطبخ نشست. (فارسي)
۳. ٽانڊي کڻڻ لاءِ اچڻ، بورچياڻي ٿي ويهي رهڻ (ترجمو، ورجيس)
۴. چار گنوايا هنڊڪي، چار گنوايا سُمهه،
ليکا رب مڱيسين، تون آيون ڪهڙي ڪم؟ (بابا فريد)
۵. چار پهر ڌنڌي ۾ وڃائيي، چار پهر ننڊ ۾ وڃايئي،
حساب ڌڻي پڇندئي، تون آئين ڪهڙي ڪم لاءِ؟ (ارٿ)
8- اب جو ڏنو ڪهڙي ڪم جو، جاسين رب نه ڏئي. (چوڻي)
اَبُ: پيءُ.
رب: ڌڻي، پاليندڙ.
ڪي آرسي ماڻهو، پيءُ کي وهيون/ شاهوڪار ڏسي، پاڻ دولت ڪمائڻ لاءِ پورهيو نه ڪن. ڀانئيندا آهن ته پيءُ واري دولت ورثي ۾ هٿ ايندي، سا ڪافي آهي. اهو نه ڄاڻندا آهن ته ابي اها ڪٿان آندي؟
جيئن سندن پيءُ محنت ڪري دولت هٿ ڪئي، تيئن کين رب پاڪ جي عطا ڪيل هٿن پيرن سان، موقعي مهل ۽ قوت سارو محنت ڪري، ڪمائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ڇو جو ابي جي ڏنل ملڪيت هڪ ڏينهن کُٽي ويندي.
مطلب: ۱. پيءُ جي دولت جو به آسرو نه ڪجي. پنهنجي ڪمائيءَ تي ڀاڙجي.
۲. ميراث پدر خواهي علمِ پدر آموز،
کِـہِ اين مالِ پدر خرچ توان کرد به دهه روز. (فارسي)
۳. پيءُ جو ورثو گهرجيئي ته پيءُ وارو علم سک،
ڇاڪاڻ ته پيءُ جو مال، ڏهن ڏيهاڙن ۾ خرچجي ويندي. (ترجمو)
۴. کاڌي خرار کٽي ويندا آهن. پيءُ جا رکيل خزانا به کٽي ويندا. رب پاڪ جيڪي هٿ پير ڏنا آهن، تن جي مدد سان، ساري عمر لاءِ ماڻهو لوچي پيو کائيندو آهي.
9- اڀرندي تاءُ جنهن نه ڪيو، سو اُلهندي ڇا ڪندو؟ (پهاڪو)
ڌرتيءَ جي گولي کي روشن ڪرڻ لاءِ، قدرت واري پنهنجي مهربانيءَ سان سج پيدا ڪيو آهي، جنهن جي ڪرڻن سان ڏسڻ جي قوت هر ساهدار کي ملي ٿي. پوکيل سلن ۾ ساھ پوي ٿو ۽ اونداهي رات تڙجي ڏينهن ٿئي ٿو ۽ سندس اس سان فصل پچن ٿا ۽ سمنڊن مان بادل اٿن ٿا.
قدرت واري سج جي اڀرڻ، لهڻ ۽ چوٽي ڪرڻ ۾ به عجيب طلسماتي رنگ رکيا آهن. اونهاري جو اڀرندو ته وڏي شعاع سان ۽ منجهند ٽاڪ جو جنهن وقت زوال تي اچي ته وڏي تک ڏئي ۽ شام جو به لهڻ ۾ چڱو خاصو وقت وٺي. جڏهن ته سياري ۾ گهٽ تِک واري تڙڪي سان اڀري، جلد ڊوڙي لهڻ جي ڪري ۽ لهڻ وقت بلڪل تکپ هجيس ئي نه.
مطلب: ۱. سياري وارو سج، اڀرڻ مهل به تاءُ گهٽ ڪندو آهي ته لهڻ وقت به.
۲. ٿڌو ماڻهو، ڪم جي شروعات ڪرڻ مان ئي پڌرو ٿي پوندو آهي.
۳. جيڪو ماڻهو ننڍپڻ ۾ ئي ٽوٽي ۽ سست هوندو، سو وڏو ٿي ڪري ڪهڙا ڦاڙها ماريندو؟
۴. ڀيٽيو: پُٽُ، ڪَپُٽُ پينگهي ۾ پڌرو.
10- اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي؟ (پهاڪو)
اڳڙي پوڻ: چتي پوڻ، ڳنڍ پوڻ.
اُڀ ڦاٽڻ: آفت نازل ٿيڻ.
اُڀ ڦاٽي کي اڳڙي پوڻ: نه ٿيڻ جهڙي ڳالهه جوڙڻ.
هڪڙي ماريءَ، جهرڪي ڦاسائي. کيس ڪهڻ جو ارادو ڪيائين ته جهرڪيءَ چيس؛ “مون مان اڌ دڪو گوشت نڪرندو، تنهن مان ڪهڙو ڍءُ ٿيندءِ؟” کيس لالچ ڏيندي چوڻ لڳي؛ “مون کي ڇڏيندين ته مان تو کي ٽي نصيحتون ٻڌائيندس پر شرط اهو آهي ته هڪڙي تنهنجي هٿ ۾ چونديس. ٻي جڏهن ڇڏيندين تڏهن وڻ تي ويهي چونديسانءِ ۽ ٽين وڻ تان اڏامڻ مهل.”
ماريءَ اها ڳالهه مڃي. ان تي جهرڪيءَ ٻڌايس؛ “جيڪا ڳالهه ٻڌين ۽ عقل جي قياس کان ٻاهر هجي ته نه وسهج.”
انهيءَ تي ماريءَ کيس ڇڏي ڏنو. اڏامي وڃي وڻ تي ويٺي ۽ چوڻ لڳس؛ “جيڪو ڪم هٿان نڪري وڃئي وري هٿ اچڻ جو نه هجئي ته ان لاءِ ارمان نه کائج.”
ايترو چئي جهرڪي روئڻ لڳي ۽ ماريءَ جي حال تي ارمان کائي چيائين؛ “منهنجي پيٽ ۾ ٻه دڪا تور هيرو آهي، جيڪڏهن هٿ اچئي ها ته ڄمار لاءِ ڍءُ هجئي ها.”
اها ڳالهه ٻڌي ماريءَ، هٿ مهٽي، ارمان کاڌو. پکيءَ جي اڏامڻ تي کانئس ٽين نصيحت پڇيائين. جنهن تي جهرڪيءَ چيس؛ “ٻن ڳالهين تو تي اثر نه ڪيو. اڌ دڪو تور واري پکيءَ جي پيٽ ۾ ٻه دڪا طور وارو هيرو ڪٿان ماپندو؟ ان تي ويساهه ڪيئي؟! جيڪڏهن هجي به ها ته به اڏامي وڃڻ کانپوءِ وري هٿ اچڻ جو نه هئس. تنهن لاءِ ارمان کاڌءِ. تو جهڙي ماڻهوءَ کي ٽين نصيحت چوڻ ئي بيڪار آهي.”
مطلب: ۱. جنهن ڪم جو ٿيڻ يا ٿيڻ واري ڪم جو دفع ٿيڻ ناممڪن هجي، تنهن لاءِ ڳڻتي نه کائجي.
11- اڀ ۾ جو ٿُڪَ اڇلائيندو، تنهن کي موٽي منهن ۾ پوندي. (پهاڪو)
اُڀ: آسمان، نيلگون.
انسان هڪڙن معاملن ۾، قدرت جي جوڙيل قانون پَٽَ اندر، مجبور پڻ آهي. جيئن جيڪا شيءِ مٿي اڇلجي ٿي، سا قدرت جي پيدا ڪيل ڪشش ثقل واري قانون تحت، زمين ڏانهن موٽي اچي ٿي. جيڪو به سندس هيٺان ايندو، تنهن کي ضرور لڳندي. ٿُڪَ منهن ۾ لڳڻ، بي عزتيءَ جو اهڃاڻ آهي. ڄاڻي واڻي ڪير به پاڻ کي نه هڻندو آهي، پر قدرت جي جوڙيل قانون جو خيال نه رکي، جيڪو مٿي اڇليندو ۽ يڪدم هيٺان پاسي نه ٿيندو ته ضرور منهن ۾ جهليندو.
مطلب: ۱. جيڪو قدرت جي جوڙيل قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو، سو مُنهن ۾ پائيندو.
۲. جيڪو پاڻان ڏاڍن سان مهاڏو اٽڪائيندو، سو پاڻ کي نقصان رسائيندو.
۳. جبل سان مٿو هڻبو ته جبل پنهنجي جاءِ تان نه ٽرندو بلڪ پنهنجو مٿو ڏرندو.
۴. هرکہ با بزرگان سِتيزد، خونِ خود بريزد. (فارسي)
۵. جيڪو وڏڙن سان تکو پوندو، سو پنهنجو ئي خون وهائيندو. (ترجمو)
۶. سُر سنڌي آڪاس ڪون، ڦر ماٿي آوي. (هندي)
۷. جيڪو اُڀ ۾ تير اڇلي، تنهن کي موٽي مٿي ۾ لڳي. (ارٿ)
12- اٽي ۾ لوڻ. (ورجيس)
مانيءَ کي سوادي بڻائڻ لاءِ، اٽي ڳوهڻ وقت تمام ٿورو، بلڪ حسب ذائقہ، لوڻ پڻ ملائبو آهي. اهو ملايل لوڻ، اٽي جي مقدار جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورو، بلڪ نه هئڻ برابر هوندو آهي. جيڪڏھن لوڻ ٿورو وڌيڪ پئجي وڃي ته ماني چهري ٿي پوندي. ٺرڻ کان پوءِ ڪؤڙي زهر ٿي پوندي.
اهڙيءَ طرح دنيا ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي ڪرڻ جون نه هونديون آهن. مصلحتًا ڪٿي ٿوري انداز ۽ ڦير گهير سان، جڏھن نقصان بجاءِ فائدو پوي، ائين ڪرڻ ۾حرج ناهي. جهڙيءَ طرح چرچو گهٻو چڱو ناهي، جهيڙي جي شروعات ان سان ٿيندي آهي پر ڪن وقتن تي موڊ مٽائڻ لاءِ، ذائقي طور مزاحيه گفتگو، سا به ٿوري انداز ۾ ٺيڪ آهي.
ڪوڙ پڻ ڳالهائڻ چڱو ناهي. ڪنهن خير جي ڪم ۾، سچ سان گڏ، اٽي ۾ لوڻ جيترو ملائي، ڪنهن غريب جي جان بچائجي يا ٻن رٺل دوستن ۾ سرچاءُ ڪرائجي ته ڪا حرڪت ناهي. شاعري ڪرڻ ۾ پڻ ٿوري گهڻي ڪوڙ جي آميزش جي ضرورت پوي ٿي. ڪهاڻيءَ کي سبق آموز بڻائڻ لاءِ پڻ گشا هڻڻا پوندا آهن. اهڙي قسم جا هلڪا ڪوڙ، جن سان ٻين کي نقصان بجاءِ فائدو پوي، هڻڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي.
مطلب: ۱. تمام ٿوري شيءِ جو مثال، اٽي ۾ لوڻ سان ڏنو ويندو آهي.
۲. ايترو گهٽ، جيئن اٽي ۾ لوڻ. (ورجيس)
۳. دروغ مصلحت آميز، بہ از راستي فتنه انگيز. (فارسي)
۴. صلح گڏيل ڪوڙ، جهيڙي جاڳائيندڙ سچ کان چڱو آهي. (ترجمو)
13- اٺان ۽ مينهان دا ڪيها ميلا،
اوه چرن پَٽ/ ڊڀ، اوه چرن ٻيلا. (پهاڪو)
اٺ ۽ مينهن، جيتوڻيڪ کير ڏيندڙ، حلال ۽ پالتو جانور آهن، تڏهن به سندن گَلا ۽ وَڳَ گڏ ڪين چرن. ڇو جو ٻئي فطرتًا الڳ مزاج جا آهن. اٺ کي کائڻ لاءِ لاڻا ۽ ليون گهرجن، بر ۽ صحرا جي خشڪيءَ تي هفتن جا هفتا بنا ڪنهن کاڌي پيتي جي پيو هلندو. سرديءَ گرميءَ جي پرواهه نه هوندس. بار ڍوئڻ ۽ چڙهڻ جي پڻ ڪم اچي.
مينهن ڍءُ ته جهلي پر بک جهلي نه سگهي. گرميءَ ۾ اوسي وتيءَ کي رڳو جالارو پاڻي کپي، جنهن ۾ پهرن جا پهر ويٺي هجي. نازڪ اهڙي جو مڇر جو چڪ نه سهي سگهي. کائڻ لاءِ ڀريل آهر، گاهه يا کڙ ڪتر جي، ويلي تي کپيس. پاڻي به پيئڻ لاءِ جام کپيس. نه وزن مٿانئس رکي کڻي هلي سگهبو ۽ نه ئي وري سواريءَ جي ڪتب اچي. وک ۾ اٺ جي ڀيٽ ۾ ڍري ۽ ڳؤري باري. اٺ جي وک تکي ۽ تيز. ٻنهي جو جوڙ جس ٿي ئي نه ٿو سگهي.
مطلب: ۱. ناجنس جي، غير جنس سان محبت ٿي ئي نه ٿي سگهي.
۲. هم جنس با هم جنس کرد پرواز، کبوتر با کبوتر باز با باز. (فارسي)
۳. هر جنس، پنهنجي جنس سان گڏجي اڏامي، ڪبوتر ڪبوتر سان ۽ باز باز سان. (ترجمو)
۴. جيسي جيسيءَ کي سَوَ ڪوهه تي ڳولهي لهي.
۵. چنڊو چنڊي کي سوَ ڪوهه تان به ڳولهي اچي ملي.
۶. ڪتو به ڪڙم سان گڏ رهي.
14- اٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٽ لهي. (پهاڪو)
ڪنواٽ: ننڍو اٺ، نئون سکيل اٺ، جڙُ، اڻ آزمودگار.
اٺ، بار لڏڻ ۽ ڍوئڻ جي ڪتب ايندو آهي. هڪ هنڌ جو وزن، ڏورانهين ڏِس تي، اڙانگي پنڌ تان اورانگهي پهچائڻ لاءِ خدا تعاليٰ اٺ کي جوڙيو آهي. جيڪڏهن جڙ ۽ ڪنواٽ هوندو ته پٺيءَ تي لڏيل وزن سبب پيو ڪنجهندو ۽ سڪيءَ تي به ترڪندو. ڏورانهين ڏيهه تائين کڻي هلڻ ۾ به پيو ڪيٻائيندو. هر منزل تي، جت ويچارو سامان جي لاهه پاهه ۾ پورو هوندو. ان جي برعڪس ڪراڙو اٺ، آزمودگار ۽ لڪ لنگهيل هئڻ سبب، پٺيءَ تي لڏيل وزن ۽ اڙانگي پنڌ تي فلڪ به ڪو نه آڻيندو. پنهنجي وچٿري رفتار سان، بنا کاڌ خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي، پيو جهاڳيندو هلندو، ڀٽون ۽ لڪ لتاڙيندو وڃي منزل رسندو. جت کي به خفي نه ڪندو.
مطلب: ۱. پوڙهو ماڻهو، زماني جي معاملن جي ڄاڻ ۽ آزمودو هئڻ سبب، طاقت واري نوجوان جي ڀيٽ ۾ وڏا ڪم ڪري ويندو آهي.
۲. آزمودگار ۽ تجربيڪار ڪراڙو، اڻ آزمودگار ۽ ناتجربيڪار نوجوان کان وڌيڪ ڪارائتو آهي.
۳. آن چه در آئينه بيند جوان، پير اندر خيشت بيند پيش زان (فارسي)
۴. جيڪي ڪجهه جوان آئيني ۾ ڏسڻ کان پوءِ ڏسي، سو ڪراڙو، سر جي اندر اڳي ڏسي وٺي. (ترجمو)
15- اٺ پٺيان گهنڊ ڻي. (ورجيس)
گهنڊڻيءَ جو آواز تمام ننڍو آهي ۽ اٺ وڏو ۽ سَگهو وهٽ آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اٺ کي ڊيڄارڻ لاءِ، سندس پٺيان هڪڙي گهنڊڻي وڄائيندو ته کيس ڇا ڪندو؟
هڪڙي ڇوڪر، اٺ تي چڙهي، کيس ڊيڄارڻ لاءِ تاڙيون وڄايون. ان تي اٺ چيس؛ “مون تي نغارا وڄن ته به نه ڊڄان! تنهنجي تاڙي ڇا ڊيڄاريندم؟”
مطلب: ۱. هڪڙو نڀاڳو ماڻهو، پنهنجي مطلب لاءِ ڪنهن بختاور کي دڙڪا ڏيندو ته بختاور جو ڪهڙو بَنجهَرُ ڀرندو؟
۲. وڏي عورت کي ننڍي ٻار سان پرڻائڻ يا وڏي مرد کي ننڍڙي ڇوڪريءَ سان پرڻائڻ، ائين آهي جيئن اٺ کي پٺيان گهنڊڻي ٻڌڻ.
۳. جيڪڏهن ڪو ٻار شهر ويندڙ وڏي جي پويان لڳي پوندو آهي ته کيس موٽائڻ لاءِ چوندو آهي؛ “تون وري ڪيئن اٺ پٺيان گهنڊڻيءَ وانگر لڳي پيو آهين.”
16- اٺ پنهنجي مٽ ۾ ترڪي. (پهاڪو)
اٺ جون ڄنگهون بيڊوليون ۽ ڊگهيون آهن. سندس پيشاب ڪرڻ واري نليءَ جو رخ پڻ پوئين پاسي ڏي هوندو آهي. سردين ۾ چڪو چڪو، بيٺي بيٺي يا ويٺي ويٺي پيو مٽندو آهي. جيڪو ويهڻ واري جاءِ تي يا چڏن تي پيو پوندو ۽ ٽمندو اٿس. سندس چڏا، ڄنگهون ۽ ويهڻ واري جاءِ آلا ٿي ترڪڻا ٿي پوندا آهن. گهڻو ڪري اٿڻ وقت يا ويهڻ واري جاءِ تان هلڻ وقت پنهنجي موٽانگي ۾ پاڻ پيو ترڪندو آهي. ڊگهو ۽ بيڊولو هئڻ سبب، پنهنجي جسم جي وزن جي اوهر (balance) سنڀالي نه سگهندو آهي ۽ ترڪي پوندو آهي.
مطلب: ۱. ڪلڇڻو ماڻهو، پنهنجي ئي پرڪارن سبب، جلد خوار خراب ٿيندو آهي.
۲. گر زدست بلا بر فلڪ رود بدخو،
ز دست خوءِ بدخويش در بلا افتد. (فارسي)
۳. ڪلڇڻو بلا کان ڀڄي، جي اُڀ ۾ وڃي،
پنهنجي بڇڙن لڇڻن سببان، بلا ۾ وري پوي. (ترجمو).
۴. ڪُني اڀامي، پنهنجا ڪَنا ساڙي.
۵. جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کوٽي، سو پاڻ منجهس پوي.
17- اٺ پوڙهو ٿئي ته به مٽڻ نه سکي. (پهاڪو)
فطرتي طور تي ھر جانور اڳ ڏانھن پيشاب ڪندو آھي. واحد اٺ اھڙو جانور آھي، جيڪو ٻين جي ابتڙ يعني پوءِ ڏي مُٽندو آھي. ڇو جو سندس پيشاب جي نلي قدرتي طور تي ائين جڙيل آھي. جنھن سان بجاءِ اڳ ڏانھن پيشاب ڪرڻ جي، پُٺِ ڏانھن ڪندو آھي. انھيءَ سبب سندس پويون ڄنگھون اڻيهي موٽانگي ۾ ڏوسيل هونديون آهن، جن منجهان بڻاس ۽ ڌپ پئي ايندي آهي.
مطلب: ۱. وڏتڻ تائين علم يا عقل نه سکڻ واري لاءِ، بعد ۾ سکڻ وغيره ۾ خواري آهي.
۲. گوسالهءِ ما پير شد و گاؤ نشد. (فارسي)
۳. گابو اسان جو پوڙهو ٿيو پر ڏاند نه ٿيو. (ترجمو)
18- اٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، لاهيءَ کي به لعنت. (پهاڪو)
۱. اٺ، هڪڙو ڊگهو ۽ بيڊولو وهٽ آهي. لاهيءَ چاڙهيءَ تان جڏهن لهندو چڙهندو آهي، تڏهن مٿس ويٺل سوار کي ڏاڍي اهنجائي محسوس ٿيندي آهي. خاص طور تي ٿر جي علائقي ۾، جتي اٺ جي سواريءَ کانسواءِ ٻي سواري ڏکي هلي. مجبورًا اٺ تي سواري ڪرڻي پوي. اتي جڏهن اٺ ڀٽن تان لھندو چڙھندو آھي، تڏھن سوار سک ۾ نه هوندو آهي.
۲. اٺ تان لھڻ ۽ چڙھڻ پڻ ڏکيو آھي. لھڻ لاءِ کيس ھشائبو آھي ته سوار اڳ-ڀرو ڪرڻ وارو ٿي پوندو آھي. ويٺل اٺ تي چڙھي، جڏھن کيس اٿاربو آھي، تڏھن پڻ سوار کي وري به مظبوطيءَ سان پاڻ سنڀالڻو پوندو آھي. ٻي ءَ صورت ۾ ھيٺ وڃي ڦھڪو ڪندو.
مطلب: ۱. لوٺئي ماڻهوءَ جي دوستي توڙي دشمني، اٺ جي لاهيءَ چاڙهيءَ وانگي، دکدائڪ آهن.
19- اٺ جي چوري، پکي ۾ ڇا لڪندي؟ (پهاڪو)
اٺ جي چوري: اٺ بذات خود چوري ڪرڻ. اٺ جيتري مقدار ۾ چوري ڪرڻ.
پکي ۾: تمام ننڍي جاءِ ۾، تنبوءَ ۾.
اٺ تمام وڏو ۽ بيڊؤلو جانور آهي. هڪ هنڌ ويهڻ ۾ کيس مزو ئي نه ايندو آهي. هل هلان سان سندس واسطو آهي. زوريءَ ٻڌي، هڪ هنڌ ويهاربس ته به پيو رڙندو، گجندو ۽ گوڙيون ڪندو. تنهن کي جيڪڏهن پکي/ تنبوءَ ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪبي ته فضول ويندي. ڇو جو عادتًا منجهس ويندو ڪو نه. ڪُٽڻ سان اندر ويندو ته هشندو ڪو نه. هشائي ويهاربس ته به پيو رنڀندو ۽ گاهه وغيره نه چرندو. کيس جنجهڻ ۽ اڪڙ، ليون ۽ لاڻا کائڻ لاءِ کپن، جيڪي پکي ۾ پورا نه پوندا. جلد سندس ٻاٻور ٻاهر پهچي ويندي.
چوريءَ کي ٿمائڻ لاءِ اهڙي جاءِ کپي، جتان ٻاڦ به ٻاهر نه وڃي. پکو تمام ننڍي جاءِ آهي ۽ اٺ جي چوريءَ کي ٿمائڻ لاءِ نامناسب آهي.
اھڙيءَ طرح تمام وڏو ڌاڙو، پڻ لڪي ڪين سگھندو آھي.
مطلب: ۱. جيڪا ڳالهه، پڌري ۽ گهڻن ڪنن تي پيل هوندي، سا ڪيئن ڪير دٻائي سگهندو.
۲. نهانِ که ماند آن رازي کز او سازند محفلها. (فارسي)
۳. اهو ڳجهه ڪٿان رهندو، جنهن جو تذڪرو محفلن ۾ ڳائي وڄائي ڪجي. (ترجمو)
20- اٺ جي وات ۾ زيرو. (ورجيس)
زيرو يا جيرو: سرهجيريءَ وانگر، سرهو ۽ سنهن داڻن تي مشتمل وکر، جيڪو پلاءَ وغيره ۾ پوي. ويايل عورتون پڻ، منجهانئس ڦڪي ٺهرائي کائين.
اٺ، قد-آور جانور آهي. سندس ڄنگهون ڊگهيون، پيٽ وڏو، جنهن ۾ ستن ڏينهن جو پاڻي لڪائي هلي. صحرا ۽ بر-پٽ ۾ ست ڏينهن کاڌ خوراڪ نه مليس ته به هلندو رهي. ڳچي پڻ ڊگهي اٿس، جنهن جي مدد سان وڏي وات ذريعي ليون، لاڻا ۽ ٿوهر چڪي کائي. ان جي وات ۾ جِيري جا سنهڙا داڻا ايندا ئي نه. کائڻ جي ڪوشش ڪندو ته چپن ۾ ئي اٽڪيل هوندس. ڏندن ۽ نڙيءَ تائين رسندس ئي نه.
مطلب: ۱. بلڪل تمام ٿوري شيءِ لاءِ، ائين مثال ڏيڻ ۾ ايندو آهي.
۲. سير ان جي کائڪ لاءِ، دڪو ان جو تمام ٿورو آهي.
۳. پاءُ اٽي جو، هاٿيءَ جي هوڙ کي به نه لڳندو.
۴. ڀيٽيو: اٽي ۾ لوڻ.
21- اٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، کنڊ وجهه ته به رڙي. (پهاڪو)
رڙي: رڙندو وتي، رڙيون ڪري، رنڀي، رنڀندو وتي.
اٺ وڏو قدآور ۽ بار ڍوئڻ جي لحاظ کان مضبوط وھٽ آهي. تڏهن به مٿس جيڪڏهن بار لڏبو ته به بيٺو رڙندو پر جيڪڏهن لاهبس ته به فطرتًا پيو رنڀندو. لوڻ وات ۾ وجهبس ته به پيو رڙندو ۽ جيڪڏهن کنڊ وجهبس ته به عادتًا پيو گوڙيون ڏيندو. پنهنجي انهيءَ جبلتي ڪيفيت جو مظاهرو پتڻ تي، ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ وقت وڏو ڪندو آهي. جيستائين باقاعدي ڪٽڪو نه کائي، تيستائين شرافت سان ٻيڙيءَ ۾ اصل نه چڙهي. اٺ ويچارو هر معاملي ۾، رنڀڻ ۽ رڙڻ لاءِ، عادت کان مجبور آهي.
مطلب: ۱. بڇڙي سان چڱائي ۽ سٺائي، هڪجهڙيون آهن.
۲. اٺ جي وات ۾ لوڻ وجهبو ته به کيس سواد نه ايندو، کنڊ وجهبس ته به کيس مٺاس نه ايندو.
۳. لچ سان دشمني رک ته به نقصان، سنگت رک ته ويتر نقصان.
۴. لچ سان سنگت ۽ ڪتي سان ياري هڪجهڙا آهن، ڪتو خوش ٿئي ته منهن چٽي ۽ ڏمرجي ته ڏهڙي/ ڄنگهون پٽي.
۵. سمن! پريت سُوانَ ڪي، دونون باتين دُکُ؛
کيجي ته ڪاٽي پائون، ريجهي ته چاٽي مُک. (هندي)
۶. سمن! ڪتي جي ياريءَ سان، ٻن طرحن جو ڏک آهي،
ڏمرجي ته ڏهڙي پير، ريجهي ته لڪي ٻوٿ. (ارٿ)
22- اٺ چڙهئي کي به ڪڏهن نانگ کاڌو؟ (پهاڪو)
اٺ قد ۾ ڊگھو جانور آهي. سندس پٺيءَ تي ويهڻ وارو، چاھي ته وڻن جي چوٽين ۾ هٿ وجهي سگھي. ان جي ڀيٽ ۾ نانگ، زمين تي پيٽ ڀر ريڙهيون پائيندڙ موذي ڪک/ جيت آهي. اهو جيڪڏهن ڪنهن کي ڏنگ هڻڻ چاهي ته ڦڻ ڪڍڻ واري مفاصلي تي مٿڀرو، جيڪو هٿ کن مس ٿيندو، هڻي سگهندو. ان کان مٿي نه هڻي سگهندو. ڇو جو نانگ اتانهين جاءِ تي سڌو چڙهي نه سگهندو آهي. کٽ تي به نه چڙهي سگهندو آهي. جيڪو اٺ تي چڙهيو ويٺو آهي، تنهنجا لڙڪندڙ پير به اٺ جي پيٽ تي مس ايندا. ان کان به هيٺ نه لڙڪندا آهن. ان کي نانگ اتي کائي ئي نه ٿو سگهي.
جيڪڏهن اٺ تي چڙهيل، نانگ کائڻ جي دعويٰ ڪري ته ڪوڙي مڃبي.
مطلب: ۱. اعتبار ۾ نه اچڻ جهڙي ڳالهه ڪندڙ لاءِ ائين مثال ڏبو آهي.
۲. محفوظ جاءِ تي ويٺل ماڻهو، نقصان جي ڳالهه ڪري ته عجب لڳندو.
۳. جيڪو ماڻهو ٻيا سڀ آسرا ڇڏي ڌڻيءَ جي آسري تي رهندو، تنهن کي دنيا جي ڌنڌن مان ڪهڙو ڊپ.
۴. شنگهه سرن ڪت جائيئي، جو جنپڪ گراسي؟ (هندي، سڌني ڀڳت)
۵. شينهن جي سام ڇو وڃجي، جتي گدڙ کائي؟ (ارٿ)
23- اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو،
مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. (چوڻي)
لاڻو: جهنگلي خود-رو ٻوٽو، جيڪو اٺ لاءِ مرغوب غذا آهي.
ماڻو: نخرو، ناز.
داڻو؛ جَوَ وغيره. جيڪي گهوڙي لاءِ دلپسند خوراڪ آهن.
ناڻو: دولت، ڌن، پئسو.
۱. اٺ سائو گاهه وغيره اهڙي چاهه سان نه کائي جهڙي سان، اڪڙ ۽ جنجهڻ، لئيون ۽ لاڻا کائي. جڏهن ته اهي ٻوٽا ٻين جانورن کي ايترو نه وڻن جيترو اٺ کي وڻن. سندس وات ۽ پيٽ پڻ وڏا آهن، جن کي ڀرڻ لاءِ اهڙا اڻانگا گاھ کيس خوراڪ طور مرغوب آهن.
۲. گهوڙي کي ڊوڙڻ لاءِ سَگهه واڌو کپي. واڌو سگهه لاءِ کيس خوراڪ گهرجي. سندس محبوب ۽ سگهه پيدا ڪندڙ خوراڪ؛ داڻو آهي. جيستائين کيس داڻو ملندو رهندو، تيستائين مستيءَ ۾ رهندو ۽ پٽ تي ڇڏڻ سان گهڻو ڊوڙندو.
۳. مرد به گهر ۾ ويهي رهڻ لاءِ پيدا نه ٿيو آهي، بلڪ گهران ٻاهر نڪري ڪمائڻ خرچڻ لاءِ آيو آهي. اهو جيستائين ڌن دولت هٿ ۾ کڻي سيڙائيندو نه، ته ڪمائيندو به نه. جيڪڏهن ڪمائي نه ايندو ته، نه گهر جو ڪاروبار هلندو ۽ نه ئي گهر وارن کي وڻندو.
۴. محبوب جي سونهن کي وڌائڻ واري شيءِ، سندس ماڻا آهن. حسن سان رعنائي يا ناز نخرو شامل نه هوندو ته محبوب پنهنجي محبوبيت واري خوبي ضايع ڪري ڇڏيندو. ابجد جي حساب سان ناز جو انگ به اهو آهي ته محبوب جو پڻ.
محبوب اکر م ح ب و ب ڪل تعداد
ابجد/ انگ ۴۰ ۸ ۲ ۶ ۲ ۵۸
ناز اکر ن ۱ ز
ابجد/ انگ ۵۰ ۱ ۷ ۵۸
مطلب: ۱. اٺ ۽ گهوڙي، مرد ۽ محبوب کي، مرغوب ۽ سگهه بخشيندڙ، لاڻو ۽ داڻو، ناڻو ۽ ماڻو آهن.
24- اڄاڻ کي جهڙي مصري، تهڙي ڦٽڪي. (پهاڪي)
مصري: کنڊ جي چاش مان جڙي.
ڦٽڪي: ڌرتيءَ مان لڀندڙ عنصر، Alum
ڦٽڪيءَ ۽ مصريءَ جي ظاهري ڏيک واري ساخت، لڳ ڀڳ هڪ جهڙي آهي. جنهن اڄاڻ ٻنهي کي چکيو ناهي، سو ڏسڻ يا ھٿ لائڻ سان ٻنهي ۾ فرق مشڪل سان ڪري سگهندو.
دنيا جا ڪيترا ئي معاملا اهڙا آهن جن ۾ ظاهري طرح هڪجهڙائي هوندي آهي پر جڏهن گهرائيءَ ۾ وڃبو آهي تڏهن منجهن وڏا تضاد نظر ايندا آهن. اهي تضاد ان کي معلوم ٿيندا، جنهن وٽ ڏانءُ ۽ ڏاهپ هوندي. اڻ ڄاڻ ۽ انڌو ماڻهو، ظاهري شڪل ڏسي، ٻنهي جي هڪجهڙائيءَ تي ڳتِ ڏئي بيهي رهندو ۽ معاملي کي اڃا انتهائي بري نموني سان گنجرائي ڇڏيندو.
مطلب: ۱. جاهل ماڻهو ڪنهن به معاملي جي تهه تائين نه پهچي سگهندو آهي.
۲. اَن جانت ڪو، پارداس! مصري ڦٽڪي ايڪ. (هندي).
۳. اڻ ڄاڻ لاءِ، اي پارداس! مصري ۽ ڦٽڪي هڪ آهن. (ارٿ).
۴. اڻ ڄاڻ لاءِ جهڙو بُٺي تهڙو بهرام. (بُٺي ۽ بهرام، تعلقي ميرو خان ۾ ڳوٺن جا نالا.)
۵. علم کان سواءِ، ماڻهو انڌي جي آچار آهي. سندس آڏو اکر ۽ ماڪوڙن جون ٽنگون، برابر آهن.
25- اڃا مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رڇ. (ورجيس)
رَڇُ: کير ڏهڻ لاءِ باسڻ، گھاگھر، ساڙھي.
جڏهن مينهون جهنگ مان چري اچن، تڏهن سڀ ڪو باسڻ ڌوئي کير ڏهي. اڳواٽ باسڻ ڌوئڻ، اڳ-ڪٿيو ڪم ڪرڻ آهي. سا ڳالهه سياڻن کي نه وڻندي آهي. ڇو جو مينهن جي موٽڻ تائين، ٿانءُ ميرو به ٿي سگهي ٿو يا جهنگ مان مينهون ڌاپي يا ڏڀي به اچي سگهن ٿيون. ٻنهي صورتن ۾ باسڻ ڌوئڻ جي مشق فضول ٿيندي.
مطلب: ۱. پاڻيءَ کان اڳي، ڪپڙا نه لاهجن.
۲. مينهون جهنگ ۾ هئڻ، هيڏانهن رڇ ڌوئي رکڻ. (ورجيس).
۳. ڀيٽيو: ڪنگر ۾ ڪڪڙا، چي؛ “پڙي جي مبارڪ.”
26- اڌارو ڏجي تنهن کي، جنهن کان گهرجي نه،
اڌارو وٺجي تنهن کان، جيڪو گهري نه. (چوڻي).
اڌارو ڏيئي نه گهرڻ ۽ اڌارو وٺي، گهرڻ لاءِ مجبور نه ڪرڻ؛ ٻئي عجب جهڙيون ڳالهيون آهن. تنهنڪري پهرينءَ سٽ ته ڪنهن کي اوڌر نه ڏجي. جيڪڏهن ڏجي ته اهڙي سُپتيئي کي ڏجي، جيڪو گهرڻ ڌاران پهچائي. وٺڻ مهل اهڙي ڍاول کان وٺجي، جيڪو گهرڻ مهل ڏک نه ڏئي. اهو به آهي ته کيس پاڻ اونو رکي پهچائجي. اهڙيءَ صورت ۾، ڌرين کي گهرڻ جو ضرور ڪٿان رهندو؟
مطلب: ۱. اوڌر، سپتيئي کي ڏجي ۽ ڍاول کان وٺجي.
۲. وس ويندي نه اوڌر ڏجي نه وٺجي. جيڪڏهن وٺڻي به پوي ته پوءِ-ڍائي کان نه وٺجي. ڏيڻي پوي ته سهائي ڏجي.
۳. اوڌر محبت جي قئنچي آهي.
۴. قرض، مرض آهي.
27- اڌ ڇڏي جو سڄيءَ پٺيان ڊوڙي، تنهن جو اڌ به وڃي. (پهاڪو)
هڪڙي ڪتي کي گوشت جو ٽڪر هٿ آيو، سو وات ۾ وجهي وٺي ڀڳو ته جيئن ٻيو ڪتو ڏسي متان جهپڙي وجهي. جيئن ئي ڀڄندو پئي ويو ته آڏو ننڍي نهر اچي وئي، جيڪا ٽپڻي پيس پئي. جڏهن منجهس گهڙيو ته پاڻيءَ ۾ پنهنجو عڪس نظر آيس. عڪس جي وات ۾ گوشت جو ٽڪر پڻ هيو. عڪس کي ٻيو ڪتو ۽ سندس وات ۾ پيل گوشت جي ٽڪري کي ٻيو گوشت سمجهي، کانئس ڦرڻ جو خيال ڪيائين. خيال ايندي ئي جيئن وات ڦاڙي مٿس جلهه ڪيائين، تيئن وات وارو گوشت جو ٽڪرو به پاڻيءَ ۾ لڙهي ويس.
۲. ماڻهوءَ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شيءِ جي ڳولها ۾ حالات اهڙا اچي بيهندا آهن، جتي کيس ٻن ڳالهين مان هڪ جو انتخاب ڪرڻو هوندو آهي. يا ته نقد جا نَو وٺي يا اوڌر رکائي پوءِ سَوَ وٺي. ڪي ماڻهو لالچ ڪري اوڌر کي پسند ڪندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن اها اوڌر رڳو زبان تي ۽ ڪاڳرن ۾ ئي رهجي ويندي آهي، باقي ملڻ لاءِ هڪڙو رپيو به نه ملندو آهي. ان صورت ۾ نقد وارا نَوَ رپيا، وري به نَوَ رپيا هيا.
مطلب: ۱. لالچ ۾ اچي، ٿورو ڇڏي گهڻي جي پٺيان ڊوڙبو ته ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
۲. انسان کي قناعت ڪرڻ گهرجي ۽ ڌڻيءَ جي ڏنل ٿوري تي راضي رهڻ گهرجي. شيطان جي دلبي ۾ اچي گهڻي جي پٺيان نه لڳجي.
۳. جيڪي گهڻي جي پٺيان ويا، سي موٽيا ئي ڪو نه.
۴. اڌ کي ڇڏي جيڪو سڄيءَ پٺيان ڏوئي،
سو اڌ ته وڃائي پر سڄيءَ ڪاڻ به روئي.
28- استاد جي مار، سنوار آهي. (چوڻي).
استاد جيڪڏهن شاگرد کي مار ڏيندو ته رڳو سيکارڻ لاءِ. ان کان سواءِ ٻي سندس ڪا لالچ نه ھوندي آھي. تنهنڪري سندس مار کان لنوائڻ نه کپي. نه ئي استاد جي انھيءَ عمل کي شڪ جي نگاھ سان ڏسي، استاد تي ارھو ٿجي. ڏٺو اھو ويو آھي ته دنيا ۾ اڪثر اھي ماڻھو ڪامياب ويا آھن جن جا استاد سخت ھيا ۽ کين غلط ڪم تي مار ڏنائون. جيڪڏھن اھي استاد مٿن سختي نه ڪن ھا ته شاگرد بجاءِ سڌرڻ جي اڌري وڃن ھا ۽ دنيا ۾ نالو روشن ڪرڻ بجاءِ پنھنجي ۽ استاد جي ناموس کي ٻوڙين ھا. ھونئن به فائدي واري دوا، گهڻو تڻو ڪؤڙي ٿيندي آهي.
مطلب: ۱. استاد ۽ والدين، چڱائي چوڻ تتئون مار ڪڍندا آهن. بري نيت سان مار نه ڏيندا آهن.
۲. بادشاهي پسر بمڪتب داد،
لوح سيمينش در ڪنار نهاد،
بر سر لوح او نوشت به زر،
جور استاد بہ ز مهر پدر. (فارسي).
۳. راجا پنهنجو پٽ، اسڪول ۾ ڏنو،
رُوپي فرحي کيس ڪڇ ۾ ڪري ڏنائين،
فرحيءَ تي سون سان ڏنائينس لکي؛
“استاد جي سختي، پيءُ جي شفقت کان آهه سٺي.” (ترجمو)
29- اڪن کان انب گهرڻ: ٻٻرن کان ٻير گهرڻ. (اصطلاح)
۱. اڪ هڪڙو جهنگلي ۽ خود-رو ٻوٽو آهي. ڪارائتو ته آهي پر منجهس انب نه ٿيندا آهن. انبڙين جي شڪل جهڙا، اڪ-ٽٽڙا ٿيندا آهن. ڀڃڻ سان، منجھانئن بوءِ وارا تاندورا نڪرندا آهن. جڏهن اڪ-ٽٽڙا، پوريءَ طرح پچي ويندا آهن ته پاڻ-مرادو ڦاٽي پوندا آهن. منجهانئن ڦُٽين جي ڪڪڙن وانگر، بوجرا ٻج نڪرندا آهن، جيڪي هوا تي اڏامي ويندا آهن. انهن کي جيڪڏهن ڪير انب سمجهي، اڪ جي خدمت ڪندو؛ پاڻي پياريندس ۽ ڀاڻ ڏيندس ته اها سندس بيوقوفي چئبي.
۲. ٻٻر، ڪنڊن وارو وڻ آهي. سندس پلڙا ۽ ٽاري، ٻڪريون کائين. ڪاٺي به ڪارائتي اٿس پر منجهس پهرين گول ڦلي ٿيندي آهي، جيڪا شڪل ۾ هوبهو پڪل ٻير وانگر هوندي آهي. جيڪڏهن هڪڙو عقل جو کٽل ان کي ٻير سمجهي، ان جي پچڻ جي آس رکندو، سا سندس ڀُل آهي. ڇو جو پچڻ کان پوءِ، ڦُليءَ جون سنهيون تندون هوا ۾ وکري وينديون آهن ۽ ڏانڊيءَ ۾ سنهي نٿور وڃي بچندي آهي. منجھانئس ٻير ملڻ جي اميد رکڻ اجائي آھي.
مطلب: ۱. اڪ کان انب ۽ ٻٻر کان ٻير گهرڻ؛ ڏاند ڏهڻ برابر آهي.
۲. جيڪو ماڻھو بڇڙا ڪم ڪري، ڦل چڱو گهرندو، تنهن کي ڇا حاصل ٿيندو؟
۳. ڪري برائي، سک چاهي، ڪيسي پاوي ڪوءِ،
روپي پيڙ ببول ڪو، انب ڪهان تي هوءِ؟ (هندي).
۴. بڇڙائي ڪري سک گهرندو، سو ڪٿان لهندو،
ٻٻر جي وڻ پوکڻ مان، انب ڪٿان ٿيندو؟ (ارٿ)
30- اُکرين ۾ مٿا جي وجهن، مُهرين کان سي نه ڊڄن. (پهاڪو)
اکري: ڪاٺ يا ٺڪر جي پَوري شيءِ، جنهن ۾ اَنّ ڇڙهجي.
مهري: ڪاٺ جي، ٻن مٿن سان، ڊگهي شيءِ جنهن سان اکريءَ ۾ پيل ان ڪُٽجي.
اَنّ، اُکريءَ ۾ پوڻ کان پوءِ، مُهريءَ جي ڌڪن کان نه ڊڄندو آهي ۽ نه ئي ڀڄندو ڀرندو آهي. ڇو جو اکريءَ ۽ مھريءَ جي ساخت اھڙي ھوندي آھي جو منجھس پيل ان کي ڪيڏو به زور سان ڌڪ ھڻجن ته اٽو نه ٿيندو. البته منجھس پيل ڀتر ئي ڀُرندا آھن. اهڙيءَ طرح ڪي مانجهي مڙس، ڏکئي ڪم ۾ هٿ وجهندا آهن ته پوءِ تڪليف ڏسي پويان پير نه ڪندا آهن.
مطلب: ۱. هرڻ جي شڪار ڪرڻ وارو، اس ۽ اڃ کان نه ڊڄندو آهي.
۲. مڇي مارڻ واري کي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ جو خوف نه هوندو آهي.
۳. راجا کي جنگ جوٽڻ کان پوءِ ڊڄڻ نه گهرجي. ڊڳو ته ملڪ پرائو ٿيو.
۴. ڌڻيءَ جو ڳولو، زماني جي ڏک ڏاکڙي کان ڊڄندو ته مطلوب کي ڪٿان پهچندو؟
۵. فدائي نه دارد ز مقصود چنگ،
اگر بر سرش تيغ بارند و سنگ. (فارسي).
۶. عاشق پنهنجي گهربل کان هٿ نه ڪڍن،
توڙي مٿن تراريون يا پٿر وسن. (ترجمو).
31- اڳياڙي تڏهن سرهي، جڏهن پڇاڙي سرهي. (پهاڪو)
دوستيءَ جا مرحلا ٻه آهن؛ هڪڙو دوستي رکڻ، ٻيو توڙ تائين نڀائڻ. دوستي رکڻ سولي آهي، نڀائڻ ڏکي آهي. تنهنڪري دوستي رکڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪجي، پوءِ دوستي رکجي. جڏهن رکجي ته توڙ تائين نباھجي. اڌ ۾، دوست يار کان ڪنڌ ڪڍائي، ڌڪ نه پٽجي. ان منجهه وڏي خواري ٿئي ٿي. انهيءَ کان ته دوستي نه رکڻ بهتر آھي. رکڻ ان صورت ۾ بهتر ٿيو، جنهن صورت ۾ توڙ تائين نباهيو ويو. ٻي صورت ۾ دوستيءَ جي شروعات ڪرڻ ئي غلطي هئي.
مطلب: ۱. اڳياڙيءَ ۾ ٻلهار ٻلهار وڃي دوستي رکبي ۽ نباهڻ مهل ڪُلال، لال جي ابتڙ، ٿبو ته اڳياڙيءَ واري چڱ-مڙسي ۽ منجهس ڪيل احسان ۽ ٿورا، سمورا رائيگان هليا ويندا.
۲. دوستي اها رکڻ ڀلي، جيڪا توڙ تائين نباهجي.
۳. پريت ڪري پاڇي ڦري، پاپي ڪهيئي سو،
ناڌا نينهن نه ڇوڙيئي، جا هوئي سا هو. (هندي، ناڌا؛ شاعر جو نالو).
۴. دوستي رکي پوءِ جو ڦري، پاپي سڏائي سو،
ناڌا! سنگت نه ڇڏجي، جيڪو ٿيڻو آهي ڀلي ٿئي سو. (ارٿ)
۵. That is well, which ends well.
32- اڳي به اَنُّ هيو، پوءِ به ٿيو اَنُّ،
ڪانو ۽ پَنُ، ويو وچئون نڪري. (پهاڪو)
کائڻ لاءِ اَنّ، ڪڻڪ يا جوئر يا ٻاجهري وغيره جو، استعمال ٿئي ٿو. داڻي جي صورت ۾ کيس پهرين ٻج طور زمين ۾ ڇٽجي ٿو. ان بعد منجهانئس سلو اڀري ٿو. اسرڻ پڄاڻان، سنگ جهلي ٿو. نسرڻ پڄاڻان سنگن جو ان، پچي پڪو ٿئي ٿو. جنهن کان پوءِ فصل ۾ لابارو پوي ٿو. لاب کان پوءِ ول ڍُڪي کري ۾ پهچي ٿي، جتي ڳاهه ڳاهي، سنگن کي ڀورجي ٿو. داڻن کي تُهن کان الڳ ڪرڻ لاءِ، سڻائي واءَ تي، وائرجي ٿو. اَنُ اڇو ڪري، گهر جون گنديون ۽ پليون ڀري رکجن ٿيون.
پوکڻ کان اڳي به انُّ هيو. پوکيءَ جي سموري مرحلي مان نڪرڻ پڄاڻان به انُ ئي، گهربل صورت ۾ باقي گهر پهچي ٿو. جڏهن ته پوکيءَ دوران ڄاول ول، پن ۽ ڪانا وغيره پڻ ميسر اچن ٿا، پر اهي مال متاع کي ڏئي، زيان ٿيڻ کان بچائجن ٿا.
مطلب: ۱. ڍور کي ڪهڻ جو مقصد آهي گوشت حاصل ڪرڻ. چمڙو ۽ هڏا پڻ ملن ٿا، جيڪي ٻئي مصرف ۾ ڪتب آڻجن ٿا. چمڙي مان بوٽ وغيره جوڙجن ٿا ۽ هڏا ڪتن کي وات بند ڪرڻ لاءِ ٻوٿ ۾ هڻجن ٿا.
۲. انسان اڳي به روح جي صورت ۾ هيو ۽ ويندو به روح جي صورت ۾. هتي مليل خاڪي پتلو ۽ اختيار ڪيل ڌنڌا ڌاڙيون، ڌرتيءَ تي ڌوڙ پيا پائيندا. بهتري انهيءَ ۾ آهي ته جهڙي پاڪ روح سان آيو آهي، تهڙي پاڪ روح سان وڃي. خبيث روح سان ويندو ته اها سندس لاءِ وڏي برائي آهي.
۳. اي برادر چو عاقبت خاک است،
خاک شو پيش زان که خاک شوي. (فارسي)
۴. اي ادا! جڏهن نيٺ مٽي ٿيڻو آهي،
تڏهن مٽي ٿيڻ کان اڳ، مٽي ٿي رهه. (ترجمو).
33- اڳين پاڻي، پوين چڪ. (پهاڪو)
پاڻي پيئڻ واري تلاءَ تي جيڪڏهن جنگ يا جهنگ مان موٽندڙ لشڪر يا ڌڻ اچي ٽٽندو ته جلدي کيس کٽائي وجهندو. کٽڻ جي صورت ۾ جيڪي ماڻهو يا جانور پهرين پهچندا، سي ته مٿيون ۽ آڇريل ۽ صاف پاڻي پيئندا. پي ڍائجڻ کان پوءِ، کيس لڙياٺو ڪندا ۽ لِڏيون لاهيندس، جنهن سان پاڻيءَ ۾ پليدي ۽ ميراڻ جو تعداد وڌڻ لڳندو. نتيجي طور پويان ايندڙ لشڪر يا ڌڻ کي خراب کان خراب پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو. آخر ۾ آيل ته اڃا به چِڪ ۾ ٻوٿ اچي هڻندا. چِڪ مٿان ڪني پاڻيءَ جي چئاڪن کي چٽي ڄڀ آلي ڪندا ۽ خشڪ نڙيءَ کي نرم ڪندا.
مطلب: ۱. اڳي، سو تڳي. جيڪو سستي ڪري ۽ ڍرو ٿئي سو بک مري.
۲. هر ڪم ۾ ڦڙتائيءَ جو سعيو ۽ اڳرائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. آرس ۽ سستيءَ کان ڀڄي پاسو ڪجي.
۳. که آفتها ست در تاخير، طالب را زيان دارد. (فارسي).
۴. دير ۾ مصيبتون آهن، ڳوليندڙ کي ڇيهو رسائين ٿيون. (ترجمو)
۵. نيڪيءَ جي ڪم ۾ دير نه ڪجي.
۶. نيڪي اور پوڇ پوڇ؟
34- اگهه کٽيو کائجي، وَٽَ کٽيو نه کائجي. (چوڻي).
اگهه کٽيو کائڻ: جائز منافعو رکي ڪمائڻ.
وَٽَ کٽيو کائڻ: تور ماپ ۾ ٺڳي ڪري ڪمائڻ.
واپار، روزگار طور ۽ ڪمائڻ خاطر ڪيو ويندو آهي. هڪ هنڌان ضرورت واريون شيون خريد ڪبيون آهن ۽ ٻئي هنڌ تي وڃي کپائبيون آهن. انهيءَ خريد ۽ فروخت ۾ جان ۽ مال، وقت ۽ پئسو سيڙائجي ٿو. جنهن ڪري مٿانئن جائز منافعو وٺڻ، هر هڪ واپاريءَ جو حق آهي. وڌيڪ منافعي ڪمائڻ جا هيٺ ڄاڻايل ٻه طريقا آهن.
۱. شيءِ وٺڻ وقت چٻي چٿي، اگهه ۾ لاهو گاهو ڪري، سستي وٺڻ. عام بازار کان اگهه، واجبي طور، گهٽ ڪرائي شيءِ وٺڻ. يا اتان وٺڻ جتان ٻين هنڌن جي ڀيٽ ۾ سستي ۽ سٺي ملي. پوءِ ان هنڌ تي اچي کپائڻ جتي گهڻي واهپي ۾ آهي ۽ دل گهريئي اگهه تي، اڻ ڳالهايو مُلهه ملي. انھيءَ طريقي سان وڌيڪ منافعو وٺڻ/ کائڻ ڪنهن طرح سان واجبي پڻ آهي.
۲. شيءِ وٺڻ وقت ماپ تور ۾ ٺڳي ڪرڻ؛ هجي گهڻي، تور ٿوري بيهارڻ يا هجي سٺي پر گلا ڪري اگهه مارڻ. وري کپائڻ اتي جتي جاھل گهڻا هجن. تورڻ مهل، ڀيڏي هڻي تور وڌائي بيهارڻ. هجي شيءِ ڪني پر اگهه وڏو وٺڻ ۽ شيءِ جا عيب صواب به خريدار آڏو لڪائڻ. اهڙي طريقي جو واڌو منافعو نقصانڪار آھي. قدرت طرفان منجهس اهڙيون ٽوٽيون پونديون جو ماڻهو پورو ئي نه پوندو. اهڙو منافعو هرگز نه کائجي.
مطلب: ۱. اگهه سهانگو ٻولي، ڪسي شيءِ کوٽي وٽ سان توري نه ڏجي.
۲. واپار ۾ ٺڳي ڪري نه کائجي. جائز منافعو، زبان سان گهري کائجي.
35- اگهه ۽ ڳڀ جي سُڌِ، الله کي. (پهاڪو)
۱. هر شيءِ جو اگهه، هڪ هنڌ بند ناهي. ڪڏهن سستي ته ڪڏهن مهانگي. ارزان ۽ جهجهي شيءِ ڄاپندي ته سندس کپت گهٽ ٿيندي. ڌڻي، نيڪال ڪرڻ لاءِ، گهٽ اگهه تي به نيڪال ڪندا. شيءِ گهٽ اُپندي ۽ کپت يا واهپو گهڻو هوندس ته ضرورتمند، چڱا پئسا يا ٻولي ڏئي به پيا اها خريد ڪندا. شيءِ جي اگهه جو گهٽ-وڌ ٿيڻ، سندس گهٽ-وڌ پيداوار ۽ گهٽ-وڌ کپت تي انحصار رکي ٿو. اها ترڪيب، هيٺ مٿي ڪرڻ جو اختيار به رب کي آهي ته اگهه جي گهٽ-وڌ ٿيڻ جي ڄاڻ به کيس آهي.
۲. نر ۽ مادي پاڻ ۾، فطري اصول تحت ملن ٿا. ماديءَ جي ڳڀيرڻ ۾ رهيل ڳڀ سنجرندو يا نه. سنجريو ته پوءِ نر هوندو يا مادي. ڏينهن پني دنيا ۾ ايندو يا اڳ پوءِ ايندو؟ اهي سموريون ڳالهيون الله جي مرضيءَ سان ٿين ٿيون ۽ ڄاڻ به کيس ئي آهي.
مطلب: ۱. ڪا به شيءِ الله ڪارساز کان ڳجهي ناهي.
۲. جيڪو ڪم ايندڙ وقت ۾ ٿيندو، ان جي ٿيڻ نه ٿيڻ ۽ وقت جي سُڌِ، الله کي آهي.
۳. کس را وقوف نيست، که انجام کار چيست. (فارسي).
۴. ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي ته ڪم جو اوڙڪ/ نتيجو ڇا نڪرندو. (ترجمو).
36- اَڱر ڄاڻن، لُهر ڄاڻي. (پهاڪو)
لوهر جو ڌنڌو لوهه جي ڌات منجهان اوزار جوڙڻ آهي. اوزار کي گهربل شڪل تڏهن آسانيءَ سان ملي سگهندي، جڏهن لوهه نرم هوندو. لوهه کي نرم ڪرڻ لاءِ باهه ۾ گرم ڪرڻو پوندو آهي. گرم گرم لوهه، سنداڻ تي جيئن پهچندو ويندو، تيئن وڏاڻن جي وٺُ-وٺان ۽ هڻُ-هڻان سان يڪدم منجهانئس گهربل شيءِ جو روپ جوڙي سگهجي ٿو.
لوهر کي لوهه تپائڻ لاءِ، اڱرن جي اشد ضرورت آهي. مٿس پئسا ڀري ٿو. جڏهن اهي سڙندا ته پوءِ باقي وڃي رک بچندي. سندن سڙڻ منجهان نڪتل باهه سان، لوهه تپائڻ وارو فائدو لوهر وٺندو ته پوءِ اڱرن جو ٻرڻ سجايو ٿيو. جيڪڏهن نه ورتائين ته، رک ٿيڻ جي صورت ۾، نقصان به سندس ٿيو.
جيڪڏهن هڪڙو لهر، اڱر پيو ٻاري ۽ منجهس لوهه گرم نه ڪري ته ٻئي جو منجهس ڇا؟ اڱر به سندس آهن ته لوهه به آھي سندس. پنهنجي اندرين معاملن کي پاڻ ٿو ڄاڻي.
مطلب: ۱. ٻين جي معاملن جي، سڄي صورتحال ڄاڻڻ ڌاران، خبر نه پوندي آهي. اڌ-گيدي خبر ملڻ تي سندن معاملن ۾ ٽنگ نه اڙائجي. هر ماڻهو پنهنجي معاملي ۾ ڄاڻ وارو ۽ هوشيار آهي.
۲. انسان جا سمورا معاملا، ڌڻيءَ جي ڄاڻ منجهه آهن. انسان جي پنهنجي سوچ کان گهڻو مٿي، رب پاڪ کي انهن منجهيل معاملن جي ڄاڻ آهي. تنهنڪري سمورا معاملا سندس سپرد ڪرڻ ۾ ئي عافيت آهي.
۳. ايءَ ڄاڻي ته اوءَ ڄاڻي، تون ٻئٺي اٽا تور.
۴. قاضي ڄاڻي ته قاضيءَ جي قيام ڄاڻي.
۵. ٺڪ ٺو ٺا، جليبي کاءُ، جرمن مئو تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟
37- انبان ٻور، ڪَلالان لاها. (پهاڪو)
انبان: انبن منجهه، انبن جو.
ٻور: انبڙين ٿيڻ کان پهرين ٻور ٿئي. ٻورجڻ.
ڪلالان: ڪلاڪن جو، شراب ٺاهي وڪڻندڙن جو.
لاها: لاهو، گهاٽو، نقصان.
انب جي وڻ منجھ، موسم جي شروعات ۾، ٻور جا وڏا ڇڳا لڳندا آهن. هر ڇڳي ۾ هزارن جي تعداد ۾ ٻور هوندو آهي. انهيءَ هزارن جي تعداد واري ٻوريل ڇڳي مان ڏهه ٻارنهن انبڙيون پيدا ٿينديون آهن، جيڪي پچڻ وقت باقي وڃي ٻه چار بچنديون آهن. باقي ٻور ۽ سنهيون انبڙيون، ھوا تي کَسَ ٿي ويندا آهن.
شراب وڪڻندڙ، گهُتي واري وٽ، شروع ۾ گراهڪ مهذب ۽ پئسا ڏئي وٺندڙ ايندا آهن. لڪي پيئڻ وارا، شائسته نموني ۾ وٺي هليا وڃڻ وارا. هلندي هلندي دلير پيئاڪ به پھچڻ شروع ٿي ويندا آھن ۽ ڪي گهاگهه به، دڪان جي خبر ٻڌي اچي سهڙندا آهن. پوءِ رڳو کڻت هوندي اٿن. پراڻا گراهڪ موٽائڻ به اهنجا. ڇو جو اهي سڃا به شراب جي ڪري ٿيا آهن ۽ شراب به هِن گهُتي واري کان ئي ورتو هوندائون. پوءِ بهانا ڪري جهيڙا به ڪندس. ويڙهه سيڙهه ۾ اوچي شراب جون بوتلون به ور ۾ وجهي کڻي ويندس ۽ پئسا به ڪسڪائي ڪسڪائي ڏيندس. ڏينهون ڏينهن دڪاندار ويندو مايوس ٿيندو ۽ ٽوٽ ۾ پوندو.
مطلب: ۱. شراب جي دڪان ۾ آخرڪار نقصان ايترو پوندو آهي، جيئن شروعات ۾ انبن منجهه ٻور هوندو آهي.
۲. غليظ ڌنڌي جي پڇاڙي، خراب.
۳. رنڊيءَ ۽ چور، ملهه ۽ فنڪار جي، پڇاڙي خراب.
38- انبن جون سڪون به ڪي انبڙين مان لهن؟ (پهاڪو)
انبڙي، انب ۾ شروعاتي طور ٻور مان سنجري ٿي، جنهن ۾ ککڙيءَ بجاءِ پتو هوندو آهي. ذائقي ۾ ڪچي ۽ کٽي هوندي آهي. کٽپ سبب سندس سواد به عجيب هوندو آهي. کٽاڻ ۽ چٽڻي ٺاهڻ لاءِ ڪتب ايندي آهي، جيڪا مانيءَ وغيره سان کائڻ ۾ مزو ڏيندي آهي ۽ ڳُنڌڻ/ ٻوڙ طور استعمال ٿيندي آهي.
انب، انبڙيءَ جي ٽپڪي کائڻ واري حالت کان پوءِ، پچڻ واري صورت کي چئبو آهي. منجهس مٺاس ۽ خوشبوءِ اچي ويندي آهي. رنگ پڻ خوبصورت ۽ پرڪشش ٿي پوندو اٿس. چانورن سان انب کائڻ ۾ ڏاڍو مزو ڏيندو آهي. چوندا آهن؛ انب ته چانور. ٻين مڙني ميون جي ڀيٽ ۾ انب جو سواد ئي نرالو آهي. اهڙي مٺي، سوادي ۽ ذائقيدار شيءِ جي سڪ، انبڙين جهڙي کٽي، ڪچي ۽ هُڏر شيءِ کائڻ سان ٿورو ئي لهندي.
مطلب: ۱. جيڪا آسيس پنهنجي وڏي پٽ مان اچي ٿي، سا پنهنجي پوٽي مان به نه ٿي اچي.
۲. جيڪو کائڻ جو مزو، ڪڻڪ مان جوڙيل سيري ۾ آهي، سو جَون مان جوڙيل ستُوئن ۾ ڪونهي.
۳. جنهن کي ڌڻيءَ جي عبادت مان چَسَ آئي هوندي، تنهن کي دنيا جا ڌنڌا ڪهڙا وڻندا؟
39- ان پلي، ذات ڀلي. (پهاڪو)
پلي، اَنّ رکڻ جي لاءِ گُندي، جيڪا ٻهراڙيءَ جا ماڻهو گهر جي اڱڻ تي پَڃرن ۽ ٽُوئن مان جوڙيندا آهن ۽ منجهس انُ سانڍيندا آهن. گهر ۾ پلي اهو ٺاهيندو، جنهن کي اَنّ گهڻو هوندو ۽ سنڀالي رکڻو هوندس. گهڻو اَنّ، وهيون-شاهوڪار هئڻ جي نشاني آهي. اڄڪلهه جي دؤر ۾ سڌريل ۽ اوچي ذات ان کي ئي ٿو تسليم ڪجي، جيڪو شاهوڪار آهي يا جنهن جي سرڪار ۾ گهڻي اٿا-ويٺي آهي.
مطلب: ۱. وهيون، اڻ پڇو مانَ وارو آهي، پوءِ ڀلي ڪهري به ذات هجيس.
۲. زر دار را به مجلس در تنگ جاءِ دهند،
بي زر گر چہ دور ولي دور تر کُُنند. (فارسي).
۳. دنيا دار کي سوڙهيءَ مجلس ۾ به ويهڻ لاءِ جاءِ ملي ٿي،
نرڌن/ سڃو پري هوندي به هيڪاري پري ڌِڪجي وڃي ٿو. (ترجمو)
۴. جنهن جي گهر ۾ اَنّ جا داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا.
۵. اَنّ کي به وڏي مستي ۽ ڏيا آهي. جنهن وٽ هجي، تنهن کي به سيکاري ڇڏي.
40- ان جو واپار، ھس مان ڇلو ۽ ڇلي مان هس ڪري. (پهاڪو)
هس: ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳرن مڻين وارو هار.
ڇلو: آڱر ۾ پائڻ جو هلڪو ڳهه.
ان جو اگهه ڪڏھن به هڪ- ڪرو نه رهيو آهي. جڏھن فصل سٺا ڄاپن ته ان سستو ٿي پوي. وري جي ڏڪر پوي ته ان اڻ لڀ ٿيو وڃي. مھانگو به نه ملي. گھڻو ۽ اڻ ميو لھي ته سؤ رپئين خرار به پيو ڪنو ٿئي. وري جي ٿورو لھي ته سؤ رپين ۾ مڻ به نه ملي.
ان جي اگهه ۾ اھڙي ڦير گهير سبب، واپارين کي فائدا به گھڻا پون ته نقصان به ڏاڍا پون. جڏھن فائدو پوين تڏھن ڄڻ، منڊيءَ جيترو ناڻو سيڙائي ھس جيترو ڪمائي وٺن. تنھن ۾ وڏو فائدو ٿئين.
جڏھن ٽوٽِ پوين، تڏھن ڄڻ ھس جي قيمت جيترو ڌن سيڙائي، منڊيءَ جيترو مُور مس موٽائين. انھيءَ ۾ ڄڻ کين وڏو نقصان رسي.
مطلب: ۱. انّ جي واپار ۾ واڌو ڀي وڏو ته گهاٽو به گهڻو.
۲. يا گنج بر گيري، يا در تلاطمِ امواج بميري. (فارسي).
۳. يا خزانو لهين، يا لهرن جي ڌڪاون ۾ مرين. (ترجمو)
41- اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا. (ورجيسي جملو)
اندر اڇو ڪرڻ: دل مان غير ڪڍڻ، نيت صاف رکڻ.
ڌاڳا ڌوئڻ: ڌاڳن مان جڙيل شيءِ صاف رکڻ.
ڪپڙو لٽو؛ ٽوپي، پوتي ۽ پٽڪو وغيره، اُگهڙ ڍڪڻ خاطر هر ڪو پائي ٿو. ظاهري طور تهذيب يافته، ٺيڪ ٺاڪ ۽ شاهوڪار نظر اچڻ لاءِ هر ڪو ڪپڙي لٽي کي صاف سٿرو رکڻ جو وس به ڪندو آهي. ان ۾ وڌيڪ ڪوشش/ سعيو پڙهيل لکيل طبقو ئي ڪندو آهي. ڪپڙي لٽي ۾ پڙهيل لکيل ۽ تهذيب يافته ماڻهو، اڻ پڙهيل يا جاهل کان نروار پڻ نظر ايندو آهي.
ڪي اڻ پڙهيا ۽ جاهل، پئسا هٿ اچڻ پڄاڻان، ديکا ديکيءَ ۾ اچي ڀلا ڪپڙا لٽا پائيندا آهن ۽ ڊرائي ڪلين ڪرائي پيا هلندا آهن ته جيئن عام ماڻهن جي نظرن ۾ پڙهيل لکيل، وڏي پهچ ۽ سوچ سمجهه وارا ليکيا وڃن. جڏهن ته وقت پوڻ تي اهڙي قسم جي اڇائي پڇائي کين ڪم اچڻ بجاءِ خوار ڪندي آهي.
اهڙيءَ طرح ديندار ماڻهن لاءِ پڻ آهي. سندن درويشي ۽ فقيري، نفس کي مارڻ ۽ سڌارڻ ۾ آهي ۽ نه ئي ڪپڙا لٽا گيڙوءَ-رتا ڪرڻ ۽ چادر اوڍڻ ۾ آهي. اهڙي قسم جي روش وقت پوڻ تي کين خوار پڻ ڪندي آهي.
مطلب: ۱. جيڪو ماڻهو، پنهنجو اندر ڪوڙ ۽ ڪُپت، ٺڳي ۽ دوکي کان پاڪ نه ڪندو، تنهن ڀلا لٽا پاتا ته به ڪير کيس چڱو نه چوندو.
۲. ظاهر سان گڏ، اندر به اجارجي.
۳. بر زبان الله الله، در زبان گاؤ و خر،
اين چنين تسبيح، که دارد اثر. (فارسي)
۴. زبان تي الله الله ۽ دل ۾ گڏهه ۽ گانءِ،
اهڙي قسم جو ذڪر، دل تي ڪندو ڪهڙو اثر؟ (ترجمو)
۵. اندر اڇو نه ڪرڻ، ڌاڳا ڌوئڻ. (ورجيس).
42- اندر ٻڏ ٻهون، ٻاهر آٽڻ ان جو. (ورجيس)
ٻڏ: لاڙ پاسي ٿيندڙ، هڪڙي گاهه جي پاڙ. ڏڪار وقت، مارو ماڻهو منجهانئس اٽو ڪري، ماني پچائي کائين.
ٻهون: گهڻي، ججهي.
آٽڻ: سڪو اٽو، جيڪو ڳوهيل اٽي جي چاڻي کي، ماني ويلڻ وقت هڻبو آهي ته جيئن اهو هٿن يا ويلڻ ۽ چڪري کي چنبڙي نه پوي.
ٻڏ جي اٽي جي چاڻي کي، ڪڻڪ جي اٽي جو آٽڻ مکبو آھي ته جيئن اٽي جي آلاڻ، ڦڪرائي حاصل ڪري ۽ کيس ويلڻ آسان ٿي پوي. ان سان اندرين ٻڏ جو سواد ڪين مٽبو آھي.
مطلب: ۱. ڪُلڇڻو ماڻهو، جيڪڏهن چڱو ويس پهريندو، ته به سندس عادت ڪين ڦرندي.
۲. از برون چون گورِ ظالم پُر حال،
اندرون قهر خدائي عز و جل (فارسي).
۳. ٻاهران ظالم جي قبر وانگي، ڪپڙن سان ڍڪيل،
اندران ڌڻي تعاليٰ عز و جل جي قھر ۾ ورتل. (ترجمو).
۴. اندر ٻڏ ٻھون ھئڻ، ٻاھر آٽڻ ان جو ھئڻ. (ورجيس)
۵. ڀيٽيو: اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا.
43- انڌا رکن روزا، تڏهن ڏينهن به ٿين وڏا. (پهاڪو)
انڌن جي روزي رکڻ سان، جائي ڏينهن وڏو نه ٿو ٿئي. اها اڻ-ٿيڻي ڳالهه آهي. انڌي کي روزي رکڻ ۽ ڇوڙڻ جي ٽائيم جي خبر نه پوندي آهي. اڳي پيو رکندو ۽ دير سان پيو ڇوڙيندو. جنهنڪري کيس ڏينهن وڏو پيو معلوم ٿيندو.
مطلب: ۱. نڀاڳو ماڻهو، جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو، سو جيڪڏهن سولو هوندو ته به اولو ٿي پوندو.
44- انڌ ڌنڌ نگري، چرٻٽ راجا،
ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا. (پهاڪو)
ڀاڄي: سبزي، سستي وکري، سائو ساڳ، جيڪو گهر جي ڀرسان پوک ته به عام جام ٿيو پوي.
کاڄا: مهانگو سڪل ميوو، جيڪو ڏورانهن علائقن ۾ ٿئي ۽ اتان ٻئي خشڪ ميوي (dry Fruit) سان گڏ وڪامڻ اچي.
هر شيءِ جو اگهه، سندس قدر، موجودگيءَ ۽ موچارگيءَ تي انحصار رکي ٿو. هڪڙي شيءِ ارزان ۽ هَڪي حاضر آهي ۽ عام واهپي ۾ گهٽ آهي ته قيمت گهٽ ٿيندس. ٻي شيءِ اڻ لڀ، ڳولئي نه لڀي ۽ گهرجي به سڀني کي ته پوءِ مهانگي ٿي ويندي. شيون پنهنجي قيمت ۾ بند ناهن. موتي لکن هزارن ۾ ملن ٿا. پاڻيءَ جو گلاس مفت ۾ مليو وڃي پر برپٽ ۽ صحرا ۾، اُڃيي ماڻهوءَ جو ساهه پاڻيءَ جي ڍڪ لاءِ ترسيل هجي، سو پاڻيءَ جي گلاس لاءِ موتين جي مُٺ ته ڇا پر جهول به ڀري ڏيندو.
جتي بيوقوف ۽ بي انصاف هجن، اتي شين جي اگهن جي ائين بي قدري ٿيندي آهي. سستي شيءِ جي اگهه ۾ ٻاهران آندل مهانگي شيءِ زوريءَ کڻڻ، ناانصافي ڪرڻ جي مترادف آهي. جنهن راڄ ۾ اهڙي لوٽ کسوٽ ۽ ڦرمار جي بازار گرم هجي ته پوءِ اتان ائين نڪرجي، جيئن گروءَ پنهنجي چيلي کي چيو هيو ته هتان جلدي نڪري جان ڇڏاءِ، متان پرائي ڏوهه ۾ پاڻ کي ڦاسي اچي وڃي.
مطلب: ۱. جنهن راڄ ۾ ڪُنِياءُ-ناانصافي هلي، تاتي لچ ۽ چڱي مڙس جو ڦير/ فرق ڪو نه رهندو.
۲. ڀاڄي ۽ کاڄا هڪ اگهه وڪامڻ، بي ويچارگيءَ جي حالت آهي.
۳. ڀلي بري جهان ايک سي، تهان نه بسيئي جاءِ،
جيون انياءَ پور ۾، بڪي کڙ ڳڙ ايڪي ڀاءِ. (هندي).
۴. جاتي چڱو ۽ مٺو هڪجهڙا هجن، تاتي نه رهجي،
جيئن ظلم پور ۾، کڙ ۽ ڳڙ هڪ اگهه وڪامن. (ارٿ).
۵. انڌ ڌنڌ نگري، چرٻٽ راجا،
نڪا ساهمي نڪو وٽ، ڏي به ٻڪ، وٺ به ٻڪ.
۶. ڀيٽيو: ڄڱر ۽ ڄار، اگهه مڙيئي هڪڙي.
45- انڌن آندو، ٻلن چٽيو. (پهاڪو)
انڌو ماڻهو، ڌونئري يا گيهه جهڙي شيءِ گهر ۾ آڻي رکندو ۽ گھر-ڀاتي نه ھئڻ جي صورت ۾ اگهاڙي رکندو يا سنڀال نه ڪندس ته پوءِ پڪ ڪتا ٻلا چٽي ويندس. تڏهن ڄاڻبو ته سندس ناڻو اجايو ويو.
مطلب: ۱. هڪڙو ٽرڙو ماڻهو، گهڻو ناڻو ڪمائڻ پڄاڻان، پڇاڙيءَ جي ڳڻتي نه ڪندو ۽ ٿوري ويرم ۾ اجايو خرچي وهندو ته پوءِ گهرج مهل ڏکيو ٿيندو.
۲. ابلہ کہ روز روشن شمع کافوري نهد،
زود بيني کہ بشب روغن نباشد در چراغ. (فارسي)
۳. جيڪڏهن اياڻو ڏينهن ڏٺي جو ڪافوري شمع ٻاريندو،
سگهو ڏسندينس جو رات جو ڏيئي ۾ تيل نه هوندس. (ترجمو).
46- انڌن جي وهانءِ؛ منڊا نچن، ٽنڊا پائن ڦيريون. (ورجيس)
۱. انڌا ماڻهو، وهانءُ تڏهن ڪندا، جڏهن کين ڪو رشتو ڏيندو. پاڻ ويچارا محتاج ۽ ڪمائڻ کان آذرت. پني کائن ۽ وقت گذارين. جيڪڏهن ڪنهن مائٽ مهرباني ڪين ته به شاديءَ ۾ ڪو ڪاڄ وغيره ته نه جوڙي سگهندا. نه ڀت ڪندا ۽ نه شادماني ڪرائي سگهندا. تنھنڪري سندن پرڻو به اڻ ٿيڻي ڳالھ آهي.
۲. منڊا، اڳي ئي ائين ٿا هلن، ڄڻ نچندا ٿا اچن. جڏھن ته نچڻ لاءِ پير به کڻڻا پوندا آهن. جيڪي ويچارا هلن ئي هڪ ٽنگ تي، سا به مٿي کڻن ته ڪيئن کڻن؟ تنهنڪري سندن نچڻ به ناممڪن ۽ بعيد از قياس آهي. اهو ڪم به اڻ ٿيڻو آهي.
۳. ڦيريون يا گُل-ڦيريون، ٻانهون کولي، هٿن ۽ آڱرين جي ترناوَن سان ڪيون وينديون آهن. ٽُنڊن جا هٿ اڳيئي ڦِريا پيا آهن، جيئن ڦيرين ڏيڻ ۾ ڦيرائبا آهن. سي اڃا ڪيئن ڦيرائين، جو اھي جهمرين وانگر نظر اچن. تنهنڪري سندن ڦيريون پائڻ به سمجهه ۾ نه اچڻ جهڙو ۽ اڻ-ٿيڻو ڪم آهي.
مطلب: ۱. اڻ ٿيڻي ڳالهه جي مٿان ٻي اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪرڻ واري کي، ائين مثال ڏيئي وات بند ڪرائبو آهي.
۲. جتي گهڻا بيوقوف، جاهل يا لچ گڏ ٿين، اتي ڪو به ڪم نه ٿيندو.
47- انڌن وڃي ملتان لڌو. (پهاڪو)
ملتان؛ سنڌ کان ٻه سؤ کن ڪوهه جي پنڌ تي آهي. جڏھن لاريون ۽ ريلون نه ھونديون هيون تڏھن، سڄي ماڻھوءَ لاءِ به اتي پھچڻ اڻائو ھيو. ڊگھا ۽ اڻانگا پنڌ، پيرين پنڌ يا وھٽن بنا ووڙڻ، آسان ڪم ناھي. اُتي، جيڪڏھن سنڌ جو انڌو سندرو ٻڌي پھچڻ جي ڪري ته جوکائتو ۽ اڻ-ٿيڻو ڪم آھي. جيئن ته بھاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جي درگاھ سان سنڌ جي ماڻھن جي عقيدت گھڻي رھي آھي ۽ اتي وڃڻ، پڻ ضروري سمجھندا ھيا. تنھنڪري کين اھي اڻاوا پنڌ ۽ ڏاکڙا، ڏسڻ ۾ ئي نه ايندا ھيا. سڄا ته سڄا پر اکين کان انڌا/ نابين به، پنھنجي پيرن جي زور تي، پنڌَ پڇائيندا پڇائيندا وڃي اتي نڪرندا ھيا.
مطلب: ۱. جيڪو مرشد يا استاد کان پڇي، ڏَسَ وٺندو، سو پنهنجي ڳوليل/ منزل کي ضرور پهچندو.
۲. سڻ سڻ انڌي پاون راهه. (هندي، گرو نانڪ).
۳. ٻڌي ٻڌي، انڌو به واٽ لهي. (ارٿ).
48- انڌ وٺ، منڊ وٺ، ٽُنڊ وٺ، پر ننڍ وٺ. (چوڻي)
انڌ: انڌو، اکين کان وڏو، نابين.
منڊ: منڊو، ڄنگهن کان معذور.
ٽُنڊ: هٿن کان معذور.
ننڍ: ننڍي/ ننڍو، عمر جي لحاظ کان ننڍو، نوجوان.
انڌو يا منڊو يا ٽنڊو، ڪم ڪرڻ جي لحاظ کان معذور ۽ ٻين جا محتاج آهن. گهر ۾ وٺي اچبا ته سندن سنڀال لاءِ ٻيا ماڻهو رکڻا پوندا.
۱. جانورن جي بنسبت اهي عيب پڻ خراب آهن. ڏاند، مينهن وغيره اکين کان وڏا ٿين يا ڄنگهه ڀڄي پوين ته عيبدار ٿيو هڪ هنڌ پيا هوندا. نه گاهه چري سگهندا نه ئي ساڳائي سگهندا. ڪاسائيءَ جي ڪم جا تڏهن رهندا، جڏهن سگها يا عمر ۾ ننڍا هجن. ڪراڙي هڏ ۽ روڙهه ماس وارو جانور ڪنهن ڪم جو ناهي.
۲. جيڪڏهن شاديءَ لاءِ عورت وٺڻي آهي ته ڏسي وائسي خاندان مان وٺجي، جيڪا پَرين پُڇين وڻندڙ هجي. اکين کان انڌي يا ڄنگهن کان منڊي يا هٿن کان معذور وس ويندي نه وٺجي. جيڪڏهن ڪنهن لاچاريءَ سبب، مٿي ڄاڻايل عيب واري عورت شاديءَ لاءِ وٺڻ ضروري هجي ته پوءِ ڪم از ڪم جوان هجي ته ٺيڪ آهي. ڇو جو جوان عورت، ٻار ڄڻڻ جي ڪم اچي سگهندي، ڀلي کڻي ان ۾ مٿي ٻڌايل ٻيون معذوريون ھجن. اهو به ضروري ناهي ته جيڪو لَڱُ يا عيب، منجھس آھي سو ٻار ۾ به هجي.
مطلب: ۱. پورن لڱن واري ڪراڙي عورت پرڻجڻ کان، معذور عضون واري جوان عورت سان شادي ڪرڻ بهتر آهي.
۲. پيريءَ جهڙو ڪو عيب ئي ڪونهي.
۳. طرب نوجوان ز پير مجو، کہ دگر نايد آب رفتہ به جو،
زرع را چو رسيد وقت درؤ، نخرامد چنان کہ سبز نؤ. (فارسي)
۴. جوان جي خوشي پوڙهي کان نه ڳول، جو ڳَٺَ مان ويل پاڻي موٽي نه سگهي،
پوک کي جڏهن لاباري جي مهل اچي، تڏهن تازي سبزي وانگر نه ٽِڙي. (ترجمو)
۵. ڀيٽيو: جهونا ڪپڙا، ٻڍا ڍور، تسڪا ناڻا ليگيا چور.
49- انڌو کُڏ تي چڙهي هنگي، چي؛ “مون کي ڪير نه ٿو ڏسي!” (پهاڪو)
کُڏ: ڪوٺو، گهر جي ڇت. نروار ٿيڻ واري جاءِ.
هنگي: اگهاڙو ٿي حاجت لاءِ ويهي.
انڌو ماڻهو، جيئن ته پاڻ ڪنهن کي نه ٿو ڏسي، تيئن سندس من ۾ مڙيئي ماڻهو به کيس ڪو نه ٿا ڏسن. اهي به سندس وانگر هٿوراڙيون ڏئي پيا ٿا هلن.
جيڪو ڪوٺي تي چڙهي ويهندو، سو ٻين کي به ڏسندو ۽ ٻيا به کيس کُلي عام ڏسندا. جيئن ته انڌو کين پنهنجي بينائيءَ جي ڪمزوريءَ سببان نه ٿو ڏسي، تنهنڪري ڀانئي ٿو ته ڪير به کيس نه ٿو ڏسي. تنهنڪري جيئن وڻيس تيئن پيو ڪري ته خير آهي. حالانڪ کيس گهڻا ماڻهو ڏسن ٿا.
مطلب: ۱. بيوقوف ماڻهو بڇڙائي به ڪري، پڌري پٽ به ڪري.
۲. مٿانهينءَ تي ويهي، اڻ ڏٺل شيءِ جو درشن ڪرائڻ واري کي، گهڻا ماڻهو مڙي اچي ڏسندا آهن.
۳. ٻلي اکين تي هٿ رکي چي: “مان ڪُئن کان لڪي ويس.”
۴. اٺ-پکي، واريءَ ۾ منڍي لڪائي سمجهندو آهي؛ “مون کي ڪير به ڪو نه ٿو ڏسي.”
۵. ڀاڙُو تتر، لوڙهي ۾ ڳچي لڪائي چوندو آهي؛ “شڪاري مون کي ڳولهي ئي نه سگهندو!”
۶. ڀيٽيو: سج کاريءَ هيٺان ڪين لڪندو.
۷. ڀيٽيو: ھٿ-ڪنگڻ کي ڏسڻ لاءِ، آرسيءَ جي ضرورت ناهي.
۸. ڀيٽيو: اٺ جي چوري، پکي ۾ ڪين لڪندي.
50- انڌو هاٿي، لشڪر جو زيان. (پهاڪو)
آڳاٽي دور ۾ جڏھن جنگيون پيرين پنڌ، تلوارن ۽ لٺين جي زور سان جنگ جي ميدان ۾ آمھون سامھون بيھي ڪيون وينديون ھيون، تڏھن لشڪر ۾ هاٿيءَ جو هجڻ، چڱي ڳالھ هئي. ھاٿي، جھنگ جھر لتاڙڻ لاءِ ٽئنڪن جو ڪم ڏيندا ھيا. جتان ڪاھبو ھين، اتان ھليا ھلندا ھيا.
جيڪڏهن هاٿي انڌو ٿي پوندو ھيو ته واهر بدران، پنھنجو ئي لشڪر سندس لتڙ ۾ لتاڙجي مرندو ھيو.
مطلب: ۱. ڪنهن ماڻهوءَ کي، ڪم سڌارڻ لاءِ ڏبو ۽ هو اڄاڻ هوندو ته سڌارڻ بدران بگاڙي ڇڏيندو.
51- انڌو ۽ اڻ سونهون، هڪ جهڙا. (پهاڪو)
اڻ سونهون: بنا سونهين جي، بي خبر، اڻ ڄاڻ، بنا رهبر جي، بنا مرشد جي.
انسان جي اک تي، رب پاڪ پنهنجي بصيرت جي تجلي چمڪائي آهي، جنهن سببان کيس اکين ۾ بصارت آئي آهي. جنهن شيءِ تي سندس ديد پوي ٿي، سا سموري جا سموري، سندس ذهن جي پردي تي ائين جو ائين چٽي ٿي بيهي ٿي، جنهن سان کيس ڏسي ۽ سمجهي ٿو. جنهن جي اک مان بصارت جي تجلي خدا تعاليٰ کسي ڇڏي، ان کي ڪا شيءِ نظر نه ايندي، ڀلي کڻي سَوَ سج روشن هجن.
اهڙيءَ طرح، اڻ ڏٺل شيءِ جو به ادراڪ نه ٿيندو آهي. اڻ ڏٺي ڏيهه تي وڃڻ کان پوءِ ڪا به شيءِ تيستائين سمجهه ۾ نه ايندي جيستائين ان بابت ڄاڻو ماڻهو رهبري نه ڪري. جيڪڏهن ڪو رهبري ڪرڻ وارو نه هوندو ته اتي نئون ماڻهو انڌي جي مثال آهي. هڪ وک به پاڻ-مرادو نه کڻي سگهندو.
مطلب: ۱. انسان جي اندر ۾ رب جي پاڪ ذات، بصيرت جي تجلي وڌي آهي، جنهن سان سندس اکين ۾ نور آهي. اڻ سونهائپ سبب، جڏهن ڪنهن شيءِ کي نه ٿو سمجهي سگهي ته کيس انڌي جي مثال سمجهبو.
۲. آن چہ ما کرديم با خود هيچ نابينا نکرد،
درميان خانہ گم کرديم صاحبِ خانہ را. (فارسي).
۳. جيڪي اسان پاڻ سان ڪيو، سو ڪنهن انڌي به نه ڪيو،
گهر جي اندر، گهر-ڌڻيءَ کي وڃائي ڇڏيوسين. (ترجمو)
۴. انڌو ۽ اڻ سونهون، هڪ آچار.
52- انڌي اڳيان آهري، ڪر تئو ٽنگيو پيو آھ. (پهاڪو)
آهري: آرسي، آئينو، درسني.
تئو: لوهي دانگي.
انڌي ماڻهوءَ جي اڳيان آرسي ائين آهي، جيئن اڄاڻ جي آڏو ڪتاب. هو ڏسي نه، هيءُ سمجهي نه. انڌي کي آرسيءَ مان پنهنجو منهن ائين نظر نه ايندو، جيئن سڄي کي تئي مان نظر نه ايندو.
مطلب: ۱. نه انڌي کي آرسيءَ جو قدر، نه اڄاڻ کي ڪتاب جو مان.
۲. مورک ڪون پوٿي دئي باچِن ڪُون گُن گاٿ،
جيسي نرمل آرسي دئي انڌ ڪي هاٿ. (هندي)
۳. اڄاڻ کي ڳُڻائتين ڳالهين پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيڻ،
جيئن شفاف آئينو، انڌي جي هٿ ۾ ڏيڻ. (ارٿ)
53- انڌي جي جوءِ جو واهي، الله. (پهاڪو)
جنهن جو واهي الله هجي، تنهن کي ڪهڙو جوکو؟
اصطلاحًا “واهي الله” جي معنيٰ آهي ته جڏهن هڪڙو ٻئي کان ڪي گهري ۽ اڳلو چويس؛ “الله ڏيندئي” ته ان مان ڄاڻبو ته اڳلو پاڻ وٽان ڪي ڏيڻ نه ٿو چاهي.
يا هڪڙو چوي؛ “فلاڻي جي گهر ۾ الله جو نالو آهي.” ان منجهان به اصطلاحي مراد هيءَ ڄاڻبي ته؛ “بظاهر گهر ۾ ڪي ڪين اٿس.”
اهڙيءَ ريت “واهي الله” جي اصطلاحي مراد هيءَ ڄاڻبي ته؛ “دنيا وارن مان ڪو به واهت نه ٿو ڪريس.”
انڌو ماڻهو، پنهنجي سنڀال لاءِ پاڻ محتاج آهي. پرڻيو ان لاءِ آهي ته سندس زال سندس سنڀال ڪري. ان جي ابتڙ جيڪڏهن جوڻس سندس تيمارداري نه ڪري ۽ کري پوي ته اهڙي ٻاھر-پيري عورت کي ڪير به ڌتِ نه ڪري سگهي.
مطلب: ۱. جيڪو ماڻهو، پنهنجي گهر يا پنهنجي ذمي آيل ڪم تي پاڻ ڌيان نه ڏيندو ته جائي ڪم بگڙندو.
۲. آزاد، رن زال، ڇورو ٻار ۽ انڌي جي جوءِ، ڪنهن جي جهل پل ۾ مشڪل ايندا آهن. نه ڪنهن تي اعتبار ڪندا آهن، نه ئي ڪنھن جو ڀؤ ھوندو اٿن. کين رب پاڪ ئي پنهنجي مهربانيءَ سان هلائي چلائي ٿو، باقي ٻين جي سنڀال کان وڏا آهن.
54- اڻائي به وڃڻ، تڻائي به وڃڻ،
وري ڪپهه جي ڪپهه ٿيڻ. (ورجيس)
هڪڙي آفيميءَ کي واٽ جي ڀرسان، پيشاب ڪندي، پنڪي وٺي وئي. اوچتو، اتان هڪڙو ماڻهو لنگهيو، تنهن کيس نشي جي گهيرٽ ۾ ڏسي، سندس مٿي تان پڳڙي لاهي، ڪپهه جي پوڻي رکي ڇڏي. ذري کان پوءِ، جڏهن آفيميءَ جي پنڪي کلي، تڏهن مٿي تي پڳڙيءَ بدران ڪپهه جي پوڻي ڏسي تپرس کائيندي چيائين؛ “اُڻائي به وئي، تُڻائي به وئي، وري ڪپهه جي ڪپهه ٿي پئي.” يعني ڪپهه ڪتجي، سُٽ ٿيو. سُٽ اُڄي، ڪپڙو ٿيو. اھو سمورو پورهيو، ائين مفت ۾ ويو، مٿئون ساڳي ڪپھ جي ڪپھ ٿي پئي.
مطلب: ۱. هڪڙو سرڪاري ملازم، ننڍي نوڪريءَ مان، محنت ڪري وڃي مٿي پڄي ۽ ڪنهن غفلت يا قصور سبب وري اڳوڻي ننڍي درجي يا پگهار تي پهچي ته اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ائين مثال ڏبو آهي.
۲. محنت رائيگان ٿيڻ.
۳. اڻائي به وئي، تڻائي به وئي، وري ڪپھ جي ڪپھ ٿي پئي.
55- اڻ پڙهيا، پڙهين آڏو ڀريون ڍوئيندا. (چوڻي)
ڀريون ڍوئڻ: وزن کڻڻ، مزدوري ڪرڻ، نوڪري ڏيڻ.
ضروري ناهي ته سمورا اڻ پڙهيا، بي ڪار آهن ۽ کين، پڙهيلن جي مزدوري ڪرڻي ٿي پوي. بلڪ ائين به ڏٺو ويو آهي ته ڪن ڪروڙ پتي، آڱوٺي ڇاپ ۽ اڻ پڙهيل سيٺين جي مال ۽ پئسي جي سار سنڀال لاءِ، وڏا پڙهيل ڪيل نوڪر بيٺل هوندا آهن. اهي قسمت جا کيل آهن.
هتي مراد اها آهي ته پڙهيل ماڻهو، علم جي زور تي هر معاملي جي تهه تائين پهچي وڃي ٿو ۽ ان جو حل به ڪڍي وٺي ٿو. جتي ڪنهن معاملي بابت ڳالهائڻو هوندو، اتي پڙهيل ئي چڱيءَ طرح ڳالهائي سگهي ٿو. اڻ پڙهيو، پنهنجي معاملي لاءِ به پڙهيل کي وڪيل ڪندو آهي. دنيا ۾ ايندڙ تبديلين جي ڄاڻ، جتي ڄاڻوءَ ۽ عالم کي پوي ٿي، اتي اڻ پڙهيل سيٺ يا وڏيري کي پاڻمرادو نه ٿي پوي. انهن معاملن ۾ کيس پڙهيلن جي ڪاڻ يا محتاجي ڪڍڻي پوي ٿي. سياست ۾ آيل اڻ پڙهيل وڏيري کي پڙهيل ڪڙهيل ۽ آزمودگار ڪاموري جي آڏو ڳيجهو ٿيڻو ٿو پوي.
مطلب: ۱. علم ڌاران ماڻهو، جانور وانگر بي زبان آهي.
۲. علم انسان جي ٽين اک آهي.
۳. علم ئي فرش کان عرش تائين رسائي ٿو.
۴. مياموز جز علم گر عاقلي، کہ بي علم بودن شود غافلي. (فارسي).
۵. علم ڌاران نه سک جي عاقل آهين. ڇو جو بي علم ٿيڻ آهي غافل ٿيڻ. (ترجمو)
56- اڻ سرنديءَ سڀڪو ٽري، کرو ڪو سرنديءَ ٽري. (پهاڪو)
اڻ سرنديءَ: اڻ پڄنديءَ، پهچ نه هئڻ. گذر سفر نه ٿيڻ.
ٽري: پاسو ڪري، صبر ڪري.
کرو: سچو، چڱو مڙس.
سرنديءَ: پهچ هئڻ، گذارو ٿي وڃڻ، ٻئي جي محتاجي نه هئڻ.
فطرتًا هوند تي هر ڪو هونگرون ڏيندو آهي. پهرين ڳالهه ته ڏيڻ نه گهرجن، پر جي ڏيڻون آهن ته پوءِ هوند وارو، ٻين تي ان ڪري رعب تاب ڪري سگهي ٿو جو کيس پنهنجي ملڪيت تي ايترو بانور آهي جو ٻين آڏو وقت پوڻ تي کيس هٿ ٽنگڻو نه پوندو. ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته ان حالت ۾ ٻين سان صبر ۽ سهپ سان هلي، ڇو جو وقت مٿس به اچي سگهي ٿو.
جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کي گذارو ڪرڻ لاءِ، ٻين جو محتاج ٿيڻو پوندو. سڀاڻي ٻئي وٽ وڃي سوال تڏهن ڪري سگهبو، جڏهن يا ته مٿس ٿورو ڪيل هجي يا ڪم از ڪم ساڻس برو ورتاءُ هليل نه هجي. ان صورت ۾ ڪمزور ماڻهو، صبر ۽ سهپ سان ئي هلندو آهي.
مطلب: ۱. صبر ۽ سهپ سان هلڻ، محتاج/ ڪمزور جي ضرورت آهي. جڏهن ته مڙس-ماڻهائپ انهيءَ ۾ آهي جو هوند ۾ به ٻين سان نهٺائيءَ سان هلجي.
۲. تواضع ز گردن فرازان نکو ست،
گداگر تواضع کند، خوئي اوست. (فارسي).
۳. نهٺائي، هٺ ڪرڻ کان ڀلي آهي.
پينو نهٺائي ڪري ته اها سندس روش آهي. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو: بيوس بار، اٺن به ڇڏيا آهن.
57- اَڻَ-گهريو ماءُ به پٽ کي ببو نه ڏئي. (پهاڪو)
اڻ گهريو: بنا گهرڻ جي، بنا ڳالهائڻ يا بنا کنگهڻ کُڙڪڻ جي.
ماءُ جي سيني ۾، قدرت طرفان پيدا ٿيل ٿڃ، فقط ٻار لاءِ آهي. جڏهن ٻار ڄمي ٿو، تڏهن اها ڇاتيءَ ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ جيئن وڏڙو ٿيندو ٿو وڃي تيئن تيئن سُڪندي ٿي وڃي. اها ٿڃ ٻئي ڪنهن لاءِ ناهي ۽ نه ئي ٻيو ڪو جائز نموني ڪتب آڻي سگهي ٿو. ماءُ به جيڪڏهن نه ڏيڻ چاهي ۽ ٻچڙي کي سِڪائي ته سندس ڇاتيءَ ۾ عجيب و غريب جنبش پيدا ٿي پوي ٿي. اڃا به ٻار کي ٿڃ نه ڏئي ته پوءِ قدرتي طور سندس سيني ۾ مهلڪ بيماريون سنجرن ٿيون، جن جو علاج دنيا ۾ مشڪل آهي.
ٻار فقط پنهنجي ڪمزور آواز ۾ ميائون ڪندو آهي ته ماءُ جي ڇاتي سڄي ڌڏي ويندي آهي. هاڻي جيڪڏهن ٻار ميائون نه ٿو ڪري ته پوءِ سمجهه ۾ ايندو ته يا کيس ڍؤ آهي يا سندس اندرُ، ڪنهن بيماريءَ سببان تئيل آهي. تڏهن ببي لاءِ نه روئي ٿو ۽ نه وري ببو ڏيڻ سان چڳڙ ڏئي ٿو. اهڙي صورت ۾، ماءُ کيس ببو نه ڏيندي آهي.
مطلب: ۱. دنيا جي اندر، جنهن ۾ به ڪم پوي ٿو، جيستائين کيس چئبو نه، تيستائين اهو ڪندو نه. ڇو جو کيس اهڙي قسم جو الهام نه ٿو ٿئي.
۲. رب ڏئي ٿو پر کنهگائي کڙڪائي. (وتايو)
۳. مونتي ڪون، سڀوٽي (منزل رسيد) رهي،
بن بولي کلي گهر ڪو نه ڪواڙو. (هندي)
۴. ماٺ مان ڪير، مطلب کي پهتو آهي؟
بنا سڏ جي، پنهنجي گهر جو به ٻنڀو نه ٿو کلي. (ارٿ)
58- اڻندو اها، جا هوندي ڪوريءَ جي من ۾. (پهاڪو)
ظاهري واٽ ۾، ڪوريءَ جو اڻڻ وقت، ڪجهه اختيار آهي. تاڃي اڳيانئس پکڙيل هوندي آهي ۽ پيٽي لاءِ نڙو هٿ ۾ هوندو اٿس. ڪپڙو گهاٽو اڻي توڙي ڇڊو، مرضي سندس. اڻڻ لاءِ سُٽ جو ڍيرو ڪهڙو ٿو استعمال ڪري، اها به مرضي سندس. سُٽ ڪتڻ واري ۽ ڪپڙي ٺهرائڻ واري جو مٿس زور نه ٿو هلي سگهي.
مطلب: ۱. ڌڻي، سڀ ڪم لاءِ سگهارو آهي. نه ڪنهن جي صلاح-وهيڻو آهي ۽ نه ئي ڪنهن جو دلبو کائي. نه ڪنهن جو مٿس زور هلي ۽ نه ڪنهن جي واهر گهري. جيڪي وڻيس سو ڪري.
۲. قادرا قدرت تو داري، هرچه خواهي آن کني،
مُرده را جاني به بخشي، زنده را بيجان کني،
شاهه را تاجي ستاني، آرزو ئي نان کني،
هر گدائي را که خواهي، آن زمان سلطان کني. (فارسي).
۳. اي ڌڻي! سگهارو آهين، جيڪي وڻئي سو ڪرين،
مئي کي جيارين، جيئري کي مارين،
راجا کان ڇٽ کسي، مانيءَ جو محتاج ڪرين،
گداگر لاءِ گهرين ته گهڙيءَ ۾ راجا ڪرينس. (ترجمو)
۴. بااختيار ماڻهوءَ کي چيچ مان جهلي، ڪو به ڪم کانئس زوريءَ نه ٿو ڪرائي سگهي.
۵. رب پاڪ جي مرضيءَ ۾ ڪنهن جو به داعو دخل ناهي.
59- اهاري، وهنواري، گهوٽ مهاري، لڄا ڪري ته هاري. (چوڻي)
اهار: کائڻ.
وهنوار: ڏيتي ليتي.
مُهارو: سهاڳ رات جي سمهڻ واري جاءِ.
لڄ يا حياءُ چڱو آهي، پر ٽن ڪمن ۾ شرم ڪبو ته مورڳو گهاٽو پوندو. مهمان ٿي وڃجي ته مانيءَ کائڻ کان نه شرمائجي. ڏيتي ليتي ڪجي ته اگهه پاگهه يا پئسي ڏوڪڙ جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ هتر نه ڪجي. شاديءَ جي پهرين رات، زال آڏو نه شرمائجي. شرمائبو ته پوءِ زال جي زندگي ته برباد ٿي پر اولاد حاصل نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي نامرديءَ جي به پڌرائي ٿي پوندي.
مطلب: ۱. ڌڻيءَ جو ڳولو/ طالب، سنسار جا حجاب نه ڀڃندو ته ڌڻيءَ کي واصل نه ٿيندو.
۲. لڄ به، لڄ واري جاءِ تي ڪجي.
60- اِها زبان اس ۾ ويهاري، اِها زبان ڇانءَ ۾ ويهاري. (چوڻي/ پهاڪو)
اس ۾ ويهارڻ: بي عزتو يا بي مانو ڪرائڻ.
ڇانءَ ۾ ويهارڻ: عزت بخشائڻ، مانُ بخشائڻ.
دنيا ۾ انسان کي، زبان جي ڪري ئي اشرف المخلوقات سمجهيو ويو آهي. انهيءَ زبان سان ڌڻيءَ جو نالو وٺي ٿو ۽ سندس موڪليل ڪلام پڙهي ٿو. اها زبان، ڏسڻ ۾ گوشت جي هڪڙي ٻُوٽڙي آهي پر سندس ڪارناما وڏا آهن.
ماڻهوءَ وٽ ڀلي ٻيو ڪجهه به نه هجي ۽ فقط زبان ئي هجيس ته به بک نه مرندو. ڇو جو دنيا ۾ الائي ڪيترا اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي کائن ئي زبان جو کٽيو ٿا. جڏهن ته ڪي هٿن جو کٽيو کائين ٿا، ڪي علم جو کائين ٿا ته ڪي حسن جو کائين ٿا.
ڪي ماڻهو، سڀ ڪجهه هوندي به زبان جي غلط بيانيءَ سبب سڃ ۾ هليا ويندا آهن. انهيءَ زبان سان ڪوڙ، ڪؤڙو يا گٿو لفظ ڪڍڻ جي پاداش ۾، سندن روزي روٽي تنگ ٿي ويندي آهي.
مطلب: ۱. جيڪو ادب سان، مٺو يا سچ ڳالهائي، سو آڌر پائي. جيڪو بي ادبيءَ سان ڪوڙ يا ڪؤڙو ڳالهائي سو جتي ڪٿي خوار ٿئي.
۲. زبان سان ٻن طرحن جو ڳالهائي سگهجي ٿو. هڪڙيءَ طرح جي ڳالهائڻ جو ڦل مٺو، ٻئي جو ڪؤڙو.
۳. زبان نه ڄاڻ ننڍڙي پر آهي وهه جي ڳنڍڙي.
61- اهو سون به گهوريو، جيڪو ڪن ڇني. (پهاڪو)
عورتون سونهن وڌائڻ لاءِ ڪنن وغيره ۾ سونا ڳهه پائينديون آهن. ڪي شوق منجھان، ڳؤرا يا دوھرا زيور ٺھرائين. کين مزين ۽ آراسته ڪرڻ لاءِ موتي ۽ مڻيا پڻ وجھرائين. اھي ڳھ ڳٺا، دوھرائپ ۽ مڻين جي بار سبب، گھڻا ڳؤرا ٿي پوندا آھن. پائڻ واري جا ڪن، سونهن وڌڻ وڌڻ جي ماڳ، موراڳو پچي يا ڇڄي پوندا آھن. اهڙو زيان-رسان سون پائڻ، جنھن مان فائدي بجاءِ نقصان ٿئي، ڪھڙو ضرور آھي؟
مطلب: ۱. جيڪو ڪم، فائدي واسطي ڪجي، تنهن مان مورڳو گهاٽو پوي، سو ڪم گهوريو.
۲. ڪريئِي سُکَ ڪُون، هوءِ دُک، يه ڪھ ڪون سيان؟
وه سوني ڪُون جارھيي جاسُون ٽوٽي ڪانُ. (هندي)
۳. ڪجي سک لاءِ، ٿئي ڏُک، اها ڪهڙي سياڻپ آهي؟
جنهن سون سان ڪن ڇڄن، تنهن کي ساڙي ڇڏجي. (ارٿ)
62- اهو ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي. (چوڻي)
مينهن وسندي: گهرج مهل.
۱. هلندي چلنديءَ ۾ اهڙو خرچ ڪجي، جو چاقائيءَ ۽ ناچاقائيءَ ۾ بک نه مرڻو پوي.
۲. ماڻهن جا لڇڻ ٽن طرحن جا آهن.
۱-۲ هڪڙا نوراني: جيڪي پنهنجي ڪمائيءَ مان اڌ کان ٿورو خرچ ڪن ۽ گهڻو بچائين.
۲-۲ ٻيا انساني: جيڪي پنهنجي ڪمائيءَ مان اڌ کائين ۽ اڌ بچائين.
۳-۲ ٽيان حيواني: جيڪي پنهنجي ڪمائيءَ مان اڌ کان گهڻو کائين ۽ ٿورو بچائين.
مٿي ڄاڻايل لڇڻن منجهان، ٽئين لڇڻ کان جيترو ٿي سگهي اوترو پاسو ڪجي.
دنيا اندر رھڻ لاءِ، ماڻھوءَ کي، ڌن دولت ۽ واسطن وغيرھ جي ضرورت پوندي رھندي آھي. ڌن دولت ايندو ڏکيو آھي، مڙندو اڃا ڏکيو آھي. کپڻ تي پوي ته منٽن ۾ کپيو وڃي. پر کيس سانڍڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. ڪنجوس ٿيڻ وارو ماڻھو، ٻين سان رابطا وڃائي ويھندو آھي. ان ۾ به وڏو نقصان آھي. ڇو جو جتي واسطا ۽ رابطا ڪم اچن ٿا اتي ڌن ڪم نه ٿو اچي. واسطا ٺاھڻ به دولت آھن. اھي به قربانيءَ ۽ سيڙپ سان ٺھندا آھن.
ان جي بر عڪس، ھٿ-ڦاڙ ٿيڻ به چڱو ناھي. ڪمايل ۽ رکيل موڙي وڃائڻ وارو به ٻين جو محتاج ٿي پوي ٿو. وقت تي جيترو پنھنجو پئسو ڪم ايندو آھي، اوترو رابطا واسطا ڪم نه ايندا آھن. تنھنڪري انسان کي ھر قدم سوچي سمجھي کڻڻ گھرجي.
مطلب: ۱. ڪي کائجي، ڪي اوبارجي.
۲. ڪمايل ساري ملڪيت، جائز توڙي ناجائز، ڪمن تي هڪدم ڦوڪي نه ڇڏجي. رب جي نالي تي به اوتري سخاوت ڪجي، جيڪا پنهنجي خرچ/ گهرج کان واڌارو هجي. گهرج واري شيءِ ٻين کي ڏئي، پاڻ وري ٻين جو محتاج نه ٿجي.
۳. هر ڪم، حد اندر ڪجي.
63- اياڻو چوي، سياڻو ويڃائي. (چوڻي/ پهاڪو)
اياڻو: بيوقوف، بي عقل، جاھل.
سياڻو: جھانديده، عقل وارو.
ھر ماڻھوءَ جي ھر ڳالھ، ويساھ ڪرڻ جھڙي نه ھوندي آھي. اڳلو جيڪا ڳالھ ڪري، تنھن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ کانسواءِ اعتبار نه ڪجي. ھر ماڻھوءَ جي سمجھ پنھنجي آھي. ٿي سگھي ٿو اڳئين انھيءَ ڳالھ کي پنھنجي سمجھ جي تناظر ۾ ائين ڏٺو ۽ سمجھيو آھي، جيئن بيان ٿو ڪري پر ان معاملي جي اصليت اڃا ئي اور ھجي.
جڏهن اياڻو ماڻهو اهڙي ڳالهه ڪري، جنھن ۾ گمان يا شڪ جاڳي، يا ان ڳالھ تي موراڳو ويساهه ئي نه اچي، تڏهن سياڻي کي اھڙي ڳالھ تي غور ۽ ويچار کانپوءِ وسهڻ/ اعتبار ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن اياڻو ٻٽاڪ هڻي چوي؛ “هاٿي ڪري پيو هو، تنهن کي ٻلي گهليو پئي وئي. مان اکين سان ڏسيو پيو اچان!” سياڻو وري مٿس ويساهه ڪري ۽ تائيد ڪري ته سندس سياڻپ ۾ ڦير آھي.
مطلب: ۱. سياڻي کي اياڻي جي ڳالهه تي سوچڻ ڌاران، ويساهه نه ڪرڻ گهرجي.
۲. نادان بات ڪري، دانا قياس ڪري. (هندي)
۳. بيوقوف ڳالهائي، عاقل ويچاري. (ارٿ)