گھ
گهٽو، ٻارهين مهيني ٻه دفعا، ڏاس يعني جسم جا وار وڌائيندو آهي. ريڍار ڏاس ڪتري، منجهانئس اُنّ ٺاهيندا آهن. جيڪا کيس يا ڪمبل ٺاهڻ ۾ ڪتب ايندي آهي. گهٽي جي کاڌ-خوراڪ، گاهه پٺو آهي.
وونئڻن ۾ ڏينو ٿيڻ کان اڳ، گل-ٻاٽي ٿئي. ڏينو يا گوگڙو پچي ته ڦاٽڻ تي منجهانئن ڦٽيون نڪرن. وونئڻن جا گلڙا يا ڪچا گولو ٻڪرين ۽ رڍن کي ڏاڍا وڻن. هڪڙي رڍ يا گهٽو، رڳو ويٺو ڏينو کائي ته منجهانئس فائدي بجاءِ نقصان ٿيندو. ڇو جو ڏينو گهٽو کائيندو ته ڪپهه نه نڪرندي. ڪپهه نه نڪرندي ته ڪپڙو ڪيئن اُڄندو؟ جڏهن ته گهٽي ڌارڻ جو مقصد اُن يا ڏاس حاصل ڪري اوڇڻ ٺاهڻ هيو.
مطلب: ۱. هڪڙو نوڪر، پاڻي ڀرڻ لاءِ رکجي، اهو پاڻي ته نه ڀري، الٽو رکيل پاڻي به هاري ته نقصانڪار چئبو.
۲. الي لئي سنگ ٽهل ڪون، ڪرن لگي رس راس،
ميندي راکي اُونّ ڪون، بيٺي چري ڪپاس. (هندي)
۳. ساهيڙي رکيم ٽهل ٽڪور لاءِ، الٽو ويٺي لاڏ ڪوڏ ڪري،
رڍ ڌاريم اُنّ لاءِ، ويتر ويٺي کائي ڦُٽيون. (ارٿ)
441- گهر جو پير: چلهه جو مارنگ. (پهاڪو)
چلهه جو مارنگ: چلهه جو بونبو. ڀترن تي دانگي يا ڪنو رکي، هيٺان باهه ٻاري ڏنءُ ڏجيس، تنهن ڀتر جو نالو.
مارنگ، هڪ چلهه ۾ ٽي کن ٿيندا آهن. چلهه ۾ رکيل ٻارڻ کي، هيٺ تري ۾ هوا لڳندي ته باهه ڏنءُ نه ڪندي. تنهن ڪري چلهه جو هيٺيون حصو ڪوٽ جي ڀت وانگر رکبو آهي. باهه کي ٻرڻ لاءِ ٿوري گهڻي هوا به کپي، تنهنڪري مارنگ ٺاهبا آهن ته بقايا جايون ڳڙکين وانگر ٿي پونديون آهن، جتان باهه کي ٻرڻ لاءِ هوا پئي ملندي آهي. مارنگ ڀڄي پوندو آهي ته عارضي طرح ڀتر به رکبو آهي. هڪڙو ڪڍي ٻيو به رکبو آهي.
گهر جو پير به ائين آهي. اڄ منجهس ويساهه آهي، سڀاڻي ناهي. سڀاڻي کيس مٽائي ٻئي کي پير ڪري ڇڏبو. ڇو جو ويجهو رهڻ سان اهو رعب نڪري ويندو آهي.
مطلب: ۱. هر هر ملندڙ، دوست يا مائٽ سان محبت گهٽ ٿي رهي.
۲. گهر ڪي مرغي دال برابر.
۳. هڪڙي بزرگ کي گهر واري ڏاڍو پئي دوڳيندي هئي. هڪ ڏينهن دل ۾ خيال آيس ته کيس ڪا ڪرامت ڏيکاريان. سو گهران نڪري، ٻاهران ئي اڏامندو، گهر مٿان بلڪ ڳوٺ مٿان چڪر ڏيڻ لڳو. کيس اڏامندو گهڻن ماڻهن ته ڏٺو پر سندس گهر واريءَ پڻ ڏٺو. ان وقت ڪنهن به کيس نه سڃاتو پر جڏهن لهي گهر آيو ته گهر واري به حسبِ عادت مٿس چڙهي وئي؛ “مئا سدائين چوندو آھين بزرگ آهيان! اڄ هجين ها ته الله جا سچا بزرگ ڏسين ها! هڪڙو الله جو بندو اسان جي گهر ڇا ڳوٺ جي مٿان اڏامندو ويو. تو نڪمي کي بزرگي ملڻ ته ڇا پر اهڙن الله جي ٻانهن کي ڏسڻ به نصيب نه ٿيو. اهڙي ڀلاري ڏينهن تي به الائي ڪهڙي نڀاڳ کنيئي جو اهو ڏسڻ به تو کي نصيب نه ٿيو.”
“اڙي بزرگياڻي!” بزرگ آٿت ڏيندي چيس؛ “تون مڃيندينءَ ڪاٿان! اهو بزرگ ته مان پاڻ هيس.”
“ائين چئجانءِ ماريا!” جوڻس وڏونهن ڪڍندي چيس؛ “ٽيڏو ٽيڏو پئي وئين! لاشڪ تون ئي ھئين.”
442- گهر ۾ به گهر کائڻو، ٻاهر به گهر کائڻو. (چوڻي)
پيٽ، انسان ويچاري سان ته لڳل آهي. جنهن کي ڀرڻ لاءِ کيس هر وقت جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. پنهنجي گهر يا ڳوٺ ۾ ويٺو آهي ته به گهر ۾ آندل/ رکيل منجھان کائي ڀرڻو اٿس. جيڪڏهن پرديس تي وڃي رهندو ته به کيس پنهنجي هڙان/ ڪمايل/ آندل مان کائڻو پوندس. ٻيو ڪير ڪو نه کارائيندس. ڇو جو ٻئي سان به قدرت واري، پيٽ ڳنڍي ڇڏيو آهي. ان کي پنهنجي پيٽ جي ڳڻتي وڌيڪ هوندي.
ٻين لفظن ۾ ته انسان، اهو هنڍائي يا کائي ٿو، جيڪي قدرت واري نصيب ۾ لکيو اٿس ۽ وقت سر مهيا ڪري ڏنو اٿائينس. پوءِ کڻي ڳوٺ ۾ هجي يا پرديس ۾ هجي. تنهنڪري انسان کي جڳائي ته رب جي ڏني تي راضي رهي ۽ پرديس جا ڏاکڙا يا ڪشالا نه ڪڍي.
مطلب: ۱. گهر ۾ ويهي کائبو ته گهر جو ناڻو چٽ ٿيندو. جيڪڏهن ٻاهر وڃبو ته جيڪو گهرئون کڻي نڪربو، سو ئي کائبو.
۲. جيڪي رينهندو (راض سان) ڌڻي ڏئي، تنهن تي سنجم (قناعت) ڪجي، گهڻي ٿيڻ لاءِ اجايو نه ڊوڙجي.
۳. قناعت تونگر کند مرد را، خبر ده حريصِ جهانِ گرد را. (فارسي)
۴. مڙس کي سنجم، ونهيون (شاهوڪار) ڪري،
اها خبر ٻڌائي ڇڏ، لوڀيءَ رول کي. (ترجمو)
443- گهر ۾ غرقي به مٿس اٿس، دم هڻي ٿو ٺوڙهيءَ جو. (ورجيسي جملو)
غرقي: غرق ٿيل انّ، ٻڏل انّ.
ٺوڙهي: ڪڻڪ جي اچيءَ جنس جو نالو.
جنهن کي گهر ۾ کائڻ لاءِ سادو اَنُّ به نه هجي ۽ ٻاهر ويٺو ڊاڙون هڻي. چي؛ “اسان جي گهر ۾ رکيل گندي، انّ سان ڀريل آهي ۽ اَنَ جي جنس به اوچي آهي!” ته پوءِ ان کي بيوقوف ۽ ڊاڙي ئي سمجهبو.
مطلب: ۱. آهي سڃو، ڏيکاءُ شاهوڪاريءَ جو اٿس.
۲. اندر ۾ جوفو ۽ دنيا جا ڌنڌا، ٻاهر ۾ فقيراڻو لباس پائڻ ڪهڙي ڪم جو؟
۳. انتر اگن ٻاهر تن سواءِ، گل پاٿر ڪيسي تري اٿاهه (گرو نانڪ صاحب)
۴. اندر ۾ باهه، ٻاهريان بت تي ڀڀوت هڻي،
ڳچيءَ ۾ پٿر جا مڻيا وجهي، سمنڊ ڪيئن پار ترندو. (ارٿ)
۵. گهر ۾ غرقي نه هئڻ، ٻاهر ٺوڙهيءَ جو دم هڻڻ. (وجيس)
444- گهر ۾ کَڏَ هجي ته ٻُهر ٻاهر ڇو اڇلجي؟ (پهاڪو)
ٻُهر: ٻهاريءَ سان ميڙيل.
گهر جو ٻُهر، هر ڪو ٻُهاري، گند ڦٽي ڪرڻ واري کڏ ۾ اڇلائي. جيڪڏهن کڏ هٿ نه اچي ته به گهر کان ٻاهر، گهٽيءَ ۾ ئي اڇلائي اچي. گهٽيءَ ۾ گند اڇلڻ سان، وري به پاڻ کي تڪليف ايندي. هڪ ته لنگهڻ ڪرڻ وقت، مسلسل گند تان گذرڻو پوندو، ٻيو گهٽي ويندي گهر کان مٿي ٿيندي. هڪ ڏينهن گهٽي مٿي هوندي ۽ گهر هيٺ هوندو. نتيجي ۾ برسات جو پاڻي ته گهر ۾ لهي ايندو پر گهر جي هار وير وارو پاڻي به گهر جي ڀتين ۾ چُريون ٺاهيو بيٺو هوندو.
ان جي برعڪس گهر جي اندر ٺهيل کڏ ۾ گند اڇلڻ مان ٻه ٽي فائدا آهن. هڪ ته گند کڏ ۾ دفن ٿيندو ويندو، ٻيو بنا پئسي اها کڏ به پئي لٽبي ۽ گهر پيو گهٽيءَ کان مٿي ٿيندو.
مطلب: ۱. رشتو ناتو ڪرڻ لاءِ، مٽن مائٽن ۾ گنجائش هجي ته نياڻي ڌارين/ ٻيءَ ذات وارن ۾ نه ڏجي.
۲. پاڪ ڌڻيءَ کي جيڪو ٻاهر ٿو ڳولهي سو ڀليل آهي، ڇو جو ڌڻيءَ جي جوت ته سندس سرير اندر سمايل آهي. پوءِ ٻاهر ڇو ٿو آڌيڙا (ڌڪا) کائي.
۳. نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو. (شاهه)
۴. گهر ۾ ٺاڪر نظر نه آوي، گلي ۾ پاٿرلي لٽڪاوي. (بابا گرو نانڪ صاحب)
۵. اندر ۾ ڌڻي نه ٿو نظر اچيس، باقي ڳچيءَ ۾ پيو پٿر لڙڪائي هلي. (ارٿ)
445- گهڻ-پُٽاڻي بکري، کائي ويئي جهار. (پهاڪو)
گهڻ-پٽاڻي: گهڻن پٽن جي سنڀالڻ واري، گهڻن جي ڀائيواريءَ واري.
بکري: وکري، ٻار، ڀاڄين جي واڙ.
جنهن شيءِ جا وارث گهڻا هوندا، سا به سنڀالجندي نه. ڇو جو منافعو وٺڻ لاءِ ته هر ڪو پنهنجو مالڪاڻو حق ڄاڻائي پيو وٺندو، جڏهن ته سار سنڀال وقت ڪير به موجود نه هوندو. آهستي آهستي اھا شيءِ ختم ٿي ويندي. جيئن هڪڙي پوک يا وکري آهي، جيڪڏهن سندس سنڀاليندڙ/ ڀائيوارَ گهڻا هوندا ته سنڀال جي وقت پيا هيڏي هوڏي ڀڄندا. دل ۾ اهو پيا سمجهندا ته؛ “مون کان سواءِ ٻيا سمورا پيا ٿا شيءِ کي سنڀالين.” ايتري ۾ جهار، پوک کي کائي چٽ ڪري ڇڏيندي.
مطلب: ۱. هڪڙي ڏيهه ۾ گهڻا راجائون ھجن ته اهو راڄ به تڙي کڙي (ترت)، غنيم جي هٿ چڙهي ويندو.
446- گهڻن کنئي، ڇپر کڄي. (چوڻي/پهاڪو)
هڪڙيءَ مند ۾ سرڪاري حڪم موجب، نصير واه جي کاٽي ٿي کڻايم. واهه ۾ لٽ گهڻو هيو ۽ چڪڻ به جام هئي. جنهن ڪري کاٽيءَ جو ڪم، پاڻيءَ جي وهي اچڻ کان اڳ، پورو ٿيڻ اهنجو ۽ ناممڪن هيو. ڌڻيءَ جي ٻاجهه/ مهربانيءَ سان ستاويهه سؤ (۲۷۰۰) کامڙيا (کاٽي کڻندڙ، کاما کڻندڙ) گڏ ٿي ويا. مڙس همت وارا هيا. ڪم کي اُڏار ڪندا ويا ۽ ٿورڙن ڏيهاڙن ۾ گهڻو ڪم اڪلائي وڌائون. باقي رهندي کهندي ڪم لاءِ اميد هئي ته، جي نه ٿي سگهيو ته، هلندي/ وهندي پاڻيءَ ۾ به ٿي ويندو. ان وچ ۾ جناب خان بهادر آخوند حبيب الله صاحب، ڊپٽي ڪليڪٽر اتي آيو ۽ کاٽيءَ جو ڪم سڌريل ڏسي تپرس کائي چوڻ لڳو؛ “گھڻن سان ڄڻ اللھ جي مدد ساڻ آھي، جيڪي ڪن سو ٿي سگھي.”
مطلب: ۱. جيڪڏهن گهڻا ماڻهو يڪراءَ/ گڏ ٿي، ڪنهن وڏي ڪم ۾ هٿ وجهن ته جلد ڪري سگهن.
447- گهڻن کي ثمر، هڪڙي کي ڀري. (پهاڪو)
جيڪا شيءِ گهڻن ماڻهن ۾، ذري ذري ڪري ورهائڻي هجي، سا جيڪڏهن يڪجاءِ ڪري هڪڙي ماڻهوءَ کي کڻائبي ته چڱي ڀلي ڀري ٿي پوندي. جيڪا هڪڙي ڄڻي لاءِ، کڻڻ جي حساب سان بار هوندو.
۲. جيڪڏهن هڪڙي اڏاوت جوڙڻي هجي، جيڪا هڪڙو واڍو ڏيهاڙي ڪم ڪرڻ کان پوءِ مهيني ۾ جوڙي راس ڪري، سا جيڪڏهن ڏهن واڍن کي ڏيهاڙي ڪم ڪرڻ جي حساب سان ٻولي ڏبي ته ساڳيو ڪم ٻه ٽن ڏينهن ۾ اڪلائي ڏئي ويندا.
۳. ڌرمائو/ خيراتي/ ٻوليل ڪم، جنهن ۾ هزارين رپين جي لاڳت جو تخمينو هجي، سا جيڪڏهن هڪڙي ماڻهوءَ مٿان رکجي ته نه ڏئي سگهندو. ان جي برعڪس جيڪڏهن ڏهن ماڻهن کان چندو اڳاڙي، ڪم شروع ڪبو ته جهٽ نبري پوندو. ڇو جو سؤ روپيا في ڪس ڪڍڻ سولو آهي ۽ هزار رپيا اڪيلي سر ڪڍڻ ڏکيو آهي.
مطلب: ۱. جيڪا گهڻن کي ثمر، سا هڪڙي کي ڀري.
۲. پانچ سات ڪي لڪڙي، ايڪ جني ڪا بوجهه. (هندي)
۳. پنجن ستن ڄڻن جون ڪاٺيون، هڪڙي لاءِ ٻوجهو. (ارٿ)
448- گهڻي کاڌي کان، گهڻو ڏٺو چڱو آهي. (چوڻي)
کاڌو، ڀلي ڪيترو به چڱو ۽ سوادي هجي، هٻڇ ڪري گهڻو کائبو ته وات کي ته وڻندو پر سندس بار، آنڊا ۽ معدو نه کڻي سگهندا. کائڻ وارو ماڻهو بيمار ٿي پوندو. ان جي ڀيٽ ۾ جيترو گهڻو گهمبو يا چڱيون شيون ۽ رونشا ڏسبا، اوترو چڱو. انهن مان نه ماڻهو ٿڪبو ۽ نه بيزار ٿيندو، هٿائين تجربي ۽ مشاهدي، ڄاڻ ۽ معلومات ۾ اضافو ٿيندو. اڳتي زندگي سلڦي گذارڻ لاءِ سبق حاصل ٿيندا.
مطلب: ۱. گهر جي ڪنڊ ۾ ويهي کائڻ ۽ آرسي ٿيڻ کان، ٻاهر نڪري ڌڻيءَ جي جهان ۽ ڪاريگريءَ جا رنگ ڏسڻ ۽ اچرج حاصل ڪرڻ بهتر آهي.
۲. تا به دکانِ خانه در گروي، هرگز اي خام آدمي نشوي.
بَرو اندر جهان تفرج کن، پيش زان روز کز جهان بروي. (فارسي)
۳. جاسين گهر جي هَٽَ ۾ ڳهه پيو آهين،
اي ڪچا! ڪڏهن ماڻهو نه ٿيندين.
وڃ! جهان ۾ ۽ گهوم ڪر،
هن جهان مان هليو وڃين تنهن ڏينهن کان اڳي. (ترجمو)
449- گهڻي کٽيي کان، مور ياد نه. (پهاڪو)
کٽيو: منافعو، فائدو.
مور: موڙي، سيڙپ.
ڌنڌي ۾ ٻنهي شين جو خيال ڪرڻو هوندو آهي. موڙي به سلامت رهي ۽ نفعو به چڱو ملي. موڙي بچائڻ جي لاءِ تڪڙ ڪبي ته نفعو هليو ويندو. گهڻي نفعي جي لالچ ڪبي ته موڙي ٻڏي سگهي ٿي. جيئن هڪڙي ماڻهوءَ کي ڀؤ ٿئي ته جيڪڏهن مال رکيو ويٺو هوندس ته متان ڪنھن ناگھاني آفت جي ڪري ڪو نقصان پوي. يعني متان گُهڻو لڳي، اڏوهي کائي وڃي، ٻوڏ اچي، باهه لڳي، جهاز ٻڏي وغيره. تنھنڪري جيڪو ماڻھو، اڌ-گيدو/ اوني پوني ۾، مال نيڪال ڪري رڳو سيڙايل موڙي ڪڍي، تنهن به ڄڻ پنهنجو پگهر مفت وهايو. ان جي برعڪس جيڪو ماڻهو چوي ته مان گهڻو نفعو ڪمايان. نقد وڪري تي ويهه سيڪڙو منافعو آهي پر اوڌر تي ڏيڻ سان چاليهه يا پنجاهه ملي ٿو، سو ڇو نه ڪمايان. اهو ڄڻ پنهنجي موڙي به داءَ تي لڳائي ڇڏي ٿو. ضروري ناهي ته جنهن ڳرو منافعو آڇي، اوڌر تي مال کنيو آهي، سو موڙي به واپس ڪري. اهڙي لوڀي واپاريءَ جو الهه تلهه به ٻهارجي سگهي ٿو.
مطلب: ۱. واپار ۾ مُور ۽ منافعي، ٻنهي جو خيال رکڻ گهرجي.
۲. هڪڙي ماڻهوءَ وٽ باغ آهي، جنهن ۾ وڻ ۽ ڦر تمام گهڻا آهن. هيءُ ڦر وڪڻي، مال گڏ ڪرڻ ۾ محو ٿي وڃي ۽ وڻن جي سار سنڀال نه لهي. لازمي آهي ته ھڪ ڏينھن مُور به وڃائيندو ۽ نفعو به.
۳. هڪڙي ماڻهوءَ جي ڍڳيءَ ۾ کير گهڻو هجي ۽ هيءُ کير سميٽڻ وچان ڍڳيءَ جي سنڀال نه لهي ته هڪ ڏينهن ڍڳي ۽ کير، ٻنهي کان محروم ٿي ويندو.
450- گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين ڏاندين هر نه هلي. (پهاڪو)
هڪڙي هَرَ کي هلائڻ لاءِ، ٻن ڏاندن يا جوڳ/ جوڙي جي ضرورت هوندي آهي. ھر ھلڻ ۾ نه هڪڙو ڏاند مزو ڪندو ۽ نه ٽي. هڪڙي گهر ۾ ماءُ ۽ ڀيڻ، زال ۽ ڌيءَ جو تعداد، وڌ به خراب ته گهٽ به خراب آهي. ڇو جو گھٽ ھئڻ جي صورت ۾ هڪ عورت، سڄي گھر جو سارو ڪم نه ڪري سگهندي. گهڻيون ھئڻ جي صورت ۾ ڪم گهٽ ٿيندو ۽ گھر ۾ ڪروڌ ۽ چِرٻروٽ گهڻو هوندو.
مطلب: ۱. هر ڪم لاءِ ڪم ڪندڙن جو مخصوص تعداد هئڻ ضروري آهي. گهٽ يا وڌ، ڪم کي کاريندا آھن.
۲. هڪڙي مڙس جون ٻه شاديون ٿيل هيون. وڏيءَ کي هيٺ ۽ ننڍيءَ کي ماڙيءَ تي رهائيندو هيو. پاڻ هڪڙي رات هڪڙيءَ وٽ ته ٻي ٻيءَ وٽ ترسندو هيو. هڪڙي ڏيهاڙي اهو مڙس، وڇائت/ واپار لاءِ ڪنهن ٻئي ڳوٺ ڏانهن ويو. پويان ٻنهي زالن کي گهر ۾ خبرداريءَ سان رهڻ لاءِ چئي ويو.
اها خبر ڪنهن چور کي به پئجي وئي. تنهن گهر ۾ مڙس ماڻهو نه ڄاڻي، رات جو آهستي آهستي اچي کاٽُ هنيو. گهر ۾ گهڙي آيو ته هيٺ ڪجهه نظر نه آيس. ڇَپ ڇَپ ڪري ماڙيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳو. وڏيءَ گهر واريءَ، کيس پنهنجو مڙس سمجهيو ۽ سمجهيائين ته منهنجو وارو، مٿينءَ کي ڏيڻ ٿو وڃي. تنهن پهاڄپي کان ڊوڙي وڃي پيرن کان پڪڙيس. ايتري ۾ چور جو مٿو، ماڙيءَ جي مٿئين در وٽ آيو. ماڙيءَ واريءَ پڻ اوندهه هئڻ سبب کيس پنهنجو مڙس ڄاڻي سمجهيو ته متان هيٺينءَ جي جهلڻ تي موٽي وڃي، تنهن تَت وهندي (تڪڙ ۾) کڻي ڳچيءَ ۾ ٻک وڌس. چور، ڊپ جي ماريي، ڇڙهه هڻي بيهي رهيو. سڄي رات سور سهي، وچ ڏاڪڻ تي گذاريائين. صبح جو ٻنهي کيس ڏٺو ته ڌاريو مرد آهي. پوءِ وٺي رڙيون ڪيائون ۽ پڪڙايائونس. جڏهن چور کي چبوتري تي آندائون ته چور سچي ڪئي؛ “چوريءَ جي نيت سان آيو هيس. هاڻي ان جي بدلي جيڪا جٺ ڪرڻي اٿو سا ڪيو؟”
“جيڪا جُٺ تون تجويز ڪرين سا تو سان ڪيون.” ماڻهن کانئس پڇيو.
“جيڪا وڻيوَ سا ڪيو!” چور ڪنڌ هيٺ ڪري چيو؛ “باقي ٻن جوين پرڻائڻ واري سزا نه ڏجو. ڇو جو ٻِه-جوئيي جي پاران هڪ رات ۾ ايڏي جٺ ٿي آهي، ساري زندگي ڪيئن گذرندي؟”
۳. ٻن جوين واري سان ئي ٽمجھڻ آهي ته پوءِ گهڻين گهر وارين واري سان ڇا حشر هوندو؟
451- گهوٽ ڪنوار راضي، ڪوهه ڪندو قاضي؟ (پهاڪو)
ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهن يا جهيڙو ڪن ته فيصلي يا نبيري لاءِ قاضيءَ وٽ دانهين وڃن. جيڪڏهن پاڻ ۾ ئي راضي ٿي ويا ۽ ڳوٺ ۾ ئي رضانامو لکي ڇڏيائون ته کين قاضيءَ وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي ڪا نه پوندي. يا فيصلي هلندي ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ٺهي ٿيون وڃن ۽ جوڳو رضانامو قاضيءَ وٽ لکي جمع ڪرائين ٿا ته پوءِ قاضي به سندن انهيءَ دستاويز جي تناظر ۾ ئي فيصلو ڏئي سگهندو. هاڻي پنهنجي مرضي نه ٿو هلائي سگهي.
مطلب: ۱. زال ۽ مڙس، پاڻ ۾ راضي آهن ته پوءِ کين ٽياڪڙ جي ڪا ضرورت ئي ناهي.
۲. چو راضي شد از بنده يزدان پاک،
گر اينها نه گرهند راضي چه باک. (فارسي)
۳. جڏهن ٻانهي تي ڌڻي پاڪ راضي ٿيو،
ٻيا راضي نه ٿيا ته پوءِ ڇا جو ڊپ؟ (ترجمو)
452- گهوٽ-ماءُ کان، اهنر- ماءُ تڪڙي. (پهاڪو)
گهوٽ: پرڻجڻ وارو مڙس، شادي ڪندڙ، دولهو.
اهنر: گهوٽ جو ڀيڻويو يا ڀاڻيجو جيڪو ساڻس گڏ يا پويان هلي. کيس پاتل هار، موڙ، بوٽ، واچ وغيره جي سنڀال ڪري ته ڪو متان جهٽ هڻي ڦري نه وڃي. ڪنواريتن جي در وٽ، ڍڪڻ وغيره ڀڃڻ ۾ مدد ڏئي.
آنر: Honour
شاديءَ جي وقت ڪنواريتن جي گهر ۾، گهوٽ ڪنوار لانئون لهندا آهن. ڪاڄ ۾ ساٺ سنؤڻ ۽ رسمون رواج گهڻا ٿيندا آهن. ڪن ماڻهن کي انهن ساٺن سنئوڻن ۾ رونشو يا مزو لڳي. ڪي وري منجهانئن بيزار ٿين. اينگهائيندڙ رسمن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. خاص طور تي گهوٽيتا ڪوشش ڪندا آهن ته وني جهٽ ۾ وٺي هليا وڃن. تنهنڪري گهوٽ-ماءُ پڻ رسمن نبيرڻ لاءِ تڪڙ ڪندي آهي. اهو به لحاظ ڪندي آهي ته، اهڙي ڳالهه نه چوان جنهن سان سيڻ ناراض ٿي پون. ان جي ڀيٽ ۾ اھنر جي ماءُ، ٻه ٻه هٿ پئي ڏامندي آهي. پئي پنهنجي پُٽَ کي پڏائيندي ۽ ميڇان ڏيندي ته گهوٽ کي تڪڙ ڪرائڻ لاءِ ٺونٺ هڻي. ڪنواريتن سان ڳالهائڻ ۾ به لحاظ نه ڪندي. پئي ڪيڏانهن ايندي ته ڪيڏانهن ويندي. خبر ئي نه پوندس ته ڳالهايان ڇا ٿي. سمجهندي پئي ته فلسفو اڄ مون تي ئي نازل ٿيو آهي.
مطلب: ۱. هر ڪم ۾ ان جو ڳالهائڻ ٺهي ٿو، جنهن جو پروجن (مقصد، واسطو) هجي. جنهن کي فائدو نه پوي، سو ٽنگ نه اڙائي ته چڱو.
۲. آنن ڦٽڻ کان اڳ، چوزا نه ڳڻجن.
۳. ناني ڄائي ناهي، ڏوهٽا ڪوٺو پيا ٽپن. (ڳجهارت، ڀڃڻي؛ باهه ۽ دونهون)
۴. پاڻيءَ کان اڳ، ڪپڙا نه لاهجن.
۵. ڀيٽيو: ڦر کان اکي ڄر نه ڇڏجي.
453- گهوڙا ته پَٽُ، ملان ته ڀَتُ،
هو ڪشيا ته رسيا، هو نوِڙيا ته چٽُ. (چوڻي)
۱. گهوڙي کي ڀڄڻ لاءِ کليو ميدان کپي. ميدان ۾ لاهي رڳو لغام کي ڪَسِڻ جي دير آهي. دُڙڪيون هڻي اک ڇنڀ ۾ منزل تي پهچي وڃي ساهي پٽيندو.
۲. کائڻ جي لحاظ کان، کائي ته هر ڪو ٿو پر بدنام، مسيت جو ملو آهي. ڇو جو اهو خيرات جي مانيءَ تي پلجي ٿو. جنهن گهر مان جيڪا ماني اچيس، سا ڀلي ٽن “س” سان؛ سڪل، سڙيل ۽ سنهي ھجي، پر ھر ڪنھن جي وري به ڪاھ مفت جي مانيءَ کائڻ سبب، مُلي تي ئي ھوندي آھي. خيرات ۾ مليل ماني کاڌي، مُلي جو اندر تئيل ۽ دل ڀريل هوندي آھي. چڱي طعام جي سڌ ۾ هر غريب وانگر سڪايل هوندو آهي. رمضان جي مهيني ۾ پيو تاڙيندو ته ڪا چڱي ماني هجي. اهڙن وجهي ملن جي مٿان اها ٽوڪ آهي ته جيڪڏهن سڻڀو ڀت سامهون آين ته پوءِ مٿس رڳو هنن جي نِوڙڻ جي دير آهي. اميد ته ٿالهه ۾ ڪڻو به نه بچندو.
مطلب: ۱. جنهن پنڌ لاءِ گهوڙا ڊوڙائبا سو ڄڻ ڄاڻ نبريو. جنهن کاڌي کائڻ لاءِ ملا گهرائبا، سو به ڄڻ ڄاڻ نبريو.
۲. گھوڙا ۽ پَٽُ، ملان ۽ ڀَتُ، ھو ڪشيا ته رسيا، ھي رسيا ته چٽ.
۳. ملان ته ڀت، گھوڙا ته پٽ، سيد ته سيون، آيون ته ويون.