لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ر

272- رات ٿوري، ساٺ گهڻا. (ورجيس)
رات ٿوري: اونهاري جي ننڍي ۽ گرم رات.
ساٺ: شادين ۾ هندو ماڻهن جون پوڄائون، شادين جون رسمون/ سوڻ.
هندو ماڻهو، شاديءَ لاءِ مُورتُ ڪڍائيندا آهن، جنهن ۾ تِٿ/ تاريخ سان گڏ مهل/ وقت به ڄاڻايل هوندو آهي. مهراج يا مُکي، وقت کان اڳي اڳي، ساٺ سوڻ پورا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن مُورت وهامي نه وڃي ۽ پوءِ وري ڪو خلل نه پيدا ٿئي.
جيڪڏهن مُورت، ڪنهن ننڍي رات واري تٿ جو آهي ۽ ساٺ گهڻا آهن ته پوءِ مڙني ساٺن ۾ تڪڙ ڪرڻ لازمي هوندي آهي. اهڙي صورت، ٿوري پريشان ڪندڙ هوندي آهي. ڇو جو ساٺ به پورا ڪرڻا هوندا آهن ۽ مُورت به گسڻ نه ڏيڻو هوندو آهي.
مطلب: ۱. رات ٿوري هئڻ، ساٺ گهڻا هئڻ. (اصطلاحي ورجيس)
۲. وقت ٿورو، ڪم گهڻو.
۳. ڄمار ٿوري، ڌنڌو گهڻو.
۴. ڏينهن ٿورو، پنڌ گهڻو.
۵. اٽو ٿورو، مهمان گهڻا.

273- راجا ڪري سو نياءُ، ڍارو پوي سو داءُ. (پهاڪو)
نياءُ: انصاف، مهرباني.
ڍارا: چُوپڙ راند ڪرڻ جا ٽي ڇَڪا، جن تي ڳاڻيٽي جا نشان رهن ٿا. اڇلائڻ مهل ٽنهي مٿان گڏيل عدد ٽن کان ارڙهن تائين ڏسڻ ۾ اچن. چؤپڙ راند ڪرڻ وارا، تن انگن/ عددن جي حساب سان راند ۾ سارين جي چال هلن.
داءُ: ڍارا اڇلائڻ کان پوءِ جيترا به عدد پون، تن کي داءُ چئجي. ڪُڻي/ پُکي ۾ آيل.
راجا، ملڪ جو والي ٿئي ٿو. ماڻهن جا مسئلا منجهس ڦاسن ٿا. تنهنڪري رب جي به مٿس نوازش ٿئي ٿي ته جيئن ماڻهن جا مسئلا حل ڪري سگهي. انهيءَ سببان کيس طاقت، عقل ۽ علم عطا ٿئي ٿو. اهو جهڙو به عوام سان ورتاءُ ڪندو، ان تي پاڻ کي حق بجانب پيو سمجهندو. طاقت جي زور تي ڀلي ناانصافي ڪري، ته به منهن تي کيس ظالم نه ڪوٺي سگهبو. بلڪ سندس هر عمل کي انصاف وارو ئي ڄاڻائبو، انهيءَ ۾ ئي عافيت ٿيندي.
اهڙيءَ طرح، ڍارو هلڻ کان پوءِ جيڪو داءُ پوي، تنهن کي مڃڻو پوندو. چون چران ڪبي ته راند ۾ رس نه رهندو.
مطلب: ۱. راجا جيڪي ڪري سو واجبي ڄاڻجي.
۲. هر چہ آن خسرو کند، شيرين بود. (فارسي)
۳. جيڪي ڪجهه خسرو بادشاهه ڪري، تنهن کي مِٺو ڀانئجي. (ترجمو)
۴. حاڪم کي ستن ولين جيتري طاقت هوندي آهي.

274- راکي رام ته ماري ڪير؟ (چوڻي)
جيڪي ماڻهو تڪليف/ اهنج ۾ دنياوي اسباب تي ڀاڙڻ بدران رب ڏانهن پنهنجا معاملا رجوع ڪن ٿا، تن کي پختي ۽ يقيني مدد ملي ٿي. جيڪي اسباب تي ڀاڙين ٿا، سي نيٺ منهن جي کائين ٿا.
هر ماڻهوءَ کي، هر مونجهاري واري معاملي ۾، رب کان مدد گهرڻ گهرجي. جنهن جي واهر ڌڻي سڳورو پاڻ ڪري ٿو، تنهن کي مصيبتون/ تڪليفون ڪجهه به نه ٿيون ڪري سگهن.
مطلب: ۱. جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي.
۲. دشمن چه کند چون مهربان باشد دوست. (فارسي)
۳. جڏهن مالڪ مهربان ٿئي ته پوءِ ويري وار به ونگو نه ڪري سگهي. (ترجمو)
۴. رب جنهن جو رکڻهار، تنهن کي ڪير ماري؟

275- راڻي سا، جاءِ راءِ کي وڻي. (چوڻي/ پهاڪو)
راڻي اها آهي جيڪا ٻين سهيلين مٿان راڄ ڪري يا جنهن جو ٻين جي مٿان حڪم هلي. حڪم اها هلائي سگهندي، جنهن کي راءِ يا راجا جي آشيرواد هوندي. راجا جي آشيرواد، ان کي حاصل هوندي جيڪا راجا کي وڻندي، يا مڙني جي ڀيٽ ۾ راجا کي وڌيڪ موهيندي.
مطلب: ۱. راجا ڪو ڀائي، تڀي تو راني ڪهلائي. (هندي)
۲. راجا کي وڻي، تڏهن ته راڻي ٿي سڏائي.
۳. ماڻهو يا ڪم، اهو چڱو جيڪو ڌڻيءَ کي وڻي.
۴. جو تُڌ ڀاوي، سائي ڀلي ڪار. (گرونانڪ)
۵. جو توکي وڻي، سو ئي چڱو ڪم. (ارٿ)

276- رائري گهران، گيهه جهلجي پاند ۾. (پهاڪو)
راءِ: راجا، بادشاهه.
ري، رو: جي، جو.
راءِ ري گهران: راجا جي گهران. بادشاهه جي گهر مان.
جيڪڏهن راجا يا بادشاهه جي گهران گيهه ملي ته ٻئي هٿ جهلي به وٺجي. باسڻ يا ٿانءُ وغيره نه هجي، ته به موٽائجي نه. يڪدم جهول جهلي يا پوتڙي/ رئي جي پَلَوَ ۾ به وٺجي. پوءِ ڀلي ڪپڙي مان هارجي پوي يا پاند سڻڀو ٿي وڃي، ته به ڇڏجي نه. ڪروڌ يا ڪُرڪُر نه ڪجي. ناراضپو ٿيو ته سڄي عمر لاءِ بخت جو دروازو بند ٿي ويندو.
مطلب: ۱. سلطاني سلوڪ مان، جيڪي ملي سو شڪر ڪري وٺجي ته جيئن اڳتي جي اميد نه وڃي.
۲. رب جي ڏني تي راضي رهجي.

277- رت ڏسي، رُمي هڻجي. (پهاڪو)
۱. رُمي: بت مان رت ڪڍڻ جي سُئي.
۲. بند ٻوريءَ ۾ پيل ان جي جنس چڪاسڻ لاءِ، ڌاتوءَ جي ٺهيل نلي.
جيڪڏهن رت جي ضرورت هجي ته پوءِ رَتُ ان کان وٺجي جنهن جي بُت ۾ واڌو رتُ هجي ۽ سندس بلڊ گروپ به مئچ ٿيندو هجي. جتي رت ٿورو هجي يا ڪِنو هجي يا مئچ نه کائيندو هجي، اتي رُمي هڻڻ بيڪار آهي، بلڪ اڳلي جو زيان ڪرڻو آهي.
جانور يا ماڻهوءَ تي، ان جي پڄنديءَ سارو بار رکڻ کپي. جيڪڏهن هڪڙي وهٽ ۾ ٻه مڻ بار کڻڻ جي سگهه آهي ۽ مٿس چار مڻ لڏبا ته مري پوندو يا چيلهه ٽُٽي پوندس. سهندڙ آهر بار رکبس ته کڻي منزل تائين به رسائيندو ۽ پاڻ به هلاک رهڻ بجاءِ سکيو رهندو.
پهريو يا وهٽ سو ڪهجي، جنهن ۾ رت هجي، پليل سوکو هجي ۽ گوشت لذيذ هجيس. مريض ۽ روڙهه کي ڪُهي کائڻ مان ڪو مزو نه ايندو.
مطلب: ۱. وِت کان واڌو، ڪنهن کان ڪم نه وٺجي.
۲. خر که کمتر نهند بروي بار،
بِره آسوده ميکند رفتار. (فارسي)
۳. گڏهه تي جيڪڏهن هلڪو بار لڏبو،
رستي تي آرام سان پيو هلندو. (ترجمو)

278- رڍ اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا. (ورجيسي جملو)
هڪڙي ريڍار جي سنگت هڪڙي لنگهي سان هئي. نصيب جي زور سان ريڍار هڪ ڏينهن ڪاٿي وڃي راجا ٿيو. لنگهي جو منجهس اچي مطلب ڦاٿو. سو هڪ ڏينهن وڃي سندس ڪچهريءَ ۾ نڪتو. مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍا رباب وڄايائين ۽ سر سان راڳ الاپيائين.
گهڻن ڏيهاڙن تائين وڄائڻ/ ڳائڻ پڄاڻان ڪي ڪين وريس. هڪڙي ڏيهاڙي لنگهي کي جهونو يار ملي ويو. تنهن مطلب بر آوريءَ بابت پڇيس. تنهن کي ٿڌو ڇوڪارو ڀري ٻڌايائين؛ ريڍار اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه گذري ويا.
مطلب:۱. جيڪو سوال نه سمجهي، تنهن آڏو سوال نه ڪجي.
۲. مُرليون اتي وڄائجن، جتي نانگ ريجهن، ڳوهه آڏو مُرلي وڄائڻ مان ڪو فائدو ڪونهي.
۳. ڀينس ڪي آگي بين بجانا، هي سر کپانا. (اردو)
۴. اگر صد باب حکمت پيش نادان،
بخوانند آيدش بازيچہ در گوش. (فارسي)
۵. اڄاڻ اڳيان جيڪڏهن، حڪمت جا سَوَ باب پڙهين،
ته به کيس اهو کيل/ تماشو پيو ٻڌڻ/ ڏسڻ ۾ ايندو. (ترجمو)
۶. اڻ ڄاڻ کي ريجهائڻ، گهڻي کپت کاٻار گهري ٿو.

279- رڙا ڪين رجهن، توڙي ٻارڻ ٻرن ٻِه-پُڙا. (پهاڪو)
رڙو: مُڱن جي انَّ ۾ کريل ۽ سخت داڻو، جيڪو گهڻي باهه تي به نه رجهي.
ٻارڻ: ٻرندڙ شيءِ. Fuel
ٻه-پُڙا: ٻيڻا. ٻه ڀيرا.
رڙو، گهڻي ٻارَڻ ٻارِڻ سان پڻ نه رجهندو آهي. جڏهن رجهندو ئي نه ته کاڄندو به ڪين. نيٺ اَنَّ مان ڪڍي اڇلائڻو پوندو. اهڙي اَنَّ تي پهريندي ٻارڻ ڇو ضايع ڪجن؟ کيس رڌڻ کان اڳي ڇو نه ڪڍي اڇلي ڇڏجي.
مطلب: ۱. کريل ماڻهوءَ مان سڌرڻ جي اميد گهٽ رکجي.
۲. ڪميڻو تربيت سان به سکي نه سگهندو ۽ نه سڌري نه سڌرندو.
۳. تربيت نااهل را چون گردگان بر گنبد است. (فارسي)
۴. ڪميڻي کي سيکارڻ، ڄڻ آ گنبذ تي کينهون/ بال رکڻ. (ترجمو)

280- رڪ جا چڻا، آنڊا ڦاڙن. (پهاڪو)
چڻا: اَنّ جي وَنِڪَ. اَنَّ جو قسم. ماڻهو منجهانئن ڪُهر رڌي کائين، ڏري دال ڪن ۽ پيهي بيسڻ ٺاهين، جنهن مان پڪوڙا وغيره تري کائين.
رڪ جا چڻا: ڏاڍي جو مال.
چڻو، سولو رجهندو آهي. رجهڻ بعد کائڻ ۾ سوادي ٿئي پر پيٽ به ڦوڪي رکي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان جي ڀيٽ ۾ رڪ جا چڻا چٻي، سو چٻي نه سگهندو. ڳِهي وڃي ته پيٽ ۾ هضم نه ڪري سگهندو، هٿائين پيٽ ۽ آنڊا چيرجي پوندس.
هڪڙي سرڪاري ملازم/ نوڪر کي، پگهار کان علاوه جيڪي ٿورو ٿڪو پاڻ-مرادو ملي، سو چڻن جي ان وانگر ڦٻي ويندس. جيڪڏهن ڪير ڀانئي ته منهنجو هاضمو درست آهي ۽ لڪڙ پٿر هضم ڪري ويندس. اهو گمان ڪري غير واجبي طرح کائيندو ۽ ڦُر-مار ڪندو ويندو ته ڄڻ پيٽ ۾ رُڪَ جا چڻا ڀريائين. ڳِھڻ مهل ته ڳِهي ويندو پر هضم ڪرڻ مهل آنڊا ڦاڙائي ويهندو.
مطلب: ۱. ڏاڍي جو مال هضم ڪرڻ ڏکيو آهي.
۲. تُران به حلق فرو برد استخوان درشت،
ولي شکم بدرد چون بگيرد اندر ناف. (فارسي)
۳. نڙيءَ کان هيٺ، سخت هڏو لنگهائي ته سگهجي،
پر جڏهن دُن ۾ وٺُ ڪري، تڏهن پيٽ ڦاڙي. (ترجمو)

281- رن پٽ ريڍار، ڪانُ هڻي بنڊ ۾. (پهاڪو)
ڪانُ: تير.
بُنڊ: ٿلهي ڪاٺي، وڻ جو ٿڙ وارو وڍيل حصو.
اصولي طور تي تير وغيره، شڪار ڪرڻ وقت جهنگ جي مِرن يا پکين تي چُٽبو آهي. يا جنگ/ جهيڙي ۾ دشمن وغيره تي تاڻبو آهي. بُنڊ تي تير هڻڻ اجايو آهي. نه منجهانئس شڪار هٿ ايندو ۽ نه ئي دشمن کي اَڙَ ٿيندي. هٿائين وقت ۽ ملڪيت، تير جي صورت ۾ وڃائڻا آهن.
هٿ سڌي ڪرڻ لاءِ بُنڊ يا تنبي کي تير چُٽڻ ته ٺيڪ آهي پر ان کان مٿي نه وڌڻ پڻ چريائپ آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن يتيم ٻار، ريڍار ٿيو ته پوءِ رڍن چارڻ بدران پيو، تير ڪمان اجايا هلائيندو ۽ مٿس روڪ ٽوڪ نه هئڻ ڪري پيو وقت ۽ پئسو اجايو زيان ڪندو.
مطلب: ۱. اڻ ٺهندڙ/ اڻ سونهائيندڙ ڪم ڪرڻ، اياڻپ جو آريکڻ (نشاني) آهي.

282- رن پٽ کي لڳي ڀاڳ،
ڏياري جواري ڀت کي داڳ. (پهاڪو)
داڳ: داغ، پگهار، تڙڪو، گيهه ڪوسو ڪري يا ٽِڙڪائي رڌل چانورن يا ٻوڙ ۾ وجهڻ.
جواري ڀت: رٻَ، سادو ڀت، بنا داڳ جي رڌجندڙ ڀت، جوئر جو ڀَت.
رن پٽ: جنھن جو پيءُ مري ويو ھجي. جنهن کي ڌت ڪرڻ يا روڪ ٽوڪ ڪرڻ وارو ڪير نه هجي. جيڪو هر فعل ۾ آزاد ۽ پاڻ-هُرتو هجي.
داڳ، بصر يا ٿوم سان ايندو آهي. بصر کي اڳي ٽڙڪائڻ واري عمل کي داڳ چئبو آهي. جنهن کان پوءِ گوشت، ٻوڙ يا پلاءُ منجهس رڌبو آهي. جڏهن ته ٿوم مان ٽڙڪايل گيهه، سليماني رڌيل ٻوڙ يا اوٻاريل چانورن مٿان وجهڻ کي تڙڪو يا رائي چئبو آهي.
داڳ يا تڙڪو، گرم مصالحن ۾ رڌجندڙ تيوڻ/ پلاءَ لاءِ ڪبو آهي. مِٺا چانور به داڳ ڪري رڌي کائڻ ۾ مزيدار ٿيندا آهن. البته جوئر جي ڏاري جو ڀت، فقط پاڻيءَ ۾ اٻارڻ سان ئي مزيدار ٿيندو آهي. داڳ جي نه ضرورت هوندي آهي ۽ نه رائيءَ جي. ان سان هٿائين سواد مري ويندو. اهڙي خفي ڪرڻ مان فائدي بجاءِ نقصان پوي.
مطلب: جڏهن ڪميڻي ماڻهوءَ کي دولت هٿ اچي ته لا اُٻالو ٿي ڪري اجاين خرچن ۾ زيان ڪري ڇڏي.

283- رن چشڪي هري، رکي آرت وار. (پهاڪو)
چُشڪي: چُسڪو، چَسڪو، چَسُ، لذت، سواد.
آرت وار: ورت رکڻ، بک تي ڏينهن گذارڻ، روزو رکڻ.
هڪڙي شخص جي زال، وات-چٽي هئي. هڪڙي ڏيهاڙي چسڪو ڪو نه مليس ته مڙس کي ماني کارائي، پاڻ ٻوٿ سڄائي لنگهڻ ويهي رهي. مڙس بک تي رهڻ جو سبب پڇيس ته يڪدم چيائينس؛ “آرت-وار جو اٿم!”
مڙسهنس کي مٿس ڪهل اچي وئي. ان وقت ئي بازار ڏانهن ڀڳو ۽ وڃي کير-پيڙا وغيره وٺي آيو ۽ ورت کولڻ لاءِ اچي آڏو رکيائينس.
ورندي ڏيهاڙي به جوڻس، کيس ماني ڏئي پاڻ ٻوٿُ ٻوٿَ تي چاڙهي، آرت-وار جو آچم/ مِنهن ڪري، بک تي ويهي رهي. تڏهن مڙس ٽوڪيندي چيس؛ “چشڪي تي هِري آهين، تڏهن ته ورت ٿي رکين. نه ته توکي ڪهڙو اچي، اڻ مندائتن ورتن سان پئي آهي.”
مطلب: لچ ماڻهوءَ تي هڪ دفعو سو مهرباني ٿئي، پوءِ هري پوندو ۽ وري وري پيو گستاخ ٿيندو.

284- رڻي ۽ رائر جو، سڏ جنهين کي هوءِ،
منجي اتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري. (پهاڪو)
رڻو: قرض، اوڌر، لهڻو.
اُتي: مٿان.
رائر: سرڪاري ڍل، ٽئڪس.
منجي: کٽ، پلنگ.
جنهن ماڻهوءَ/ واپاريءَ تي بازار جو قرض چڙهيل آهي يا جنهن زميندار تي سرڪاري ڍل واجب آهي، تنهن کي اندر ۾ پريشاني هوندي. ڪيڏيءَ مهل به قرضي اچي ڪنڌ تي ڪڙڪندا. سندن اوچتي هڪل کان قرضدار پيو ڪنبندو آهي.
جيڪڏهن اهڙو ماڻهو، سيج پلنگ تي زال سان ڀاڪر ۾ پيو هجي ته هڪ ئي هڪل سان، کانئس پلنگ ته ڇا پر پنھنجي پياري زال به وسري ويندي.
مطلب: ۱. ڀَوَ واري جاءِ تي، خوشي خام ٿيو وڃي.
۲. ڀيٽيو: توڻ جو تڪرار سان، سڏ جنھنن کي هوءِ،
منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کان وسري.

285- روزن پٺيان عيدون، عيدن پٺيان روزا. (پهاڪو)
روزا، تڪليف يا آزمائش جو اُهڃاڻ آهن. عيد، خوشيءَ يا شادمانيءَ جي علامت/ تمثيل آهن. زندگي، خوشيءَ ۽ غم جو گڏيل جهان آهي. ڇو جو هيءَ دنيا، نه جنت آهي ۽ نه دوزخ. جنت ۾ رڳو خوشيون هونديون ۽ جهنم ۾ رڳو عذاب هوندا. هن دنيا ۾ ٻئي شيون گڏوگڏ رکيون ويون آهن. ڪڏهن تڪليف ۽ آزمائش آهي ته وري ڪڏهن خوشي ۽ شادماني آهي.
بلڪ اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته خوشي ۽ شادماني، سک ۽ سانت ان کي ٿا ملن جيڪو پهرين تڪليف ڀوڳي محنت ڪري ٿو. جيڪو هٿُ هٿَ تي رکي، ٽنگَ ٽنگَ تي چاڙهي ويهي رهي ٿو، سو عذاب پسي ٿو.
مطلب: ۱. جيڪڏهن چاهين ته خوشيون ڏسان ته پوءِ پهرين سان ئي محنت ۾ جنبي وڃ.
۲. ڏکن پٺيان سک، سکن پٺيان ڏک.

286- رهي راهوجين، بهي باهوجين،
ڪتي ڪوريجن جي. (پهاڪو)
راهوجا: هڪ ذات، جنهن پويان ڳوٺ جو نالو پڻ.
باهوجا: هڪ ذات.
ڪوريجا: هڪ ذات، جنهن پويان ڳوٺ جو نالو پڻ.
ڪُتِيءَ جو ڪَتِيءَ جي مند ۾، ماڻهن سان واسطو نه هوندو آهي. ڪَتِ جي مند ھئڻ سبب، سندس تعلق پنهنجي ڪڙم/ قبيلي وارن سان هوندو آهي. اهي جتي هوندا، تن جي ٽولي ۾ پئي ڦرندي. مالڪ ڀلي ڪوريجا هجنس پر رهندي پئي راهوجن ۾. ٽڪر ٽاهوجن جا کائي، چورن مٿان ڀؤنڪندي پئي جوڻيجن ۾. پنهنجي غرض خاطر پئي هِتِ هُتِ ڦرندي ۽ ڪنهن هڪ جي ٿي نه ويهندي.
مطلب: ۱. مطلبي ماڻهو، ڪنهن جو به ناهي.
۲. ڪتي ڪوريجن جي، رهي راهوجين، بهي باهوجين، ٽڪر کائي ٽاهوجن جا.
۳. هڪڙي ڪارخاني جي ماڻهوءَ کي، بنا اجازت ٻئي ڪارخاني ۾ وڃي ڪم ۾ هٿ نه وجهڻ گهرجي.