ص
سينڱ: ڪمان، جنهن ۾ تير وجهي هلائجي.
چُٽڻ لاءِ، تير ڪمان ۾ وجهي، سوچ سمجهه سان پوري اندازي تي پوئتي ڇڪي، نشاني جي رخ ۾ اک جي ٽيٽ سان سڌو ڪشي هڻبو ته ٺيڪ ٺيڪ نشاني تي لڳندو. تڙ تڪڙ ۾ ڪشيل تير، ڪيڏانهن جو ڪاڏي هليو ويندو آھي ۽ نشاني تي ڪو نه لڳندو آھي. تيرن جو خرچ، ڪمان جو سيڙاءُ، وقت ۽ همت جو استعمال، سمورا رائگان ھليا ويندا آھن.
شڪار تي نشانو چٽڻ لاءِ وڏي احتياط ۽ صبر جي ضرورت ھوندي آھي. بي صبريءَ ۽ اٻھرائيءَ مان ڪشيل تير، نشاني تي نه لڳڻ سان شڪار وڃڻ جو نقصان ته ٿئي ٿو پر جيڪڏھن نشاني تي شينھن جھڙو جانور آھي ته جان وڃڻ جو انديشو پڻ رھي ٿو.
مطلب: ۱. صبر سان، مطلب/ غرض کي پهچي سگهجي ٿو.
۲. به صبر تُواني رسيدن به کام،
به آهستگي صيد آيد بدام. (فارسي)
۳. صبر سان مراد کي پهچي سگهندين،
صبر ۽ آهستگيءَ سان، شڪار ڦاهيءَ وٽ اچي ٿو. (ترجمو)
۴. صبر جا سورنهن، تڪڙ جا تيرنهن.
۵. ڀيٽيو: صبر، وڏو ٽول. (چوڻي)
334- صبر، وڏو ٽول. (چوڻي)
ٽول: وَٿُ، شيءِ، هٿيار.
دنيا جي تختي تي، جملي ڪم تڙ تڪڙ سان نه ٿا انجام تي پهچن. ڀلي سمورا وسيلا ساڻ هجن، تڏهن سوچ ويچار ۽ صبر سهپ سان بروءِ ڪار آڻبا ته مطلب کي پهچبو، نه ته هر معاملو اڌورو ۽ کريل رهجي ويندو.
صبر ۾ وڏي حڪمت آهي. ڌڻي سڳوري تڏهن صبر ڪرڻ لاءِ جاءِ بجاءِ تلقين ڪئي آهي. صبر کي ئي هٿيار طور کڻڻ لاءِ، احڪام صادر ڪيا اٿس. جنهن کي صبر جهڙي وٿ حاصل آهي، تنهن کي جتي ڪٿي ڪاميابي ملي ٿي. بي صبرو ۽ اٻهرو ماڻهو، انهيءَ حڪمت کان پالهو رهجي وڃي ٿو.
مطلب: ۱. صبر ڪرڻ واري سان، ڌڻي سڳوري جي مدد شاملِ حال آهي.
۲. گنج صبر اختيار لقمان است،
هر که را صبر نيست حڪمت نيست. (فارسي)
۳. صبر جو گنج، لقمان جي وَسَ وانگر آهي،
جنهن وٽ صبر ناهي، تنهن وٽ حڪمت ناهي. (ترجمو)
۴. صبر ڪرڻ واري سان پاڪ پروردگار گڏ آهي.
۵. ڀيٽيو: صبر جنين سينڱ، تير نه گسي تن جو.
335- صلاحين شينهن ٻجهن، ڪرهين ڪم نه ٿئي. (پھاڪو)
صلاح: گڏيل سوچ ويچار
صلح: سانت، امن، دوستي.
صلاحين: هم-صلاح، يڪراءِ.
ڪَرَهه: جهيڙو، ڇار، ٽانڊا ڀور.
ڪَرَهين: ويڙهه جهيڙ، لڙ بکيڙو.
هر ڪم، هڪ ماڻهوءَ جي وَس جو ناهي. کيس ٻين سان صلاح ڪري پوءِ ڪرڻ گهرجي. ان سان ڪم جي پورن نفعن مان بهره ور ٿي سگهندو. ٻي صورت ۾ محنت ئي اجائي هلي ويندس.
صلاح صواب سان شينهن جهڙو چيريندڙ ڦاريندڙ جانور به پنجوڙن ذريعي ٻڌي ڦاسائي، پڃري ۾ بند ڪري سگهجي ٿو. سندس ٻچي کي به چِيتاري ڌتاري، پڃري ۾ بند ڪري سگهجي ٿو. ان جي برعڪس رڳو لڙ بکيڙي ڪرڻ سان، ماڻهو پاڻ ۾ ئي پري وڃي پوندو. ڪم ته ڪو به ڪري نه سگهندو. جيڪڏهن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ سواءِ کارڻ جي ڪي ڪين ڪري سگهندو.
مطلب: ۱. جيڪي ڪم، پيار قرب سان ٿين ٿا، سي جهيڙي جهٽي سان نه ٿا ٿين.
۲. به شيرين زباني و لطف و خوشي،
تواني که پيلي بموئي کشي. (فارسي)
۳. مٺڙي زبان ۽ مهربانيءَ ۽ سرهائيءَ سان،
هاٿيءَ کي وار سان به ٻڌي سگهين ٿو. (ترجمو)