م
ماچي: ماچ ڪرڻ، مچي مھوڙ ٿيڻ.
ناچي: نچڻ، ٺينگ ٽپا ڏيڻ.
جانورن جي خاصيت آهي ته کاڌ خوراڪ لاءِ پيا وڙول ڏيندا آهن. جڏهن ڪنهن گهاٽي ويءَ ۾ چڱو خاصو گاهه، چرڻ لاءِ ملي ويندو اٿن ته چڱيءَ طرح ڍَوَ ڪرڻ پڄاڻان ويٺا ٺينگ ٽپا ڏيندا آهن ۽ هڪ ٻئي کي اُکين تي کڻندا آهن.
مطلب: ۱. ماڻهوءَ وٽ جڏهن پئسو جام اچي يا گڏ ٿي وڃي تڏهن ٽِنڊ/ ٽيڳر ڪري ۽ ڊونگل ڍاري، جنهن تنهن سان کينس ڪري ۽ چرچا ڪري.
۲. اس نھ جنمان جڳ ماهين،
پرڀتا پاءِ جائس مڌ ناهين. (تلسيداس، وچن)
۳. اهڙو ڪو جهان ۾ ڄائو ئي ڪو نه آهي،
وڏائي پائي ۽ نشو نه چڙهيس. (ارٿ)
۴. بيذق شطرنج را چون منصب فرزين رسد،
رهروي را واگذارد، کِج روي گيرد به پيش. (فارسي)
۵. شطرنج جي پيادي کي، جڏهن گهوڙي جي جاءِ ملي،
سنئون هلڻ ڇڏي، ڏنگي چال هلڻ سٽي. (ترجمو)
۶. کاچي ته ماچي، ماچي ته ناچي.
471- ماديءَ ڪڪڙ به ڪڏهن ٻانگ ڏني؟ (پهاڪو)
ٻانگ: وڏي رڙ سان سڏڻ.
ڪڪڙ جي خاصيت آهي ته اڌ رات جو ۽ رات جي پوئين پهر ۾ بيهي ٻانگ جو دَسُ هڻندو آهي. ڌڻيءَ کي رات جو ٻاڏائڻ وارا، سندس آواز تي اٿندا آهن ۽ تهجد وغيره پڙهندا آهن. سندس آواز ايترو وڏو ۽ ڪڙڪيدار هوندو آهي جو ستل ماڻهو، ننڊ مان اٿي ويھندو آهي. ٻانگ ڏيندو به پوري وقت تي آهي. اهي ٻئي وقت، تهجد جي پڙهڻ لاءِ متعين آهن. اهو ئي سبب آهي جو، سندس آواز کي ٻانگ سان موسوم ڪيو ويو آهي. ٻانگ، اذان جو سنڌي نالو آهي.
جڏهن ته مادي ڪڪڙ نه ٻانگ ڏئي سگهندي آهي ۽ نه ئي وري ڪڏهن ميل وڙهي سگهندي آهي. اهي ٻئي خاصيتون، نر ڪڪڙ جون آهن. ٻانگ وڏي ڪاڪڙي سان ڏئي سگهبي آهي ۽ ميل وڏي کڙهه سان وڙهي سگهبي آهي. مادي ڪڪڙ، ٻنهي کان وانجهيل آهي.
مطلب: ۱. مادي ڪڪڙ ٻانگ نه ڏئي سگهي، بلڪ نر ڪڪڙ ڏئي.
۲. ماديا ڪڪڙ به ڪڏهن مئل وڙهيا؟
۳. سنڍ زال، ٻار نه ڄڻي سگهندي.
۴. ڪانئر ماڻهو، جنگ نه ڪري سگهندو.
۵. لاٻر-چٽئي ماڻهوءَ کان، چڱ-مڙسيءَ جو ڪم نه ٿيندو.
۶. فطرت، ڪڏهن به مَٽجڻي ناهي.
۷. گُندئين کير ملي ها ته مينهن ڪير نه ڌاري ها.
8. گابن سان ڳئون ڍڪيون ٿين ها ته ڏاند ڪير به نه ڌاري ها.
9. ڀيٽيو: وڇ کير ڏئي ته مينهن ڇو ڌارجي؟
472- مارڻ واري کان رکڻ وارو ويجهو آهي. (چوڻي)
مارڻ وارو: ويري، ڌڪ هڻڻ وارو، ظلم ڪندڙ.
رکڻ وارو: بچائڻ وارو، ڌڻي سڳورو.
ماڻهوءَ کي دنيا ۾، حياتي ڏيئي رب پاڪ موڪليو آهي. سندس رهڻ ڪرڻ لاءِ وقت ۽ هنڌ، کائڻ پيئڻ لاءِ کاڌ خوراڪ، پائڻ چوڙڻ لاءِ لٽو ڪپڙو وغيره سڀ مقدر ۾ لکي ڇڏيا اٿائين. جيڪي انسان کي حياتيءَ ۾ ملي ئي وڃن ٿا. موت به وٽس ان ڏينهن ٿو اچي، جنهن ڏينهن رب پاڪ طرفان لکيل آهي. انھيءَ وچ ۾، ڀلي ڪير ڪيتري به ڪوشش ڪري، نه ڪنهن جي لکيل تقدير مان، کائڻ وارو هڪ مانيءَ-ڳڀو گهٽ ڪري سگهندو، نه پائڻ وارو هڪ لٽو ۽ نه ماڻڻ وارو هڪ ڏينهن کٽائي سگهندو.
الله جل جلالہٗ پاڻ زبردست آهي، سندس ٺاهيل مقدر کي ڪو به هڪ سيڪنڊ لاءِ اڳتي پوئتي نه ٿو ڪري سگهي. جنهن جي هو ڀر ٿئي، تنھن جو ڪير به وار ونگو نه ڪري سگهي.
مطلب: ۱. جنهن کي ڌڻي رکي، تنهن کي ڪير چکي.
۲. جڏهن ڌڻي پاڻ راکو آهي، تڏهن ويري ڇا ماري سگهندو؟
۳. هزار دشمنم از قصد ميکنند هلاک،
گر تو دوستي از دشمنان ندارم باک. (فارسي)
۴. هزار ويري جيڪڏهن منهنجي مارڻ واري ڪن،
جيڪڏهن خدا سڄڻ آهي ته ويرين جو خوف نه اٿم. (ترجمو
۵. جس راکي، تِسُ ڪوئي نه ماري. (گرو نانڪ صاحب، وچن)
۶. جنهن کي ڌڻي بچائي، تنهن کي ڪوئي نه ماري. (ارٿ)
۷. مدعي لاک برا چاهي مگر وهي هوتا هي، جو منظورِ خدا هوتا هي.
473- ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير. (پهاڪو)
ماري: پکي يا مِرون ڦاسائيندڙ، پکين يا مرن جو شڪار ڪندڙ.
ماري/ شڪاري، ڏيهاڙي پکي وغيره ڦاسائي ٿو. ٻيو ڌنڌو نه ٿو ڪري. جنهن ڪري انهيءَ مان کائي ٿو. شڪار وڪڻي، ٻيا ڪم به سڌا ڪري ٿو. جنهن ڪري جيترو به ڏيهاڙي مال اچي ٿو، سو يا وڪامي وڃي ٿو، يا گهر ۾ کائجي پيئجي/ کاچي پيچي وڃي ٿو. آخر ۾ فقط شڪار ٿيل پکيءَ/ جانور جون هڏيون، سندس گهر ۾، نشانيءَ طور رهن ٿيون.
مطلب: ۱. ظلم ۽ ڪڌي ڪمائيءَ واري جي گهر ۾، هڏن ڌاران ڇا هوندو؟
۲. جيڪو پاپ ڪري ناڻو ميڙيندو، سو سائو ڪٿان هوندو؟
۳. ڪنڀر جي گهر ۾، پاڻي پيئڻ لاءِ ٻُٽو دلو مشڪل هوندو.
۴. لوهر جي گهر ۾، ماني اٿلائڻ لاءِ ٽڦڻي نه هوندي.
۵. ڊکڻ جي گهر ۾، ٻوڙ رڌڻ لاءِ ڏوئي نه هوندي.
۶. ڪاسبي/ ڌنڌوڙي ماڻهو، گهر جي استعمال جي شيءِ به، گراهڪ کي ڏئي ناڻو ڪمائين.
474- ماريي کان پڏايو چڱو. (چوڻي/ پھاڪو)
پڏائڻ: تعريف ڪرڻ. ڊيڄارڻ.
ٻار وغيره غلطي ڪري ته کيس ڌڪ چنبو هڻي نه سڌارجي بلڪ سندس ٻين خوبين جي تعريف ڪجي ۽ کيس ياد ڏيارجي ته تو ۾ ته فلاڻيون فلاڻيون خوبيون ۽ گڻ آهن، جنهن ڪري تون سڀني کي وڻين ٿو ۽ هڙئي توکي ڀانئين ٿا. هاڻي جڏهن اهڙيون غلطيون يا نافرمانيون ڪندين ته پوءِ توکان مڙئي نفرت ڪندا ۽ توکي ڀانئيندا به نه. نه کڻندئي ۽ نه وري ڪا شيءِ شڪل وٺي ڏيندئي. خرچي به ڪير نه ڏيندئي. اهڙي پڏائڻ سان ٻار وڌيڪ سڌرندو، بنسبت مار موچڙي جي.
۲. جڏهن ويري هٿ ۾ اچي، تڏهن سياڻي کي گهرجي جو تَت- وهنديءَ ماري نه ڇڏيس. چڱو آهي ته کيس ڊيڄاري. ڊيڄارڻ سان يا ڀڄي ويندو يا راز ڏيندو. ڪاوڙ ۾ اچي، تڪڙ ۾ ماربس ۽ پوءِ خبر پئي ته ڪم غلط ڪيو آهي، جيڪو ڪرڻ نه کپندو هيو. ان وقت ڏاڍو پڇتاءُ ٿيندو. ڇو جو هاڻي مئل جيئرو به نه ٿيندو.
مطلب: ۱. سڌو وڙهڻ کان، پڏائي پڏائي مٿي کڻي، هيٺ اڇلڻ چڱو آهي.
۲. نيک سهل است، زنده بيجان کرد،
کشتہ را باز زنده نتوان کرد. (فارسي)
۳. چڱو سولو آهي، جيئري کي مارڻ،
ڪٺل کي وري جيئاري نه سگهبو. (ترجمو)
475- مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن گهوتا کائيندا. (پهاڪو)
هڪڙن ٻن ماڻهن/ ڌرين جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. سندن جهيڙي کي اڻ-ڌرين به رونشو سمجهي پئي ڏٺو. جڏهن سرڪار ۾ دانهن ٿي، تڏهن ٻنهي وڙهندڙ ڌرين سميت رونشائين کي به شاهد طور، حڪم پٽ-اندر، گهرايو/ سڏايو ويو. رستي ۾ کين پتڻ لانگهو پنڌ هيو.
جيڪي ٻه ڌريون پاڻ ۾وڙهيون هيون، تن وڙهڻ وقت خرچن ڀاڙن تان اَهو لاهي جهيڙو ڪيو هيو. تنهنڪري کين هر خرچ سُجهيو پئي ۽ ڪرڻ لاءِ تيار هيا، ڇو جو جهيڙو سندن هيو ۽ پوئتي پوڻ، پاڻ کي لڄائڻ برابر هيو.
شاهد، جيئن ته رونشائي هيا ۽ کين گِهلجڻ ۽ خرچ ڪرڻ جي سڌ ئي نه هئي ۽ نه وري پرائي معاملي ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ تيار هيا.
پتڻ تي جڏهن ٽئي ڌريون پهتيون ته جهيڙو ڪندڙ ٻئي ڌريون ته ٻيڙيءَ جو ڀاڙو ڏئي پتڻ پار پيون پر شاهدن واري ڌر جي همراهن خرچ نه ساريو ۽ مولهاٽا ڏئي پاڻيءَ ۾ گهڙيا ۽ گهوتا (غوطا) کائڻ لڳا. جنهن سبب پاتڻي، ٻيڙياتا ۽ مهاڻا بيهي مٿن کلڻ ۽ هوڪريا ڪرڻ لڳا.
مطلب: ۱. غريب کي پنهنجو ڌنڌو سيڙائي، رونشا نه ڏسڻ گهرجن. مفت جي شاهديءَ ۾ گهلجڻو پوندس ۽ گهران خرچ ڪري جان ڇڏائڻي پوندس.
۲. حق جي شاهدي ڏيڻ ۾ پڻ تڪليف آهي، پر پوءِ به حق جو پلئه نه ڇڏجي.
476- ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيهه لڇڻو. (چوڻي)
لڇڻو: لڇڻ وارو، گڻن وارو.
موچڙو: پادر، زورآور، موچڙن هڻڻ وارو، ڏاڍو مڙس.
جن ڏيهاڙن ۾ شاهه شجاع الملڪ، لاهور ۾ راجا رنجيت سنگهه وٽ اچي بند ٿيو، تن ڏيهاڙن ۾ وٽس هڪڙو ڪوهه-نور هيرو به ساڻ هيو. مهاراجا کي جڏهن سُڌ پئي، تڏهن لالچ ۾ اچي، اهو هيرو وٽس وڃي ڏٺائين ۽ پڪ ڪرڻ کان پوءِ حاصل ڪرڻ لاءِ گهريائينس. شاهه شجاع کيس ڏيڻ کان انڪار ڪيو. نتيجي طور مهاراجا سندس پيئڻ جو پاڻي به بند ڪري ڇڏيو. اڃ تتان موراڳو مئو پئي. مرتا ڪيا نه ڪرتا وانگر وِرچي/ بيزار ٿي، هيرو کڻي مهاراجا کي ڏنائين.
هڪڙي ڏيهاڙي مهاراجا صاحب، شاهه شجاع سان ملڻ آيو. گڏجاڻيءَ دوران مهاراجا کانئس هيري جي قيمت معلوم ڪرڻ خاطر پڇيو؛ “هيري جو ملهه تنهنجي نظر ۾ گهڻو هئڻ گهرجي؟”
شاهه شجاع، موچڙو/ پادر کڻي ڏيکاريندي، چيس؛ “اهو! هيءُ اٿس ملهه. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ملهه تي اڳين بادشاهن کان ورتو هيم ۽ انهيءَ ئي اگهه تي تو کي ڏنو اٿم.”
مطلب: ۱. جيڪو ڪم سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کان ٿي ويندو، سو ڪم ڏاڍو ماڻهو جلدي ۽ گهڻو ڪري ويندو. جيڪڏهن موچڙي سان ڪرائبو ته اڃا جلدي ٿي ويندو.
477- ماڻهو سڀ چڱا، پر ڪي ڪن سان ته ڪي ڪن سان. (چوڻي)
دنيا ۾ چڱايون ۽ مَٺايون ساڻ ساڻ آهن. حالتن سارو ظاهر ٿيڻ سان، اھي صفتون، ماڻهوءَ جو ورتاءُ نروار ڪن ٿيون. جيئن هڪڙو راجا هجي ۽ نياءَ وارو هجي، جيڪو هلندي ڀونءِ، ڪنهن کي به نه رنجائي. هٿائين غريبن غربن کي وٺيو خير خيراتون ڏئي. اھو جيڪڏهن هڪڙي ڏوهاريءَ کي ڏوهه جي سزا ڏئي، ٻين لاءِ آزار گهٽ ڪرائيندو ته ٻين کي ته گهڻو وڻندو پر ڏوهاري کيس چڱو ڪٿي چوندو.
اهڙيءَ طرح هڪڙو راجا، ظالم هجي ۽ رعايا جو مال به پيو ڦري. تعلقات قائم رکڻ لاءِ، مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن کي ويٺو نوازي. اهو ڀلي رعايا جي نظر ۾ خراب ئي هجي پر جن ويجھن عزيزن/ دوستن کي نوازي ٿو، تن کي ته وڻندو.
مطلب: ۱. هر ماڻهو چڱو آهي، پر ڪو ڪنهن سان ته ڪو ڪنهن سان.
۲. ڀيٽيو: ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
478- ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. (چوڻي)
ماڻهوءَ ۾ هڪ ظاهري سونهن رکيل آهي ته ٻي باطني. ڪي رنگ جا سهڻا پر وسپن ۾ چڱا نه. ڪن جا وسپ ۽ نقش، سهڻا ۽ من موهيندڙ ته رنگُ نه. ڪن جا وسپ/ نقش ۽ رنگ چڱا، پر وصف/اخلاق چڱا نه. ڪي ورلي هوندا، جن ۾ مڙئي خوبيون؛ ظاهري سونهن، بهادري، اخلاق، همدردي ۽ ايثار وغيره هونديون.
پکي به ائين آهن. سهڻي ۾ سهڻو پکي فقط هنجهه آهي. ٻين ۾ ڪي ڪارا ته ڪي گند-خور، ڪي جهنگ ٻلا ته ڪي ڦيڪاري. ڪاٺَ به سمورا خوشبودار نه آهن. منجهانئن فقط چندن اهڙو آهي، جو سؤ سال کان پوءِ به چيرجي تي منجهانئس ساڳي خوشبوءِ نڪرندي آهي.
مطلب: ۱. دنيا ۾ هر شيءِ سهڻي ناهي.
۲. نه هر زن زن است و نه هر مرد مرد،
خدا پنج انگشت يکسان نه کرد. (فارسي)
۳. نه زالون سڀ زالون آهن ۽ نه مڙس سڀ مڙس آهن،
ڌڻيءَ پنج ئي آڱريون هڪ جهڙيون نه ڪيون آهن. (ترجمو)
۴. شيلي شيلي نه ماڻڪيا، موڪتا نه گجي گجي،
ساڌو نه سرو تر، چندنو نه وني وني. (سنسڪرت، شلوڪ)
۵. نه سڀ ڪنهن جبل ۾ ماڻڪ، نه سڀ ڪنهن هاٿيءَ ۾ موتي،
ساڌو به سڀ نه آهن، نه جهنگ ۾ سڀ چندن آهي. (ارٿ)
479- ماءُ ڄڻيندي پُٽڙي، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ. (چوڻي/ پهاڪو)
انسان دنيا جي تختي تي ماءُ جي پيٽان جنم وٺي اچي ٿو. مٿس دنيا ۾ اچڻ لاءِ، ماءُ پيءُ جي ڄڻڻ وارو احسان آهي. جڏهن ته هڪڙيءَ ماءُ جي پيٽان ڪيترا ئي پُٽ ڄمن ٿا پر هر هڪ جو ڀاڳ هڪجهڙو ناهي. ڇو جو پيٽان ڄڻڻ وارا سور سهڻ ته ماءُ جي قسمت ۾ لکيل هيا، سي کاڌائين، پر اولاد اهو ڄڻيائين جيڪو لکيل هيس. اولاد دنيا ۾ اهو ڪي کائيندو، پائيندو ۽ ماڻيندو جيڪو ان جي نصيب ۾ لکيل ھوندو.
اولاد جو نصيب، والدين جي نصيب کان ته مختلف آهي پر هڪ ٻئي کان به مختلف آهي. نصيب ورهائڻ، ماءُ پيءُ جي هٿ ۾ ئي ناهي. بلڪ قدرت طرفان، هر هڪ لاءِ پاڻو واڻي ٿئي ٿو.
مطلب: ۱. ڪنهن جو ڀاڳ ڪهڙو ته ڪنهن جو ڪهڙو ٿئي.
۲. سج ايڪ، پڇاوين ڏون، پيءُ دا بخت نه پٽان نون. (پنجابي)
۳. هڪ سج، ٻه پاڇا، پيءُ جو بخت، پٽن کي نا. (ترجمو)
480- ماءُ مري رُکي سُڪي، ڌيءَ دا نالا ڏَهي. (پهاڪو)
دنيا ۾ انسان اچي ٿو پر اچڻ وقت سندس نالو ۽ ذات نه هوندا آهن. ڄمڻ کان پوءِ، زماني جي ريت مطابق، مٿس سهڻو نالو رکيو وڃي ٿو. ڪي نالا ته ماڻهوءَ جي مزاج، خصلت ۽ جنس جي پٽ-اندر رکجي به وڃن ٿا. جهڙوڪ:
هڪڙي سهڻي جو نالو، يوسف.
هڪڙي اکين واري جو نالو، روشن ميان.
هڪڙي ٻچن واري جو نالو، ساڌو.
هڪڙي سياڻي جو نالو، لقمان.
هڪڙي سخيءَ جو نالو، حاتم.
هڪڙن ٻارن جا نالا وري سندن ذات يا جنس جي ابتڙ به رکجي وڃن ٿا. حالانڪ نالا به سٺا آهن پر ميل کائيندي نظر نه پيا ايندا. جڏهن ته انسان ڪهڙي به رنگ روپ ۾ هجي ۽ اخلاق به چڱا اٿس ته پوءِ آهي ئي موتي. ھتي وٺئون ٿا هڪڙي زماني جي ڳالهه کي. جيئن:
هڪڙي شيديءَ جو نالو؛ الماس يا ياقوت.
هڪڙي مهاڻي جو نالو؛ چنڊ.
قد جي بندري جو نالو، بلند خان.
ڊڄڻي جو نالو، شير خان.
ھيڻي جو نالو، زورآور خان.
هڪڙيءَ اڄاڻ عورت جو نالو؛ سياڻي.
هڪڙي غريب زال، جنهن کي رکي ماني به مس مس ملي، سا پنهنجي ڌي جو نالو رکي ڏهي يا ڌونئرو. انهيءَ نالي رکڻ سان سندس ماني رکائي ڇڏي سڀڻي ٿي پوندي ڇا؟
مطلب: ۱. بي جوڙ نالو رکڻ، نالي کي لڄائڻ برابر آهي.
۲. هڪڙو اگهو ماڻهو، ٻُڪيءَ لاءِ ويڄ وٽ وڃي ۽ طبيب دوا چويس، سا ڪري ڪا نه، رڳو دوا جو نالو چوندو وتي ته ڪٿان ڇٽندو؟
۳. هڪڙو درويش، پنهنجي ٻالڪي کي سمجهائي جو ڌڻيءَ جو ڀڄن ڪر. اهو چيلو اهي ساڳيا اکر؛ “ڀڄن ڪر! ڀڄن ڪر!” وات سان ورجائيندو وتي ۽ ڀڄن هڏهين ڪين ڪري، سو ڇا پرائيندو؟
۴. مک سان رام چئي، سانت نه اچي جيءَ کي،
ان پاڻيءَ جي نانءَ سان، اڃ بک ڪين لهي. (سامي)
۵. ماءُ مهاڻي، پٽ فتح خان.
481- محبتي مڙن، ته ٽنهي لوڪن لکا پوي. (پهاڪو)
محبتي: نيهي، عاشق، پرين پيارا.
لکا: خبر، ڄاڻ، علم.
ٽي لوڪ: هندن جي مذهبي ڪتابن ۾ ٽي لوڪ آهن؛ ۱. سُرگ: اُڀ ۲: مِرتُ: ڌرتي ۳. پاتال: ڌرتيءَ کان هيٺ.
محبت، دل جو هڪ لطيف جذبو آهي. جيڪو ساڳئي وقت طرفين جي دلين ۾ وجود پذير ٿيندو آهي. ٻنهي دلين ۾ ملڻ لاءِ تڙپ پيدا ٿيندي آهي. جڏهن ٻه دليون، نه ملي سگهنديون آهن ته تڙپ اڃا وڌندي آهي ۽ ماٺو ٿيڻ جو نالو نه وٺندي آهي. ڇو جو ملڻ سان محبت ماٺي ٿي ويندي آهي ۽ عشق جي باهه کي، ملڻ جو پاڻي وسائي ڀسم ڪري ڇڏيندو آهي. نه ملڻ، عشق کي پروان چاڙهيندو آهي. سڙي سڙي، جڏهن عاشق ملندا آهن ته اها ڳالهه ڪاٿي به لڪي ڪين سگهندي آهي. ڇو جو عاشق جي حرڪات و سڪنات تي هر هڪ جي نظر هوندي آهي.
مطلب: ۱. عاشق پاڻ ۾ ملن ته اها خبر ڪانڊيرن/ جهنگ جي باهه وانگر ڦهلجي وڃي.
۲. عاشقن تي سوڙهه پوي ته به پنهنجي سچائيءَ کان ڪين گسن.
۳. آسمان گر تيغ بارد، سر نه خارد اهلِ دل،
زخمِ ناخن بر سرِ نامرد چون خنجر بود. (فارسي)
۴. جيڪڏهن اڀ/ آسمان ترارون وهائي، ته به نيهي/ عاشق مٿو نه کنهن،
نامرد کي نُهن جي نُهنڊ اچي ته پاڻ تي ڪٽاري پيو ڀانئي. (ترجمو)
482- مڌ پيوڻ، ذات پرکڻ. (چوڻي)
مڌ پيوڻ: ڀنگ پيئڻ، شراب پيئڻ، نشو واپرائڻ.
ذات پرکڻ: عيب صواب ظاهر ٿيڻ، ٿوم بصر ظاهر ٿي پوڻ.
شراب يا ڀنگ پيئڻ سان، دماغ جي مٿان هڪ ڇڪ پيدا ٿيندي آهي، جنهن سبب سوچ تي پردو اچي ويندو آهي. فقط اکين سان ڏٺل ۽ ڪنن سان ٻڌل ڳالهيون ئي پيئاڪ جي دل تي رهجي وينديون آهن. نه پنهنجي پاڻ تي ۽ نه انهن خيالن تي ڪنٽرول ٿيندو اٿس. تنهنڪري وائي توائي بڪي، پنهنجو ٿوم بصر وائکو ڪري ڇڏيندو آهي. گهڻو ڪري اندر ۾ ڀريل غلاظت ئي ٻاهر اوڳاڇيندو آهي. چڱي ڪا ڳالهه دل تي تري ئي نه ايندي اٿس.
مطلب: ۱. نشي ڪرڻ واري جي واتان، دل تي تري آيل ڪچي ڦڪي، اٻڙڪ ڏئي ٻاهر نڪرندي آهي.
۲. گوهر هر کس ناکس شود از مي پيدا،
نتوان يافت دگر بہ ز مي لعل محک. (فارسي)
۳. هر چڱي مَٺي جو حال، شراب مان پڌرو ٿئي،
شراب جهڙي ڪسوٽي، ٻي ڪا ڪا نه لڀي. (ترجمو)
۴. بصر ڀڄڻ ڌاران، بانس نه ٿيندي.
483- مرسان مرسان، پر ڊڀ نه چرسان. (ورجيسي جملو)
سمورن حيوانن ۾ شينهن واحد جانور آهي، جيڪو ماس کانسواءِ ڪجهه نه کائيندو آهي. کيس گاهه يا ڊڀ اصل ڪين وڻندو آهي. سدائين وتندو شڪار جي ڪڍ ڦرندو. کيس چنبي ۾ رب پاڪ طاقت به ايتري ڏني آهي جو چڱي ڀلي هرڻ يا ڏاند کي ليٽائي ڇڏي. پاڻ به پنهنجي شڪار مان کائي ته سندس اوبر گدڙ ۽ لومڙيون به کائين.
شينهن ڪراڙو ٿي وڃي ۽ شڪار ڪرڻ جي قابل نه رهي ته به هڪ هنڌ ويهي شڪار جو انتظار/ تاڙ ڪري. ھٿ آيل ڪمزور جانور کي ماري، پنهنجو قوت ڪري. انهيءَ حالت ۾ به گاهه نه چري، مرندي مري وڃي تڏهن به پنهنجي اها عادت يا خاصو نه مٽي.
مطلب: ۱. شينهن پنهنجي فطرتي هٺ تان نه لهندو آهي، ڪڏهن به گاهه نه کائيندو آهي.
۲. اشراف ماڻهو توڙي بک مرندو، ته به حرام نه کائيندو ۽ نه وري نه ڪرڻ جهڙو يا عزت کان ڪريل ڪم ڪندو.
۳. ڀلو ڀلائي تاتجي، بري نه رکي آس،
سات دِوَسَ ڀوکن مري، شنگهه نه اچوي گهاس. (هندي)
۴. چڱو چڱائي نه ڇڏي، بڇڙائيءَ جو سوس به نه رکي،
ست ڏيهاڙا بک مري، ته به شينهن گاهه نه کائي. (ترجمو)
484- مَرُ سين سُڄاڻا، ٻئي ڄنگهون ڪاٺ ۾،
کھُ سين اڄاڻا، هينئون هندوري لوڏجي. (چوڻي)
مرُ: ڀلو هئڻ، چڱو، وڻندڙ.
کھُ: خراب، اڻ وڻندڙ.
سڄاڻا: سڄاڻ سان، سياڻي سان.
ٻئي ڄنگهون ڪاٺ ۾ پيل: جيل ۾، قيد ۾ بند ٿيڻ. تڪليف سهڻ.
اڄاڻا: اڄاڻ سان، بيوقوف سان.
هندوري لوڏجي: راحت ۾ هئڻ، خوشين ۾ هئڻ، سک ۾ هئڻ.
سين: ساڻ، گڏ.
سياڻي ماڻهوءَ سان گڏ هئڻ ڀلو آهي. پوءِ ڀلي سندس ڪيل ڪمن سبب، ساڻس گڏجي ڪاٺ ۾ پئجي يا قيد ۾ بند ٿجي يا ڦاسيءَ تي چڙهجي. ان جي برعڪس بيوقوف ماڻهوءَ سان گڏ هجڻ تمام خراب آهي، پوءِ ڇو نه اهو هندورن ۾ لوڏي يا خوشين/ راحتن ۾ رکي.
اهو انهيءَ ڪري آهي جو چڱي ماڻهوءَ جي صحبت ۾ اول ته تڪليف نظر ايندي آهي. جي اچي وڃي ته پوءِ به منجهانئس مڙئي ڀلائي ٿي پوندي آهي. جيڪڏهن ماڻهو دنيا مان، ڦاسي کائي هليو به ويو ته پويان دنيا ۾ پئي نيڪي ڳائبس. ان جي برعڪس، بيوقوف ماڻھوءَ مان وقتي ته ڀلائي نصيب ٿئي ٿي پر بعد ۾ ايڏي خواري ۽ بدنامي ٿئي ٿي جو مرڻ پڄاڻان به بدناموسي رهي ٿي.
مطلب: ۱. بيوقوف بازار ۾، ساٿي کڻجي نه ساڻ،
اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ لهرائي هاج همراهن جي.
۲. پاي در زنجير پيش عاقلان،
بہ که اندر بوستان با جاهلان. (فارسي)
۳. سياڻن سان ساڻ، ڀلي ڏنڊا-ٻيڙيون لڳن،
ڏڏن سان گڏ باغ ۾ هئڻ کان چڱو آهي. (ترجمو)
485- مروان موت، ملوڪان شڪار.
مڇيءَ موت، ميئي شڪار. (پهاڪو)
مِروان: مرونئن لاءِ، جانورن لاءِ.
ملوڪان: ملوڪن لاءِ، راجائن لاءِ.
ميئي: ميو، مهاڻو، ميربحر.
۱. اڳي راجا ۽ راڄن جا حاڪم، شڪار لاءِ مُهاڙيون ٺهرائيندا هيا. سوئر يا هرڻ جي پويان ڪتن جي لوڌ ڇڏي، پاڻ اڳ وٺي، تير يا بندوقون مٿانئن هلائيندا هيا. انهيءَ سان کين رونشو به ٿيندو هيو ته موٽ ۾ شڪار جو گوشت، پنهنجي ۽ ڪٽنب جي پيٽ لاءِ پڻ ملندو هين. جڏهن ته انهن مروئن ويچارن جي جان، انهيءَ رونشي ۾ ائين ئي هلي ويندي هئي.
۲. مهاڻا به درياهه يا ڍنڍ، کڏ يا سمنڊ ۾ هڪ پاسي کان ڄار يا رڇ يا ڀَنُ وجهي ٻئي پاسي کان تڙيندا آهن ته مڇي اچي ڄار ۾ ڦاسندي آهي. انهيءَ سان ميربحر کي رونشو ۽ روزي ملندي آهي پر مڇيءَ کي ڦٿڪو ۽ جان وڃڻ جي ڳڻتي لڳندي آهي.
مطلب: ۱. هڪڙي کي مرڻ جو ڊپ، ٻئي کي رڳو رونشو.
۲. هوند وارا بي قياس، پنهنجي ٿوري رونشي لاءِ، ٻئي غريب جي زيان جي پرواهه نه رکن. حالانڪ پرائي ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري ڀانئجي.
۳. آن چہ بر خود نه پسندي، بر ديگران همہ مپسند. (فارسي)
۴. جيڪي پاڻ لاءِ نه وڻيئي، سو ٻين لاءِ نه گهر. (ترجمو)
486- مڙس جو پاهوڙين سان ميڙي آڻڻ،
زال جو سُئيءَ سان کوٽي ڪڍڻ. (ورجيسي جملو)
پاهوڙي: ڪاٺ جي ڪوڏر، ڪاٺ جي ڏانداريءَ وانگر پر بنا ڏندن جي.
پاهوڙيءَ سان گهڻي يا وڏي شيءِ، جهڙوڪ وٿاڻ ۾ مينهن جا ڇيڻا ۽ ڪڙهه ۾ گهوڙن جي لڏ وغيره ٽاربا آهن. ڏانداريءَ جي ڀيٽ ۾ پاهوڙيءَ سان گهڻو گند ميڙي سگهبو آهي. جڏهن ته سُئي سبڻ جي ڪم ايندي آهي. سنهي ٿئي ۽ ساڻس تمام ننڍي شيءِ سوري سگهجي. جنس چڪاسڻ لاءِ، ٻوريءَ ۾ سُئو هڻي اَن جا داڻا ڪڍبا آهن. جسم ۾ دوا وجهڻ يا منجهانئس رت ڪڍڻ لاءِ سُئي استعمال ٿيندي آهي. جيڪي پڻ تمام ننڍي تعداد جا ڪم آهن.
“پاهوڙين سان ميڙڻ” مڙس جي گهڻي/ جهجيءَ ڪمائيءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. جڏھن ته “زال جو سُئيءَ سان کوٽڻ”، ٿورو ٿورو وڃائڻ ڏانهن اشارو آهي.
مطلب: ۱. مڙس گهڻو ڪمائي ۽ زال سنجم/ قناعت ڪري گهر ۾ خرچ ڪري ته گهر چڱيءَ طرح هلندو. ٻيءَ صورت ۾، گهر ئي قرضي ٿي ويندو ۽ زال مڙس، ٻچن سميت محتاج ٿي ويندا.
۲. ڀيٽيو: آهر کٽي اوبڻي، زال هارائي رنبو. (ضد)
487- مڙيا، سي جڙيا. (چوڻي/ پهاڪو)
مُڙيا: ٽري پاسو ڪندڙ، کانڌ ڪرڻ وارا، صبر ڪرڻ وارا.
جُڙيا: آباد ٿيا، ٺهيا.
جيڪو ماڻهو تو کي اهنج پهچائي، تنهن تي کانڌ/ صبر ڪر ۽ کيس موٽ ۾ ساڳي ڪار نه ڪر. جيڪڏھن بدلو وٺندين ته ائين ڪرڻ سان ورندو ڪي ڪين. هٿائين اڳلو اڳي کان اڳرو پيو ٿيندو. جيڪڏهن صبر ڪندين ۽ مڙي ويندين ته ڌڻي پاڪ، پنهنجي خاص مهربانيءَ سان، صبر واري سان گڏ هئڻ ڪري تو تي پڻ آساني فرمائيندو ۽ تنهنجو بگڙيل ڪم به پنهنجي توهه سان پار لڳائيندو.
مطلب: ۱. صبر ڪرڻ واري کي، سورنهن ڀاڱا ملن ٿا.
۲. جن ڇڏي دعويٰ، سي ٿيا سدا ساوا.
۳. گر گزندت رسد تحمل کن، که بہ عفو از گناهه پاک شوي. (فارسي)
۴. جيڪڏهن ڪنهن کان اهنج پهچئي ته کانڌ/ صبر ڪر،
ڇو جو اوسراڻ/ درگذر ڪرڻ سان، پاپن کان ڇٽندين. (ترجمو)
488- مغلن اڳيان فارسي وسري وڃي. (پهاڪو)
مغل، فرغانه کان افغانستان رستي هندستان ۾ آيا. سندن ايران/ فارس سان به گهرا مذهبي، لساني ۽ سياسي تعلقات هيا. جنهن ڪري فارسي سندن گهر جي ٻولي هئي. ماءُ جي پيٽان ڄمڻ وقت، جيڪا ٻولي سکجي ٿي سا سوچڻ، ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ جو پهريون ذريعو هوندي آهي. ٻيون جيڪي ٻوليون سکجن ٿيون، سي ان پهرين سکيل ٻوليءَ ذريعي سکجن ٿيون.
سنڌي، هندي، پنجابي، سرائڪي، براهوي زبان وارو جڏهن فارسي ڳالهائڻ چاهيندو ته پهرين کيس فارسي سکڻي پوندي. سکڻ جو ذريعو وري به مادري زبان هوندس. پهرين مادري زبان ۾ سوچيندو، بعد ۾ فارسي ڳالهائيندو. پهرين فارسي پڙهندو، پوءِ پنهنجي مادري زبان ۾ ان جو ترجمو هنڍائيندو. ان کان بعد ۾ ڳالهه سمجهندو. تنهن ڪري کيس فارسيءَ ڳالهائڻ ۾ اٽڪ ٿيندي.
ان جي برعڪس، مغل جن جي مادري زبان فارسي هئي، سي پڙهن ۽ سوچين فارسيءَ ۾، تنهنڪري کين فارسي ڳالھائڻ ۾ ڪا به هٽڪ/ اٽڪ نه ٿيندي. ساڻن ڪيڏو به فارسيءَ جو ماهر ڳالهائيندو ته ضرور مُنجهندو؛ هڪ ته اصل فارسي هئڻ ڪري، ٻيو حڪمران هئڻ ڪري.
مطلب: ۱. حاڪم ۽ سياڻي آڏو، ٿوري عقل واري ۽ زيردست جي دال نه ڳري.
۲. گر چه شاطر بود خرونس بجنگ،
چہ زند پيش باز روئين چنگ. (فارسي)
۳. ڪڪڙ ڀلي گهڻو ئي ويڙهو هجي،
ته به ڏاڍي باز آڏو ڇا کڙهه هڻي سگهندو؟ (ٽرجمو)
489- مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي،
مڱُ پچي، ڪارڙو مچي،
مڱُ لُئو، ڪارڙو مُئو. (لاڙ، چوڻي)
مڱ: دال جي جنس.
ڪارڙو: سنڌ جي لاڙ طرف ڏي، بيٺل پاڻي تي ٿيندڙ تر کان به ننڍو ڪارو جيت، ماڻهن کي چڪ پائي.
لُئو: لبي ويو، لبجي ويو، لابارو پيس، وڍجي ويو، ڪپجي ويو.
مڱن جي پوک، جڏهن پوکبي آهي ته ڪارڙو به قدرتي طرح وجود پذير ٿيندو آهي. جڏهن مڱن جي ٻوٽي ۾ ڏانڊي پڪيرڙي ٿيندي آهي، تڏهن ڪارڙي جو ڏنگ به ٽانڊي وانگر تپي تکو ۽ کڻندڙ ٿي پوندو آهي. جڏهن مڱن جو فصل پچندو آهي، تڏهن ڪارڙو به کائي مچي مھوڙ ٿي پوندو آهي. ٿلھيرڙو به ٿيندو آهي ۽ وڏا وڏا چڪ پائيندو آهي. جڏهن مڱن جو فصل لُبندو آهي، تڏهن سندس کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جا سمورا هنڌ به ناس ٿي ويندا آهن ته نتيجي ۾ سندس زندھ رهڻ به مشڪل ٿي ويندو آهي ۽ خود بخود مري ويندو آهي.
مطلب: ۱. ڪارڙو جيت، مڱن جي فصل سان منسلڪ آهي.
490- ملڪ صاحب دا وسي، ڪوئي رووي ڪوئي هسي. (چوڻي)
ملڪ: دنيا، ڪائنات
صاحب: ڌڻي پاڪ، خالق، خلقڻهار.
وسي: آباد ٿئي، وڌي ويجهي.
رب جو جوڙيل هيءُ جهان، نه جنت وانگر فقط آسائشن ۽ خوشين تي مبني آهي ۽ نه وري جهنم وانگر منجهس فقط عذاب ئي عذاب آهن. بلڪ هيءُ جهان ڏک ۽ سک جي امتزاج سان جڙيل آهي. گهڙيءَ ۾ تڪليف پهچندي. اها گهڙي گذري ته وري فرحت اچي ويندي. هاڻي مشڪل هئي ۽ هاڻي ناهي. هڪڙا سکيا آهن ته ٻيا ڏکيا آهن. هڪڙا خوشين ۾ کلي کلي نه ٿا ماپن ته ٻين جي ڳل تان ڳوڙهو ڪو نه ٿو سڪي. هڪڙا ويٺا راڄن مٿان راڄ ڪن، ٻيا ويٺا راڄن ۾ پنندا وتن.
اهو سڄو منظرنامو هن دنيا جو آهي، جيڪا رب پاڪ خلقي آهي ۽ انهيءَ تناظر ۾، هيءَ دنيا آباد آهي ۽ ڏينهون ڏينهن پئي وڌي ۽ ويجهي.
مطلب: ۱. هيءَ دنيا، ڏک ۽ سک جي آميزش سان آباد آهي.
۲. يکي را برون رفته ز اندازه مال،
يکي را غم نان و خرچِ عيال. (فارسي)
۳. هڪڙي کي ڳاڻيٽي کان به مال گهڻو آهي،
هڪڙي کي مانيءَ ۽ ٻچن جي قُوت جي ڳڻتي آهي. (ترجمو)
491- مِلڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾. (ورجيس)
مِلڪ ۾: ملڪيت ۾، ورثي ۾.
کجور: کجيءَ جو وڻ يا ٿڙ.
هڪڙي ماڻهوءَ کي کجين جو باغ هجي ۽ منجهس سؤ سوا ٿڙ هجن، سو جيڪڏهن باغ ۾ کٽ وجهي اچي ليٽي/ سمهي ته انهيءَ جو ليٽڻ/ سمهڻ ٺهي ٿو. باقي هڪڙي ماڻهوءَ جي، ڪنهن باغ ۾ هجي ئي هڪڙي کجي ۽ هيءُ به کٽ وجهائي باغ ۾ سچي سمهي/ ليٽي ۽ سڄي باغ جو پاڻ کي پيو مالڪ سڏائي ته اها سندس سمجهه، مورکائيءَ واري چئبي.
مطلب: ۱. انسان کي دنيا ۾ رهڻ لاءِ تمام ٿورو وقت مليل آهي. تنهن ۾ به ويهي وڏيون اڏاوتون جوڙائي ۽ سمهي پسارا ڪري، ته اها پڻ اجائي ڳالهه آهي.
۲. اک ميٽيندي رهه گئي، مُک وچ رهيا گراس،
لعنت اُسدي عقل نون، جو دم دا ڪري وساس. (گرونانڪ صاحب)
۳. اک ڇِنڀيندو رهيو ۽ وات ۾ رهجي ويس هڪڙو گراهه.
ڦٺ هجي ان جي عقل تي، جيڪو پلڪ گهڙيءَ تي ڪري ويساهه. (ارٿ)
۴. ملڪيت ۾ ڏيڍ کجور هجڻ، مالڪيءَ لاءِ باغ پوري ۾ ليٽڻ. (ورجيس)
492- مُلو مئو، مهابو لٿو. (پهاڪو)
مُلو: کٿابين کي پاڙهڻ وارو استاد. خيرات جي ماني کائي، مئلن کي ختمو بخشيندڙ.
مهابو: لحاظ، وڏڙن جي نيت ڏيڻ واري ماني، واسطو.
جڏهن ڪنهن گهر مان وڏڙو گذاري ويندو آهي ته سندس روح کي ختمي ڏيارڻ لاءِ سندس مهابي، ملان کي هر ان ويلي تي ماني پيا ڏيندا آهن، جنهن ويلي تي اهو گهر جو وڏڙو پاڻ کائيندو هيو. جيڪا ماني اهو وڏڙو، زندگيءَ ۾ کائيندو هيو، سا ساڳئي گهر ۾، ساڳئي وقت تي پچندي آهي ۽ اهڙي ئي عزت احترام سان ڍڪجي، پاڙي جي مسيت جي ملان وٽ پهچندي آهي. اھڙي گهر وارا، پنهنجي وڏڙي کي اڃا به گھر جو ڀاتي پيا سمجهندا آهن ۽ سندس روح کي ختمو ڏيڻ ضروري پيا سمجهندا آهن.
جڏهن ماني هڪ دفعو چالو ٿيندو آهي ته وس ويندي گهر-ڌڻي به بند نه ڪندا آهن. ها البته اهو ملان پاڻ مري نه وڃي يا گهر ۾ ٻيا قضيا نه ٿين. پوءِ وڃي اهو مهابو لهندو آهي.
۲. ڇوڪرن/ طالبن جو ملان سان تعلق، فقط سبق حاصل ڪرڻ جي ڪري آهي. جڏهن سبق وارو واسطو زندگيءَ ۾ ٽُٽي ٿو ته استاد-شاگريءَ وارو اهو لحاظ به هلڪو ٿو ٿئي. جڏهن حياتيءَ ۾ ايترو مهابو نه ٿو رهي ته پوءِ مري وڃڻ کان بعد ڪهڙو رهندو.
مطلب: ۱. حياتي آهي ته واسطو ۽ تعلق آهي، مئي پڄاڻان، مري وئي دنيا.
۲. دوستي ملايان تا به طبق،
دوستي کودکان تا به سبق. (فارسي)
۳. ملن جي پريت طبق/ ٿانءَ تائين،
ڇوڪرن جي پريت سبق تائين. (ترجمو)
493- مُنهن جي ڪنئري، ڳٽا پٽائي. (پهاڪو)
منهن-ڪونئرو: مٺو ڳالهائڻ وارو.
ڳٽا پٽائڻ: ذليل ٿيڻ، عزت لهرائڻ، عزت لٽرائڻ.
جيڪا عورت، جنهن تنهن سان مٺڙو ٿي ڳالهائي، شيطان سندس لاءِ هر مرد جي دل ۾ ڇڪ ٿو وجهي. هر ڪو سندس سڌ ۽ تاڙ ۾ ٿو رهي ۽ مٿس حق ٿو سمجهي. ٻين لفظن ۾، سندس عزت ۾ به هٿ وجهندي دير نه ٿو ڪري. ان جي برعڪس، کهرو ڳالهائيندڙ عورت جي ويجهو، غير مرد پاسو ڏيئي به نه ٿو لنگهي.
مٺو ڳالهائڻ چڱو آهي پر جتي ضرورت هجي. پٽ ۽ پيءُ سان، ڀاءُ يا مڙس سان ته مٺو ڳالھائڻ ۾ ڪو ھرج ناھي. باقي ٻين سان کِل کِل ڪرڻ جي نه ضرورت آهي ۽ نه منجهانئس ڪو فائدو آهي.
مطلب: ۱. جتي ڪؤڙي ڳالهائڻ مان فائدو حاصل ٿئي، اتي مٺو ڳالهائڻ مان وڏو نقصان ٿئي.
۲. وقتي به قهر گوءِ که يک کوزه نبات،
گہ گہ چنار بکار نيايد که حنظلي. (فارسي)
۳. ڪنهن وقت ڪؤڙو به ڳالهائجي، ڇو جو نباتن جو ڪُپو به،
ڪڏهن ڪڏهن ڪم نه ايندو آهي، جيترو ٽوهه ڪم اچي. (ترجمو)
۴. ايڏو مٺو نه ٿجي جو هر ڪو کائي وڃي،
ايڏو ڪؤڙو به نه ٿجي، جو هر ڪو ٿوڪاري ڇڏي.
494- منھن ڏسي، تِلڪ ڏجي. (پھاڪو)
تلڪ: ھندڪو اھڃاڻ، نرڙ تي سندور جو ٽڪو.
تلڪ، ھڪ مذھبي نشان آھي. اھو ان جي منھن تي ٺھي ٿو، جيڪو مذھبي ريتن رسمن تي پڪو ۽ پابند ھجي. جيڪو مذھب کان ڪوھين ڏور ھجي ۽ ان جي ڏسيل اصولن جي، رات ڏينھن ڀڃڪڙي ڪندو وتي، ان جي نرڙ تي تلڪ ڏبو ته اھو ڪڌن ڪمن سبب پنھنجي ته گلا ڪرائيندو پر مذھب تي به حرف آڻائيندو. تنھنڪري تلڪ ڏيڻ کان اڳ جاچجي ته جنھن جي نرڙ تي تلڪ ڏجي ٿو سو ھر طرف کان ان لائق به آھي يا نه.
مطلب: ۱. جيڪو ماڻھو ڪھل جوڳو ھجي، تنھن تي ڪھل ڪجي، ظالم تي نه.
۲. پسندي است بخشايش و ليکن،
مَنِہِ بر ريش خلق آزار مرھم. (فارسي)
۳. اوسراڻ ڪرڻ/ در گذر ڪرڻ چڱو ڪم آھي پر،
انسان-آزار جي ڦٽ تي ملم نه لاءِ. (ترجمو)
۴. منھن ڏسي، مٺائي گھرجي.
۵. جھڙي ڪچھري، تھڙو گفتو.
495- موتين جي پرک مان ڇا ڄاڻي شيشه-گر. (پهاڪو)
شيشه-گر: شيشن کي تراشيندڙ.
موتي، شيشي وانگر چمڪندڙ شيءِ آهي پر شيشي وانگر ڪمزور ۽ سستو ناهي. موتين جي قيمت، تمام ڳري هوندي آهي. جيڪي اڪثر بادشاهه ۽ راجائون خريد ڪندا آهن. انهن جي پرک لاءِ اعتبار جوڳن ماھر جوهرين کي سڏائيندا آهن ۽ سندن معرفت وٺندا آهن. جوهري ئي موتين جي پرک مان ڄاڻن ٿا. شيشه-گر موتيءَ ۽ هيري، زمرد ۽ پکراج، نيلم ۽ ڪوهنور جي پرک بلڪل گھٽ رکندا آھن.
مطلب: ۱. جيڪو ڪم جنهن جو آهي، تنهن کان ڪرائجي.
۲. سون جي پرک مان ڀانساني ڇا ڄاڻي؟
۳. کٿوريءَ جي اگهه جي دٻگر کي ڪهڙي سڌ؟
۴. راڄ جون مصلحتون، پينار ڇا سمجهي؟
۵. گدائي گوشه نشيني، تو حافظا خاموش،
رموزِ مملکت مَلڪ خسروان دانند. (فارسي)
۶. تون پينار ۽ ڪُنڊڙي وٺي ويهندڙ آهين، حافظ ماٺ ڪر!
راڄ جون رمزون ۽ مصلحتون، خسروءَ جهڙا بادشاهه ڄاڻن ٿا.
496- موتيو اتي مار، جاتي پاڻي هجي تار. (زرعي چوڻي)
موتيو: چانورن/ سارين جي جنس جو نالو.
مارِ: هَڻُ، پوک، رُنبِ، تُنب.
تارِ: ٽُٻ ٽار، چوٽيءَ تائين ڀريل.
هر فصل پوکڻ جو پنهنجو نمونو آهي. ڪڻڪ، ڪاهيل هر جي کيڙهيءَ ۾ ڇٽبي/ اڇلبي ته ڄاپي پوندي. چانور جو پهرين ٻيجارو ڪبو، بعد ۾ ويهر/ رونبو ڪبو. رونبو سڪيءَ زمين ۾ نه ٿيندو، بلڪ آليءَ ۽ نرم زمين ۾ ٿيندو. فقط آلي زمين ۾ به ساري نه ٿيندي، ڇو جو ٻئي ڏينهن تي پاڻي/ ريج سڪي ويندو ته سلو سائو نه ٿيندو. سارين جي سلي کي اڀرڻ لاءِ مسلسل پاڻي کپي، تنهنڪري سلو بيٺل پاڻيءَ اندر رُنببو آهي.
موتيي جي جنس لاءِ اهم آهي ته ٻنن جي ڪنن تائين، تار پاڻيءَ ۾ رونبي ڪجي. ٻيءَ صورت ۾ سلو نه اڀرندو.
مطلب: ۱. سارين جي لاءِ، زمين کي پاڻي تمام گهڻو کپي.
۲. ساريون ان زمين ۾ پوکجن، جنهن ۾ پاڻي جام هجي.
497- مور چڱو، پر پير ڏنگا. (پهاڪو)
سونهن ۽ ڪوجهائپ، دنيا ۾ مڙئي جتي ڪٿي گڏ آهن. گل آهي ته ساڻس ڪنڊو به آھي. نانگ جي چمڙي چٽيل ۽ منقش آهي ته سنهائپ ۽ زهر به ساڻ اٿس. ماڻهو ڪي ڪي ڏسڻ جا سهڻا ته آهن پر بي عقلائپ ۽ اينٿرائپ سبب، ٻين کي بيزار ڪري ٿا ڇڏين.
اهڙيءَ طرح مور کي کنڀ ته سهڻا لڳل آهن پر هلڻ لاءِ ڄنگهون ڦڏيون ۽ سڪل ڪاري ڊينگهريءَ وانگر ڪِٺُ ٿيل پڻ اٿس.
مطلب: ۱. اوڻايون چوڻايون يا ڪمزوريون، دنيا جي هر شيءِ سان لڳل آهن.
۲. مور جهڙو سهڻو پکي به عيب کان آجو ناهي.
۳. سلڇڻي/ سهڻي ماڻهوءَ ۾ به ڪو بڇڙو لڇڻ ٿي سگهي ٿو.
۴. حضرت يوسف عليہ السلام سهڻو هيو پر مٿس ٻانهپيءَ ۽ وڪري ٿيڻ واري ويڪ به آهي.
۵. حضرت سليمان عليہ السلام، عاليشان بادشاهه ۽ نبي هيو. مڙني ساهدارن جون ٻوليون سمجهندو هيو، جنن ۽ ديون جي مدد سان، رب پاڪ جي طرفان اجازت ملڻ کان پوءِ، ساري مخلوقات جي کائڻ لاءِ ويلو ڪيائين پر هڪ مڇيءَ جو هڪ وقت جو پورو قُوت نه ٿيو ۽ ان به شڪايت ڪيس.
۶. عيبن کان آجو، فقط هڪ الله آهي.
498- موڳو پنهنجي مانيءَ مان، پيٽ ڀري کائي،
وڃي وهِي مجلس ۾، ته سڀني ۾ سُهائي،
چريو ڳالهائي، ته به بختاور بودلو سڏائي. (چوڻي)
موڳو: چريو، بيوقوف، اڄاڻ.
سُهائي: وڻي، سهڻو لڳي.
بختاور بودلو: ڀاڳوان ۽ درويش.
چريو ڳالهائي: بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ.
جيڪڏهن هڪڙو بيوقوف ۽ چريو آهي پر کائي پنهنجي گهران ٿو. ڪنهن تي ڪنهن قسم جي چٽي نه ٿو پوي يعني نه ڪنهن کان ماني گهري ٿو کائي، نه ڪنهن جو لٿو پٿو وٺي ٿو پائي. نه ڪنهن کان اڌارو بوٽ ٿو وٺي ۽ نه ئي هلڻ لاءِ ڪنهن جو سهارو ٿو وٺي. اهڙو ماڻهو جڏهن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ايندو ته ڪير به ساڻس نفرت نه ڪندو. نه ئي منجهانئس ڪو عيب ڪڍندو. ڇو جو ھو ڪنهن به ماڻهوءَ کان، ڪنھن به قسم جو ڪو به سوال نه ٿو ڪري.
اهڙو، چريي قسم جو ماڻهو، جيڪو ڪنهن کان سئيءَ جيترو به سوال نه ٿو ڪري، جيڪڏهن ڪچهريءَ ۾ ويهي چرين واريون ڳالهيون ڪندو ته ڪير دل ۾ نه ڪندو. نه ناراض ٿيندس ۽ نه ئي موٽ ۾ بي عزتي ڪندس. ان جي برعڪس سياڻو ماڻهو، ڀلي دانائيءَ جون ڳالهيون ڪندڙ ھجي پر ڪيترن ئي ڪمن ۽ احتياجن ۾ ٻين کان مدد ورتي اٿائين ته سندس ڳالهائڻ، گھڻن کي ڪو نه وڻندو. وڻڻُ وڻڻَ جي ماڳ، هٿائين چڙ ڏياريندو ۽ خفي ڪندو.
مطلب: ۱. زبان توڙي دل جو سوال، تمام خراب آهن.
۲. وس ويندي، مخلوق کان نه سوال ڪجي، نه مدد وٺجي.
۳. مايا، ڪُلڇڻ ڍڪڻي آهي.
۴. ڀيٽيو: لڇمي وڃي، تڏهن لڇڻ به وڃن.
499- موئا پَرُ، پٽجن هيل. (پهاڪو)
ڪن راڄن ۾ رواج آهي ته مري ويل جي ڏک ۾ گهڻو روئيندا آهن. مرڻ واري لاءِ وڌ ۾ وڌ ٽن ڏينهن تائين ڏک ڪري سگهجي ٿو. ان کان پوءِ ڪير به ڏک نه ٿو ڪري. ڇو جو مرندن پويان نه ڪير مئو آهي ۽ نه ساڻن سندن قبر ۾ ڪو پيو آهي. جيڪو جڏهن مئو آهي، تنهن لاءِ ٿڏي تي روڄ راڙو ٿيو آهي. هڪ سال گذرڻ کان پوءِ، پهرين ورسيءَ تي گهڻن کان وسري به ويندو آهي ۽ سندس لاءِ ڪنهن کي به ڪو غم نه رهندو آهي ۽ نه ئي ڪير ڪندو آهي. جيڪڏھن ڪير ڪندو آھي ته ھر ڪو مٿس عجب کائيندو آھي.
مطلب: ۱. جو جڏهن مري، سو تڏهن پِٽجي.
۲. جيڪا ڳالهه جڏهن هلي، يا جيڪو ڪم جاتي ٿئي، تڏهن تاتي ان جو ويچار ٺهي.
۳. معاملي تي، ٿي لنگهڻ کان پوءِ، ويچار ڪبو ته ڇا ملندو؟
۴. پراڻو ٽِپڻو ڪڍي، ٻانڀڻ تِٿ وار ٻڌائي ته ڪهڙو فائدو؟
500- مُئا آهن، جيئرن جي وس. (پهاڪو)
۱. دنيا ۾ جيڪي به ساهوارا آيا آهن، تن کي موت جو ذائقو چکي، مالڪ ڏانهن موٽڻو ضرور آهي. جڏهن ڪو مري ٿو وڃي ته پوئتي فقط سندس خاڪي جسم رهي ٿو، جنهن ۾ ڪا به چرپر يا حياتي نه ٿي رهي. اهو پنهنجي وَس ناهي بلڪ پوئتي جيڪي حال حيات آهن، تن جي وس آهي ته کيس پورين يا ساڙين، دفنائڻ وقت ڪفن ڏين يا نه. هِن مقام ۾ پورين يا هُن ۾. پويان خير خيرات ڪن يا نه. قل بخشائين يا نه.
۲. دنيا جا سڀ ماڻهو، مئن جي آچار آهن. جيئرو فقط هڪڙو پاڻ ڌڻي پاڪ آهي. ڇو جو سڀني جي حياتيءَ جي ڏوري اُن جي وَس آهي.
مطلب: ۱. مجبور ماڻهوءَ جو معاملو، سکيي ستابي جي لاءِ حل ڪرڻ آسان آهي.
۲. مرده، بدست زنده. (فارسي)
۳. مردو، جيئرن جي وَسِ آهي. (ترجمو)
501- مُئا به ڪڏهن مساڻ مان موٽيا آهن؟ (پهاڪو)
انسان کي دنيا ۾ رهڻ لاءِ زندگيءَ/ حياتيءَ جي صورت ۾، فقط هڪڙو دفعو ئي موقعو ملي ٿو. جڏهن پنهنجو وقت پورو ڪري، وارو وڄائي، هر ڪو هليو ٿو وڃي ته وري ڪڏهن به هن دنيا ۾ موٽي نه ٿو اچي. جيڪڏهن ڪير ڪنهن جي لاءِ چوي ته؛ “فلاڻو مري ويل، رات مقام مان اٿي ايندو!” ته سندس اهڙي اڻ-ٿيڻي ڳالهه تي، ڪير به اعتبار نه ڪندو.
جڏهن زندگي ملي ئي هڪ دفعي لاءِ آهي ته پوءِ ان ۾ ڌڻيءَ پاڪ کي ياد ڪري، ان کي سڦلائتو بڻائڻ ۾ ئي عافيت آهي.
مطلب: ۱. اڻ-ٽر حقيقت کي، ڪير به لڪائي نه ٿو سگهي.
۲. هٿان ويل مهل، وري هٿ ڪين ايندي.
۳. ڏڌو کير، ٿڻين ڪين پوندو آهي.
۴. ڇٽل تير، واتان نڪتل گفتو، وري موٽي ماڳ تي نه ٿا اچن.
۵. جوانه! رهي طاعت امروز گير، که فردا جواني نيايد ز پير. (فارسي)
۶. اي جوان اڄ ڌڻيءَ جي يادگيري ڪر،
جو سڀاڻي پوڙهي کان جوانيءَ جو ڪم نه ٿيندو. (ترجمو)
502- مئي کي مارڻ، سورهيه جي گلا. (پهاڪو)
مئو: مئل، نقصان/ تڪليف ۾ ڏڌيل.
مارڻ: بدلو وٺڻ، ظلم ڪرڻ، انتقام وٺڻ.
سورهيه: بهادر، شجاع.
بهادر ماڻهو اهو آهي، جيڪو پاڻ جهڙي بهادر سان پنجو اٽڪائي. جيڪو اڳيئي تڪليف ۾ آهي ۽ قدرت طرفان نازل ٿيل عذاب/ آزمائش ۾ ڦاٿل آهي ۽ پيو ٿو منجهس ڳري ۽ لوڙ لوڙي، تنهن تي وڌيڪ ظلم ڪرڻ يا کيس ڪمزور ڀانئي هاڻي کانئس بدلو وٺڻ، ڪنهن بهادر، طاقتور ۽ شجاعت واري جو ڪم ناهي. ائين گيدي ڪندا آهن.
۲. تنهنجو هڪڙو ويري/ دشمن، نقصان/ ٽوٽ پوڻ سبب کٽي پيو آهي. سندس مايا کٽي ناس ٿي وئي آهي. پاڻ ترين ڀر اچي ڪريو آهي يا سندس نوڪري ختم ٿي وئي آهي يا نوڪريءَ تان سرڪار لاهي ڇڏيو اٿس ۽ هاڻي وري نوڪريءَ تي چڙهڻ جو آسرو نه اٿس. تڏهن اندازو ڪرڻ گهرجي ته ڌڻي پاڪ کانئس اهي پاور کسي کيس ماري ڇڏيو آهي. هاڻي انهيءَ ڪيس ۽ ڦڏا ڪري کيس وڌيڪ مارڻ مان ڇا هڙ حاصل ٿيندي. اهڙي کي مارڻ سان فقط گلا ٿيندي.
مطلب: ۱. مئل کي وڌيڪ ڇا ماربو؟
۲. مجبور جي مجبوريءَ مان فائدو وٺڻ نه گهرجي.
503- ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي. (ورجيس)
مڏي: مال ملڪيت.
ٻه ڏندڻ ٽين تڏي: تمام ٿوري بلڪ نه هئڻ جي برابر.
هڪڙو مسافر، ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي لٿو. وٽس وڇاڻو/ بسترو ساڻ نه هيو. رڳو لباتو/ لباس/ اوڙهڻو ساڻ هيس. هڪ وڏي چادر هيس، جيڪا ڏينهن جو ڪلهن تي ڍڪيندو هيو ۽ رات جو سمهڻ مهل، اڌ هيٺان وڇاڻي طور ۽ اڌ مٿان اوڙهڻي طور، استعمال ڪندو هيو. ڳوٺ جا ماڻهو مهمان جو ٻڌي، ساڻس خوش خير عافيت لاءِ آيا. سج لٿي کان پوءِ، چڱو وقت گذريو ته دل ۾ چيائين؛ “ڳوٺ وارا اٿن ته ننڊ ڪريان.” تڏهن مِنهن ڪري خليفي کي چيائين؛ “وڇاڻو جوڙ ته سمهان.” خليفي ڪن لاٽار ڪئي.
مسافر وري ماڻهن جي هنڀ کان بيزار ٿي خليفي کي چيو؛ “ننڊ ٿي اچي، سمهڻ لاءِ، وڇاڻو ٺاهه.”
خليفي وري به، ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري نٽائي ڇڏيس. تڏهن وري ٿوري دير کان پوءِ کيس وڇاڻو جوڙڻ لاءِ چيائين. تڏهن خليفي چيس؛ “سائين وڇاڻو ته توهان ڪلهن تي ويڙهيو ويٺا آهيو. اهو لباس لاهيو ته هنڌ طور وڇايان.”
انهيءَ ورنديءَ تي ڳوٺاڻان کليس ۽ مسافر پڻ ڏاڍو لڄي ٿيو.
مطلب: ۱. هوند کان واڌو ٽنڊ ڪرڻ، مورڳو ڦڪائي آهي.
۲. ٿوريءَ هوند واري کي، گهڻي ٽانءِ نه ڪرڻ گهرجي.
۳. غريب ماڻهوءَ جي ملڪيت، تمام ٿوري هوندي آهي.
504- مينهن ڍائي، هوري هلي، رڍ ڍائي، ٺينگ ڏئي. (پهاڪو)
مينهن هڪ ته پاڻ ڳؤرو بارو جانور آهي. ٻيو ڪُتر يا گاهه کائي ته مڻن پيري، تڏهن وڃي ڍاپي. ايڏو کائڻ کان پوءِ، پنهنجو وزن (Self weight) ۽ کاڌي جو وزن کڻڻ ئي اهنجو ٿيو وڃيس. تنهن ڪري آهستي آهستي/ هوريان هوريان هلي.
ان جي برعڪس، رڍ جو وت ٿورو آهي. پنهنجو وزن ته گهٽ اٿس پر کائي به ٻڪريءَ وانگر هلندي ڦرندي. مينهن وانگر بيٺي به نه کائي سگهي. کائي به پيٽ-آهر ٿورو. هلڪي هئڻ ڪري وتي ٺينگ ٽپا ڏيندي ۽ ڊوڙون پائي اڇانگ ڏيندي.
مطلب: ۱. سکر ماڻهو وڏو پَدُ پائي ته نوِڙت گهڻي ڪري. نکر کي ٿورڙو به ڍؤ ٿئي ته گهڻي ٽانءِ ڪري.
۲. ڍؤ جهلي هڪ مينهن، ٻيو ڀاڀڙو.
505- ميون ڳور لائق، بيوي سيج لائق. (ورجيس)
ميون: ميان، مڙس، مرد.
ڳور: گور، قبر، لحد.
بيبي: بيوي، زال، عورت.
سيج: شاديءَ جو وقت، لانئڻ لهڻ وارو هنڌ.
ڳور لائق: قبر لائق، تمام پوڙهو.
سيج لائق: شاديءَ لائق، نوجوانڙي.
شادي، جوڙ- جس سان ٿيندي آهي. جيڪا ٻنهي ڌرين جي پسند ۽ راضپي بعد ٿيندي آهي. نوجوان مرد، نوجوان عورت کي چاهيندو آهي. جڏهن ته نوجوان عورت پڻ چاهيندي آهي ته ڪنهن ڳڀرو جوان جي ڪلهي تي هجي. نوجوان مڙس کي، پوڙهي عورت سان پرڻجڻ ته پري جي ڳالهه پر سندس ڀر ۾ ويهڻ به ڪين پيو وڻندو. پوءِ نوجوان عورت، ڪراڙي مرد جي صحبت مان ڪهڙو خوش هوندي؟ اهڙي شادي بي جوڙ هوندي آهي ۽ جٽاءُ-دار نه هوندي آهي.
مطلب: ۱. بي جوڙ، تعلقات ڪنهن کي به نه ٿا وڻن.
۲. مڙس پوڙهو، زال جوان، اھو ڄاڻج ڪُکِ جو ڪانُ.
۳. هڪ جهڙي جي صحبت ڌاران، ٻي صحبت ڪنهن کي به نه وڻي.
۴. اڳٺ ريشم جو، سٿڻ دسيءَ جي.
۵. بڍي گهوڙي، لال لغام.
۶. چو طوطي کُلاغش بود هم قفس،
غنيمت شمارد خلاص از قفس. (فارسي)
۷. جڏهن چتونءَ سان پڃري ۾ ڪانءُ گڏ رهي،
تڏهن پڃري جي بند مان ڇٽڻ کي غنيمت سمجهي. (ترجمو)
506- ميهار مينهن مان نڪتو، وڇن ڪهڙي پارت. (پهاڪو)
هڪڙو ڌنار، پنهنجي مينهن جي چارڻ لاءِ هڪڙو ميهار/ ڌراڙ رکي ۽ اڳتي ان جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن نه ٿي، کيس نوڪري ڪرڻ کان جواب ڏئي. اهڙيءَ حالت ۾ ميهار کي اتان پگهار وٺي روانو ٿيڻ گهرجي. اتي بيهي کيس اها پارت نه ڪرڻ گهرجي ته؛ “مان ته هاڻي وڃان ٿو پر ٻيلي مينهون ته وڏيون آهن، پنهنجو بلو ڪري وينديون. البته وڇون تمام ننڍيون آهن، انهن جي پارت هجيو. انهن جي سار سنڀال لهجو.”
ائين چوڻ واري ميهار کي بيوقوف چئبو. ڇو جو کيس اهو ڪم، معاوضي تي سونپيل هيو. جڏهن سندس معاوضي وارو معاهدو ئي ختم ٿيو ته هاڻي سندس واسطو ئي نه رهيو ته پارت ڇا جي لاءِ ٿو ڪري؟
مطلب ۱.
۲. انسان کي خبر آهي ته نيٺ چوٽي موت جي هٿ ۾ آهي. پوءِ مايا جي وهنوارن جي ڳڻتي ۽ پارت ڪرڻ مان ڇا ورندس.
۳. موت کي ۽ مٿين اشارن کي من ۾ رکبو ته ڌڻيءَ جي يادگيريءَ کان پري نه ٿبو.