لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ق

349- قاضي ڄاڻي، قيامت ڄاڻي. (پهاڪو)
۱. قاضي: انصاف ۽ وعظ نصيحت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويندا هيا. سندن فيصلا، عام ماڻهن جي سمجهه يا پهچ کان ٻاهر نڪرندا هيا ته ظاهري نقصان کائيندڙ ڌر يا اڻ ڌريا ماڻهو، اجايو دماغ هڻڻ کان جان ڇڏائڻ لاءِ الا بلا، قاضيءَ جي گردن ۾ وجهندي ائين چوندا هيا.
۲. ماڻهوءَ کي جڳائي ته توڪل ڪري، پنهنجا سمورا ڪم ڌڻيءَ کي سونپي. ان جي مرضيءَ ۽ منشا کي اوليت ڏيندي ڪم ڪري. پوءِ چوي ته؛ “ڌڻي ڄاڻي ته ڪم جو نتيجو ڄاڻي.”
مطلب: ۱. قيامت ۾ ڌڻيءَ آڏو، نصيحت ڪرڻ وارو، برابر جو جوابدار هوندو.
۲. اگر خواهي که از خارت شود گل،
توکل کن، توکل کن، توکل. (فارسي)
۳. جيڪڏهن ڀانئين ته ڪنڊي مان ٿيئي گل،
رڳو توڪل ڪر، توڪل ڪر، توڪل. (ترجمو)

350- قرض؛ ڪوڙهه جو ٽڪو. (چوڻي)
ڪوڙهه: برص، مرض جنهن ۾ ماڻهوءَ جي لڱن تي اڇا ڪارا دڙڳ ٺهن.
ڪوڙهه جو چُٽو، عمر ڀر رهي ٿو. چمڙيءَ جي ان بيماريءَ ۾ گهٽتائيءَ بجاءِ، ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي ٿو. قرض پڻ اهڙو ئي بڇڙو مرض آهي. لهڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي ٿو. لهڻي واري جي هٿان، خوار خراب ٿيڻ جو ڊپ، تلوار وانگر مٿان ٽنگيل پڻ رهي ٿو.
مطلب: ۱. قرض کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
۲. به تمناءِ گوشت مُردن بہ،
که تقاضاي ز شت قصابان. (فارسي)
۳. سارڻي/ ماس کائڻ جي سڌ ۾ مرڻ چڱو،
نَهري وارن/ ڪاساين جي ڇڪتاڻ بڇڙي آهي. (ترجمو)