لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ڦ

342- ڦاڙهو جاتي کائي، تاتي اوجهه ڏئي. (پهاڪو)
اوجهه ڏيڻ: ڦاٽي مرڻ، پيٽ ڦاڙائي مرڻ.
هرڻ ۽ ڦاڙهي جو گوشت، سيخ ۾ پچائڻ سان سوادي ۽ قوت بخش ٿيندو آهي. ٻيو سندس دُن مان مشڪ نڪرندو آهي، جيڪو قيمتي آهي. اهو ئي سبب آهي جو شڪار جا شوقين سدائين سندس تاڪ ۾ هوندا آهن. انهيءَ ڀو تتان هيءُ جهنگ يا ٻيلي، بيابان يا ڪاڇي ۾، هڪ هنڌ نه بيهندو آهي، بلڪ ٽهندو ۽ ڀڄندو وتندو آهي.
گهڻي ڀڄ ڀڄان کان پوءِ، آخر ٿڪجي ۽ بکائجي ڪنهن ويءَ يا گاهه ۾ چرڻ بيهندو آهي. بکايل/ اڃايل هئڻ سبب ۽ اڳين پوئين ڪسر ڪڍڻ خاطر، ججهو کائيندو آهي. جنهن سبب هلڻ کان ويتر هلاک ٿي ويندو آهي. يا پيٽ ڦاٽي پوندو اٿس. يا شڪاري اچي پڄندا اٿس، جيڪي سندس دن وارو مشڪ حاصل ڪرڻ خاطر، تتي تاءِ سِرُ کڻندا اٿس.
مطلب: ۱. پيٽ ڀرڻ واري لالچ، ڦاڙهي کي موت تائين رسائي ٿي.
۲. طمع مارائيندڙ آهي.
۳. مڇيءَ کي لوڀ/ ڳاهه مارائي ٿو.
۴. پکيءَ کي چوڳو، موت جي آويءَ ۾ آڻي ٿو.

343- ڦٺ بجو ڪج، پر گيهه ذرو ڏج. (ورجيس)
بي لڄي ۽ نرڄي ماڻهوءَ کي شان مان جي ڳڻتي گهٽ هوندي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ سندس نڪ، سندس پيٽ جي هيٺان هوندو آهي. بيعزتي برداشت ڪندو آهي پر پيٽ کي ضرور ڀريندو آهي. کيس آبروءَ کان پيٽ پيارو لڳندو آهي. تنهنڪري پيٽ خاطر بيعزتيءَ وارا ڪم به ڪُڏي ڪندو آهي.
مطلب: ۱. لالچي ماڻهو بيعزتي برداشت ڪري، بک برداشت نه ڪري.
۲. ڦٺ بجو ڪرڻ، گيهه ذرو ڏيڻ. (ورجيس)
۳. مرد گهري مانَ کي، گانڊو گهري نان کي.
۴. ڀيٽيو: پيٽ ڀريو ته منهن ڪارو ئي سهين.

344- ڦر کان اڳي ڄر نه ڪڍجي. (پهاڪو)
ڄر: اور، ٿڻائتي مادي ويامڻ وقت، ٻچي سان گڏ اور به ڇڏي.
دراصل ٻچو هڪ بال جهڙي جِهليءَ ۾، پاڻيٺ اندر محفوظ ٿيل هوندو آهي. ويم وقت، پهرين بيضي جھڙو اھو بال ڦاٽندو آهي. منجهانئس پاڻيٺ (Mucus) خارج ٿيندي آهي. جنهن جي چڪناھٽ تي ٻار به گرڀ مان هيٺ سِرڪي ايندو آهي. ان بعد اھو ڦاٽل بال، جنھن کي اور سڏبو آھي، ھيٺ لھي ايندو آهي. ائين ڪڏهن نه ٿيندو آهي جو ٻار کان اڳي اور اچي.
مطلب: ۱. هر ڪم پنهنجي وقت ۽ واري تي ڪجي. اڳي پوءِ ڪرڻ سان نقصان ٿيندا آهن.
۲. طبيب کي بيماريءَ جي دوا ڪرڻ کان اڳي، انعام جي لالچ نه ڪرڻ گهرجي.
۳. دلال کي، سودي ٺاهڻ کان اڳي، دلالي ڪرڻ نه گهرجي.
۴. آرو پچڻ کان اڳي، چوزا ڳڻڻ نه گهرجن.
۵. اڻ ڄاول لاءِ، “نانيءَ مهانڊي” نه چوڻ گهرجي.
۶. ڀيٽيو: ڪڪڙا ڪنگر ۾، چي؛ “پڙي جي مبارڪ.”

345- ڦرندي گهرندي نامردان دي،
مردان دي هي هڪ. (چوڻي)
نامرد: گانڊو، گيدي، بزدل ڪانئر.
ڪانئر پنهنجي ڳالهه تي ڪڏهن قائم نه رهي. سندس زبان حالات واقعات جي لحاظ کان ڦرندي گهرندي رهندي آهي. جڏهن ته مردن جي ڳالهه جيڪا ٿي، سا ٿي. ڪڏهن ڪين ڦرندي آهي. البته اهڙي پختي هوندي آهي، جهڙي پٿر تي ليڪ. جڏهن ته پٿر تان ليڪ ڏکي ڊهندي آهي.
مطلب: ۱. مڙس ماڻهو، قول/ وچن تان ڪو نه ڦرندو آهي.
۲. مڙس ماڻهو، ڏکين حالات ۾ به پير تي بيٺل هوندو آهي.
۳. ڀيٽيو: مڙسان دي ڦرڻي گهرڻي، گانڊو دي اڪ هي.

346- ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءَ آهي. (پهاڪو)
دريائن ۽ تلائن، ڍنڍن ۽ ڍورن وغيره ۾ جيڪي به پاڻي ڪٺو ٿئي ٿو، سو دراصل مينهن جي صورت ۾، قطرا قطرا يا ڦڙا ڦڙا ٿي، هيٺ ڪِري ٿو. بعد ۾ هيٺانهين وغيره ڏانهن وهي هلڻ جي صورت ۾، قطرا هڪ ٻئي سان ملي پهرين ڌارَ جوڙين ٿا. ان کان بعد منجهانئن وهڪرا ٺهن ٿا ۽ نيٺ اُڙهي ڍنڍن ڍورن يا سمنڊ ۾ جمع ٿين ٿا.
مطلب: ۱. دولت وغيره به ٿورو ٿورو ڪري گڏ ڪبي ته پاين مان پئسا، پئسن مان رپيا ۽ رپين مان سوَ، هزار ۽ لک ٺهندا آهن.
۲. اکر اکر سکڻ کان پوءِ ئي، علم حاصل ٿيندو آهي.
۳. اندک اندک همي شود بسيار،
دانه دانه است غلّه در انبار. (فارسي)
۴. ٿورو ٿورو گهڻو ٿي پوي،
انبار ۾ انّ داڻو داڻو آهي. (ترجمو)

347- ڦلهير ۾ ڦوڪون نه ڏجن. (پهاڪو)
ڦلهير؛ ڦلھيار، رک، ڇار، خاڪ.
دکندڙ ٽانڊي کي ڦوڪ ڏبي ته منجهانئس باهه ٻري پوندي. اکين ۾ پوندڙ، دود/ دونهون به بند ٿيندو ۽ باهه به ڪارج لائق ٿي پوندي. ڇار وغيره ۾ ٻرڻ جي صلاحيت نه هئڻ سبب، ڦوڪ ڏيڻ سان به باهه ڪين ٻرندي. منجهانئس ڪو به ڪم نه سرندو. اٽلو ڦوڪ تي، رکَ اڏامي اکين ۾ پوندي.
مطلب: ۱. لوٺيي ماڻهوءَ کي شرافت سيکارڻ مان، ڪي ڪين ورندو.
۲. هيچ صيقل نِکو نه خواهد کرد،
آهني را که به گُهَر باشد. (فارسي)
۳. ڪو ڪڙو (ترار ملڻ جو اوزار) موچارو ڪري نه سگهندو،
ان لوهه کي جو بڇڙي بنياد وارو هوندو.
۴. ڦلهير ۾ ڦوڪون ڏيڻ. (اصطلاح/ ورجيس)

348- ڦورو نه ڦولهي، شل سنئين پوي صراف کي. (پهاڪو)
ڦورو: زالون سُٽ ڪتي، اوبي، ڍيريءَ نما ڦورا ٺاهين.
ڦولھڻ: ڳولھا ڦولاھا ڪرڻ، ڇان-بين ڪرڻ.
صراف: سونارو، روڪڙ جو واپاري، Money exchanger، سُٽ جو خريدار.
آڳاٽي دؤر ۾ ڪپڙو آڏاڻن تي اُڄندو هيو، جيڪو ڪوري اُڻندا هيا. جڏهن ته ڪپهه منجهان، سُٽ ٺاهڻ وارا، آتڻ ۾ ويهي ائٽ تي سُٽ ڪتيندا هيا، جيڪو واپارين/ صرافن جي معرفت ڪورين وٽ پهچندو هيو. اهو ڪم عورتون پڻ ڪنديون هيون.
ڪي عورتون، لالچ ۾ پئجي سُٽ جا ڦورا، بازار ۾ کڻي اچڻ کان اڳ، گهرئون ئي پاڻيءَ سان پسائي ڳؤرا ڪيون اينديون هيون ته جيئن وزن وڌيڪ ٺهي ۽ ڪمائي سجيهه ٿئي.
ڪي عورتون، تڪڙ ۾ رنڊا روڙينديون هيون. سنهون ڪتڻ بجاءِ بيگر لاهينديون ھيون ۽ ٿلهو ڪتي ڪپهه جي ڪپهه وانگر اچي پيش ڪنديون هيون ۽ بنا محنت جي محنتاڻو طلبينديون هيون.
اڳيان خريدار به پئسن ڀرڻ سبب، تارا ڦاڙيون ويٺا هوندا هيا. سودڻ کان اڳي، سُٽ جا ڦورا ڦولهي ڏسندا هيا. پسيل ۽ رنڊا روڙيل ڦورا، ڪڍي الڳ ڪندا هين. ڏٺو وٺو ٿيڻ سان گڏ، محنتاڻو پڻ ڪين ملندو هين.
مطلب: ۱. ڌڻي سڳورو شال انسان جي لڇڻن ڏي نه نهاري. فقط پنهنجو رحم ڪري.
۲. من نه گويم که طاعتم به پذير،
قلم عفو بر گناهم کش. (فارسي)
۳. نه ٿو چوان ته عبادت منهنجي قبول ڪر،
منهنجي ڏوهن تي معافيءَ جو قلم ڦير. (ترجمو)