لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ک

402- کاڌي کي کامن، ڄاڙيون ڄاموٽن جون. (پهاڪو)
کامن: کاپائن، کٽائن.
ڄاموٽ: مسلمانن جو پريو مڙس، هڪڙي سکر ذات جو نالو. بهادر ۽ سنڌي قوم جو.
کاڌو، جيئڻ ڪارڻ کائڻ ضروري آهي. پورو پنو کائڻ بهتر آهي. گهٽ کائبو ته جسم لاغر ٿيندو ۽ وڌيڪ کائبو ته هضم نه ٿيڻ جي صورت ۾ بيماري آڻيندو. ڇو جو کاڌي جو، پيٽ ۾ مخصوص وقت کان وڌيڪ رهڻ به خراب آهي.
ڪمزور ماڻهوءَ کي نرم، پٽڙي ۽ زود هضم خوراڪ کپي. صحتمند ئي گوشت، گيهه ۽ سڻڀي کاڌي کي پچائي سگهندو. جنهن جا ڏند ۽ آنڊا مضبوط هجن سو ئي کاڌي سان ويڙهه ڪري. اهو به تيستائين، جيستائين وات ۾ ڏند ۽ پيٽ ۾ پڪا آنڊا اٿس. ٻيءَ صورت ۾ کاڌي سان ويڙهه کائيندڙ، پاڻ کاپي پوندو.
مطلب: ۱. هَٺَ- سهائيندو کائجي، لوڪ- سهائيندو پائجي.
۲. گهڻي ۽ اوچي طعام کائڻ کان، پرهيز ڪجي.
۳. گهڻو کائڻ ۽ گهڻو وزن کڻڻ، ماڻهوءَ جو سر کڻن ٿا.
۴. ڄٽ چاءِ مري، يا کاءِ مري.

403- کاڻي کچڻي، اونڌو طباق. (پهاڪو)
هڪڙو مرد، جهنگ ۾ گهر لاءِ ڪاٺي ڪلي يا ڀاڄي ڀُتي هٿ ڪرڻ لاءِ ويو. ڳچ وقت کان پوءِ ٿڪجي ٽُٽي موٽيو. بک به ڏاڍي لڳي هئس. گهر ۾ اچي ڏٺائين ته زال آهي ئي ڪا نه. البته کچڻيءَ جو ڪنو چلهه تي چڙهيو پيو آهي ۽ پيو ٿو سڙي. طباق به مٿس اونڌو پيو آهي. طباق لاهي ڏٺائين ته اندران کچڻي به کامي/ سڙي چڪي هئي. ايتري ۾ جوڻس به پاڙي اوڙي مان گهمي/ ڦيرو ڏئي اچي پهتي. کيس ڏسندي ئي پڇيائين: “کچڻي ڪڍي کاڌءِ ڪن نه!”
“کايان ڪڄاڙو؟” مڙس خار مان ورندي ڏيندي چيس؛ “کاڻي کچڻي، مٿس اونڌو طباق رکيو آهي.”
مطلب: ۱. جنهن گهر ۾ گينوار/ گهه پيهه رهندي، تنهن ۾ مڙس کي مهل تي ماني به نه ملندي.

404- کُٿي ڏاڙهي، هٿ نه اچي. (پهاڪو)
ڏاڙهي مڙس جو شان ۽ سونهن آهي. سندس چهري جي نزاڪت ڏاڙهيءَ ۾ آهي. جنهن کي ڏاڙهي نه ٿي ڄمي، ان کي خسرو سڏجي ٿو ۽ سندس شمار نه ماين ۾ ۽ نه مردن ۾ ٿئي ٿو. جيڪڏهن قدرتي طرح ڏاڙهي نه ڄمي يا ڪنهن بيماريءَ سبب کُسي ختم ٿي وڃي ته پوءِ وس ڪرڻ سان به نه ڦُٽي. جنهن کي قدرتي طرح نه ڄائي آهي، ان جو چهرو وري به ايترو خراب نه ٿو لڳي، جيترو ان جو، جنهن جي ڏاڙهي ڪنهن بيماريءَ سببان کسي وئي آهي. ساري عمر، منهن لٽي سان لڪايو وتي ۽ ڏاڙهيءَ جي ٻيهر ڄاپڻ لاءِ جتن ڪندو وتي.
مطلب: ۱. هڪ دفعو هٿان ويل شيءِ ۽ وقت، وري هٿ نه ٿا اچن.
۲. دڌا ٿڻين نه آوهين، ڦِر هوءِ نه ميل. (ڪبير صاحب، وچن)
۳. ڏڌل ٿڻن ۾ نه اچي، مئي پڄاڻان وري ملڻ نه ٿئي. (ارٿ)
۴. ڇٽل تير، ڏڌل کير، موٽي نه اچن ماڳ.
۵. ڀيٽيو: ڏڌل کير ٿڻن ۾ نه پوي.

405- کٽو واڻيو، ڪاڳر ساري. (پهاڪو)
واڻيا يا واپاري، جڏهن ڌنڌي ۾ پوئتي پئجي ويندا آهن ۽ جيڏانهن تيڏانهن قرض وڪوڙي ويندو اٿن يا ڪو وڏو ٽوٽو پوندو اٿن ته پوءِ ڏيوالو ڪڍندا آهن. گهر يا دڪان آڏو، ڏينهن رات ڏيئا ٻاري ڇڏيندا آهن، جيڪي سڃي هجڻ جي نشاني هوندا آهن. جيڪو لهڻيدار لهڻو گهرڻ ايندو اٿن، تنهن کي کتو جواب ڏيندا ويندا آهن. مگر چٻ چوچيءَ لاءِ، پراڻا سراڻا ڪاڳر ويهي جاچيندا آهن. من نه مَن، ڪنهن ڏي بل جي رقم نڪري اچي ته کانئس اڳاڙي وٺن.
مطلب: ۱. نڪمو ماڻهو، گهڻو ڪري چٻ جون واٽون ڳولي.
۲. کهيو واڻيون، کنڌيون پٽي.
۳. واڻيو کنڌيون تڏهن ساريندو آهي، جڏهن کٽندو آهي يا بي ايمان ٿيندو آهي.

406- کٽيو تو تان گهوريو، وڃائج نه مُور. (ورجيسي جملو)
کٽيو: منافعو، فائدو.
مُور: موڙي، سيڙپ، جيڪو ناڻو واپار ۾ گهران سيڙائجي.
واپار ۾ موڙيءَ جي طور تي مال ۽ پئسو، جان ۽ وقت سيڙائبا آهن. موٽ ۾ شين جي واپار مان جيڪو ناڻو هٿ ايندو آهي، سو موڙيءَ کان واڌو هوندو آهي. واڌو واري ناڻي کي منافعو سڏبو آهي، جيڪو جان ۽ وقت جي سيڙپ جي معاوضي طور هوندو آهي.
ڪي چنڊا ۽ سست ماڻهو هوندا آهن، جيڪي پنهنجي سستيءَ ۽ نااهليءَ سببان، ڌنڌو چڱيءَ طرح نه ڪري سگهندا. سندن مال جو وڪرو گهٽ هوندو آهي، جنهن ڪري پئسي جي ڦير گهير (revolution) نه ٿي سگهندي آهي. تجارت، بجاءِ وڌڻ جي، ٽوٽ ۾ ويندي آهي. اهڙي سست ماڻهوءَ، منافعي ڪمائڻ بجاءِ، رڳو مُور ئي موٽايو ته به ٿيو سجايو.
مطلب: ۱. واپار ۾ مُور کان وڌيڪ اپائڻ گهرجي. ٻيو نه ته موڙيءَ کي ڇيهو نه رسائجي.
۲. ماڻهو دنيا ۾ سرير ۽ عمر، سگهه ۽ نصيب وٺي آيو آهي، سو جيڪڏهن ڌڻيءَ جي يادگيريءَ ۾ ۽ چڱن عملن ۾ صرف ڪندو ته ڄڻ کٽيائين. ٻيءَ صورت ۾ سموري موڙي ڄڻ اجائي وڃايائين.
۳. بمايه توان اي پسر سود کرد،
چه سود آيد آن را که سرمايه خورد. (فارسي)
۴. اي پٽ! موڙيءَ مان کٽيو ڪري سگهجي ٿو،
جيڪو موڙي ئي کائي ويو، تنهن کي ڪهڙو نفعو ٿيندو؟ (ترجمو)

407- کٽيو کائي مڙس جو، چئي؛ “جيئي ابو!” (ورجيس)
عورت شاديءَ کان پوءِ، مڙس جي پناري پوي ٿي. کيس ساڻس زندگي گذارڻي آهي. ٻار ٻچا ڄڻڻا آهن. سندس والدين اڄ آهن، سڀاڻي نه هوندا. کيس ھاڻي مڙس ۽ اولاد سان، حياتي گذارڻي آهي. ساهرن ۽ پيڪن سان ٺهي هلڻ واريون عورتون ته شاندار عورتون آهن. جيڪي ساهرن سان نه ٺهن، مڙسن کي جدا ڪرائي، سندن ڪمائي مائٽن ڏي موڪلين يا مڙسن جو کائي پي، ابي امان جي ساراهه ڪن ۽ مڙس جي چڱائيءَ جي ڪا ڳالهه ئي نه ڪن، سي مڙس جي دل تان به جلد لهي وينديون. جيڪا مڙس جو کائي پي، ڳائيندي پيءُ جو، تنهن کي ڪير به چڱو نه چوندو.
مطلب: ۱. انسان به هلي ڌڻيءَ جو توهه سان، کائي پئي ڌڻيءَ جو ڏنل ۽ ڄاڻي پنهنجي ڪمائيءَ ۽ لڇڻن کان يا يار دوست جي مهربانيءَ کان ته پوءِ ڪيئن چڱو چئبو؟ کيس هر دم اصل خالق ۽ مالڪ کي ساراهڻ گهرجي.
۲. چه انديشي از خود که فعلم نکو است،
ازان در نگہ کن که توفيق او است. (فارسي)
۳. ڇا ٿو ڄاڻين ته لڇڻ منهنجا چڱا آهن؟
هوڏانهن نگاهه ڪر، جو اها سگهه به اُن ڏني اٿئي. (ترجمو)

408- “کڏ!” چي؛ “جيءُ سڏ!” (پهاڪو)
جنهن دؤر ۾ بئنڪون نه هيون، تڏهن ماڻهو پنهنجو ناڻو، بجاءِ ڪنهن طاقتور ۽ ايماندار ماڻهوءَ وٽ حفاظت طور رکڻ جي، زمين ۾ کڏ کڻي پوري ڇڏيندا هيا. ان کان وڌيڪ کين، دولت سانڍڻ جو ٻيو ڪو به محفوظ رستو نظر نه ايندو هيو. ڇو جو ڏاڍي ماڻهوءَ وٽ دولت هڪ دفعو وئي ته موٽڻ مشڪل هوندي هئي. بي ايمان ٿيڻ کان پوءِ يا ته اَلي ويندو هيو يا موراڳو مارائي ڇڏيندو هيو. جيڪڏهن بي ايمان نه به ٿيو ته وقت سر نه ڏئي سگهندو هيو، جنهن ڪري ڪيترا ئي اهم ڪم رڪجي ويندا هيا.
ان جي برعڪس، کڏ ۾ پوريل دولت، ضرورت پوڻ تي، کوٽڻ واري تڪليف سان هٿ ڪري وٺبي هئي. بس ارادي ڪرڻ يا سڏ ڪرڻ جي دير هئي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو همدرد ۽ ساٿي، مددگار ۽ هڏ-ڏوکي نظر نه ايندو هيو.
مطلب: ۱. کڏ ۾ پوريل ناڻو، اوير سوير سڏ جو جواب ڏئي ٿو يا ڪم اچي ٿو.
۲. نصيب ۾ لکيل چُوڻو پڻ کڏ ۾ پوريل ناڻي يا گنديءَ ۾ سانڍيل اَنُّ وانگر آهي، جيڪو مهل سر هروڀرو به اچي ملندو آهي.
۳. جُھدِ رزق ارکني و گر نه کني،
بِرَساند خدائي عز و جل. (فارسي)
۴. چُوڻي جي ڳولا اگر ڪرين يا نه ڪرين،
رسائيندو ضرور توکي، ڌڻي پاڪ.

409- کَر ماڻهو، وڻ ٻاٻرو، ٻنهين ڏينهن کٽن. (پهاڪو)
کَر: کريل، لچ، بدمعاش، خر-دماغ.
ٻاٻرو: ٻٻر جو، ڪنڊن وارو.
۱. لچ ماڻهو، سواءِ تڪليف ڏيڻ جي ٻيو ڪم نه ڄاڻندو آهي. جيڪو پاڙي ۾ هوندس يا واسطي ۾ ايندس، تنهن کي پيو ڏنگيندو. ان ڪري اهڙو ماڻهو نه دوست چڱو، نه پاڙيسري چڱو. جنهن مان دوست ۽ پاڙيسري ناخوش ۽ آزاريل هجن، تنهن جي عمر کٽي ته چڱو.
۲. ٻٻر جي وڻ ۾ ڪو ڦل فروٽ نه ٿئي، جيڪو کائڻ جي ڪم اچي. نه ئي منجهس سهڻا خوشبودار، سجائي رکڻ جهڙا گل ٿين. منجهس فقط سيلهه ڪنڊا ٿين. جيڪڏهن گهر جي اڱڻ ۾ ٻاٻرو وڻ هوندو ته سيلهه ڪنڊا سُڪڻ بعد، پيا پٽ تي ڪرندا ۽ لنگهڻ سان پيرن ۾ لڳندا. ٽاري ڪپي مال کي کارائبي ته گهر ئي ڪنڊا ٿي ويندو. مٿس پکي پکڻ ويهندا ته آکيرا ٺاهيندا. چرٻروٽ پيو پوندن ۽ مٿان وٺيون پيا لاهيندا. سڄو گهر ڪن ٿي ويندو. اهڙو وڻ به گهر مان وڍيو چڱو.
مطلب: ۱. وڻ ٻاٻرو، کر ماڻهو، شل پاڙي نه هوون.
۲. کر ماڻھوءَ مان کرائي ٿيندي ۽ ٻٻر جي وڻ مان ڪنڊا لڳندا.
۳. تڪليف ڏيندڙ شيءِ، ويجهي نه هجي.

410- کڻ کلو، ٿيئي ڀلو. (پهاڪو)
کلو: موچڙو، پادر.
کڻ کلو: لٺ ڌڪو کڻڻ، وڙهڻ جھڙڻ.
دنيا ۾ هر ڪم، نصيحت ۽ مٺـڙي زبان سان نه ٿو ٿئي. ڪي ڪم، تڪليف کڻڻ سان ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح مڙيئي ماڻهو، مٺي زبان جي ٻولي نه سمجهندا آهن. خاص طور تي لچ ۽ ويري ته مٺي لهجي مان ڄاڻن ئي ڪو نه. اهي سمجهندا ئي کهري لهجي ۽ موچڙي واري راند سان آهن. مٺي زبان ۽ نرم رويي تي لچائيءَ ۾ ويتر پير اڳڀرو هوندو اٿن. منجهانئن ڪم ڪڍڻ لاءِ، ساڻن هر سمي هر معاملي ۾ تکو پوڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ ڀلائيءَ جي اميد گهٽ آهي.
مطلب: ۱. ڀاڙيئي ڀوڙيئي تي ڪرڙي نظر رکڻ، چڱي شيءِ آهي.
۲. سخن بلطف وکرم با درشت خوءِ مگو،
که زنگ خورده نگرد مگر به سوهن پاک. (فارسي)
۳. مهربانيءَ ۽ ڪرم واري ٻولي، لچ سان ڪين ڳالهاءِ،
زنگيل لوهه، روات جي کهرائيءَ ڌاران صفا نه ٿئي. (ترجمو)

411- کوهه جي مٽي، کوهه کي لڳي. (پهاڪو)
۱. کوهه کڄندو يا کوٽبو آهي ته منجھانئس نڪتل ڀاڏ يا کوٽائيءَ واري مٽي، پاسي ۾ دڙو ڪري ڇڏبي آهي. جيڪا جڙڻ وقت گاري ۾، جڙي بس ٿيڻ کان پوءِ رڇيءَ يعني کوهه جي چؤڌاري جڙيل کڏ ۾ ۽ باقي بچيل مٽي پڙ جي ٿلهي يعني کوهه جي چؤڌاري جوڙيل ٿلهي ۾ پوري ٿي ويندي آھي. کوٽائيءَ جي مٽي، بچندي ئي ناهي، جو ٻين ڪمن ۾ استعمال ڪجي يا ڍورائي پري ڪجي.
مطلب: ۱. جيڪا دولت هن جهان ۾ ماڻهو ڪمائي ٿو، سا دراصل انهيءَ مالڪ جي ڏنل آهي، جنهن مڙني انسانن کي خلقيو آهي. جڏهن ڌڻيءَ جي ڏنل دولت مان، سندس نالي تي جيڪو ڪجهه ڏجي ٿو، سو نه مٿس ٿورو آهي ۽ نه ئي پنهنجي کيسي مان ٿو ڏجي. تنهنڪري خير/ خيرات، صدقو يا فطرو ڏيڻ وقت اهو ڄاڻي ڏجي ته جنهن جو مال هيو، تنهن جي ڪم آيو.
۲. ميرا مُجهه ۾ ڪڇ نهين، سڀ ڪڇ هي تيرا،
تيرا تجهه ڪُون سونپيئي، ڪيا لاگي ميرا. (هندي)
۳. مون وٽ منهنجو ڪين آهي، سڀڪي تنهنجو ڏنل آهي،
تنهنجو توکي موٽائي ڏيڻ ۾، منهنجو ڇا ٿو لڳي. (ارٿ)
۴. برد بوستان بان به ايوان شاهه،
به تحفه ثمرهم ز بستانِ شاهه. (فارسي)
۵. راجا وٽ آرائين/ هاري کڻي وڃي،
سوکڙيءَ طور ميوو، راجا جي ئي باغ جو. (ترجمو)

412- کيتي، سر سيتي. (چوڻي/پهاڪو)
کيتي: پوک، زراعت، فصل وغيره ڪرڻ.
سر سيتي: سر سان لاڳو، جان سان واسطو رکندڙ.
دنيا ۾ سمورا ڪم وقت ۽ پئسو، جان ۽ مال لڳائڻ سان ٿين ٿا. منجهانئن نفعو به تڏهن ملي ٿو. جيڪڏهن چئني موڙين منجهان ڪا به هڪ، ڌنڌي ۾ نه لڳائجي ته ڌنڌو نقصان ۾ هليو ويندو.
کيتي به هڪ اهڙو ڪاروبار يا ڌنڌو آهي، جنهن ۾ مال جي طور تي زمين استعمال ڪجي ٿي. ٻج ۽ ڪلر لاءِ پئسو استعمال ڪجي ٿو. فصل کي ڦٽڻ ۽ پچي تيار ٿيڻ لاءِ، پوري موسم به ڏجي ٿي. سار سنڀال لهڻ لاءِ پنهنجي جان نه کپائبي ته به لاڀ نه ملندو. جيڪڏهن پوک جي سنڀال لاءِ ڪمدار ۽ ڪاراو، ڪڙمي ۽ راکا رکبا ته وري کين سنڀالڻ لاءِ پاڻ کي ئي وڃڻو پوندو. جن ماڻهن عياشيون ڪيون ۽ زمينون نه سنڀاليون، اڄ انهن جي زمينن جا ڌڻي ٻيا ٿي ويا آهن.
مطلب: ۱ مايا جو سمورو ڌنڌو، پنهنجي هٿ يا نظر ڌاران ڪرڻ سان نقصان جو ڊپ ٿئي ٿو.
۲. جنهن پوک جو ڪم ٻئي جي آسري ڇڏيو، تنهن ڄڻ هڙ جا هاريا.
۳. جيڪو زمين جي ڪم ۾ ٻين تي ڀاڙيندو، سو کٽيو ڪين کائيندو.
۴. پوک جو ڪم، سر سان لاڳو آهي.
۵. پنهنجي هٿ جو گهاٽو به پرائي هٿ جي واڌي کان چڱو.

413- کير جو کانيل، جهَڻ ڦوڪي پيئي. (پهاڪو)
کير، پيئڻ جي ڪم کان علاوه ڏڌ، لسي ۽ مائو ٺاهڻ يا گيهه مکڻ ڪڍڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي. جنهن لاءِ کيس گرم ڪيو ويندو آهي. لطيف ۽ نرم شيءِ آهي، لوڏي تي ڇلڪو ضرور کائيندو آهي. ٿڌي صورت ۾، سواءِ هارجڻ واري نقصان جي، ٻيو نقصان ناهي. البته گرم هئڻ واري صورت ۾ اگر انساني عضوي تي هارجي پيو يا ڇنڊا لڳا ته اهو هنڌ يا ٽڪرو، پيئڻ جي صورت ۾ وري چَپَ سڙي سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کان هڪ دفعو اهڙي بي احتياطي ٿي وئي، سو سڄي عمر پيو ڇرڪندو. حتيٰ ڪه ڇاڇ، جيڪا لسيءَ مان ٺهندي آهي ۽ بلڪل ٿڌي هوندي آهي، ان کي به پيئڻ وقت احتياط سان کڻندو ۽ ڦوڪون ڏيئي پيو پيئندس.
مطلب: ۱. جنهن ڪم مان هڪ دفعو نقصان پوي ٿو، ماڻهو ٻيهر انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ احتياط ڪري ٿو.
۲. چو باري فتادي نگهدار پائي،
که تا بار ديگر نه لغزي ز جائي. (فارسي)
۳. جڏهن هيڪر ڪندي ڪِرين، ٻيهر ڪندي پير سنڀال،
ٻيو دفعو جيئن پير ترڪي نه وڃئي. (ترجمو)
۴. نانگ جو ڏنگيل، نوڙيءَ کان ڊڄي.
۵. ڀيٽيو؛ ڪتيءَ کي ڪنهن امڙ ڏنو، سا تارا ڏسي ٿي ڊني.

414- کير ۾ موري وجهڻ. (ورجيس)
کير هڪ لطيف مادو آهي، جيڪو ٿڻن مان نڪري ٿو. پاڪ ۽ صاف، پورو پورو ۽ غذائيت سان ڀرپور. ٻاهر اچڻ کان پوءِ، سواءِ کنڊ يا ننڍي فوٽي جي، ٻيءَ ڪنهن شيءِ جي ملاوٽ نه سهي سگهي.
موري؛ ڪؤڙي ڪساري، جلد هضم ڪندڙ، زمين مان نڪرندڙ ڀاڄي آهي. ڪچي کاڄندي آهي، کير جي ويرياڻي آهي. منجهس پوڻ شرط، کيس ڦٽائي وجهي. ذائقو ته خراب ڪريس پر ٻئي ڪم کان به وڃائيس.
مطلب: ۱. چڱيءَ شيءِ ۾، ڦٽائيندڙ شيءِ نه ملائجي.
۲. هڪ هنڌان گلا ٻڌي، ٻئي هنڌ ٻِه- چاپڙائپ سان لُوئا لائو نه ٿجي. لائي چائي ڪرڻ سان، اڳلن ٻن ڄڻن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پوندو.
۳. ازان همنيشن تا تواني گريز،
که مر فتنه خفته را گفت خيز. (فارسي)
۴. اهڙي سنگتيءَ کان جيترو پڄئي پاسو ڪر،
جيڪو ستل جهيڙي کي چوي؛ “اٿ”. (ترجمو)

415- کير ۽ کنڊ، نور ۾ نور،
جواني ۽ مايا، پور ۾ پور،
پنڌ ۽ بار، سور ۾ سور. (چوڻي)
۱. کير، هڪ لطيف ۽ صاف مادو آهي، جيڪو مڪمل طور تي کاڌو به آهي ته مشروب به. کيس وڌيڪ لذيذ ڪرڻ لاءِ، منجھس مٺاڻ ملائبو آهي. کنڊ ۽ مصري، ڳڙ ۽ مُستي کيس لذيذ بڻائيندا آهن. لوڻ مرچ وجهڻ سان، منجهس اها لذت نه ٿي رهي. مٺاڻن منجهان به کنڊ سان وڌيڪ سوادي، وڻندڙ ۽ دلبهار ٿئي ٿو. دماغ جا چوڏهن ئي طبق روشن ٿيو وڃن. ان کان وڌيڪ ٻيو سواد ڪونهي.
۲. جواني؛ ديواني ۽ مستاني ٿيندي آهي. لوڙهن ۽ ڀتين مان پار پوندي دير نه ڪندي آهي. ڪنهن به ڪم ڪرڻ مهل، جذبو ايترو جوش ۾ هوندو آهي جو نتيجي جو هوش ئي نه رهندو آهي. اهڙيءَ طرح دولت به آهي. جڏهن گهڻي، اڻ ميي ۽ بي حساب هٿ اچي وڃي ته پوءِ ڪيا ڪهني! نه جهل هجي، نه پل هجي. نه رنڊ هجي، نه روڪ هجي. پوءِ خبر ئي نه پوندي آهي ته ڪاٿي خرچ ڪرڻ سان فائدو آهي ۽ ڪاٿي نقصان. تيستائين اڇل اڇلان هوندي آهي، جيستائين پِڙَ پالها نه ٿين.
۳. پنڌ ڪرڻ اوکو آهي. پنڌ کان ماڻهو ڪتي جي وات ۾ به کڄي پهچي ته چڱو. ٿڪائيندڙ ۽ جهوريندڙ آهي. ويتر جو پنڌ دوران، مٿي تي بار به رکيل هجي ته پوءِ ماڻهو، جيءَ مان اچي ڦاسندو آهي.
مطلب: ۱. پهرين سِٽَ ڄڻ سواد ۾ سواد آهي، ٻي ڪر نشي ۾ نشو ۽ ٽين سٽ ڏک ۾ ڏک.
۲. کير ۽ کنڊ، لذت جي انتها آهي. جوانيءَ جو جوش ۽ مايا جي ڪثڙت سستيءَ جي چوٽي آهي. پنڌ ڪرڻ ۽ بار کڻڻ وري، تڪليف جو ڇيهه آهن. ٻئي، ماڻهوءَ جا ڇيهه ئي ڇني ڇڏيندا آهن.