لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ع

337- عقل آهيرن جو، ڌُريون ئي ويو،
مڱائين هڪڙو، پرڻائين ٻيو. (ٺٺول)
آهير/ آهِر: مرد، ٻهراڙيءَ جو اڻ پڙهيو مڙس، ڄٽ.
ڌريون ئي: منڍئون ئي، شروع کان ئي.
دنيا جي دستور مطابق عورت جو پرڻو، مرد سان ٿيندو آهي. پرڻي کان اڳي، ڳالهيون ٿينديون آهن. پوءِ پڪون ٿينديون آهن. پوتي پوندي آهي. نٿ ٽوپبي آهي. مڱڻو ٿيندو آهي. نڪاح پوندو يا ويڏي پڙهبي آهي ۽ پوءِ پرڻو ٿيندو آهي.
دستور مطابق، جنهن مرد سان مڱڻو ٿيندو آهي، اخلاقي طرح، پرڻو به ان سان ئي ٿيندو آهي. جاهل ۽ واعدي خلاف يا ٺڳ ماڻهو، مڱڻو هڪڙي سان ڪري، پرڻو ٻئي سان ڪرائيندا آهن. اها سراسر جهالت ۽ ناداني آهي.
مطلب: ۱. واعدو ڪري ڦرڻ وارو آهير آهي، توڻي کڻي پئسي جي لحاظ کان ڀلي ارباب هجي.

338- عقل ريءَ ارمان، گهڻا کائيندين جيئڙا. (چوڻي)
عقل ۽ سياڻپ سان ڪيل ڪم، پنهنجي منزل تي رسن ٿا. سياڻپ ڌاران ڪيل ڪمن سبب، نيٺ ارمان کائڻو پوي ٿو. ڇو جو عقل وارو ماڻهو، ڀلي پئسي ۽ ذات جي لحاظ کان هيڻو هجي، ته به جتي ڪٿي پيو عقل جي برڪت سان مانُ لهندو. اياڻو ۽ بي عقل ماڻهو، توڙي وڏ-آڪهيو يا خانداني هوندو، ته به جهالت سبب پيو جتي ڪٿي لوڌبو رهبو. تنهنڪري رڳو دولت ڪمائڻ کان بهتر آهي ته عقل پرائڻ جو سعيو پڻ ڪجي. جيڪو جاهلن جي صحبت نه، بلڪ سياڻن جي سنگت مان حاصل ٿي سگهندو.
مطلب: ۱. بي عقلائپ سان ڪيل ڪمن جي پڇاڙي، ارمان کائڻ کان سواءِ ڪي ڪين آهي.

339- علت وڃي، عادت نه وڃي. (چوڻي)
علت: مرض، لت، چوس.
عادت: هير، طبيعت.
علت يا مرض، علاج يا دوا سان دفع ٿي ويندو آهي. جڏهن ته بري فعل جي تانگهه به علت وانگر آهي. اها به نصيحت ۽ پرهيزگاريءَ سان ڇٽي سگهي ٿي. جڏهن اها علت، حد کان وڌي ويندي آهي ته عادت بڻجي ويندي آهي. انهيءَ عادت جي پورائي کانسواءِ، ماڻهوءَ کي دنيا ۾ نه مزو ايندو آهي ۽ نه ئي ڪا ٻي ڳالهه سمجهه ۾ ايندي آهي. اھا عادت عضوي وانگر ٿي ويندي آهي.
ڪن حالتن ۾، کريل عضوو ڪٽي اڇلائي سگهڻ جهڙو فعل آهي پر، عادت مورڳو ڪٽي نه سگهبي آهي.
مطلب: ۱. پاڻ ۾ غلط ڪم جي عادت يا هير وجهڻ کان پاسو ڪجي.
۲. خوي بد در طبيعتي که نشست،
نه رود تا به وقت مرگ از دست. (فارسي)
۳. عادت بڇڙي، جنهن طبع ۾ گهر ڪري ويٺي،
موت جي مهل تائين، موراڳو هٿان نه ويندي. (ترجمو)
۴. عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ،
اٺ پوي ڪڻڪ ۾، ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ.

340- عيسيٰ نه موسيٰ، وڏا پير پئسا. (چوڻي)
عيسيٰ: نبي سڳوري جو نالو. مٿس ڪتاب انجيل شريف نازل ٿيو. ڪوڙهه جي مرض ۽ مادرزاد انڌن جي بصيرت جو علاج وارو معجزو ساڻس هيس.
موسيٰ: نبي سڳوري جو نالو. مٿس ڪتاب توريت شريف نازل ٿيو. بني اسرائيل کي فرعون کان نجات ڏياريائين.
پير: راهه ڏسيندڙ، مرشد.
پئسا: دولت، ناڻو.
دنيا جي تختي تي، سڦل ۽ ڪارائتي زندگي گذارڻ لاءِ پير پيغمبر پئي آيا آهن، جن ڏڏ انسانن کي، رب پاڪ طرفان عطا ٿيل روشنيءَ ذريعي، پئي راهون ڏيکاريون آهن ۽ سنئين دڳ لاتو آهي.
انسان، خاص طور تي اڄ جو انسان، دنيا جي ڪار-پردازين ۾ ايڏو ته غلطان ٿي ويو آهي جو کيس ڪنهن وليءَ، پير يا پيغمبر جي ٻڌايل نصيحت ڏانهن ڌيان ڌرڻ ۽ هينئين سان هنڍائڻ لاءِ وقت ڪونهي. هر ڪم ۾ جلد بازي اٿس ۽ ان جو حل دولت ۾ ڳولي لڌو اٿائين. ڏينهون ڏينهن دولت ڪمائڻ ۾ ايترو مگن ۽ محو آهي جو کيس اها به خبر ڪانهي ته سندس دولت ڪيتري آهي؟ ان ويچارڙي، هر شيءِ جو حل ته دولت ۾ ڀانيو آهي، پر کيس اها خبر ناهي ته انهيءَ دولت جي ميڙُ-ميڙان، کانئس مِٽ مائٽ ۽ جاني دوست جدا ڪري ڇڏيا آهن. جنهنڪري سندس هر ڪم مشڪل ترين مرحلي ۾ داخل ٿيندو ٿو وڃي.
مطلب: ۱. هر مسئلي جو حل پئسي ۾ ناهي.
۲. اي زر! تو خدا نه ئي و ليکن به خدا،
ستار العيوب و قاضي الحاجات تو ئي. (فارسي، ڪفريه)
۳. اي دولت! تون ڌڻي ته ناهين پر قسم ڌڻيءَ جو!
عيب ڍڪيندڙ، گهرجون پوريون ڪندڙ، تون ئي آهين. (ترجمو)