د
دال روٽي کائڻ: سادو کائڻ. قناعت ڪرڻ.
انسان کي زندهه رهڻ لاءِ کاڌ-خوراڪ جي ضرورت آهي. کاڌ-خوراڪ کان سواءِ، ماڻهو زندهه ئي نه رهي سگهندو. اڻهوند ۾ به ٻيو نه ته سادي ۽ سستي شيءِ وٺي ضرور کائي ته جيئن جان بچيس.
دال-روٽيءَ کان وڌيڪ سادو ۽ سستو کاڌو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. جان بچائڻ لاءِ اهو به نه کائجي ته پوءِ ڪاڏي وڃجي. ان سان جيڪڏهن گهر جي سڃ ٿئي يا اوڌر کڻڻي پوي ته به حرج ناهي.
۲. قناعت، غريب يا ولهي کي ته ڪرڻ گهرجي ئي پر جيڪڏهن امير قناعت ڪندو ته کيس نه ڪير ٽوڪيندو ۽ نه ئي ڪير ٽرڙو چوندس. قناعت هر حال ۾ چڱي آهي.
مطلب: ۱. قانع، ڪڏهن به جُوکو/ پنندڙ نه ٿيندو.
۲. دال روٽي کاڌي، ڌن کٽي ته کُٽڻ ڏينس،
ڦڻي ڏيندي، وار کسي ته کُسڻ ڏينس،
ڏندڻ ڏيندي، ڏند گسي ته گَسڻ ڏينس،
حق سچ چوندي، يار رسي ته رُسڻ ڏينس.
۳. تونگري بقناعت بہ از تونگري به بضاعت. (فارسي)
۴. هٿ-ڦاڙ دولتئي کان قانع دولتمند ٿيڻ ڀلو آهي. (ترجمو)
240- دائيءَ کان ڪو پيٽ ڳجهو آهي. (پهاڪو )
دائي: ويم ڪرائيندڙ، مڊ-وائيف.
هڪڙا ٻه دوست گڏجي، هڪڙي ڪامل شخص وٽ مريد ٿيڻ لاءِ آيا. مرشد کين مريد ڪرڻ کان پهريائين، آزمائش خاطر ھڪ ٻئي کان الڳ ڪيو ۽ کين هڪڙو هڪڙو پکي ڪهڻ لاءِ ڏئي، تاڪيد ڪندي چيو؛ “جاتي اوهان کي ڪو ئي نه ڏسي، اتان اهو پکي ڪهي کڻي اچو!”
منجهانئن هڪڙو سنگتي ته مريد ٿيڻ جي خواهش ۾، ٻئي کان آڳ ڪڍڻ واسطي ڳوٺ کان پاسيرو وڃي، جلديءَ ۾ پکي ڪهي آيو. ٻيو سنگتي، گهڻو وقت وڃائڻ کانپوءِ به پکي جيئرو موٽائي کڻي آيو. تنهن کان ڪامل شخص اهڙي نوع سان سوال پڇيو ته جيئن ٻيو سنگتي به خيال سان ٻڌي ۽ هينئين سان هنڍائي؛ “تو دير به گهڻي لاتي ۽ پکي به نه ڪهي آئين. سو ڇو؟”
“سائين! اوهان جو شرط هيو ته اتي ڪهجو، جتي ڪير نه ڏسي.” دليل ڏيندي چوڻ لڳو؛ “جاتي به ويم پئي، تاتي جيڪڏهن ٻيو ڪير نه هيو ته ڌڻي سڳورو پڪ ئي پڪ هيو، جيڪو مون کي ڏسي رهيو هيو. تنهن ڪري مجبورًا پکي ائين واري آندم!”
“تنهنجي ايمان کي شاباس آهي.” ڪامل کيس آٿت ڏيندي چيو؛ “تون مريد ٿيڻ جي لائق آهين، ڇو جو تو کي ڌڻيءَ جي ڳولا آهي!”
خلقيندڙ، پنهنجي سموري مخلوق کي ڏسي ۽ ڄاڻي ٿو.
دائيءَ جو واهپو ۽ گذر سفر ويم ڪرائڻ سان آهي ۽ ويم جو تعلق پيٽ سان آهي. جيڪڏهن پيٽ واري ڳالهه دائيءَ کان ڳجهي هجي ته پوءِ کيس دائي ڪيئن سڏبو.
مطلب: ۱. ماهرن کان، معاملن جون جزئيات ڳُجهيون نه هونديون آهن.
۲. پاليندڙ/ ڄڻيندڙ ٻين کان وڌيڪ ڄاڻ رکندڙ هوندو آهي.
241- درياءَ-ڀر تي ڇوڪر ڪڏي،
اڄ نه ٻڏي، سڀان ٻڏي. (پهاڪو)
درياءَ ڀر؛ ڊپ واري جاءِ، خطري وارو هنڌ.
هڪڙي همراهه کان پڇيائون؛ “نالو ڇا اٿئي؟”
“بچو!” جواب ڏنائين.
“ڪم ڪهڙا ڪندو آهين؟”
“نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ وجهندو آهيان.” موٽ ۾ چيائين.
“ادا! تون به نه بچئين!”
درياءَ، ڪڏهن اڏ وانگر ننڍو ٿيو پيو وهندو آهي ته ڪڏهن شينهن وانگر گجگوڙيون ڏيو پيو ايندو آهي. اوس پاس کي ٻوڙيون، لوڙهيون کنيون ويندو آهي. سندس ڪنڌي ڪڏھن به خطري کان خالي نه هوندي آهي. پير ترڪيو ناهي، مڙس ويو ناهي. اهڙي هنڌ تي بيهي راند ڪرڻ، اڃا خطرناڪ آهي. ننڍو ٻار/ سيکڙاٽ ته ٻڏڻ ۾ دير ئي نه ڪندو.
مطلب: ۱. سيکڙاٽ ۽ الهڙ، تجربيڪار يا آڙيڪاپ سان وهنوار رکندو ته ضرور جاني ۽ مالي نقصان ئي پائيندو.
۲. جيڪو وڇونءَ جو منڊ نه ڄاڻي ۽ نانگ ۾ هٿ وجهي، سو ضرور جان وڃائيندو.
242- دل ڪاريءَ کان، منهن ڪارو چڱو آهي. (پهاڪو)
دل ڪاري هئڻ: دل ۾ کوٽ، ڪينو يا ڪپت ھئڻ.
منھن ڪارو ھئڻ: ڪڌو ڪم ڪرڻ.
دل جو عيب، عام اک کان، ڳجهو ۽ لڪل رهي ٿو. ٻين تي تڏهن ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن عمل سان کين نقصان پهچي ٿو. جڏهن ته ڪار-منهنائي، هر ڪو ڏسي ٿو ۽ ڪار-مُنهين کي هر ڪو ڄاڻي سڃاڻي ٿو. جنهن کي ڄاڻبو سڃاڻبو آهي، تنهن سان سوچي سمجهي قدم کڻبو آهي ۽ ڳڻي ڳوتي وهنوار ڪبو آهي. جڏهن ته اندر جي ڪاري سان، وهنوار ڪرڻ مهل مڙئي انديشا، نه انومان ۾ ايندا آهن ۽ نه ئي سندن تدارڪ ڪري سگهبو آهي. جنهن سببان منجهانئس نقصان ئي پرائبو آهي.
مطلب: ۱. دل ۾ دغا رکي ظاهري درويش چوائڻ کان، ظاهري ڪار- منهائي چڱي آهي.
۲. منهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليس نه ٿجي.
۳. نِکو سيرتي بي تکلف برون،
بہ از پارسائي خراب اندرون. (فارسي)
۴. ٻاهران سادگي، اندر ۾ اُچي عادت،
ان فقيريءَ کان چڱي، جنهن ۾ اندر بڇڙو هجي. (ترجمو)
243- دل کوٽي، عذر گهڻا. (پهاڪو)
هر ڪم، دل جي خوشيءَ سان ٿيندو آهي.
کاڌي نه کائڻ واري کان پڇبو ته؛ “ماني ڇو نه ٿو کائين؟”
جڏهن ته کائڻي سندس وات کي، پَٽڻي سندس هٿن کي ۽ هضم ڪرڻي سندس پيٽ کي آهي، پر سندس جواب هوندو آهي؛ “دل نه ٿي چوي.”
۲. ٻئي سان نه ڳالهائڻ واري کان پڇبو؛ “فلاڻي سان ڇو نه ٿو ڳالهائين!”
جڏهن ته ڳالهائڻو سندس زبان کي آهي، سوچڻو سندس ذهن کي ۽ موٽ وارو جواب ٻڌڻو سندس ڪنن کي آهي، پر جواب ڏيندو؛ “دل نه ٿي چوي.”
غرض ته هر ڪم، دل سان ٿيندو آهي. جنهن جي دل، ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندي آهي ته کيس ڳالهه ٽارڻ لاءِ کتو دليل يا عذر، آچم يا بهانو هٿ اچي ويندو آهي.
مطلب: ۱. دل ۾ کوٽ هوندو آھي ته ڀڄڻ لاءِ مِنهن ۽ آچم کوڙ ٺهي پوندا آهن.
۲. دلِ ناخواه را، عذر است بسيار. (پهاڪو)
۳. دل کوٽي، عذر گهڻا. (ترجمو)
۴. ٻانهن ڀڳو ڪم ڪري، ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، دل ڀڳو ڪم نه ڪري.
244- دم درميان، الله مهربان. (دعائيه ڪلمو)
دم؛ ساهه، جيڪو انسان کڻي ٿو ۽ جنهن سببان جيئرو آهي.
ساهه پهرين اندر کڻبو آهي، پوءِ ٻاهر ڪڍبو آهي. کڻڻ ۽ ڪڍڻ جي وچ وارو وقفو جڏهن ته تمام قليل آهي، تڏهن به انسان پنهنجي مالڪ جي مهربانيءَ سان ئي زندهه آهي. ساهه ٻاهر ڪڍڻ کان پوءِ اندر نه وڃي يا کڄڻ کان پوءِ ٻاهر نه نڪري، ان تي به انسان جو وس ناهي. اها به مٿس ٻاجهاري مالڪ جي ٻاجهه آهي، جنهن سببان دنيا ۾ زندهه آهي.
مطلب: ۱. مصيبت/ سختيءَ پهچڻ وقت، دلاسو ڏيڻ ۽ اميد نه وڃائڻ لاءِ ھيءُ دعائيه ڪلمات آٿت طور چئبا آهن.
۲. خداوندان عام ونيڪ بختي،
چرا سختي کشند از پيش سختي؟
برو شادي کن اي يار دل افروز،
غمِ فردا نبايد خورد امروز. (فارسي)
۳. وڏي ڀاڳ وارا مراد-وند صاحب،
سختيءَ اچڻ کان اڳي پريشان ڇو ٿو ٿين؟
وڃ خوشي ڪر، دل ٺار،
سڀاڻي جو غم اڄ نه کائڻ کپي. (ترجمو)
245- دولتمندن جا ڏاند به ويامن. (پهاڪو)
ڏاند ويامڻ؛ نه ٿيڻ جهڙي ڳالهه ٿيڻ، گڏهه کي گابو ڄمڻ، سٿر مان پٽ ڄمڻ، گُنديءَ مان کير ڏڀڻ.
هڪڙي ڌنوان چيو؛ “شاهوڪارن جو ناڻو ويامندو آهي.”
اها ڳالهه هڪڙي ولهي/ سُڃي به ٻڌي. تنهن ساڳئي دولتمند کان سؤ رپيا وياج تي وٺي آڻي گهر ۾ رکيا. دل ۾ چيائين؛ “جڏهن ويامندا ته ڪجهه ٻچا پاڻ وٽ جهلي باقي اصل رپيا ۽ وياجيرو، شاهوڪار کي ڏئي ايندس.”
ٿورن ڏينهن کان پوءِ، شاهوڪار کانئس پنهنجا پئسا وياج سميت گهريا. گهر اچي پئسا ڏٺائين ته اڃا اوتري جا اوترا هيا. وياج جا پئسا گهران وجهي، شاهوڪار کي ڏوراپي سان اوڌر موٽائي ڏنائين؛ “تنهنجا ڏنل پئسا، مون وٽ ڪين وياميا آهن، جڏهن ته تو چيو هيو ته شاهوڪارن جو ناڻو ويامندو آهي!”
“مون چيو هيو؛ شاهوڪارن جا پئسا ويامندا آهن.” کيس وياج جا پئسا، مُور کان الڳ ڪري هٿ ۾ کڻي ڏيکاريندي چيائين؛ “ڏس هي ويامڻ! پڪ ٿيئي ته منهنجا پئسا وياميا آهن يا نه!”
مطلب: ۱. ڀاڳوان ماڻهوءَ کي ناممڪن هنڌان پڻ فائدو پوي.
۲. پئسي وارن جا، نه ٿيڻ جهڙا ڪم به پئسي سان ٿيو وڃن.
۳. دولتمند، ڏکئي ۽ ڪنجوس ماڻهوءَ مان به پنهنجو ڪم ڪڍي وڃي.
246- دولت، نُهن کان ماس وڇوري. (چوڻي)
نُهن کان ماس وڇوڙڻ؛ جاني جدا ڪرڻ، رشتا ٽوڙائڻ، پيءُ کان پٽ يا ڀاءُ کان ڀاءُ جدا ڪرائڻ. مائٽن ۾ ويريون وجهرائڻ.
(الف) هڪڙي ساڌوءَ پنهنجي گروءَ/ استاد کي چيو؛ “مون وٽ گهڻا ماڻهو اچن وڃن ٿا. تن جي گوڙ وچان يا تن جي معاملن سببان، ڌڻيءَ جي ڀڄن/ پرارٿنا کان سيڙجان ٿو. ان کان بچڻ لاءِ ڪو رستو ته ڏسيو!”
“بچڻ لاءِ آسان طريقو هيءُ آهي!” مرشد کيس نصيحت ڪندي چيو؛ “جيڪڏهن ڪو ونهيون/ شاهوڪار هجي ته کانئس اوڌر گهر ۽ جيڪو ولهو/ سڃو هجي تنهن کي اڌارو ڏي. جڏهن مايا جي ڏيتي ليتي ائين ڪندين ته پوءِ سکيي کي اڌارو ڏيڻ ڏکيو لڳندو ۽ سکڻي کي قرض لاهڻ ڏکيو لڳندو. قرض تتان ٻئي منهن ئي نه ڪندئي!”
(ب) زيد، پنهنجي پراڻي سنگتيءَ کان ڪجهه پئسا گهريا، جيڪي هُن کيس نه ڏنا. نتيجي طور ٻنهي جو منهن، پنهنجي پنهنجي دڳ سان ٿي ويو. گهڻي وقت گذرڻ کان پوءِ، ڪنهن موڙ تي ٻئي مليا ته زيد، بڪر کي ڏوراپو ڏيندي چيو؛ “ادا تو ۾ اها اميد نه هئي جو چند ڪوڏين اڌارين ڏيڻ کان مون کي موٽايئي!”
“ادا تو مان به اها اميد نه هئي.” بڪر موٽ ۾ چيس؛ “هيترن ورهين جي دوستي، چند ڪوڙين اڌارين نه ملڻ جي ڪري، ڦٽائي ويندين!”
“اها وري، ميارَ مون تي ڪيئن؟” زيد پڇيس.
“جا دولت نُهان ماس وڇوڙي، سا تو ۽ منهنجي دوستيءَ ۾ وڇوڙو ڪيئن نه وجهندي؟” بڪر کيس دليل ڏيندي چيو.
مطلب: ۱. دولت، مٽن مائٽن ۽ رشتيدارن کان وڌيڪ پياري آهي.
۲. پئسي خاطر، ماڻهو مِٽيون ڇڏيو ڏئي.