سادا اکر
ھن ڪتاب جي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي ضرورت ان ڪري پيش آئي جو ھڪ ته اھو آڳاٽو لکيل ھيو. منجھس ان دؤر جا مروج محاورا ۽ اصطلاح استعمال ٿيل ھيا، جيڪي پڻ اڄ جي دؤر جي لحاظ کان وضاحت طلب ھيا. ٻيو ته ڪتاب ڪيترا ڀيرا ڇپيو ھيو. ڇپائيءَ دوران ڪي صورتختيءَ جون غلطيون پڻ رھجنديون پئي آيون. اٺ دفعا ڪتاب ڇپيو ۽ اٺ ئي گھمرا ساڳيون ته غلطيون دھرائجنديون رھيون پر ھر ڇاپي اندر منجھن واڌارو پڻ ٿيندو رھيو. ٽيون ته ھر پھاڪي جي وضاحت اندر ورجاءُ گھڻو ھيو. ڪيترن ئي پھاڪن جي وضاحت بجاءِ ھڪڙو ئي جملو؛ “پھاڪي جو مطلب پھاڪي ۾ ئي پيو آھي.” لکي جان ڇڏائي وئي ھئي. اھو جملو ان وقت جي حساب سان ته کڻي قابل قبول ھيو پر اڄ ان دؤر کي گذرئي ڪافي وقت ٿي چڪو آھي ۽ ان دؤر جا اھي آسان فقرا ۽ محاورا، اصطلاح ۽ ورجيسون، پھاڪا ۽ چوڻيون پڻ الڳ وضاحت گھرن ٿا.
سنڌي ادبي بورڊ سان اھڙي تدوين ۽ ترتيب بابت رابطو ڪيو ويو ھيو. انھن ان ڪم لاءِ اجازت ڏني پر موٽ دل گھري نه ڏني. بھرحال ڪتاب ترتيب ۽ تدوين جي مرحلي مان گذري چڪو ھيو پر ان جا طالبو نه ھئڻ سبب مسودي جي صورت ۾ رکيو رھيو. جيئن ته نئين سر ترتيب ڏيڻ لاءِ محترم ناز سنائي پڻ ھمٿايو ھيو ۽ ڪتاب جو پراڻو نسخو به ھٿ ڪري ڏنو ھيائين، تنھنڪري کيس ان ڳالھ جي خبر ھئي. ھڪ ڏينھن نيٺ ان بابت پڇيائين ۽ اڳيان سٺي موٽ نه ملڻ جو ٻڌي پاڻ ئي ڇاپڻ لاءِ ارادو ڏيکاريائين. کيس سندس اظھار جي موٽ ۾ مسودو ڏياري موڪليم.
ھن ڪتاب اندر موجود داخلائن بابت ڪا وضاحت ڪا نه ھئي، سا پڻ ڏني وئي آھي. ترتيب موجودھ مروج الفابيٽ تي رکي وئي آھي. ورجائجندڙ جملا ڪڍيا ويا آھن. ڪيترن پھاڪن جون وضاحتون نئين سر لکيون ويون آھن. فارسي بيتن جي معنيٰ ۽ صورتختيءَ ۾ سائين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن کان پڻ مدد ورتي وئي آھي. انھن کي ڪي قدر ڇنڊي ڇاڻي اصل شڪل ڏني وئي آھي. ھندي شبدن تي پڻ نظر وڌي وئي آھي.
انجنيئر عبد الوھاب سھتو