س
چوندو جيئن، ٿيندي تيئن. (چوڻي/پهاڪو)
سٻر: ڏاڍو ماڻهو، طاقتور، زبرو مڙس.
سينءَ: دنگو، فساد، کينس.
جيڪڏهن هڪڙي هيڻي جو ڏاڍي سان پلئه اٽڪيل آھي يا منجهن ڪو تنازعو/ دنگو کڙو ٿيل آهي ته پوءِ فيصلي/ ڇيني نبيريءَ وقت، سندن ڦڏي جو اڪلاءُ هرو برو به ڏاڍي جي منسا مطابق ٿيندو. تنهنڪري پاڻان ڏاڍي سان زور-آوري ڏيکارڻ نه گهرجي. بلڪ اهو جيئن چوي تيئن ها ۾ ها ملائي، وقت ٽپائجي.
مطلب: ۱. جاسين پاڻ ۾ ست نه ڀانئين، تاسين دشمن سان وڙهڻ بدران سندس هٿ چمندو رهه.
۲. خلاف راءِ سلطان راءِ جستن،
بخونِ خويش باشد دست شُستن. (فارسي)
۳. بادشاهه جي صلاح کان ابتڙ صلاح ڳولڻ،
آهي پنهنجي ئي رت سان هٿ ڌوئڻ. (ترجمو)
289- سڀڪا ٻڪري، پنهنجي پائي ٽنگبي. (پهاڪو)
ڪاسائي، ٻڪريءَ جي کل لاهڻ لاءِ، ڪهڻ کان پوءِ، پوئين هڪ ڄنگهه ۾ رسو ٻڌي مٿي ٽنگيندو آهي. وڏن وهٽن جي کل، اڊيڙڻ/ کلڻ سان لهندي آهي. جڏهن ته ڇيلي ۽ دنبي جي کل، ائين ابتي لهندي آهي، جيئن قميص لاهبي آهي. انهيءَ طريقي سان ئي آسانيءَ سان لهندي آهي. جنهن پهروءَ جي کل لاهڻي هوندي آهي، تنهن کي ئي مٿي ٽنگبو آهي، نه ئي ڪ ٻئي کي.
مطلب: ۱. ڏوهه جي سزا اهو ڀوڳيندو، جيڪو ڏوهه ڪندو.
۲. اِهُ ڪَرُ ڪري سو اِهُ ڪَرُ پاوي، هاٿون هاٿ نبيرا. (هندي)
۳. هيءُ هٿ ڪري سو هيءُ هٿ لوڙي، هٿو هٿ فيصلو آهي. (ارٿ)
290- سڀڪو پنهنجي هٽيءَ جو هوڪو ڏئي ٿو. (پهاڪو)
هڪڙو اشراف ماڻهو پتڻ تان پار پوڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو. اوچتو هڪڙو مسخرو به ڊڪي اچي ساڳي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. مسخرو حسب عادت، جنهن تنهن سان مسخريون ڪرڻ لڳو. حتيٰ ڪ هِن اشراف سان به مذاق ۽ چٿرون ڪرڻ لڳو. اشراف ماڻهوءَ، سندس ڍيڪن ۽ ٺٺولين تي ڪڇيو ئي ڪين، الٽو لهڻ مهل ڳراٽڙي پائي موڪلايائينس.
اهو حال ڏسي ٻين مسافرن کيس چيو؛ “اهڙي لچ سان اهڙي خوشامد ٺهي نه ٿي.”
“ادا! هن پنهنجو لائق ڪيو، مون پنهنجو لائق سڃاتو!” اشراف کين ڌيرج سان سمجهائيندي چيو.
دنيا ۾ هر ڪو پنهنجي وکر/ اخلاق جو هوڪو ڏئي ٿو.
ڪهر ڪڻڻ وارو، “ڪهر ڪوسا” جو هوڪو ڏيندو.
لوڻ وڪڻڻ وارو، “سٺو لوڻ” جو هوڪو ڏيندو.
کنڊ وڪڻڻ وارو، “تازي کنڊ” جو هوڪو ڏيندو.
مطلب: ۱. هر ڪو پنهنجي اخلاق جي پرچار ڪري ٿو.
۲. اشراف کان اشرافت جو ۽ لچ کان لچائيءَ جو ڪم ٿيندو.
۳. هر کسي آن کند که لائق او است. (فارسي)
۴. سڀ ڪو پنهنجي لائق/ اخلاق، جهڙو ورتاءُ ٿو ڪري. (ترجمو)
291- سُپتيو ماڻهو، پرائي مال ۾ ڀائيوار. (پهاڪو)
سُپتيو: ساک پت وارو، اعتبار ڪرڻ جهڙو، ڏيتيءَ ليتيءَ ۾ پورو.
پت واري ماڻهوءَ تي هر ڪنهن جو اعتبار هوندو آهي. جڏهن به، جيترا به، جنهن کان به، پئسا يا ٻي ڪا مدد گهرندو، تڏهن تيتري تتان کيس مدد ملندي. ڇو جو ڪار-وهنوار ۾ سندس اعتبار ويٺل آهي.
بي ايمان ماڻهوءَ کي اوڌر ته ڪير نه ڏيندو پر لهڻي جا پئسا موٽائڻ وقت به پيو دليون هڻندو ته ڪٿي اتي به بي ايماني ته نه ٿو ڪيون وڃي.
پت وارو، جڏهن گهرج پوڻ تي، ڪٿان به ٺلهو ڪين ٿو موٽي، تڏهن قياس ڪرڻ گهرجي ته پرائي مال ۾ ڀائيوار آهي. ڇو جو ڀائيوار ئي، وقت تي گهرج پوڻ مهل، پنهنجي حصي جو مال وٺي سگهندو آهي.
مطلب: ۱. پت واري کي، اوڌر جلد ملي ٿي.
292- سپهو نه وسهو، وسهو ته مُسهو. (چوڻي/ پهاڪو)
سَپَهو: سَپُ، سانپ، نانگ، اڙدها. ارڙ بلا.
وسهو: وسهڻ، اعتبار ڪرڻ، ڀروسو ڪرڻ.
مسهو: نقصان پرائڻ.
سپ يا نانگ تي اعتبار نه ڪجي. سندس نقش نگار واري کل کي ڏسي، کيس کير پيارڻ نه گهرجي. مٿس جنهن اعتبار/ ڀروسو ڪيو، تنهن نقصان پرايو آهي. ڇو جو نانگ انسان جو، ازل کان ويري آهي. شيطان به نانگ جو روپ ڌاري آدم کي جنت مان بيدخل ڪرايو.
مطلب: ۱. ويريءَ تي ويساهه رکڻ مان نيٺ ڊپ آهي.
۲. بر تواضع هائي دشمن تکيه کردن ابلهي است،
پائي بوسي سيل از پا افکند ديوار را. (فارسي)
۳. ويريءَ جي نوڙت تي، ڀروسو رکڻ اياڻپ آهي.
اَڏَ جو پيرين پوڻ، ڀت کي پاڙ کان ڊاهي. (ترجمو)
293- ست ڪئا کائي، ٻلي حج چڙهي. (پهاڪو)
ٻلي جڏهن ست ڪئا لاڳيتا کائي ناس ڪندي پوءِ ڪو به ڪُئو سندس ويجهو نه ايندو. البته سندس جُوءِ ئي ڇڏي ويندا. جڏهن ڪُئا جُوءِ ۾ ئي نه رهندا ته پوءِ ٻلي ڇا کائيندي؟ بک مرڻ ته ڪڏهن به نه چاهيندي. پوءِ مڪر ڪري پئي چوندي؛ “هاڻي مون سمورا ڏوهه گناهه ڇڏيا. مان هيل حج تي ٿي وڃان!” حالانڪ سڀڪنهن کي خبر آهي ته ڇا ٻلي ڇا حج. پنهنجو ڌنڌو ڪيئن ڇڏيندي؟ اهو صرف ۽ صرف مڪر آ، چال آ.
جيڪو ماڻهو پاپ جا ڪم ڪري، ملڪ تپائي ويران ڪري ڇڏي ۽ باقي سندس شڪار ٿيڻ لاءِ ڪجهه به نه بچي ۽ پوءِ چوي؛ “مون ڏوهه گناهه ڇڏيا ۽ هاڻي عبادت-گذار ٿي ويو آهيان.” ته ڪير به مٿس اعتبار نه ڪندو. اهڙي اندر جي ڪاري ۽ پاپيءَ جي ڊگهين ڊگهين عبادتن جي دوکي ۾ ڪير به نه ايندو. انهيءَ قسم جي عبادت، بجاءِ ثواب جي، ڏيکاءَ ۽ رياءَ واري هئڻ سبب، مورڳو گناهه بلڪ ڪفر جي ويجهو آهي.
مطلب: ۱. مڪار، پنهنجو ڄار، ساڌن جو روپ ڌري پوءِ وجهندو آهي.
۲. کليد در دوزخ است آن نماز،
که در روئي مردم گذاري دراز. (فارسي)
۳. اها نماز دوزخ جي در جي ڪنجي آهي،
جيڪا ماڻهن جي ڏيکاءَ خاطر ڊگهي ڪبي. (ترجمو)
294- ستي سيڏائي، لنڊي کائي. (پهاڪو)
ستي: ستر واري، اشراف. ستي جتي. جنهن مڙس کان سواءِ ڪنهن ٻئي ڏانهن نه ڏٺو آهي.
سيڏائي: ليلهائي، نهاري، واجهائي، سِڪي.
لنڊي: عيبدار، ستيءَ جي ابتڙ.
دنيا ۾ هر ڪو پنهنجو نصيب ٿو کائي. اشراف ۽ ڪميڻي کي پنهنجي پنهنجي حصي جي روزي ملي ٿي. خدائي نعمتن جو، انسان اندازو ئي نه ٿو ڪري سگهي. هڪڙن کي حسن مليو ته اولاد نصيب ۾ نه ھين. هڪڙن کي شڪل صورت نه ملي ته روزگار ٺاهوڪو مليو. الغرض ته ڪنهن کي ڪهڙيون شيون نصيب ۾ مليون ته ڪنهن کي ڪهڙيون مليون.
ائين ناهي ته حسن به انهيءَ کي مليو ته روزي رزق ۽ اخلاق به انهيءَ کي نصيب ٿيو. انهن نعمتن جي ورهاست قدرت واري عجيب ورڇ (combination) سان رکي آهي ته جيئن دنيا جو ڪارخانو هلي سگهي.
جيڪڏهن ڪا عورت ستي آهي ته کائڻ لاءِ به ڪجهه ڪونهيس. ان جي برعڪس بدڪار عورت وٽ پئسا دولت لتن ۾ پيا ٿا لتاڙجن.
مطلب: ۱. ڪڏهن اشراف بک تي ۽ ڪميڻا ڍؤَ تي به هوندا آهن.
۲. ستيون ٿيون سيڏائين، لنڊيون ٿيون لاڏ ڪن.
۳. اسپ تازي شد مجروح به زير پالان،
طوق زرين همدرد گردنِ خر مي بينم. (فارسي)
۴. ڀلو گهوڙو پلاڻ هيٺ ڦٽيل ڏٺم،
سون جا ڳٽ گڏهه جي ڳچيءَ ۾ ڏٺم. (ترجمو)
295- سُتي شينهن کي، آڱر نه ڪجي. (پهاڪو)
آڱر ڪرڻ: چورڻ، چور ڪرڻ، کينس ڪرڻ، ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ.
شينهن کي هر ويلي تي ماس کپي. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ، سڄو ڏينهن پيو شڪار جي تاڙ ۾ هلندو آهي. ائين ڪو سامهون اچي ويس ته چيري ڦاڙي رکندس. ان جي برعڪس، شينهن ڪٿي ستو پيو هجي ۽ وڃي ساڻس کينس ڪجي ته چڙي پوندو ۽ ڪاوڙ ۾ اچي چنبو ئي هڪ هڻندو.
مطلب: ۱. وساڻل جهيڙي کي، ستل شينهن ڄاڻي، کانئس پاسو ڪجي. جيڪڏهن چوربس ته منجهانئس ڏاٻوڇي/ تڪليف ٿيندي.
۲. ان کان وڌيڪ ڪهڙو بيوقوف آهي، جيڪو ستل جهيڙي کي چوي؛ “اٿ!”
296- ستي لڪڙن کان موٽي ته ٿئي ڪتن-هاب. (پهاڪو)
ستي: هندي رسمن تحت، مڙس جي مرڻ پڄاڻان، ننڍي نيٽي زال، مڙس جي ميت سان گڏ، چتا تي چڙهي پاڻ ساڙيندڙ.
ڪتن- هاب: ڪتن جو کاڄ، ڪتن جي کائڻ لائق. گِلا- هاب، ڪانون-هاب، گلارو، بدنام.
ستي، عورت تڏهن ٿئي، جڏهن مڙس کانسواءِ ڪنهن مرد کي نه ڏسي ۽ نه ئي ڪو ٻيو کيس هٿ لائي. مڙس جي مرڻ پڄاڻان، جيئري هوندي ته ضرور مٿس اک کڄندي. انساني تقاضائن تحت کيس به مرد جي ضرورت پوندي. تنهنڪري هندو مذهب جي رسمن تحت، کيس مڙس جي چتا سان ئي ڏاگهه تي چڙهڻ کپي ته جيئن سدا لاءِ ستي رهي.
جيڪڏهن عورت، ستي ٿيڻ کان گهٻرائي ۽ مئل مڙس سان گڏ پاڻ نه ساڙي ته اهو گمان غالب رهندو ته سندس نظر ٻئي مرد تي آهي، جنهن سان مٿس دنيا ۾ شنيدي اچي ويندي.
مطلب: ۱. هڪڙو سورهيه دم هڻي، جنگ جي ميدان ڏانهن هلي ۽ اڳيان ترار جو تاءُ ڏسي موٽي پوي ته گمان آهي ته کيس ساهه پيارو آهي ۽ وطن يا مذهب نه. انهيءَ فعل سان ساري عمر لاءِ گلا- هاب ٿيندو.
۲. يکي را چو بيني تو در جنگ پُشت،
بکُش گر عدو در مصافش نکشت. (فارسي)
۳. جيڪڏهن هڪڙي کي ويڙهه ۾ پٺيرو ڏسين،
ڪهينس، جيڪڏهن ويريءَ ويڙهه ۾ نه ڪٺو اٿس. (ترجمو)
297- ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال. (پهاڪو)
ستين لنگهيڻ: ستن ويلن جي بک. لاڳيتا ست ويلا بک ڪاٽڻ.
ڪتو کائڻ: حرام کائڻ.
زندگيءَ ۾ اهڙو معاملو يا حالت ٿئي، جڏهن ماڻهوءَ کي حلال مال يا پنهنجي ملڪيت مان لاڳيتو ستن ويلن لاءِ ڪجهه نه ملي ته اهڙيءَ حالت ۾ پرائي مال يا حرام مال مان ايترو کائڻ، جنهن سان زندگي بچي پوي، روا آهي.
ائين هرگز ناهي جو ڪنجوسائپ ڪري، پئسا وغيره گهر ۾ پوري، ست ويلا لنگهڻ ڪڍي، پوءِ ڪتو کائي پيٽ ڀرجي ۽ پئسا پاڇي ڪجن.
نه ئي وري ڪتو کائڻ مان مراد، ڪتو ڪهي ان جو گوشت کائڻ آهي. بلڪ ان مان مراد آهي ته جڏهن سر تي چڙهي اچي ته پوءِ ان صورت ۾ سولي قُوت بدران هٿ آيل اولو قُوت واپرائي جان بچائي.
مطلب: ۱. سڪيءَ جي بي ڊپي سفر مان پيٽ قُوت پورو نه ٿئي ته سمنڊ جو ڊپ وارو سفر ڪرڻ منع ناهي.
۲. جيڪڏهن ملڪي ڪارخاني ۾ نوڪريءَ مان ڍؤُ نه ٿئي ته جنگي ڪارخاني ۾، جتي سدائين سرُ تريءَ تي هجي، نوڪري ڪرڻ روا آهي.
۳. چو دست از همه حيلتي در گسست،
ضرور است بران به شمشير است. (فارسي)
۴. جڏهن سڀني حيلن کان هٿ ڇنو،
تڏهن ترار تي هٿ رکڻ ضروري آهي. (ترجمو)
298- سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا. (پهاڪو)
سڄا: اشراف، سياڻا، ڀاڳ ڀريا.
وڍيا: لُچَ، ڏڏ، نڀاڳا.
پيٽان: پيٽ منجهان، پُٺِ منجهان، پشت منجهه.
اصول ته ائين هئڻ گهرجي ته چڱن ماڻهن جو اولاد چڱو هجي ۽ برن ماڻهن جو اولاد، برن جي گهر ۾ ڄمي، برن جي صحبت ۾ پلجي، برو ٿئي. بلڪ قدرت واري جا کيل ئي نرالا آهن. سندس قانون ئي پنهنجا آهن. هر ڪنهن جو نصيب، پنهنجو پنهنجو ٺاهيو اٿائين. چڱائي ۽ مٺائي، ميراث جي طور تي نه ڏنائين. وهبي ۽ ڪسبي يعني پنهنجي خاص مهربانيءَ سان ۽ ماڻهوءَ جي ڪمائيءَ تحت کيس عطا ڪيائين.
اهو ئي سبب آهي جو حضرت نوح عليہ السلام جو پٽ نافرمان ٿيڻ سبب ٻڏي مئو ۽ فرعون جي گهر واري حضرت موسيٰ عليہ السلام تي ايمان آڻڻ سبب جنت واسڻ ٿي.
مطلب: بعضي ڀلن ماڻهن جي اولاد ۾ ڍلا ۽ ڍلن جي اولاد ۾ ڀلا ماڻهو ٿين ٿا.
۲. چڱن پٺيان چُٽَ ۽ چُٽن پٺيان چڱا.
۳. بخت ۽ اخلاق، ورثي ۾ ڪين ملندا آهن.
299- سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڄي نه ڳيهجي. (پهاڪو)
سڄي ٻانهن ڏيڻ: مدد لاءِ هر شيءِ هڪي حاضر ڪرڻ.
سڄي ڳيهڻ: سڀ ڪجهه هضم ڪري ڇڏڻ، ڦُري پالهو ڪرڻ.
دنيا اندر، انسان ڪڏهن ڀريءَ ۾ آهي ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ آهي. مٿس اڙيون اُڌيون پيون اچن. تڪليف ۾ سنگت ساٿيءَ کان مدد وٺڻ يا مدد ڪرڻ هر ڪو چاهيندو آهي. جذبات جي رَوَ ۾ وهي ڪي ته سنگت مٿان سڀ ڪجهه نڇاور ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي صورتحال ۾، سنگت جو نڇاور ڪيل سڀ ڪجهه، پنهنجي هيٺان ڪري نه ويهي رهبو آهي. بلڪ ضرورت آهر منجهانئس کڻبو آهي ۽ ٻيو مالڪ کي احسان مڃڻ سان، واپس ڪبو آهي. ان ۾ ٻنهي ڌرين اندر، پرچهه به رهجي ايندي آهي ۽ محبت به باقي رهندي.
جيڪڏهن ان جي ابتڙ، سڀ ڪجهه ڦٻائبو ته پنهنجي پرچهه سڄي عمر لاءِ هلي ويندي ۽ وقت تي ڪم ايندڙ دوست کي پڻ تڪليف پهچندي. ماڻهو پنهنجي پاڻ تي جيترو پڄي سگهيس، سهي وڃي. سنگت کي جنجل ۾ نه وجهي ته بهتر آهي.
مطلب: ۱. چڱائي ڪرڻ واري کي، تنگ نه ڪجي.
۲. جيڪو اعتبار ڪري ڪا شيءِ ڏئي ته ان ۾ خيانت/ ڪُپت/ ويساهه-گهاتي نه ڪجي.
300- سڃا عاشق، ڀيٽو دي آچار. (پهاڪو)
ڀيٽُو: ڀڙوو، ڪڃريءَ جو پانڊي، ڀاڙي.
آچار: جهڙو، وانگر.
عشق، ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان ٿيندو آهي. ماڻهوءَ جو ٻي ڪنهن به شيءِ يا وهٽ وغيره سان پڻ ٿي سگهي ٿو. جڏهن عشق ٿيندو آهي ته معشوق لاءِ دل ۾ تڙپ هوندي آهي ته معشوق فقط مون لاءِ هجي. انساني گهرجون ۽ تقاضائون، معشوق جي جان سان به لڳل آهن. اهو هروبرو عاشق جي ڳالهين تي ڇو لڳي؟ جيستائين عشق جي چڻنگ، معشوق جي دل ۾ دکي ئي ناهي، تيستائين معشوق به عاشق کي چخي به نه ڪندو.
جڏهن معشوق جي دل ۾، عاشق لاءِ تڙپ جاڳي پئي ته پوءِ آخر، لوڪان لڪي ڪيترو عشق هلندو. ھاڻ اھو ضرور نروار ٿئي. نروار ٿيڻ، خوار ٿيڻ آهي. خواري عاشق چاهي ته چاهي پر معشوق نه چاهيندو. انهيءَ راز کي لڪائڻ لاءِ به خرچ کپي. جيڪڏهن عورت جو عشق آهي ته آخري منزل، شادي ۽ گهر گرهستي آهي. ان لاءِ به ڏوڪڙ پئسا کپن. معشوقہ، مفت ۾ ڪيترو عاشق سان گذارو ڪري سگهندي؟ نيٺ هر شيءِ جو حل وڃي پئسو بيهندو. عاشق وٽ پئسو نه هوندو ته معشوقہ کي ڇا سان موهيندو. موهڻ لاءِ وٽس، ڀڙوت کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه رهندو.
مطلب: ۱. ڪو به ڪم، ڌن دولت ڌاران نه ٿو ٿئي.
۲. مرغ بي پر، درخت بي بر،
خانه بي در، عاشق بي زر. (فارسي)
۳. کنڀڙاٽين بنا پکي، ڦر بنا وڻ،
در بنا گهر، دولت بنا عاشق. (ترجمو)
۴. زر بيسار، عسق ٺهه پهه، زر نيست، عشق پُون پُون.
۵. ڇا جي ياري باشي آ، معاملو سارو معاشي آ،
تحفن بدلي پيار ملي ٿو، يار به ٿي پيو راشي آ. (آثم ناٿن شاهي)
۶. جي بار کڻي سگهين ٿو شاپنگ جو،
پوءِ منهنجو محبوب منهنجي وفا آهين.
جي سڃو آهين ۽ خيال سکڻا اٿئي،
مان تنهنجي ڀيڻ، تون منهنجو ادا آهين. (عنايت ميمڻ)
301- سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي، ٻڏي ڪين. (چوڻي)
سچ، هڪ اهڙو ازلي مفروضو آهي، جيڪو سدائين قائم ۽ حقيقت جو روپ ڌري ٿو. وقتي طور تي حق سچ چوڻ تي يا حق سچ تي هلڻ ڪري تڪليف پهچي ٿي پر جلدي اها رفع دفع ٿيو وڃي ۽ دائمي خوشي حاصل ٿيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو حق سچ تي هلڻ وارا، تڪليفن آڏو اڏول رهن ٿا. ڇو جو کين خبر آهي ته اهي آيل ڌوڏا، وقتي ۽ فاني آهن. ان جي برعڪس ڪوڙ تي هلندڙ لاءِ، ٿورو واءُ به وڏو عذاب آهي ۽ کيس ڀڄڻ تي مجبور ڪندو آهي.
مطلب: ۱. سچ تي هلڻ وارو، نيٺ پار پوي.
۲. سچ کي ڪڏهن به ڊپ ڪونهي.
۳. راستي را زوال نيست.
۴. سچ کي ڦٽاڻي/ ڦيٽهڙ رنگ نه آهي.
۵. ڀيٽيو: سچ سير؛ ڪاري ٻڪري، اڇو کير.
302- سچ سير؛ ڪاري ٻڪري، اڇو کير. (پهاڪو)
کير، رنگ جو اڇو، کائڻ ۾ سوادي ۽ سڻڀو آهي. ٻڪري ڀلي رنگ جي ڪهڙي به هجي؛ ڪاري هجي يا ڪمري، پر کير جو رنگ اهو ئي اڇو هوندو. رت ۽ ڇيڻي جي وچان نڪرندڙ، انهيءَ لطيف مادي جي رنگ ۽ خوشبوءِ ۾ ڪو به ڦيرو نه ٿو اچي. اهڙيءَ طرح، سچ پڻ آهي. ڪهڙي به حال ۾ هوندو، پيو کير وانگر جرڪندو ۽ سون وانگر چمڪندو.
مطلب: ۱. سون، گپ ۾ پوندو ته به ملهه ڪين وڃائيندو.
۲. سانچ ڪو آنچ نھين. (اردو)
۳. ڀيٽيو؛ سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي، ٻڏي ڪين.
303- سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ،
پير پئسا، جوءِ گُر. (چوڻي)
مرچان: مرچن وانگر تکو.
گُر: گرو، استاد، گُرَ ڏيندڙ، ڏس ڏيندڙ، رهنما، راهه ڏسيندڙ، دڳ لائيندڙ.
۱. سچ، ڳالهائڻ ۾ تمام گهڻو تکو آهي. پهرين ته ڳالهائڻ واري جي نڙيءَ مان ڏکيو نڪرندو آهي. جي اتان نڪتو ته ٻڌندڙ جي برداشت کان چڙهيل هوندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پڇاڙي وري به سچ جي ڀلي هوندي آهي.
۲. ڪوڙ؛ بي دين ماڻهن کي ڳالهائڻ ۾ سهنجو لڳندو آهي ۽ کين ان مان ملندڙ وقتي فائدا، ڳڙ جهڙا مٺا لڳندا آهن. جڏهن ته ڪوڙ جي پڇاڙي، زهر کان به وڌيڪ خراب آهي.
۳. پير کي معاشري ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. ڇو جو منجھيل مريد، سدائين وٽس پنھنجون مرادون بر-آور ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. جنھن وٽان مراد پوري ٿئي، ان جي عزت دل ۾ وڌي ويندي آھي. ڪي ماڻھو ته کيس پوڄڻ به شروع ڪندا آھن. دنيا جا طالبو، پئسي کي پڻ پير کان وڌيڪ عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ڇو جو پئسي سان کين پنھنجون مرادون ترت حل ٿيندي نظرن ٿيون. اھو ئي سبب آھي جو، پئسو ڪٺو ڪرڻ لاءِ، دنيا جا غليظ ڪم ڪرڻ ۾ عار يا عيب نه ٿا سمجهن.
۴. گرو: زندگي سکي گذارڻ لاءِ، آزمودگار انسان جي رهنمائيءَ جي ضرورت پوي ٿي، جنهن لاءِ ڪنهن ڪامل انسان جو پاسو جهلبو آهي ۽ کانئس هدايت ۽ رشد جو فيض حاصل ڪبو آهي. ان رهنماءَ کي استادُ، گرو، پيشوا يا رهبر سڏبو آهي. اڄڪلهه جا گهڻا تڻا مڄو مڙس، جوءِ جي عقل ۽ اشاري تي هلي مٽ-مائٽ، ماءُ-پيءُ ۽ ڀاءُ-دوست وغيره سان ٻيائي ڪن ٿا ۽ برو سلوڪ هلن ٿا. ڇو جو عورت کي دنيا جي ڪار-وهنوار جي ڄاڻ گهٽ هوندي آهي، ان ڪري ان جي رهنمائي وٺڻ، هٿ سان پاڻ کي جنجل ۾ وجهڻ آهي.
مطلب: ۱. دوکي جي دنيا ۾، مطلبي ماڻهن جا معيار مٽجي ويا آهن.
304- سِرُ ڏجي، سِرّ نه ڏجي. (چوڻي/پهاڪو)
سِرُ: مٿو، سسي، جان.
سرّ: دل جو راز، ڳجهي ڳالهه. مخفي راز، ڳجها راز.
هڪڙي بادشاهه کي ڪنهن سياڻي چيو؛ “سڀ کان واڌو سياڻپ هيءَ آهي ته دل جو راز پنهنجي پياريءَ زال کي به نه ٻڌائجي.”
بادشاهه اهو آزمائڻ خاطر، چرچو ڪري زال کي چيو؛ “فلاڻو وزير منهنجي چئي ۾ برابر نه ٿو هلي، تنهن کي مارائيندس. پر اها ڳالهه ڪنهن ٻئي کي نه ٻڌائجانءِ.”
ان وزير جي جوءِ، راڻيءَ جي سهيلي هئي. راڻيءَ جهٽ کيس سرٻاٽ ۾ ٻڌايو ۽ تاڪيد ڪيائينس؛ “اها ڳالهه اڃا راز آهي، ڪنهن ٻئي جي ڪن تي نه پوي!”
رازدان، راضَ ۾ ڳالهه ٻڌائي ۽ اهو رازُ، رازُ ئي رهي، سا اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. اها ڳالهه وزير جي زال جي پيٽ ۾ ٽڪي ئي نه ۽ ٺڪ وڃي مڙس سان حال اوري، هيانءَ جو تور هلڪو ڪيائين.
وزير، سر تي ايندو ڏسي، دل ۾ چيو؛ پاڻ مرندي ڪهڙا سيڻ. وقت، وجهه ۽ موقعو تاڙي، بادشاهه کي مارائي، پاڻ تخت تي ويهي رهيو.
مطلب: ۱. چرچي ۾ به، دل جو راز نه ڳرهجي.
۲. دل جو راز، مڙني معاملن کان وڌيڪ لڪائڻ کپي. بلڪ جيڪڏهن سر وڃي ته ڀؤُ ناهي پر ڳجهه نه سلڻ گهرجي.
۳. تا تواني رازِ دل با يارِ جاني هم مگو،
يار را ياري بود، از يارِ يار انديشہ کن. (فارسي)
۴. جيترو ٿي سگهئي ته دل جو راز، جاني يار کي به نه ٻڌاءِ،
يار کي به يار هوندو، تنهن يار جي يار کان گهٻراءِ. (ترجمو)
305- سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير. (پهاڪو)
سرمو، رنگ جو ڪارو ٿئي. ڪاري شيءِ سونهن سينگار جي واسطي گهٽ استعمال ٿيندي آهي. ڪنٽراسٽ (Contrast) ۾ هئڻ سان سونهن کي وڌائيندي ضرور آهي. جيئن؛ ڀوري بدن تي ڊگها ڪارا وار يا ڪارو لباس.
سرمو اهڙو ڪارو آهي، جو هٿ تي لاءِ ته هٿ ڪارو، پير تي لاءِ ته پير ڪارو. اهو به جيڪڏهن سهڻي اک ۾ پوي ته پاڻ به سهڻو لڳي ۽ اک به ڪڪڙي معلوم ٿئي. ان جي برعڪس ٽيڏيءَ/ ڪوجهيءَ/ چُوچيءَ يا ڪاڻيءَ اک ۾ پوي ته نه اک سهڻي لڳي نه سرمو پاڻ کي سونهائي.
سرمو سونهن کان علاوه نظر به چٽي ڪندو آهي. اک صاف ٿي ويندي آهي. منجهانئس مٽي مَرُ نڪري ويندي آهي. اکيون به مڙئي صاف نه ٿينديون آهن. بلڪ ڪا ڪا اک ئي سرمي پائڻ سان موچاري نظر ايندي آهي.
مطلب: ۱. جيڪو ڪم سياڻي جي هٿان سڌري، سو اياڻي جي هٿان مورڳو کري پوي.
306- سِرَ وئي کان پوءِ، سج اڀري ته ڇا، نه اڀري ته ڇا؟ (پهاڪو)
هڪڙو شخص رات ڌاران بيمار ٿي پيو. سندس وارث، حڪيمن طبيبن ڏانهن ڏاڍا ڊوڙيا ڊڪيا. آخر هڪڙي طبيب کي هٿ ڪري وٺي آيا. حڪيم صاحب، سندس طبيعت چڪاسي، نسخو ڏنو. مريض کي دوا کارائي، وارثن کي چيائين؛ “هيءَ دوا اثر ڏيکاريندي آهي سجّ جي روشنيءَ ۾. دوا ته پنھنجي حساب سان کارائي ڇڏي اٿمانس پر ھاڻي جڏھن سج اڀرندو، تڏھن دوا جو اثر ٿيندو ۽ مريض شفاياب ٿيندو. ٻي صورت ۾ سندس شفاياب ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناھي.”
مريض ويچارو دوا کائي، سج اڀرڻ جي انتظار ۾ ويهي رهيو. مرض چوٽ تي چڙهيل هيو ۽ اڌ رات جو مڙس مري ويو.
ان ڏينهن سج ته پنهنجي اڀرڻ واري وقت تي اڀريو پر مريض کي ڪو به فائدو نه رهيو. ڇو جو مريض دنيا ۾ نه رهيو هيو.
مطلب: ۱. گهرج لٿي کان پوءِ، مليل شيءِ مان ڪهڙي آسيس ايندي!؟
۲. ڏوٻ مُئي تو ڪاملي ڪنهن ڪام نه آوي. (سڌني ساڌ/ وچن)
۳. ٻڏي مرڻ کان پوءِ ٻيڙي ملي، سا ڪنهن ڪم نه اچي. (ارٿ)
۴. سر کان پوءِ سج اڀري ته واهه نه ته ڇٽو.
۵. پاڻ مرندي، ڪهڙا سيڻ.
۶. ڪرهيي جي ميلي کان پوءِ ڪپڙن کي ڏجي باهه.
۷. عيد کان پوءِ نوان ڪپڙا ڪهڙي ڪم جا؟
307- سڙيل گهوڙي ۽ پِٽيل ماڻهوءَ مان ڪي ڪين ٿئي. (چوڻي)
سڙيو گهوڙو: ڏٻرو گهوڙو، جيڪو پٽين ۽ انهن جي زهر تتان سڙي سُڄي وڃي ۽ دوائن سان به صحتياب نه ٿئي.
پِٽيل ماڻهو: جنهن پرائو حق ڦٻايو هجي ۽ موٽ ۾ کيس پٽ پاراتو مليو هجي.
۱. گهوڙو اهو ڀلو ڊوڙندو، جيڪو تندرست هوندو. پاڻ ئي ڦٽيل/ مرضيل هوندو ۽ هلڻ ۾ به هلاک هوندو ته سوار کي منزل تي ڪيئن رسائيندو؟ اهڙي گهوڙي جي سواريءَ کان پنڌ ڀڄڻ ڀلو آهي.
۲. جنهن ماڻهوءَ ٻين کي ايذاءَ ڏنا آهن، تنهن کي موٽ ۾ ڪنهن به دعا نه ڪئي هوندي. هٿائين، جهول کڻي پٽيو هوندائونس. اهڙي ماڻهوءَ سان واسطو رکبو ته مٿس آيل نحوست سان، پاڻ کي به آزار ۾ وجهبو. اهڙي ماڻهوءَ کان ڀڄي پاسو ڪجي ته چڱو.
مطلب: ۱. آزاريءَ/ آزاريندڙ ۽ آزاريل جي صحبت منجهان، فائدي بجاءِ نقصان رسي ٿو.
۲. چہ نيکي طمع دارد آن بي وفا؟ کہ باشد دعائي بدش از قفا. (فارسي)
۳. ڀلائيءَ جي لالچ، اهو ڪُلال ڪيئن رکي؟
جنهن جي پٺيان پاراتا هوندا. (ترجمو)
308- سُڪ-تور کان، ٻڏ-تور چڱو. (چوڻي/ پهاڪو)
سُڪ-تُور: سوڪهڙي واري مند، جنهن مند ۾ پاڻي نه چڙهي.
ٻُڏَ-تُور: ٻوڏ واري مند، جنهن ۾ ٻوڙان ٻوڙ ٿئي، ٻوڏ واري مند.
سُڪ-تور ۾ پاڻي زمين تي نه چڙهندو آهي. جيئن ته هر سلو ۽ ساهدار پاڻيءَ تي پلجي ٿو. تنهنڪري پاڻيءَ نه هجڻ ڪري اوڀڙ نه اڀرڻ ۽ ساوڪ نه ٿيڻ سبب، مٿس پلجندڙ ساهدار، جيئڻَ ۾ آذُرت/ عاجز ٿيو وڃن. ملڪ ۾ قحط ۽ ڏڪر پئجيو وڃي. واري ۽ مٽي، رڳو ڌوڙ ڪيو پيو اڏامندي آھي.
ٻوڏ جي مند ۾، پاڻي زمين مٿان گهڻو چڙهي وڃي. گهرن ۾ ڪاهيو اچي ۽ کين ڊاهيو ڇڏي. ان سان به تمام وڏي تباهي اچي ٿي.
آهي ته ٻنهي صورتن ۾ تڪليف. پر ٻوڏ ۾ وري هڪڙي ٻي ڳالهه ٿئي ٿي. ٻوڏ سبب ڍنڍون ڍورا ڀرجن ٿا، جن ۾ مڇي ۽ بيهه، لوڙهه ۽ قُم وغيره ٿين ٿا. ڪَتيءَ جو فصل ٻڏي ٿو ته چيٽ جو فصل تمام ڀلو لڳي ٿو. اڳين پوئين ڪسر نڪري وڃي ٿي. ٻوڏ سان جَرَ ڀرجن ٿا. پاڻيءَ جي اڻاٺ نه ٿي رهي. ساوڪ اڀري ٿي، مال جو جيئاپو ٿئي ٿو. کير- مکڻ، مال-متاع، ڦر-ٽڪر جام ٿين ٿا ۽ ڏڪر جهڙو ڏوجرو/عذاب نه ٿو رهي.
مطلب: ۱. سوڪهڙي کان وري به ٻوڏ چڱي آهي.
۲. ٻڏيءَ جا ٻيڻا آھن.
309- سڪن گڏ، آلا ٻرن. (پهاڪو)
هڪڙو چور جهنگ مان ڏاند چورائي، کيس رسو ڳچيءَ ۾ وجهي، منزل ڏانهن ڪاهي هليو. گهڻي پنڌ لتاڙڻ کان پوءِ، هڪڙو غريب واٽهڙو مسافر به ساڻس اچي هم سفر ٿيو. غريب کي ڏاند جي چوراڻي هئڻ جي موراڳي خبر ئي ڪا نه هئي.
پويان ڪاري ڏاند جا مالڪ به پيرو کنيو اچي پُڳن. ڌڻين ۽ پيريءَ، ڄاتو پئي ته هن جو پير واٽ تان گڏيو آهي. انهيءَ گمان سان ته هيءُ مبادا انتظار ۾ بيٺل هيو ۽ هاڻي سنگتي ٿيو ٿو هليس. پڪ سندس ساٿي ئي آهي. جنھن ڪري کيس به ساڻس گڏي پڪڙايائون ۽ قيد ۾ وجھرايائون.
مطلب: ۱. هڪڙي سڪي وڻ کي باهه لڳي ته ڀر وارو آلو وڻ به لهس ۾ اچي وڃي ۽ سڙي ناس ٿئي.
۲. لچ جي صحبت ۾ چڱو مڙس پڻ گِلا- هاب ٿئي.
۳. چورن سان چاهه پئي، جي مَنَ ميڙ ڪيئين،
پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سهين.
۴. چڱن سان چاهه پئي، جي مَنَ ميڙ ڪيئين،
رڱجي ته لال ٿيندو، نه ته ڪڪوربو ته سهين.
۵. بڇڙيءَ صحبت جو بڇڙو ڦل آهي.
310- سڪو ڪاٺ، ٻه پاسا ڀڃي. (پهاڪو)
سڪي ڪاٺ تي پاسي ڀر ليٽي سمهبو ته اٿڻ کان پوءِ اھو پاسو پيو ڏکندو. جيڪڏهن ساڄي پاسي تي ليٽي سمھبو ته ساڄو ڏکندو، جيڪڏھن کاٻي پاسي تي ليٽبو ته کاٻو پاسو ڏکندو.
جاهل ماڻهوءَ جي سنگت به سڪل ڪاٺ وانگر آهي. سندس صحبت مان هن دنيا/ لوڪ جو نقصان ته آهي ئي پر آخرت/ پرلوڪ جو نقصان پڻ ٿئي ٿو. سياڻي ماڻهوءَ کي سندس صحبت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
مطلب: ۱. جاهل جي دوستي؛ ڪلھي تي ڪتو.
۲. آنکس که از او نفع نه دنيا و نه دين است،
بگريز از و گر چہ شہِ روءِ زمين است. (فارسي)
۳. جنهن ماڻهوءَ مان نه دنيا جو ۽ نه دين جو فائدو آهي،
اهو ڀلي دنيا جو راجا هجي، ته به کانئس ڀڄي پاسو ڪر. (ترجمو)
311- سکڻي ڪني، گهڻو اڀامي. (پهاڪو)
ڪني: پاري يا ديڳڙي وانگر ٺڪر جو باسڻ، جنهن ۾ غريب ماڻهو، ٻوڙ يا ڀت رنڌين.
جيڪڏهن ڪنيءَ ۾ ماپ سارو چانور يا ٻوڙ پيل هوندو ۽ پوءِ باهه تي چاڙهبي ته جلد نه اڀامندي. جڏهن اڀامڻ جو وقت آيس ته به ڦڦڪو وڏو نه ڪندي. ان جي ڀيٽ ۾ اها ڪني جنهن ۾ رڌڻ لاءِ اَنُ گهٽ وڌل آهي، سا جلد ۽ گهڻو اڀامندي آهي.
جنهن ماڻهوءَ ۾ ٿانءُ يا ظرف وڏو آهي، سو دنيا جا گهڻا معاملا سامهون اچڻ سان به نه جلد ڪاوڙبو ۽ نه گهڻو تپندو آھي. بلڪ ڌيرج ۽ آهستگيءَ سان سڄي معاملي کي سوچي سمجهي اڪلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
مطلب: ۱. اشراف/ ونهيون سهمي سهمي هلي. لچ/ ولهو گهڻي ٽيڳر سان هلي.
۲. ڪهت ڪبير ڇو ڇا گهٽ ٻولي،
ڀريا هووي سو ڪٻهون نه ڏولي. (ڪبير، وچن)
۳. ڪبير صاحب چوي اوڻو دلو پاڻيءَ جو ڇلڪي،
ڀريل هجي ته ڪڏهن به نه ڇلڪي. (ارٿ)
۴. ڀيٽيو؛ هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي.
312- سڳا سيئي سيڻ، جنين پکا اوڏڙا. (چوڻي/ پهاڪو)
سڳا: سچا، گهرا، ويجها.
سيڻ: ڌيءَ يا پٽ جا ساهرا، مٽ مائٽ.
اوڏڙا: ويجها، پاڙوسي، پاڙي ۾.
پاڙيوارا، وقت تي ڪم اچن ٿا، تن جي حيثيت به انهن مائٽن جهڙي آهي جيڪي جگري رشتيدار آهن.
اهڙيءَ طرح مائٽ به اهي ڀلا آهن، جيڪي سڏ ۾ سڏ ڏين ۽ دوستن وانگر وقت تي ڪم اچن. اهڙا نه جو جڏھن سندن ڪم پوي ته پيرين پوندا وتن ۽ جڏھن منجھن ڪم پوي ته سلام جواب به نه ڏين.
مطلب: ۱. پاڙوسي؛ وڏو مائٽ.
۲. مائٽ اهو، جو دوست.
۴. برادر همان باشد کہ يار شد. (فارسي)
۵. ڀاءُ اهو آهي، جيڪو دوست آهي. (ترجمو)
313- سلو سو، جو انگورئين ڀلو. (پهاڪو)
انگورئين: انگورجڻ، گؤنچ ڪڍڻ، اڀرڻ.
زمين اندران اوڀڙ، پوکيل ٻج جي نسبت سان اڀري ٿي. ڪڻڪ ڇٽبي ته ڪڻڪ جو سلو ڦٽندو، جوئر پوکبي ته جوئر جو تيلو اڀرندو. جيڪڏهن ڪجهه به نه پوکبو، ته به زمين ۾ اوڀڙ پئدا ڪرڻ جي استعداد آهي، جنهن سببان منجهانئس گند گاهه پيو نڪرندو. ڪڏهن ڪڏهن پوکيل ٻج سان، اڻ پوکيل گند-گاهه جا سلا به اڀري پوندا آهن، جيڪي پاڙان پٽي نه اڇلبا ته وڌندا ويندا ۽ پوکيل سلن جي افزائش ۾ به رڪاوٽ پيا بڻبا.
اهڙيءَ طرح انساني ورتاءَ اندر، اعمال جا به ٻه نمونا آهن. هڪڙا اهي اخلاق، جيڪي سڌاري ۽ محنت سان هٿ اچن ٿا ۽ ٻيا اهي جيڪي پاڻ-مرادو، دليئون جانئيون پيدا ٿين ٿا. پاڻ-مرادو پيدا ٿيل خيال، ڪچي ذهن تان هٽائي نه ڇڏبا ته اصول ۽ اخلاق وارن خيالن کي به گندو ڪري ڇڏيندا.
مطلب: ۱. وڏ تڻ ۾ لڇڻ ان جا ڀلا هوندا، جيڪو ننڍپڻ ۾ سڌريل هوندو.
۲. هر کہ در خورديش ادب نکند، در بزرگي فلاح ز او برخواست،
چوب تر را چنانکه خواهي پيچ، نشود خشک جز به آتش راست. (فارسي)
۳. جيڪو ننڍپڻ ۾ ادب نه ڪندو، وڏتڻ ۾ ڀلائي وٽانئس اٿي ويندي،
آلي ڪاٺي جيئن وڻيئي تيئن موڙ، سڪي باهه ڌاران سنئين نه ٿئي. (ترجمو)
314- سنت سنت سڀڪو سڏائي، سنت سمنڊان پار،
انل پکي ڪو هڪڙو، ٻيا پکين ڪوٽ هزار. (پهاڪو)
سنت: ڌڻيءَ جو سچو ٻانهو، سچيار، عبادت-گذار، الله لوڪ بندو.
سمنڊان پار: سمنڊ جي هُنَ ڀر.
اَنَل پکي: هماءُ پکي، عنقا، سدائين اڀ ۾ رهندڙ سڳورو پکي. اڻ لڀ. گمان آهي ته اهو پکي جنهن جي ڪلهي تي ويهندو آهي، تنهن جا ڀاڳ کلي پوندا آهن.
رب جو خاص بندو سڏرائڻ سولو آهي پر رب کي ريجهائڻ وارو ڪو ڪو آهي. مالڪ پنهنجي خاص ٻاجهه سان مڙني بندن تي مهربان ته آهي پر اهو ڪو خاص ٻانهو، جنهن کان مالڪ پاڻ راضي هجي ۽ ٻانهو کانئس راضي هجي، سو ڪو ڪو آهي. باقي سڏرائڻ وارا، ڊاڙ ٻٽاڪ هڻڻ وارا کوڙ آهن.
اهڙيءَ طرح هماءُ پکي به ڪو هڪ اڌ هجي ته هجي، نه ته ڪو به هماءُ ڪونهي. جيئن پارس پٿر يا آبِ حيات وغيره تمثيلون آهن، تيئن هماءُ به هڪ تمثيل آهي. حقيقت سان سندن ڪو به واسطو ناهي.
مطلب: سچيار/ سنت، ڌرتيءَ تي تمام ٿورا، بلڪ اڻ لڀ آهن.
315- سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي. (چوڻي)
سنگ: سنگت، سٺي سنگت، دوستي، ياري، اشرافن جي سنگت يا ياري.
تاري: فائدو ڏئي.
ڪسنگ: ڪنو سنگتي، ڪنن/ بڇڙن جي صحبت. دشمن سان ياري.
ٻوڙي: نقصان ڏئي.
سٺا ۽ اشراف ماڻهو، سنگت ۾ فائدو ڏيندا آهن. وس ويندي، ڪڏهن به نقصان نه ڏيندا آهن. جيڪڏهن روڪڙ پئسا نه ڏنائون ته ڦريندا ڪين آھن. هٿائين اهڙو وڙ يا هنر ڏسي ڇڏيندا، جنهن سان سدائين پيو فائدو پوندو. ان جي برعڪس بڇڙي ماڻهوءَ جي صحبت مان، برايون حاصل ٿينديون. جن مان سدائين پيو نقصان پوندو. ان کان پهريندي، بڇڙو ماڻهو ڪوشش ڪندو ته سنگت ۾ آيل جو کيسو ڪيئن ڪتريان يا سندس مال ڪيئن ڦٻايان. بڇڙي جي سنگت مان نقصان ئي نقصان آهي.
مطلب: ۱. چڱي جي صحبت، پارس جو پاسو.
۲. آهِنِ چُو بپارس آشنا شد،
في الفور صورتِ طِلا شد. (فارسي)
۳. لوهه جڏهن پارس جو سينڌو ٿيو،
ترت ئي روپ سندس سون ٿيو. (ترجمو)
۴. ماري، مرون، ڪسنگ ڪي، ڪيلي پاس جيون ٻير،
اوه جهولي، اوه چيرئي، سائين ڪسنگ نه ميڙ. (هندي)
۵. شڪاريءَ، سوئر ۽ بداخلاق جي سنگت،
جيئن ڪيلي جي ڀرسان ٻير،
هوءَ ڌوڻجي، هيءُ وڍجي،
ڌڻي برا سنگتي نه ملائي. (ارٿ)
316- سوٽي هجي ساڻ، گڏهه گوهي نه ڪري. (پهاڪو)
گڏهه، بار ڍوئڻ جي ڪم اچي ٿو. وزن رکيل هوندس ته ٺيڪ آهي. وزن لٿس ته بيٺو ٺينگ ٽپا ڏيندو ۽ پستيون پيون لڳندس.
گڏهه جي فطرت آهي ته بنا وزن جي نه سڌو هلندو ۽ نه سنئين رستي تي هلندو. رڳو پيو گوهيون ڏيندو ۽ گوٿناٿ ڪندو. بار لڏيل هوندس ته ٺيڪ هلندو. خالي گڏهه کي هڪلڻ لاءِ، لڪڻ/ سوٽي/ باٺي جي ضرورت پوندي آهي. باٺو وسندو ايندس ته ٺيڪ ٺيڪ پيو هلندو.
مطلب: ۱. لچو ماڻهو سائو ٿئي ته ٻين سان کؤنس ڪري. موچڙن ڌاران وري سڌري ئي نه.
۲. عرشان لٿيان چار ڪتابان، پنجوان لٿا ڏنڊا،
ڪتابان اوه نه ڪيتا، جو ڪيتا ڏنڊا.
۳. کلو؛ پنجون پير آهي.
۴. Spare the rod, spoil the child
۵. ڀيٽيو: ڇتي ڪتي جي دوا؛ ٻه ڀتر.
317- سو چور ئي ناهي، جيڪو پنهنجو جوڻيت نه سڃاڻي. (پهاڪو)
جوڻيت: جوڻي کڻندڙ، چغلي هڻي پڪڙائيندڙ. چور جو ويري.
پنهنجي ويريءَ/ دشمن کي سڀڪو سڃاڻيندو آهي. ڇو جو هڪڙو دشمن به سَوَ دوست جي مٿان ڀاري هوندو آهي. چور ته وري به ماڻهو آهي، تنهن کي پنهنجو ويري، جوڻيت ضرور ککندو هوندو. جڏهن ته دشمن جي سڃاڻ/ سُڌِ مرونءَ يا جانور ۾ به رهي ٿي. جيئن ٻليءَ کي ڏسي ڪئا ٻر ۾ لڪي وڃن يا سينڱ ڏسي ڪانءُ ٽهي ڀڄي وڃي.
مطلب: ۱. دشمن هر ڪنهن کي هُرکندو آهي.
۲. پسون پکي هون جانتي هِتِ آن هِت ڪي بات.
رِکي ديک سَڪُچَتَ نهين، ٻنڌڪ تي ڏر ڀات. (هندي)
۳. مرون ۽ پکي به وير ۽ دوستيءَ جي ڳالهه ڄاڻن،
ساڌو ڏسي نه ڊڄن، ماريءَ کي ڏسي ڀڄن. (ارٿ)
رِکي: بن ۾ عبادت ڪندڙ، ساڌو.
318- سورائتڻ سور، اڻ سورائت سان اوريو،
هِن جو ڀنجهر نه ڀريو، هوءَ وڃي ٿي وهلور،
پرايائين جو پور، اڳي کان به اڳرو. (پهاڪو)
سورائتڻ: سورائت، سورن واري، ڏکويل، ڏڌيل.
اڻ سورائت: سکي، بيدرد.
اوريو: ڳرهيو، سليو، ونڊيو.
ڀنجهر نه ڀرڻ: اثر نه ٿيڻ، ڪهڪاءُ نه اچڻ.
وهلور: هيڻو ٿيڻ، پريشان ٿيڻ، پاڻ قربان ڪرڻ.
تڪليف واري جي احساس کي اهو سمجهي سگهندو، جنهن پاڻ تڪليف ڏٺي هوندي. جنهن جي سر تي ڪڏهن به ڪا تڪليف نه پهتي آهي، تنهن کي نه تڪليف جو احساس ٿيندو ۽ نه وري کيس مشڪل ۾ ڦاٿل واري جي ڳڻتيءَ جو احساس ٿيندو. پوءِ ڀلي اهو کڻي کيس ڪيترو به روئي روئي ڇو نه بيان ڪري ٻڌائي، پر هيءُ سندس ڳوڙهن کي ڊرامو پيو سمجهندو يا الٽو سندس ڪمزوريون تاڙي، سندس تڪليف مان پنهنجا فائدا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
مطلب: ۱. ڏکويل کي، بيدرد آڏو حال بيان نه ڪرڻ گهرجي.
۳. سُمن پَرَ-گهر جائِڪي، دک نه سڻايئي روءِ،
ڀرم گواوڻ آپنا، ونڊ نه ڏيوي ڪوءِ. (سمن، وچن)
۳. سُمن! پرائي گهر وڃي، ڏک نه ٻڌائجي روئي،
پنهنجي لڄ وڃائڻ سان، ونڊي نه ڏئي ڪوئي. (ارٿ)
۴. تا ترا حالي نباشد هم چو من،
حال من باشد ترا افسانه. (فارسي)
۵. جاسين مون جهڙو حال نه ٿيندءِ،
تاسين منهنجو حال پيو آکاڻي لڳندءِ. (ترجمو)
319- سوڙهيءَ سياندريءَ، وهنوار نه ڪجي. (چوڻي/ پهاڪو)
سوڙهي سياندري: ويجهي حد ۾، مٽي مائٽيءَ ۾، دوستي ياريءَ ۾.
هلال ۽ بدر، پاڻ ۾ ويجها ۽ نازڪ مائٽ هئا. تن پاڻ ۾ گڏجي اڌواڌ ڀائيواريءَ تي وڏي لاڳت سان ڌنڌو شروع ڪيو. ڌنڌي ۽ واپار جي سنڀال تي بدر ويٺو، جيڪو مقرر وقت تي، نفعي جو حصو هلال کي پهچائيندو هيو. چئن پنجن ورهين پڄاڻان، هلال کي مليل نفعي ۾ ڪس نظر آئي. تڏهن بدر کان حساب ڪتاب پڇيائين. حساب ڪتاب سمجهه ۾ نه آيس ته ڀائيواري نبيرڻ چاهيائين. سندس خيال هيو ته شاهوڪارن جي دستور وانگر کري کاتي نبيريان. بدر ائين نبيرڻ نه پئي گهريو. سندس ارادو هيو ته هلال کي دربدر ڪيان جو مون ۾ شڪ ڪيو اٿائين. هلال سان ڏاڍا ڀَتَ رڌائين ۽ کيس ڏاڍو بيعزتو پڻ ڪيائين.
نيٺ هلال ويچاري پنهنجي لڄ لڪائڻ خاطر، هر حال ۾ ڇيني نبيري چاهي. اڳئين نقصان کي وساري، موڙيءَ مان به لاٿ تي راضي ٿي ڀائيواري ٽوڙيائين.
واپار جي ڪم ۾ هڪڙي نه ٻئي وقت ڇڪتاڻ ٿيندي، جنهن سببان حقدار واجبي حق ڇڪيندا. جيڪڏهن هڪڙي ڌر سانگو ڪري اهو حق ڇڏيندي ته حق ٻڏندس. جي ڇڪيندي ۽ اڳلي کي اها ڳالهه نه وڻي ته پريت ويندي.
مطلب: ۱. مٽ مائٽ سان ڪيل واپار ۾ يا نقصان پوي يا مائٽي ڇڄي.
۲. دوست ۽ مائٽ سان ڀائيچارو نه ڪجي.
۳. ڀائيچارو، ڀاءُ سان به نه ڪجي.
۴. ڀائيواريءَ جو ڀت، سدائين بي سوادي.
320- سَوَ ڪري سينگار، ته به کودڙيءَ پٽ کودڙو. (پهاڪو)
گهوڙا ۽ اٺ، خچر ۽ گڏهه، وهٽ طور پڻ ڪتب ايندا آهن. سوار مٿن چڙهڻ کان اڳ، سهڻا سنج سنجيندا آهن، جهلون پارائيندا آهن ته جيئن سوار ۽ سواري موچارا لڳن. ڏسندڙن تي رعب ۽ دٻدٻو ويهي.
گهوڙو، ڀڄڻ ۾ ڀلو ٿيندو آهي. ابلق وغيره پوندس ته پيا ٺهندس. اٺ، قد-آور جانور آهي. ڳاٽ اوچو ڪري جڏهن هلندو آهي ته ڳانين ۽ ڇيرين جي ڇمڪار تي اڃا وڌيڪ ڌيان ڇڪائيندو آهي.
خچر چڱو بار ڍوئڻ سبب مھانگو آھي ۽ ھر ماڻھو نه ٿو رکي سگھي. سندس قدر تمام گھڻو آھي.
ان جي برعڪس گڏهه ويچارو آهي بار ڍوئڻ جي ڪم جو. مٿس سواري ڪبي ته ڪري سگهبي پر وک تڪڙي نه اٿس. نه ئي رنگ موچارو اٿس، جنهن تي جهلون وغيره سينگارجن ته ٺهي. ريشمي ڪپڙا اوڍڻ سان، نه سندس رفتار وڌندي آهي ۽ نه ئي هلڻ واري چال ۾ ناز نخرو پيدا ٿيندو اٿس. ڏسڻ واري تي رعب پوڻ بدران، الٽو اثر پوندو آهي ۽ کل پئي ايندي اٿس.
مطلب: ۱. ڪميڻو ۽ جاهل، ڪارو ڪوٽ ۽ سوٽ پائڻ سان پڙهيل لکيل يا وڪيل نه ٿي پوندو.
۲. بزرگن جهڙي پوشاڪ اوڍڻ سان، شيطان اشراف نه ٿي پوندو.
۳. ناسزائي کہ خرقہ در بر کرد،
جامہ کعبه را جُل خر کرد. (فارسي)
۴. نالائق، جنهن فقيراڻي گودڙي پهري،
تنهن ڄڻ ڪعبي جي غلاف کي گڏهه جي جُهل ڪيو. (ترجمو)
321- سوناري جو سؤ ڌڪ، لوهر جو هڪڙو ڌڪ. (پهاڪو)
سوناري کي، سونا زيور گهڙڻ لاءِ، ننڍڙا اوزار استعمال ڪرڻا پوندا آھن، ڇو جو سون به تمام ٿورڙو هوندو آهي. وڏي ڌڪ لڳڻ سان گم به ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ننڍڙي مطرقي سان آهستي آهستي سوين ڌڪ هڻي، سون کي شڪل ڏيندو آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ لوهر کي لوهه مان وڏا اوزار ٺاهڻا هوندا آهن، جنهن لاءِ گهڻو لوهه استعمال ڪرڻو هوندو اٿس. لوهه کي مطلوبه شڪل ڏيڻ لاءِ، گرم ڪري سنداڻ تي ڪٽڻ لاءِ، وقت ٿورو هوندو آهي. لوهه ٺرڻ کان پوءِ موڙي نه سگهبو. ٺرڻ کان اڳي، ٻه چار وڏا ۽ تڪڙا ڌڪ هڻي، کيس گهربل شڪل ڏئي سگهبي.
الغرض جيترو ڪم سونارو سَوَ ڌڪ هڻڻ سان ڪري، اوترو ڪم لوهر وڏاڻ جي هڪ ڌڪ سان ڪري وڃي.
مطلب: ۱. جيڪو ڪم ڏُڏ، وڏي ڏاکڙي سان ڪري سگهي، سو ھڪڙو سياڻو اشاري سان ڪري سگهي.
322- سون پرکجي ڪسوٽيءَ، روپو پرکجي باهه،
ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ڪي ڳالهاءِ. (چوڻي)
سون، هڪڙو قيمتي ڌاتو آهي، جيڪو زيورن وغيره ۾ استعمال ٿيندو آهي. ان جي هم شڪل ٻيا به ڌاتو آھن پر گھٽ قيمت ۽ زيورن ۾ جڙڻ جهڙا نه هوندا آهن. منجهن فرق معلوم ڪرڻ لاءِ، سونارن وٽ هڪ ڪسوٽي هوندي آهي، ان تي ڌاتوءَ کي گهندا آهن. ڪسوٽيءَ تي گسڻ سان، معلوم ٿي ويندو آهي ته اصلي سون ڪهڙو آهي ۽ نقلي ڪهڙو آهي. اهڙيءَ طرح روپو يا چاندي وري باهه تي تپائڻ سان پرکي سگهبا آهن. باهه ڏيڻ سان چانديءَ جي رنگ جهڙو ٻيو ڌاتو ڪارو ٿيندو، جڏهن ته چاندي اُجري ٿي پوندي آھي.
ماڻهن جي کري کوٽي هئڻ کي پرکڻ لاءِ به دنيا ۾ ماپا تورا آهن. اُهو اِهو ته گهڻا تڻا ماڻهو، پنهنجي زبان مان ڳالهايل لفظن/ جملن مان ئي پرکي سگهبا آهن. ڇو جو جذبات ۾ اچڻ کانپوءِ، دل جي ڳالهه سندن زبان مان نڪري ئي ويندي آهي. ان جي برعڪس جيڪو ماٺ ڪيو ويٺو آهي، تنهن جي سياڻپ/ اياڻپ جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي.
مطلب: ۱. ماٺ سونُ، ڳالهائڻ چاندي.
۲. نامرد سخن نگفته باشد، عيب و هنرش نهفته باشد. (فارسي)
۳. جاسين مڙس نه ڳالهايو آهي، تاسين سندس عيب ۽ هنر ڳجها رهن. (ترجمو)
323- سهڻا ٽوهه، پٽن تي پيا آهن. (پهاڪو)
ٽوهه: خود-رو جهنگلي ول مان ٿيندڙ ڪسارو/ ڪؤڙو ڦل. ڏسڻ ۾ گدري جهڙو سهڻو، کائڻ ۾ ايرئي کان وڌيڪ زهريلو.
ٽوهه، ڏسڻ سان گدري جو گمان ٿيندو آهي. سندس رنگ ۽ روپ ڏسي وات پاڻي پاڻي ٿيندو آهي. ڇو جو اصول اهو آهي ته جيڪا شيءِ ڏسڻ ۾ سهڻي اچي ٿي، سا پڪ کائڻ ۾ به لذيذ ۽ مزيدار هوندي. پر ٽوهه ان جي ابتڙ آهي. ڏسڻ ۾ سهڻو ۽ کائڻ ۾ کارو. جنهن سبب سندس قدر گهٽ هوندو آهي. سندس وَلِ پٽ تي پيل هوندي آهي. ڪير به منھ ٺاهي، کيس مٿس نه چاڙهيندو آهي. جڏهن ته انگورن، تورين ۽ ڪريلن جي ول کي به لوڙهي، مَنهه يا ڀت تي چاڙهڻ لاءِ جتن ڪيا ويندا آهن ته جيئن سندن ڪارائتو ڦل جلد اسري ۽ موذي جانور جي زيان کان به بچيل رھي.
اهڙيءَ طرح دنيا ۾ ڪي اندر جا ڪارا ماڻهو، بظاهر فاقيرو/ فقيراڻو لباس ڪري، ساڌو بڻيا وتندا آهن. ماڻهن جي دلين تي جڏهن سندن ظاهري اوصاف جو اثر گهرو ويهندو آهي ته پوءِ پنهنجي اندر جي ڪارائڻ سان، ساڻن ٻيائي ڪندا آهن. تنهنڪري ضروري ناهي ته شڪل جو سهڻو يا اوچي لباس وارو اشراف ۽ سياڻو، بااخلاق ۽ چڱو مڙس هوندو. هر هڪ کي ٺڪي ٺوڪي جاچجي، متان ٽوهه وانگر هجي.
مطلب:۱. منافق ماڻهوءَ کي هِت به ڌڪا ته پرڏيهه ۾ به موچڙا ڳچيءَ ۾.
۲. نه هر که بصورت نيکو است، سيرت زيبا ور در اوست.
کار بمغز اندرون است نه به پوست بيرون. (فارسي)
۳. نه سڀ ڪنهن سهڻي ۾ موچارا لڇڻ آهن،
ڪم اندرئين مغز سان آهي، نه ٻاهرينءَ کل سان. (ترجمو)
۴. بيک دکاوي جڳت ڪُون، لوڪن ڪُون وس ڪين،
انت ڪال ڪاتي ڪٽي باس نرڪ ۾ نين. (گرو نانڪ، وچن)
۵. جهان کي ويس ڏيکاري، ماڻهن کي مڃائي،
مرڻ مهل ڪاتيءَ سان وڍجي، نرڳ ۾ پوي. (ارٿ)
324- سي اڍائي، سي ساڍا ٻه. (ورجيس)
ھڪ سان اڌ ڳنڍبو ته ڏيڍ چوائيندو. ٻن منجھ اڌ جوڙ ڪرڻ سان، اڍائي ٿين ٿا. ٽن منجھ اڌ گڏائبو ته ساڍا ٽي سڏائيندا.
ٽن کان مٿي وارن انگن ۾ اڌ جوڙ ڪرڻ کي ساڍ چئبو آهي. جيڪڏهن ساڍ جو لفظ ٻن سان گڏي، ساڍا ٻه چئبو ته غلط نه ٿيندو. البته ائين چوڻ رواج ۾ نه آهي ۽ اوپرو پڻ لڳي ٿو. پر معنيٰ جي لحاظ کان ٻئي برابر آهن. هروڀرو اکرن جي جڙاوت ۽ معنائن جي چڪر ۾ نه پئجي. پئبو ته ڪم رلي ويندو، ڇو جو ‘اکران دي وچ جو ئي اڙيا، عشق دي چالي سو ئي نه چڙهيا.’
جيڪو اکرن جي معنائن ۽ ڪناين، اشارن ۽ مطلبن کي نه ٿو سمجهي، اهڙي ڏُڏُ يا بي سمجهه سان به گڏ رهڻ نه گهرجي. بلڪ کانئس ڏور ڀڄجي ته چڱو آهي. ڇو جو کانئس، سواءِ جهالت جي، ڪجهه به سکي نه سگهبو ۽ ڪيترو به سيکارڻ سان ھو پنهنجي جهالت تان ڪين هٽندو.
مطلب: ۱. جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهون.
۲. خري را ابلهي تعليم ميکرد،
بر او صرف کردي عمر دائم،
حڪيمي گفت اي نادان چه کوشي؟
درين سودا بترس از لومة لائم.
نياموزد بهائم از تو گفتار،
تو خاموشي بياموز از بهائم. (فارسي)
۳. هڪڙي اياڻي گڏهه کي ٿي سيکاريو،
سدائين مٿس پئي ڄمار وڃايائين،
سياڻي هڪڙي کيس چيو؛ “اڙي ڏڏ ڇا ٿو ڪرين؟
انهيءَ سودي ۾ ملامت ڪندڙ جي ملامت کان ڊڄ،
مرون تو کان ڳالهائڻ ڪين سکندو،
تون انهيءَ جانور کان ماٺ ڪرڻ سک.” (ترجمو)
۴. جاهل ماڻهوءَ لاءِ، جهڙو بُٺي تهڙو بهرام.
325- سياري جي سوڙ، سڀڪو پاڻ ڏي سيري. (پهاڪو)
سياري ۾ سيءُ گهڻو ٿئي. ان کان بچاءَ لاءِ باهيون ٻارجن ۽ هنڌ ۾ سمهڻ لاءِ سوڙ استعمال ٿئي. رلهي ۽ ڪمبل، سيءَ ۾ سٽ اوتري نه جهلين، جيتري سوڙ سهي. سوڙ، مڙني اوڇڻن کان وزنائتي رهي ٿي. کڻڻ ئي ڏکي هوندي آهي. پر سيءُ به سيءُ آهي. کانئس بچڻ لاءِ هر ڪو سوڙ جو وزن سوري پاڻ تي وجهي ٿو ته جيئن سيءَ جهڙي وڏي مصيبت کان پاڻ کي بچائي سگھي.
مطلب: ۱. مائٽ، يار ۽ اولاد، بلڪ سڀ ڪو پنهنجو سک ڳولهي ٿو.
۲. مادر، پدر، برادر، ولد يار و زن،
سڀ سک ڪي هين سنگتي، ٺيڪ سمجهه وي سجن. (اردو)
۳. ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، پٽ، يار ۽ زال،
مڙئي آهين سک جا ساٿي، يار سمجهي ڇڏ ڳالهه.
۴. سياري جي باهه، سڀ ڪو پاڻ ڏي سوري.
326- سياري ۾ سيئي چڱا، جن گهڻي باهه،
اونهاري ۾ سيئي چڱا، جن گهڻي ڇاهه. (چوڻي)
سياري ۾ سيءُ گهڻو ٿيندو آھي، تنهن کان بچاءَ لاءِ گهرن ۾ باهه ٻاربي آهي. باهه اهو ٻاري سگهندو، جنهن وٽ گهر ۾ ٻارڻ طور ڪاٺ جام جمع ٿيل هوندو. جنهن وٽ نه ڪاٺ هوندو ۽ نه باهه هوندي، سو سيءَ ۽ پاري ۾ پيو پاهه ٿيندو. سک ۾ اهو رهندو جنهن وٽ ججهي باهه آهي.
اونهاري ۾ گرمي، پگهر ۽ رُگهه جام ٿئي ٿو. گرميءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ، اَجهي کان علاوه اهڙين شين جو واپرائڻ به ضروري آهي، جن سان طبيعت بحال رهي. جيئن، برف يا بوتل، فالودو يا قلفي، لسي يا پاڻي وغيره. مڙني شين مان لسي، سستي ۽ سادي وٿُ آهي. منجهس لوڻ پاڻي گڏي، کيس اڃا به ٿڌي تاثير وارو ڪري سگهجي ٿو. جنهن وٽ، اها وٿ به ناهي، سو گرميءَ کان بچڻ لاءِ ڪيڏا به وس ڪري پر لهسجي ضرور ويندو.
مطلب: ۱. سياري ۾ سکيا اهي آهن، جن وٽ ٻارڻ گهڻو. اونهاري ۾ اهي سکيا آهن، جن وٽ ٿڌڪار جون شيون جام آهن.
۲. ڀيٽيو؛ سياري ۾ به سيئي سکيا، جن کي ڪي آهه،
اونهاري ۾ به سيئي سکيا، جن کي ڪي آهه.
327- سياري ۾ به سيئي سکيا، جن کي ڪي آهه،
اونهاري ۾ به سيئي سکيا، جن کي ڪي آهه. (چوڻي/ پهاڪو)
ڪي آهه: ڪجهه هئڻ، دولت هئڻ.
سياري ۾ سوڙ، باهه ۽ اجهي جي سخت ضرور پوي ٿي. اهي ان ماڻهوءَ لاءِ حاصل ڪرڻ آسان آهن، جنهن وٽ ڌن دولت ججھيري آهي.
اونهاري ۾ برف ۽ بوتل، لسي ۽ ڏھي، ڇانئن ۽ ٿڌين شين جي ضرورت پوي ٿي. اهي انهن ماڻهن لاءِ هڪيون حاضر آهن، جن وٽ ڌن دولت ھڪي حاضر آهي.
مطلب: ۱. دولت وارو، اونهاري توڙي سياري ۾، سکيو رهي ٿو.
۲. بگرما و به سرما در بهار است،
کسي کش دولت و اقبال يار ست. (فارسي)
۳. اونهاري ۽ سياري ۾ ان لاءِ بهار آهي،
جنهن کي دولت ۽ ڀاڳ همراهه آهي. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو: سياري ۾ سيئي چڱا، جن گهڻي باهه،
اونهاري ۾ سيئي چڱا، جن گهڻي ڇاهه.
328- سياڻي اڳيان روئڻ، اکين جو زيان. (پهاڪو)
هڪڙيءَ زال جي وَڏ-وَر ڌيءَ اڃا ڪنواري هئي. ان جي پرڻي لاءِ مڙس آڏو اشاري سان سعيو ڪيائين. ڌيءَ کي سڏ ڪري چيائين؛ “ڌيءَ! اٿي بيهه ته پيءُ ڏسئي ته ڪيڏو نه قد ٿيو اٿئي!”
ڌيءَ کي پيءُ جي عقل جي خبر هئي. تنهن اٿڻ بجاءِ ماءُ کي چيو؛ “ابو ته سياڻو آهي! ويٺي به ڏسي پيو ٿو ته وڏي ٿي وئي آهيان!”
مطلب: ۱. سياڻو ڳالهه ڪرڻ سان حال معلوم ڪيو وڃي. ان جي آڏو روئي حال ڳرهڻ اجايو آهي.
۲. عاقل اشاري سان سمجهي ٿو ته پوءِ ڌڻيءَ جنهن اپايو آهي، سو ريءَ چئي، حال نه ڄاڻندو هوندو؟
۳. انتر جاسي پورک سوامي، اڻ بولت هي جانت حال. (گرو نانڪ، وچن)
۴. ڳجهه ڄاڻندڙ سائين، ريءَ چيو حال ڄاڻي ٿو. (ارٿ)
329- سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي. (پهاڪو)
پاتل: ليسوڙي يا پپر وغيره جي ويڪرن پنن مان جڙي، جنهن ۾ حلوائي سيرو وغيره ويڙهي ڏيندا هئا. اڄڪلهه ان جي جاءِ تي ڪارڊ مان ٺهيل پليٽون اچن ٿيون، جن کي (disposable) چئبو آهي.
پپر يا ليسوڙي جي پنن کي، ڪاني جي تيلن تان لٿل ڇيتين سان ڳنڍي جوڙي ٿالهيءَ وانگر ٿانءُ ٺاهيندا هيا، جنهن ۾ رڌل سيرو يا ڇولا وغيره کپائبا هيا. گراهڪ سيرو وغيره کائي، بعد ۾ اهو عارضي طور جڙيل ٿانءُ يا پاتل/ اڇلي (dispose off ڪري) ڇڏيندا آھن. ڇو جو ان اوباريل ٿانءَ کي نه ڌوئي سگهبو آھي ۽ نه ئي وري منجهس ٻيو ڪير کاڄ کائڻ پسند ڪندو آھي. ان ڪري ان جو سانڍي رکڻ اجايو آھي.
مطلب: ۱. استعمال شده شيءِ، جيڪا پاتل جهڙي سستي هجي، سا گند جي ٽوڪريءَ ۾ ئي اڇلائبي آهي.
۲. نوشهرو فيروز جي مختيارڪاري ڇڏي، پينشن وٺي گهر آيس، تڏهن اٺ ۽ گهوڙا، جيڪي مون لاءِ هاڻي ڪم جا نه رهيا هيا، وڪڻي تڪڻي ڇڏيم. هڪڙي دوست پڇيو؛ “وهٽ وانا، سگها ڇو وڪيئي؟” تنهن کي جواب ڏنم؛ “جن ۾ هاڻي ڪم نه رهيو، سي رکڻ مان ڪهڙو فائدو. سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.”
۳. جنهن شيءِ مان ڪم لٿو ۽ ٻيهر ڪم اچڻ جي ناهي، تنهن کي سانڍڻ ضروري ناهي.