لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ج

159- جا بندي کي بار، سا صاحب کي سُٿري. (چوڻي)
صاحب: ڌڻي، اپائڻهار.
هن دنيا کي مالڪ سڳوري خلقيو آهي. ڪائنات ايڏي وسيع آهي جو انسان جو تصور به اتي نه ٿو پهچي سگهي. ڪائنات جي اندر، جيڪي به ڪم ڪاريون آهن، سي انسان جي وس کان ته ٻاهر ٿي سگهن ٿا پر جنهن مالڪ خلقيو آهي، تنهن جي وس کان ٻاهر ٿي نه ٿا سگهن. ڇو جو هر ڪم جي ٿيڻ لاءِ کيس فقط ارادو ئي ڪرڻو آهي ۽ اهو ڪم ٿي وڃي ٿو.
انسان کي گهرجي ته جڏهن کيس ڪا مشڪل اچي يا سوڙهه پويس ته يڪدم ان مشڪل ڪشا ۽ مالڪ جي در ڏانهن ڀڄي، ڇو جو اهو ڪم، مالڪ لاءِ تمام آسان آهي.
مطلب: ۱. جيڪو ڪم ٻانهي کي اهنجو لڳو، سو ڌڻيءَ اڳيان سهنجو آهي.
۲. اي دل تو فکر مت ڪر، تيرا خدا بهي هي،
مشکل پڙي تو کيا هي، مشکل کشا بهي هي. (اردو)
۳. اڙي هيانءَ تون ڳڻتي نه ڪر! تنهنجو ڌڻي به آهي،
اوکي پئي ته ڇا ٿيو؟ آسان ڪندڙ به آهي. (ترجمو)

160- جاتي پاڻي، تاتي پاڻ. (چوڻي)
هڪڙي بادشاهه پنهنجي ٻن اميرن تي ڌار ڌار تڪليف رکي. کين حڪم ڪيائين؛ “سڀني شين جو ٻج کڻي آڻي ڏيو.”
هڪڙو امير، حڪم بجا آوري ڪرڻ لاءِ، شين جا ٻج ڳولڻ لاءِ وتيو ملڪ گهمندو ۽ جڏهن ته ٻئي امير، پاڻيءَ جو ڪٽورو ڀري آڻي بادشاهه جي اڳيان جهليو. بادشاهه کانئس پڇيو؛ “اسان توکي مڙني شين جا ٻج آڻڻ لاءِ چيو هيو. تو هيءُ ڇا پيش ڪيو آهي.”
“قبلا!” امير آداب بجا آڻيندي عرض ڪيو؛ “پاڻي ئي سڀني شين جو ٻج آهي.”
“بيشڪ سڄيءَ دنيا جو جياپو پاڻيءَ تي آهي.” بادشاهه سندس ڳالهه ۽ عقل کي پسند فرمائيندي چيو؛ “جنهن ڌرتيءَ تي پاڻي آهي، تنهن تي وسندي آهي.”
مطلب: ۱. جتي پاڻي آهي، تتي ڪر ڌڻي پاڻ آهي.
۲. پاڻيءَ تي حياتي، پاڻيءَ بنا سڃ آهي.

161- جاتي پڄي نه سگهجي، تاتي ڀڄڻ ڪم وريام جو. (پهاڪو)
وريام؛ سورهيه.
پاڻان ڏاڍي سان جهيڙو نه اٽڪائجي. جيڪڏهن اهو پاڻ اچي ڳنڍي ۽ ساڻس پڄي نه سگهجي ته اتي مڙسي اها آهي جو پنهنجي جان بچائي ڀڄي وڃجي. نه ڀڄبو ته جان وڃڻ جو خطرو آهي. جيڪو پنھنجي جان نه بچائي سگهي سو به بزدل ۽ ڪمزور آهي، کيس سورهيه ڪين ڄاڻبو.
مطلب: ۱. زمانو جيڪڏهن تنهنجي مرضيءَ موجب نه ٿو هلي ته پوءِ تون ساڻس زور نه هلاءِ. ائين ڪرڻ سان هلاڪ ٿي ويندين. حڪمت انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته پاڻ کي حالتن سارو بدلاءِ ۽ زماني جي مرضيءَ سارو هل.
۲. گر زمانه نسازد، تو زمانه بساز. (فارسي)
۳. جيڪڏهن زمانو تو سان نه ٺهي، ته تون ساڻس ٺهه. (ترجمو)
۳. ز خورشيد پنهان شود بوم کور،
که جهل است با آهنين پنجہ زور. (فارسي)
۵. سج کان چٻ انڌي لڪي رهي،
جو لوهي چنبي واري سان زور لائڻ ڏاڍائي آهي. (ترجمو)

162- جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ. (پهاڪو)
کير، ڀاڳين جي گهر ۾ لڀندو آهي. يا پئسي وارا وٺي پيئندا آهن. جن وٽ اهڙي اوچي شيءِ واپرائڻ لاءِ ھڪي حاضر هجي، تن وٽ منجهس گڏڻ لاءِ پڻ کنڊ/ مصريءَ جهڙو عمدو مٺاڻ پڻ حاضر هوندو. هونئن به کير جو مٺاڻ سان ذائقو پڻ اور ٿي پوندو آهي.
جهڻ يا لسي، سادي وٿُ آهي. امير، کير مان مکڻ ڪڍڻ بعد کيس وافر سمجهي، غريب غربي کي به ڏئي ڇڏيندا آھن. جن غريبن وٽ، لوڻ ذرو به گهر ۾ مس هجي، سي به لسي وٺي ضرور پي سگهندا آهن. هونئن به لسيءَ جو ذائقو آهي ئي لوڻ سان.
مطلب: ۱. هڪڙن وٽ دولت به جهجهي ۽ اولاد به سڌريل،
هڪڙن وٽ سڃائي ۽ اولاد به اڌريل.
۲. اڪنان دي گهر پُٽَ پُٽان دي پوتي،
اڪنان دي گهر نُهان نهان دي دوتي،
اڪنان دي گهر اڪ سو بي جاءِ مَر،
ڪون آکي صاحب نون؛ يون نان يون ڪر. (بجيدا، ساڌ)
۳. هڪڙن جي گهر ۾ پُٽ، پٽن جا پوٽا،
هڪڙن جي گهر ۾ نُهر، نُهرن جا ڏوهٽا،
هڪڙن جي گهر ۾ هڪڙو پٽ سو به مري،
ڪير چوي ڌڻيءَ کي؛ “هيئن نه هونئن ڪر!” (ارٿ)

163- جاتي وڻ ناهي، تاتي ڪانڊيرو به درخت. (پهاڪو)
ڌرتيءَ تي انساني آبادڪاريءَ کي قائم رکڻ لاءِ، ٽن قسمن جي مخلوقات؛ حيوانات، نباتات ۽ جمادات کي پڻ وجود ڏئي رکيو ويو آهي. نباتات، خوراڪ کان علاوه ٻين به ڪارجن طور ڪتب اچي. جهڙوڪ؛ دوا، هٿيار، فرنيچر وغيره.
وڻ اهڙي شيءِ آهي، جنهن مان هٿيار ۽ فرنيچر کان علاوه ڇانءَ جو ڪم به حاصل ڪبو آهي. ڪا به وسندي وڻ کان خالي ناهي. وڻ قدرت جي نعمت آهي. جن علائقن ۾ ڇانودار وڻ ناهي، اتي ڪانڊيري جهڙي ٻوٽي جي ڇانءَ ۾ به ڪي پسون پسڻ گذارو ڪن ۽ ان کي ئي وڏو وڻ سمجهن.
مطلب: ۱. وڏي دولتمند کي جيڪا دولت ٿوري ڏسڻ ۾ اچي ٿي سا اڻ هوند واري ماڻهوءَ کي گهڻي ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
۲. هر که را دستگاه و قدرت نيست،
شلغم پخته مُرغ بريسان ست. (فارسي)
۳. جنهن کي طاقت ۽ هوند نه آهي،
تنهن لاءِ رڌل گوگڙو به ڀُڳل پکيءَ وانگر آهي. (ترجمو)

164- جاڏي وڃي واگهو، تاڏي پاڻي تانگهو. (پهاڪو)
واگهو: واڳون، مانگر مڇ، پاڻيءَ ۾ رهڻ وارو وڏو جانور، جيڪو تانگهي ۾ ڏکيو گذاري ۽ شڪارين جي نظر کان به نه بچي سگهي.
هڪڙي ماڻهوءَ کي ڏاڍي اڃ لڳي. لوٽي ۽ رسو کڻي، پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪري پيو. جڏهن هڪڙي کوهه جي مٿان پهتو ته ڏٺائين کوهه جو پاڻي سُڪي ويو آهي، تنهنڪري ڀڳو ٻئي کوهه تي. پاڻي ڀرڻ لاءِ رسي ۾ لوٽي ٻڌي کوهه ۾ لڙڪايائين. رسو ننڍو ٿي پيو. لوٽي پاڻيءَ کي نه پهتي، جنهن ڪري پاڻي مٿي کڄي نه سگهيو. بيوس ٿي اتان ڀڳو ٽئين کوهه تي. تڪڙ ۽ اٻهرائپ مان لوٽي کوهه ۾ گهيڙيائين ته سٽ تي رسو ٽُٽي پيو ۽ لوٽي وڃي پاڻيءَ ۾ ڌُو ڪري ڪِري.
مطلب: ۱. نڀاڳو ماڻهو جاتي ويندو، تاتي سک ڪين لهندو.
۲. لونگ چڙهي گاڏيءَ تي ته گاڏي ليٽ، چڙهي ٻيڙيءَ تي ته ٻيڙي ڌوپڻ وڃي.
۳. نڀاڳي کي نڪهير اچي مانيءَ تي.

165- جاڏي ويهي جهار، تاڏي ڳوڙهو نه هڻي. (ورجيس)
هاري يا ڪانگ-تڙيا، پوک ۾ جيڏانهن جهار/ ٻلا/ پکي ويٺل ڏسن، تيڏانهن کانڀاڻي ڦيرائي ڳوڙهو هڻن يا گليل سان گليلو چُٽي کين اٿارين. جيڪو هاري/ ڪانگ-تڙيو، جهار کي تڙڻ بدران ٻئي پاسي ڌيان ڪندو ۽ ڳوڙها اوڏانھن هڻندو ته پوءِ سندس عقل تي فقط کلي ئي سگهجي ٿو.
هڪڙي شخص کي واٽ تي چورن ڦري، فقط ڪانئچ ۾ ڇڏي ڏنو. جڏهن ڳوٺ جي ويجهو پهتو ته مٿي اگهاڙو ڳوٺ ۾ گهڙڻ مناسب نه ڄاڻي، ڪانئچ لاهي مٿي تي ٻڌائين. اهڙو ڀوڪ جو مٿي جي اگهاڙي ٿيڻ واري عيب کي سڄي جسم جي اگهاڙي ٿيڻ واري عيب کان واڌو ڄاتائين.
مطلب: ۱. جڳائيندي ۽ اڻ جڳائيندي ڪم ۾ ڦير رکڻ، سياڻپ آهي.
۲. پير ۾ ڪرهن واري کي، ڪياڙي کنهڻ نه گهرجي.

166- جاسين ڍائو مٿو کنهي، تاسين بکئي جو مٿو وڃي. (پهاڪو)
مٿو کنهڻ؛ نخرو ڪرڻ.
مٿو وڃڻ؛ سر وڃڻ، مري وڃڻ.
هڪڙي ماڻهوءَ کي اوچتي ڪا اهڙي ڏوار/ بيماري ٿئي، جيڪا ڇڙڇوٽ/ ترت دوا ملڻ ڌاران/ ملڻ کانسواءِ نه لهيس ۽ مرڻ جو ڊپ هجيس. طبيب ڏي ماڻهو وڃي، سو بي پرواھيءَ کان اچڻ ۾، ويرم لائي، يا اهڙي دوا ڏئي جا ڏهه ويهه ڪوهه پنڌ کان اوري نه لڀي. جڏهن ته اها دوا هٿ ڪرڻ لاءِ مٽن عزيزن وٽ، وهٽ يا سواري به نه هجي. اهڙي حالت ۾ بيمار جو حال ڪهڙو هوندو؟
مطلب: ۱. سکيي جي نخري سان، بکيي جو ارواح ئي کڄي ويندو آهي.
۲. تا ترياق از عراق آورده شود،
مار گزيده مرده شود. (فارسي)
۳. جاسين عراق مان ترياق پهچي،
تاسين نانگ جو ڏنگيل مري وڃي. (ترجمو)

167- جاسين للو لٺ کڻي، تاسين ڪرهه وساڻي. (پهاڪو)
للو؛ سست ماڻهوءَ جو نالو.
ڪرهه؛ جهيڙو.
الف: هڪڙي دفعي للوءَ جي ڀاءُ سان، هڪڙي ماڻهوءَ جهيڙو ڪيو. اها ڳالهه ٻڌي للو اٿيو ۽ ڀاءُ جي واهر لاءِ لٺ کڻڻ لاءِ ٿڙيو ٿڦڙيو. سستيءَ مان، اٻهر ڪري اٿيو ته کيس لٺ لڀي ئي نه. ڪيڏيءَ مهل هن شيءِ ۾ پيو وچڙي ته ڪيڏيءَ مهل هُن سان پيو مٿو لڳيس. کيس لٺ ڳولڻ ۾ ايڏي دير ٿي جو اڳلو شخص، ڀاڻس کي ڪٽڪو ڏيون، پنهنجي ماڳ به وڃي پهتو.
ب: هڪڙو شخص پٽ ساڻ ڪيو، واٽ سان ويو پئي. سندن مقام وٽان لنگهڻ ٿيو. مقام جي پاسي کان وڻراهه ۽ ٿڌي ڇانءَ ڏٺائون، جيڪا ان شخص کي ڏاڍي وڻي. جنهن تي پٽ کي چيائين؛ “جڏهن آئون مران ته منهنجو مڙهه هن ٿڌڪار واري هنڌ پورجانءِ.”
ٿورن ڏينهن کانپوءِ پٽس وري اتان لنگهيو. اتي ٻيو ميٿ پوربو ڏٺائين. اها ڏٺل ڳالهه ۽ پڻس واري ڪيل ڳالهه، گڏي اچي ماءُ کي ٻڌايائين. جنهن تي ماڻس چيس؛ “اڙي ابا! اسان سدائين مُٺا ته پڻهين جي انهيءَ آرس سبب آهيون، جو اڄ قبر به ٻيا والاريون ٿا وڃنس.”
مطلب: ۱. مڙس جو آرس، پنهنجي زال کي نه ٿو وڻي ته پوءِ ٻين کي ڪھڙو وڻندو؟
۲. جيسين لولو کڻي لٺ، تيسين چور ڪري ٺٺ.
۳. جيسين عراق کان ترياق اچي، تيسين نانگ ڏنگيل مري وڃي.
۴. جيسين نو مڻ تيل نه ايندو، تيسين راڌا نه نچندي.

168- جا مڙسي مڙسن ۾، سا ماريي ۾ ناھ. (ورجيس)
ماريو؛ مڙس کي سڏڻ جو نالو. ٻهراڙيءَ جون ڪراڙيون زالون، مڙس جو نالو وٺڻ بدران ائين چون. يا ڪنهن ٻار جي حرڪت تي کيس ائين سڏين.
ڪراڙي مڙس ۾، مڙساڻا اکر نه ڏسڻ سبب يا ڪو ڪارنامو سر-انجام نه ڏيڻ سبب، ڪراڙيون زالون طعني طور سندس لاءِ ائين دل جي باهه هارين.
جنهن ۾ ڌڻيءَ کي حاصل ڪرڻ جي مڙسي ناهي، سو دنيا جو گهورائو آهي. کيس مڙس نه بلڪ کدڙو ڄاڻبو ۽ کدڙن جي قطار ۾ شمار ڪبو. کيس به پاڻ کي مڙسن جي قطار ۾ نه ڳڻڻ گهرجي.
مطلب: ۱. جنهن مڙسيءَ سان ڌڻيءَ کي پهچجي سا گانڊوءَ/ بي وقوف ۾ نه هوندي آهي.
۲. مردانِ خدا خدا نباشد، ليکن ز خدا جُدا نباشد. (فارسي)
۳. ڌڻيءَ جا مرد ڌڻي نه آهن، پر ڌڻيءَ کان ڌار/ پري به ناهن. (ترجمو)
۴. طالب الموليٰ مذڪر، طالب الدنيا مخنس. (عربي)
۵. ڌڻيءَ جو ڳولو مڙس، دنيا جو ڳولو کدڙو. (ترجمو)
۶. محاسن چو مردان نداري بدست
نه مردي بود پيش مردان نشست. (فارسي)
۷. مڙسن واريون چڱايون جي پاڻ ۾ نه سارين،
ته مڙسن وٽ ويهڻ مڙسي نه آهي. (ترجمو)

169- جبل سان مٿو هنئي، نيٺ مٿو ڀڄي. (پهاڪو)
جبل سان مٿو هڻڻ؛ پاڻ ڏاڍي سان وڙهڻ.
ڪي ارڏا مڙس، جهيڙي جھٽي ۾، ڪن ڪمزور ماڻهن کي ڍڳن وانگر مٿي جا ٽڪر هڻي زخمي ڪندا آهن. اھڙن ماڻھن جو مٿو سخت ڀلي ھجي پر جبل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سخت نه ھوندو آھي. ڇو جو ھر شيءِ پنھنجي وت ۽ ساخت آھر سخت ۽ ڏاڍي ھوندي آھي. انساني مٿي جي ڀيٽ ۾ جبل، اڻ-ٽر ۽ سخت آھي. ماڻھوءَ جو مٿو ان جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ۽ نستو آھي. ھاڻي جي ماڻھو بيوقوفي ڪري جبل سان وڃي مٿو ٽڪرائيندو ته سندس مٿو ئي ڏرندو.
مطلب: ۱. پاڻان ڏاڍي سان جيڪو وڙهندو سو پنهنجو نقصان ڪرائيندو.
۲. زود بيني شکسته پيشاني،
تو که بازي بسر کني با قوج. (فارسي)
۳. سگهو پنهنجو نرڙ ڀڳل ڏسندين،
تون جي دنبي سان ٽڪرين راند ڪندين. (ترجمو)

170- جڏهن ٻوجھا ٿي سبيا، تڏهن اٺ ٿي رڙيا. (پهاڪو)
ٻوجھا؛ ٻورا، برڪيون، اٺن تي بار لڏڻ لاءِ ڳوڻ مان جڙيل وڏا ڳوٿرا. ٻورو گڏھ تي رکبو آھي ۽ ٻوجھو اٺ تي لڏبو آھي.
جڏهن ڪپهه ججهي تعداد ۾ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، اٺن ذريعي منتقل ڪرڻي هوندي آهي، تڏھن وڏين برڪين ۾ ڀري، پلاڻبي آهي. وري جڏهن بهه ججهي تعداد ۾ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻو هوندو آهي، تڏھن وڏن ٻوجهن ۾ ڀري، لڏبو آهي. انهن بارن کي ڍوئڻ لاءِ به وڏا وهٽ استعمال ڪبا آهن. جيڪي پٺيءَ پلاڻي کڻي سگهن ۽ پنڌ به پٽي هلن. بار ڍوئيندڙ وهٽن مان اٺ اهڙو وهٽ آهي، جيڪو اڃ بک تي، وڏو وزن کڻي، وڏو پنڌ جهاڳي ويندو آهي. ٻه برڪيون يا ٻه ٻوجھا، ھڪڙو اٺ جي ھڪ پاسي ته ٻيو ٻئي پاسي، لڏبا آھن.
جڏهن وس کان وڌيڪ وزن، ٻوجهن ۾ ڀريو پئي ويو ته اٺن ڄاتو پئي ته نيٺ کين ئي کڻڻو آهي، تنهن ڪري ان وقت ئي رڙيا پئي. ڇو جو کين اڻانگي پنڌ ۽ ڳؤري وزن وارا سور سجهيا پئي.
مطلب: ۱. هر ڪم ۾ پڇاڙيءَ جي ڳڻتي ڪرڻ چڱي آهي.
۲. گڏهه کي شاديءَ جو دعوتنامو مليو ته چيائين؛ “سمجهي ويس، اتي پاڻي ڍوئڻو آهي.”
۳. آخر هر گريه ما خنده، مرد آخر بين مبارڪ بنده. (فارسي/ نظام الدين)
۴. اسان جي روئڻ جو اوڙڪ انت کلڻ آهي،
اوڙڪ/ پڇاڙي نهارڻ وارو، برڪت وارو آهي. (ترجمو)

171- جڏهن ڏند هئا، تڏهن حلوو نه هو،
جڏهن حلوو آهي، تڏهن ڏند نه آهن. (پهاڪو)
حلوو جيتوڻيڪ، ڪنئري ۽ نرم، مٺي ۽ سڻڀي شيءِ آهي. جيڪا ڏندن بنا پڻ کائي سگهجي، رڳو ڳيت ڏيڻ جي دير آهي. انهيءَ هوندي به ڏندن سان چٻڻ کان سواءِ منجهانئس اهو حلوي وارو سواد نه اچي.
جڏهن ڏند هئا ۽ جن سان حلوي جو سواد حاصل ڪري سگهجي پيو، تڏهن قسمت سارو حلوو موجود نه هيو. پيريءَ ۾ جڏهن ڏند ڀڄي پيا ۽ آنڊن ۾ هضم ڪرڻ جي طاقت پڻ نه رهي، تڏهن چاٻو حلوو کائڻ لاءِ ملي ته عجيب قسم جي حسرت ئي رهجي ويندي آهي.
مطلب: ۱. جوانيءَ ۾ محنت ٿي سگهي پئي پر جوانيءَ جي انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي نه مالڪ ياد آيو نه موت. تنهنڪري عبادت نه ڪيائين.
پيريءَ ۾ هڏ پورا ۽ محنت ٿئي ڪا نه. هاڻي موت اکين سان ڏسي ڌڻي ته ياد پيو ۽ عبادت لاءِ دل به گهري ٿي پر محنت وارو جسم نه رهيو. اهڙيءَ حالت ۾ فقط ارمان ئي ڪري سگهجي ٿو.
۲. پنج پهر ڌنڌي وچ گئي، تين گنوائي سوءِ،
ايڪ گهڙي هر نا ڀڄو، ڪُسل ڪهان تي هوءِ؟ (سائين لوڪ)
۳. پنج پهر ڌنڌي ۾ ويا، ٽي پهر ننڊ ۾ وڃايئي،
گهڙي به ڌڻيءَ کي ياد نه ڪيئي، خير ڪٿان ٿيندءِ. (ارٿ)

172- جر نئيس، جيڏي نه نئينس. (ورجيس)
هڪڙيءَ عورت درياءَ جي ڀر تان هڪڙو مڇيءَ جو ڏنڀرو/ ڪرڙو لڌو. اوچتو پريان سندس سهيلي اچي سهڙي. تنهن ان ڪرڙي تي پنهنجي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪئي. ٻنهي ۾ چڱو خاصو بحث هليو. چڱي دير تون تون ۽ مان مان ڪرڻ کان پوءِ، پهرينءَ عورت بيٺي بيٺي ڏنڀرو ئي کڻي درياهه ۾ اڇليو ۽ چوڻ لڳي؛ “مون کي نه ته توکي به نه. ڀلي وڃي جَرَ ۾ پوي پر جيڏيءَ سرتيءَ ڪاڻ جهيڙي جو سبب نه بڻجي.”
مطلب: ۱. تڪراري ماڻهو، پاڻ کان به وٿ وڃائي ته سنگت کي به نه سهي.
۲. ٻڏو سهڻ، ڏنو نه سهسائڻ.

173- جڙيءَ کي جس. (چوڻي)
جڙي: جڙڻ، ٺهي پوڻ، پاڻمرادو جڙي پوڻ.
جس: شاباس، مُجرا.
جيڪو ماڻهو ٺهي هلي يا پاڻمرادو ڪم ڪري، تنهن کي شاباس ته ڏجي پر سندس ٿورو پڻ مڃجي. ڇو جو پاڻ-مرادو، ٻئي سان خير خواهي ڪرڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. جيڪڏهن ڪو ڪري ٿو ته پوءِ شاباس جو حقدار ضرور آهي.
مطلب: ۱. جيڪي ڌڻيءَ جي پاران جُڙي اچي، تنهن کي شاباس ڏجي ۽ شڪر سان هنڍائجي.
۲. يٿا لاڀُ، سنتُشٽُ. (سنسڪرت)
۳. جيڪي ملي تنھن تي خوش رھجي. (ارٿ)
۴. بخور هر چه آيد ز دستِ حبيب،
نه بيمار دانا تر است از طبيب. (فارسي)
۵. جيڪي سڄڻ هٿان ملي سو کاءُ،
بيمار، طبيب کان سياڻو ناهي. (ترجمو)
۶. آئي ڪون روچي جان، گئي ڪون بلا. (هندي)
۷. جيڪي (پاڻ-مرادو) اچي، تنهن کي رزق ڄاڻ،
جيڪو (ٽري) وڃي، تنهن کي بلا سمجهه. (ارٿ)

174- جڳ مڙيوئي جوئا بازي، ڪن کٽي ڪن هاري. (پهاڪو)
دنيا ۾ هر ڪو مقرر وقت لاءِ آيو آهي. کيس مقرر انداز مطابق جسم ۽ طاقت، ڌن ۽ دولت ميسر اچن ٿا. اهي دنيا ۾ صرف ڪري، کيس آخرت سنوارڻي آهي. جن چڱا ڪم ڪيا، نيڪ راهه تي هليا ۽ ڌڻيءَ کي ياد ڪيائون، تن جنت ڪمائي، سي ڄڻ کٽي ويا. جن پنهنجو وقت، پئسو ۽ جان غلط ڪمن ۾ لڳايو، ڌڻيءَ کي وساريائون ۽ کيس ناراض ڪري جهنم ڪمايو، تن ڄڻ هارايو.
جوئا جي ٽڪريءَ تي پڻ ائين ٿئي ٿو. هرڪو پئسو، وقت جان کڻي اچي حاضر ٿئي ٿو. رات پيٽ ۾ جوئا هلي ٿي. صبح جو هڪڙا هارائي اٿن ٿا ته هڪڙا کٽي خوش ٿين ٿا.
مطلب: ۱. کٽين توڙي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ،
پاڻان چوندئي پيءُ، ڀري جام جنت جو.
۲. جڳ مڙيوئي سپنو.
۳. جڳ مڙيوئي بازيگر جي بازي.

175- جن جي پليءَ ۾ داڻا، تن جا چريا به سياڻا. (چوڻي/ پهاڪو)
پلي: انّ سانڍڻ لاءِ گنديءَ نما جاءِ. ٽوئن ۽ پڃرن منجهان ٺهيل گندي، جيڪا ڳوٺن جا ماڻهو گهرن اندر اڏين يا ڪچي جا ماڻھو بندن تي اڏين.
داڻا: ان جا داڻا، ان جو انبار.
بنيادي طور تي معيشت جو ايڪو زراعت تي منحصر آهي. معيشت جي اثاث، وري جنس يا اناج آهي. جنهن وٽ اناج ججهي تعداد ۾ آهي، ان جو ڪڏهن به هٿ نه منجهندو. ڇو جو اَنُّ اهڙي وٿ آهي، جنهن جو هر وقت، هر جاءِ/ هر ملڪ ۾ مان/ قدر آهي. جيڏيءَ مهل چاهبو مَٽي/ مٽائي سگهبو ۽ پنهنجي ضرورت پوري ڪري سگهبي. ان لحاظ کان اناج وارو ماڻهو، شاهوڪار/ دولتمند آهي. جڏهن ته دولتمند ڀلي چريو هجي پر ڪير به کيس چريو ڪين سڏيندو. هٿائين سياڻو هجڻ جو نمونو (Sample) ئي پاڻ هوندو.
مطلب: ۱. دولت وارو ماڻهو، جهڙو تهڙو به، وڏو ماڻهو پيو ڳڻبو.
۲. ان پلي، ذات ڀلي.

176- جنڊ به وار، بٺ به وار. (پهاڪو)
(الف) جنڊ، ان پيهي اٽو ڪرڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي، جنهن کي ڪاهڻ ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي. جيڪڏهن گهر ۾ ٽي چار عورتون آهن، سي اگر واري وٽيءَ سان ڪاهينديون يعني هڪ ڏينهن هڪڙي ۽ ٻئي ڏينهن ٻي ته گهر جو گاڏو هلندو. ٻي صورت ۾ چلهه ئي ڪا نه ٻرندي.
اهڙيءَ طرح دانگي ماني ڪرڻ به ڏکيرڙو ڪم آهي. گهر جون عورتون واري وٽيءَ تي ورهائي ڪنديون ته گڏيل ڪُني ماني هلي سگهندي ور نه ته گهر مان گهر گهڻا ٿي پوندا.
(ب) پرائي جنڊ تي، جيڪي اٽو پيهڻ اينديون، سي جڏهن جيڪا پهتي، تڏهن کيس وارو ملندو. اڳي پهتل کي اڳي ۽ پوءِ پهتل کي پوءِ. اهڙيءَ طرح ڦلا ڀُڃائڻ لاءِ، بٺ تي پڻ ائين ٿيندو آهي.
مطلب: ۱. دنيا جو هر ڪم، ونڊ ورهاست سان نبرندو.
۲. دنيا مان ونهيون توڙي ولهو، ڏينهين پُني هليو ويندو.
۳. دؤر مجنون گذشت، نوبت ما ست،
هر کسي پنج روز نوبت او ست. (خواجه حافظ)
۴. مجنونءَ جو وارو لنگهيو، اسان جو وارو آهي،
سڀ ڪنهن کي پنجن ڏهاڙن جو وارو آهي. (ترجمو)

177- جنهن جو ڪم، سو ئي ڪري،
ٻيو ڪري، گهاٽو ڀري. (چوڻي)
دنيا جو ڪو به ڪم، سو سرانجام ڏئي سگهندو، جنهن کي ان ڪم بابت تجربو ۽ ڏانءُ، ان ڪم سان شوق ۽ مطلب هوندو. اڻ آزمايل ۽ سيکڙاٽ، ناتجربيڪار ۽ بي دليو، لاپرواھ ۽ بي غرض ماڻهو، ڪو به ڪم اُڪلائي نه سگهندو. شروع ڪندو ته اڌ ۾ ئي رلائي هليو ويندو. پاڻ کي به هلاڪ ڪندو ۽ جنهن جو ڪم آهي تنهن کي به حرجي ڪندو.
مطلب: ۱. سوناري جو ڪم، لوهار ڪندو ته کاريندو.
۲. واڍي جو ڪم، ڪنڀار ڪندو ته کاريندو.
۳. جسڪا ڪام اس ڪو ساجهي، اور ڪري تو ڍينگا باجي.

178- جنهن جي واٽ نه وڃجي،
تنهن جو پنڌ نه پڇجي. (چوڻي)
دنيا ۾ ماڻهوءَ کي عمر، وسيلا ۽ طاقت ٿوري انداز ۾ ڏنا ويا آهن. هر حال ۾ سندس اها خواهش رهندي آهي ته ٿوري وقت، پئسي ۽ قوت خرچڻ سان، گهڻا مطلب ۽ مفاد حاصل ڪيان. ان لاءِ ضروري آهي ته وقت ۽ وسيلن جي، حالات واقعات سارو ورڇ ڪجي. هڪدم گهڻن ڪمن ۾ هٿ نه وجهي. چڱيءَ طرح سان نبري نه سگهندا. بلڪ ڏاهپ سان ڪم شروع ڪجن.
جن ڪمن ۾ پنهنجو پروجن/ مطلب نه هجي، تن جي ڳالهه به نه ڪجي. ڌيان اوڏانهن ڪرڻ سان، پنهنجي فائدي يا مطلب وارا ڪم، سيڙجي کري ويندا.
مطلب: ۱. بنا پروجن ڀول هُون ٺٽئي ناهه ٺاٽ،
جانو نهين جا نگر ۾، تانڪي پوڇ نه باٽ. (هندي)
۲. مطلب ڌاران ڀلجي به ڪا رِٿ نه رٿجي،
جنهن شهر ڏانهن وڃڻو نه هجي، تنهن جي واٽ به نه پڇجي. (ارٿ)

179- جنهن جي ويلا، تنهن جي رکيا. (چوڻي)
ويلا: وقت، ٽاڻو، حڪمراني.
رکيا: پناهه، حڪم جي بجا آوري.
جنهن ماڻهوءَ کي رب پاڪ، عزت ۽ شان بخشيا آهن ۽ عام ماڻهن مٿان حڪمراني ڪرڻ لاءِ قوت بخشي اٿائينس، تنهن جي عزت ڪرڻ جڳائي. احترام ۽ ادب سان، سندس ڇانءَ ۾ وقت گذارجي. نه ساڻس اُچائجي ۽ نه ئي ساٿ ڇڏي، ڪنهن ڪمزور سان وڃي ملجي.
مير صاحبن جي راڄ ۾ چورن لاءِ ڦاهو يا انگ ڀُنگ هيو ته چور وغيره ڪاٽي/ ڀري پار پوندا هيا. انگريز حڪومت جي وقت چور لاءِ گوليءَ جو حڪم هيو، جنهن سبب امن امان هيو ۽ چور چوريءَ کان لهرائيندو هيو. سياڻا ماڻهو سلطنت جو رواج ڏسي، جوڳي چلت رکندا هيا.
مطلب: ۱. جنهن جو وقت، تنهنجي پناهه.
۲. جنهن جي سلطنت، تنهنجي شرع.
۳. جنهن جو راڄ، تنهنجو رگليشن.
۴. سلطان المسلم ظل الله، اکرمة اکرمہ الله، اهانہ اهانہ الله.
۵. مسلمانن جو حاڪم، الله جو پاڇي، سندس اڪرام رب جو اڪرام، سندس توهين، رب جي توهين.

180- جنهن ساس ڏنو آهي، سو گراس به ڏيندو. (چوڻي)
گراس: گراهه، نوالو.
ساس: ساهه، حياتي.
الله سائينءَ ساري مخلوق پيدا ڪئي آهي. حيوانات، نباتات ۽ جمادات وغيره سندس اپايل آهن. هن جهان ۾ هر هڪ کي حساب ڪتاب سان، پنهنجي واري تي موڪليو اٿائين. ان سان گڏوگڏ روزي رزق جو بندوبست پڻ ڪيو اٿائين.
هر ساهدار جي نشو نما يا واڌ ويجهه، کاڌ خوراڪ تي انحصار رکي ٿي. اها جهان ۾ اڳواٽ رکي وئي آهي. جيستائين نصيب جا داڻا ڪڻا جهان ۾ آهن، تيستائين سريءَ ۾ ساهه اٽڪيل هوندو. جڏهن پورا ٿيا ته ساهه به پورو ٿيندو.
مطلب: ۱. جنهن ڌڻيءَ ساهه وڌو آهي، تنهن ٿرن ۽ برن، بحرن ۽ پهاڙن ۾ روزيءَ رزق جو بندوبست پڻ ڪري ڇڏيو آهي.
۲. بي مگس هرگز نماند عنکبوت
رزق را روزي رسان پَر ميدهد. (فارسي)
۳. ماکيءَ جي مک ڌاران، ڪوريئڙو ڪين گذاري سگهي،
رزق کي رازق، کنڀڙاٽيون ٿو ڏئي. (ترجمو)

181- جنهن ڪاڻ اڳي هلي بيهجي،
تنهن سان گڏيو ڇو نه هلجي. (پهاڪو)
ٻه ڄڻا؛ زيد ۽ عَمرو جيڪڏهن گڏجي ڪنهن واپار سانگي سفر تي اُسهن ۽ ڀائيواريءَ-گڏيل ناڻي/ موڙيءَ جي همياڻي، عمرو جي بيٺ/ چيلهه سان ٻڌل هجي، ان صورت ۾ زيد تڪڙو نڪري وڃي ته ٺيڪ ناهي. ڇو جو ڪوهه اڌ اڳتي نڪري وڃڻ کان پوءِ، کيس عمرو جي ڀڄي يا لڪي وڃڻ جي ڳڻتي ورائي ته لازمًا بيهي انتظار ڪندو. اڳيان اڪيلو هلي بيهي انتطار ڪرڻ ۽ شڪ جي آويءَ ۾ ٻرڻ کان بهتر هيس ته عمرو سان ساڻ سفر ڪري ها. ڇو جو تڪڙي هلڻ، کيس وقت جي صرفي جو ته فائدو ڪو نه ڏنو، هٿائين ڳڻتين ۾ وجهي ڇڏيائنس.
مطلب: ۱. جنهن ڪم مان نيٺ پڇتاءَ جو ڊپ هجي، سو پهريائين سمجهي ڪجي ته بهتر آهي.
۲. چرا عاقل کند کار که باز آيد پشيماني؟ (فارسي)
۳. ڇا لاءِ سياڻو اهو ڪم ڪري، جنهن سان نيٺ پڇتائي؟ (ترجمو)

182- جنهن کي ساهه کنئي ڪل ڪا نه پوي،
تنهن سان سور ڪيهو سلجي؟ (چوڻي/ پهاڪو)
دنيا ۾ ماڻهوءَ کي ٻن قسمن جا اهنج ٿي سگهن ٿا. هڪڙا جسماني، جن جو علاج طبيب وٽان ملي. ٻيا ذهني/ روحاني، جن جي علاج جو ڏس پنڌ رمز-دان يا الله لوڪ بزرگن وٽان ملي. کين پنهنجي اندر جي ڪيفيت کان آگاهه ڪبو ته نبض جاچي، حالات واقعات کي سمجهي، ترت جوڳو علاج ڏسيندا.
ان جي برعڪس جيڪو ماڻهو، پاڻ مريض آهي يا اهنجن ۾ ڦاٿل آهي يا پنهنجي حال کان به غافل آهي، تنهن کي پنهنجو سور سلبو ته ڪهڙو علاج ڏسيندو؟ ساڻس سور ڳرهڻ به سور پرائڻ جي مترادف آهي. تنهنڪري اهڙي ماڻهوءَ سان راز نه کولجي ته بهتر.
مطلب: ۱. سڄاڻ ماڻهوءَ ڌاران، ٻئي سان حال نه ڳرهجي.
۲. اڄاڻ سان حال اورڻ مان فائدي بجاءِ نقصان رسي ٿو.
۳. جيڪو سنڌي ڪين سمجهي، تنهن سان هندي ڪين هلجي.

183- جنهين جي هيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿئي،
تنهين تي ٻيهار، سچيءَ ساک نه وسهجي. (پهاڪو)
هڪڙي ڌراڙ ڇوڪر، جهنگ ۾ رڍون چاريندي، بيک ڪري دانهون ڪيون؛ “شينهن ڙي شينهن!”
سندس رڙين ڪوڪن تي، اوسي پاسي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هاري ناري، لٺيون ڌڪا کڻي، سندس مدد لاءِ اچي پهتا. کين شينهن نظر ڪو نه آيو. پڇڻ تي کين ٻڌايائين؛ “ڪوڙ ٿي ڪيم!” جنهن تي ويچارا پنهنجي ڪم جي سيڙاپي جو ويسورو کائي ۽ سور پي موٽي ويا.
هڪڙي ڏيهاڙي، سچ پچ شينهن اچي ڌڻ ۾ پيس. تڏهن وٺي رڙيون ڪوڪون ڪري ٻاڪاريائين. ٻاڪاري ٻاڪاري ٿڪو پر ڪا پهر ڪا نه آيس. ماڻهن سمجهيو ته اهو سدائين پيو بيک/ مڪر ڪندو آهي. اڄ به ساڳيو ناٽڪ ڪيو هوندائين. ايستائين شينهن به رڍن جي ڌڻ کي ڊيڙائي/ ڀڄائي ۽ چڪي ناس ڪري ڇڏيس.
مطلب: ۱. هڪڙو دفعو ڪوڙ ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ته ٻيهر ڪير به اعتبار نه ڪندو آهي.
۲. ڪوڙ ڳالهائيندڙ، بي اعتبار هوندو آهي.

184- جنهين سندي مَنهين، تنهين سندو آچار. (پهاڪو)
مَنهين؛ منهه هيٺ، اوتاري ۾، اوطاق منجهه.
ڳوٺ جو وڏيرو يا راڄ جو چڱو مڙس، اڪثر اوطاق ۾ ويهي، جيڪا سندس ڪار ونهوار لاءِ آفيس طور پڻ ڪتب اچي. ڪورٽن وانگر ڪچهريون پڻ مچن، جن منجهه ڇينيون نبيريون ۽ آچار ويچار ٿين. اھو ئي سبب آھي جو اڳي ڪورٽن کي پڻ “ڪچھري” ڪوٺيندا ھيا. راڄن جا فيصلا، مهمان جي ٽهل ٽڪور ۽ آئي وئي جي خدمت چاڪري پڻ ٿئي.
جنهن جي اوطاق ۾ ويهبو، فيصلو وغيره به ان کان ڪرائبو ۽ جيئن اهو فيصلو نبيريندو تيئن مڃبو ۽ نبرندو.
مطلب: ۱. جنهن جي ماني، تنهن جي ڪاني.
۲. ڀيٽيو؛ جنهن جي ويلا، تنهن جي رکيا.

185- جواريءَ، ميٺي هار. (چوڻي/ پهاڪو)
جوئاري، جيڪڏهن پهريندي جوئا ۾ هارائي ته نقصان جي ڀَوَ تتان ويجهو ئي نه وڃيس. جڏهن اٿندي کٽڻ سان کيس فائدو پيو ته پوءِ هارائڻ تي خوش ٿيندو. ڇو جو سمجهندو ته جيڪي مون کان کٽن ٿا پيا، سي ڄڻ پنهنجا پڪا گراهڪ پيو ٺاهيان. هاڻي اهي ميدان ڪڏهن نه ڇڏيندا. پنهنجي هار کي به هاريءَ وانگر ٻج ڇٽڻ يا مهاڻي وانگر لوڀ وجهڻ جي مصداق پيو سمجهندو. راند تيئن پئي مٺي لڳندس ۽ پڇاڙيءَ ۾ گهڻي کٽڻ جي لالچ تي وري وري پيو کيڏندو.
مطلب: ۱. جوئاريءَ کي کٽڻ ۾ ته خوشي ٿئي پر هارائڻ ۾ به مزو پيو ايندس.
۲. ڀيٽيو؛ جوئا جي هارڻ واري جو اڌ منهن ڪارو ۽ کٽڻ واري جو سڄو منهن ڪارو.

186- جَوَ ڍيري، گڏهه رکپال. (ورجيس)
رکپال: رکوال، راکو، چوڪيدار.
جَوَ؛ زود هضم انّ جو قسم آهي، جيڪو گڏهه جي لاءِ مرغوب غذا پڻ آهي. جيئن ئي کين گڏهه ڏسندو ته کائڻ لاءِ وٺي ڏانهنِ ڊِيڙ رکندو. جَوَن جا ڌڻي ڪوشش ڪندا آهن ته گڏهه کان جَوَ لڪائين.
جيڪڏهن ڪو مت جو موڙهو، جَوَن جو ڍير وچ اڱڻ تي رکي ۽ گڏهن کي ڪاهي اچي، انهن جي واهت ۽ رکواليءَ لاءِ بيهاريندو ته پوءِ جلد ئي سندس جَوَ پورا ٿي ويندا. ڇو جو گڏهه، سنڀال بدران، جَوَن کي ڏسڻ شرط وڃي منجهن چَڪُ وجهندو.
مطلب: ۱. چوڪيداريءَ جو ڪم، چور ڪندو ته مال ئي ڇٽو.
۲. امانت جهڙو ڪم، خيانت واري ماڻهوءَ جي ذمي رهندو ته سلامت رهڻ جو ڀروسو ڪو نه رهندو.
۳. ملحد گر سنہ، در خانه خالي پُر خوان،
عقل باور نکند کز رمضان انديشد. (فارسي)
۴. بي دين بکيو، کاڄ ڀريل سڃي گهر ۾،
عقل نه وسهي ته ڪو رمضان کان ڊڄندو. (ترجمو)

187- جو واءُ جبل اڏائي، تنهن آڏو ڪپهه ڇا آهي؟ (پهاڪو)
واءُ/ طوفان، پاڻ سان گڏ، پاڻ کان هلڪيون شيون اڏائي کڻي ويندو آهي. ڪي وڏا طوفان ته آسماني آفت جي صورت ۾ به نازل ٿيندا آهن. آڏو آيل جايون به پَٽُ ڪري ويندا آهن. اهڙن طوفانن آڏو، ڪپهه ته ڊَھَ ئي نه جهليندي آهي.
مطلب: ۱. جنهن ڏاڍي کان سڀرا پيا ونءُ وڃن، تنهن آڏو اڀرو ڇا ڏاڙهي آهي.
۲. جنهن مارت گِرمير اڏاھين،
ڪهو تول ڪنهن ليکي ماهين؟ (تلسيداس)
۳. جنهن واءَ سان جبل پيا اڏامي وڃن،
چؤ؛ تنهن آڏو ڪپهه ڪهڙي ليکي ۾ آهي. (ارٿ)

188- جوئا ۾ هارائڻ واري جو اڌ منهن ڪارو،
جوئا ۾ کٽڻ واري جو سڄو منهن ڪارو. (چوڻي)
جوئا هڪ بڇڙو ۽ بيسود ڪم آهي. منجهس پئسي، وقت ۽ عزت جو زيان ٿئي ٿو. جوئاري بذاتِ خود، تنهن کانسواءِ سيڙجي ٿو. سندس ٻيا ڪيترا ئي ڪم پڻ سيڙجن ٿا.
جوئا ۾ هڪڙا کٽن ٿا، ٻيا هارائين ٿا. کٽڻ واري وقتي نفعي جي ڀيٽ ۾، منجهس الائي ڪيتريون خباثتون آهن. تنهن هوندي به هارائڻ وارو، هار جي ڊپ تتان، جوئا خاني جو رخ وري مشڪل ڪندو، جنهن ڪري مٿس اڌ لعنت ملامت آهي. جڏهن ته کٽندڙ/ کاٽو، کٽڻ جي خوشيءَ/ حرص ۾ وري وري پيو جوئا خاني ۾ ايندو ۽ برباد ٿي ويندو ته به نه مڙندو. جنهن ڪري مٿس سڄي لعنت ملامت ٿيل آهي.
جوئاري، کٽي توڙي هارائي، ته به سندس منهن ڪارو ۽ نيرا آهن پير. ٻن خونين مان هڪ کي ڇانءَ ۾ ۽ هڪ کي اس ۾ ڦاسي ڏجي ته به خوني ئي سڏبا. ڪو به منجهانئن چڱو مڙس ڪين ڄاڻبو. هارائيندڙ ۽ کٽندڙ جو جيڪڏهن اهو انت آهي ته پوءِ جوئا جي ٽڪري هلائيندڙ ۽ منجهانئس نال اوڳاڙيندڙ جي ڪهڙي پڇاري ٿيندي؟ جيڪڏهن کين ڌڻي به ڌت نه ڪن ته پوءِ سندن مِٽن جو پڻ ساڳيو منهن ڪارو آهي.
مطلب: ۱. جوئا جو ڪاروبار تمام بڇڙو ڌنڌو آهي.
۲. ڀيٽيو: جواريءَ، ميٺي هار.

189- جهڙا روح، تهڙا ختما. (پهاڪو)
جيڪي وڏڙا، هن دنيا مان پنهنجو وارو وڄائي، هُن دنيا ڏانهن هليا ويا آهن، تن ويچارن جي عملن جا دفتر لڳ ڀڳ بند ٿي چڪا آهن. جيئرا هجن ها ته چڱا عمل ڪري، پنهنجي نيڪين جي دفتر کي وڌائي سگهن ها. ھاڻي سندن پويان، ساڻن چڱائي ڪرڻ خاطر ڪي چڱا ڪم ڪن ۽ ثواب کين ڏيارين ته سندن عملن جي ڪمي ڪوتاهي پوري ٿي سگهي ٿي ۽ ساڻن آخرت ۾ ڀلو ورتاءُ ٿي سگھي ٿو.
مري ويلن جي نيت ڪي پونئير، ختمي ڏيارڻ خاطر، پنهنجي حال سارو کاڄ جوڙي مسڪينن کي کارائين. پونئير آسودا هوندا ته طعام سٺو رڌي ختمو ڏياريندا. پونئير مسڪين ته طعام سادو رڌي بخشائيندا.
ڪن صورتن ۾ ته طعام جو دارومدار، مري ويل جي گذاريل زندگيءَ سان به سلهاڙيل هوندو آهي. پونئيرن سان حياتيءَ ۾ جيئن سلوڪ ڪيو هوندائين، تهڙي دل سان پويان به ختما بخشائيندس.
مطلب: ۱. سڀ هڪ جهڙي لياقت وارا ناهن.
۲. ڪن مان شاباس چوڻ سان ته ڪن مان ڦٺ لعنت چوڻ سان ڪم ڇٽي.
۳. نه هر کس سزا وار باشد بمال،
يکي مال خواهد دگر گوشمال. (فارسي)
۴. سڀ ڪو مال وٺڻ جو جوڳو نه هجي،
هڪڙو مال گهري، ٻيو گهري ڪن مهٽ. (ترجمو)

190- جهڙا عاشق عيد ۾، تهڙا منجهه مقام. (چوڻي)
عيد: هڪڙو خوشيءَ جو ڏهاڙو، جنهن تي ڀلا ۽ اڇا ويس پهرجن.
مقام: مري وڃڻ وارو هنڌ، جتي مئل حالت ۾ ڪفن به يانصيب هجي.
ڌڻيءَ جا نيهي/ عاشق، جن کي فقط ساڻس نينهن/ عشق آهي، تن لاءِ جهڙي خوشي تهڙي غمي. خوشيءَ ۾ به شڪر گذار ۽ ڌڻيءَ جي حڪمت پيا سمجهندا ۽ سندس ڪرم جي تعريف پيا ڪندا. ڏک ۾ به صبر پيا ڪندا ۽ مِهر لاءِ کيس پيا ٻاڏائيندا. هر حال ۾ ڌڻيءَ کي پيا ساريندا. ڏک/ سک کي عارضي پيا ڀانئيندا.
مطلب: ۱. عاشقن لاءِ دنيوي شيون، چاندي توڙي پٿر، سون توڙي مٽي، ڏک توڙي سک، سڀ هڪ جهڙا آهن.
۲. تيسا سو ورنُ، تيسي اس ماٽي،
تيسا انبرت، تيسي بِکُ کاٽي. (گرونانڪ)
۳. ان کي تهڙو سون، تهڙي مٽي،
تهڙو انبرت پيئڻ، تهڙو وِهُ کائڻ. (ارٿ)

191- جهڙا ڪانو، تهڙا ٻچا. (پهاڪو)
ڪانءُ، رنگ جو ڪارو، منهن مهانڊي ۾ بڇڙو ۽ مڙني پکين ۾ سياڻو پکي ٿو سڏجي. جيئن پاڻ ڪارو ۽ سياڻو آهي، تيئن سندس ٻچا پڻ ائين ڪارا ۽ سياڻا ڄمن ٿا. ڪانءُ ٻارن جي هٿن مان لولا ڦري کائي ٿو ته سندس ڄاوا پڻ ٻارن جي هٿن مان ماني ڦري کائين ٿا. تنھنڪري سندن اولاد به سندن وانگر بدنام ٿئي ٿو ۽ وڏڙن جو نالو پڻ ساڳيءَ طرح روشن رکي ٿو.
مطلب: ۱. سگهڙ جو اولاد سگهڙ پڻ ڄاڻبو.
۲. کسي را که بابا افلاطون بود،
ازان پُر هنر بي هنر چون بود؟ (فارسي)
۳. جنهن جو پيءُ افلاطون هجي،
اهڙي هنر واري مان اڄاڻ پُٽ ڪيئن ٿئي؟ (ترجمو)

192- جهڙي ڀِت، تهڙو چِٽُ. (پهاڪو)
ڀت: ديوار.
چِٽ: نقش نگار.
ڀت کي سهڻو ۽ پُر ڪشش بڻائڻ لاءِ، کيس ماربل ٽائيلز ۽ گليزڊ ٽائيلس سان سينگاريو وڃي ٿو. ڪن هنڌن تي رنگ؛ ميٽ فنش يا ويدر ڪوٽ، ڊسٽيمپر يا پينٽ سان سينگاريو وڃي ٿو.
پٿر مان گهڙيل يا سرن سان اڏيل ڀتين تي، اُڪر ذريعي يا رنگين ڪيميڪلن ذريعي نقش چٽيا ويندا هئا.
نقش جي ماهيت ۽ خوبصورتيءَ جو انحصار، نقاش/ مصور جي مهارت ۽ ڀت جي اڏاوت تي هوندو آهي. ڀت لسي/ سڌي ۽ سهڻي ٺهيل هوندي ته اڪريل/ چٽيل نقش اڃا کيس کڻي بيهندو. ڀت ٽيڏي، کڙ ٻڙ (rough) هوندي ته چٽ به بي سرو ۽ اڻ وڻندڙ نظر ايندو.
مطلب: ۱. ارادو چڱو ته ڦل به چڱو.
۲. ارادت نياري سعادت مجو،
بِچوگانِ خدمت توان بُرد گوءِ. (فارسي)
۳. ويساهه نه آڻين ته سڀاڳائي نه ڳول،
خدمت جي ڏَڪر سان مطلب جي اٽي کڄي سگهي. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو؛ جهڙي نيت، تهڙي مراد.

193- جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهون. (پهاڪو)
سال ۱8۵۷ع ۾ کپري جو مختيارڪار هئس ۽ سرڪاري حڪم تحت اٺن جي ڳنهڻ/ خريداريءَ لاءِ ٿر ۾ ويس. اتي هڪڙو ماڻهو، ذات جو پلي هيو، سو هڪڙو اٺ ويڪو ڪري وٺي آيو. مُلهه لاءِ سؤ رپيا گهريائين.
ڪميٽيءَ سان صلاح کان پوءِ کيس اٺ جا ستر رپيا چيم ته راضي نه ٿيو. چيائين؛ “جيڪڏهن ڏهن مٿي سٺ رپيا ڏيو ته اٺ ڏيان.” اها ڳالهه ٻڌي، مجلس وارا کلي کيرا ٿيا.
ڪي سادي دماغ ۽ سوچ وارا ماڻهو به هوندا آهن، جن کي ڪنهن شيءِ جو ملهه سٺ رپيا چؤ ته ناراض ٿي، ٽي ويهون گهرن. اهڙن ڏڏن جي سنگت کان هميشه پاسي رهڻ گهرجي. سڌرڻ سڌرڻ جي ماڳ، اڳلي کي به کاريندا.
مطلب: ۱. هڪڙيءَ شيءِ جا ٻه نالا رکجن ته به منجهس ڪو ڦيرو نه ايندو.
۲. طلب کردم ز دانايان يکي پند،
مرا گفتند با نادان نه پيوند،
که گر داناءِ دهري، خر نباشي،
و گر ناداني، ابلہ تر نباشي. (فارسي)
۳. سياڻن کان هڪڙي نصيحت گهريم،
مون کي چيائون؛ “اڄاڻ سان نه گڏ ٿيءُ،
جو جيڪڏهن زماني جو سياڻو آهين ته گڏهه نه ٿين،
۽ جيڪڏهن اياڻو آهين ته هيڪاري ڏُڏ نه ٿين.” (ترجمو)
۴. ڀيٽيو؛ سي اڍائي، سي ساڍا ٻه.

194- جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي. (چوڻي)
دنيا ۾ هر ساهدار کي، پنهنجي غرض سڀ کان وڌيڪ عزيز آهي. جيڪڏهن ڪير ٻين جي غرضن جو خيال ڪندو ته ٻيا به سندس غرض جو خيال ڪندا ۽ وقت تي کيس ڪم ايندا. وس نه پڳن ته دعائون ضرور ڏيندس. جيڪڏهن ڪو لالچ ۾ اچي اڳلي جي آرزوءَ جو خيال نه ڪندو ته اڳلا به سندس آرزوءَ جو خيال نه ڪندا. هٿائين دشمني رکي رنڊڪون به وجهندس. پڄي نه سگهيس ته پٽي پاڙون ضرور ڪڍندس.
مطلب: ۱. چڱائي توڙي بڇڙائي، جيڪو ڪندو سو لهندو.
۲. جيسا بِيجي سو لڻي، ڪرما ايهو کيت. (گرو نانڪ)
۳. جهڙي پوکي تهڙي لڻي، اها ڪرمن جي پوک. (ارٿ)
۴. از مکافات جهان ايمن مشو،
گندم از گندم برويد، جو از جو. (فارسي)
۵. جهان جي پاڙي جهاڙي کان بي ڀَؤُ نه رهه،
ڪڻڪ مان ڪڻڪ ڄاپي، جَون منجهان جَوَ. (ترجمو)

195- جهڙي نيت، تهڙي مراد. (چوڻي/پهاڪو)
دنيا ۾ جيڪو به ڪم، ڪو به ماڻهو ڪري ٿو، سو ڪنهن خاص مقصد تحت ڪري ٿو. ڪنهن جي خدمت ڪري ٿو يا ڪنهن سان جهيڙو ڪري ٿو ته ان مان به سندس ڪو نه ڪو مقصد ضرور هوندو آهي. کيس دنيا ۾ مقصد حاصل ٿئي ٿو يا نه، پر آخرت ۾ ساڻس سندس نيت تحت معاملو ضرور نبيريو ويندو. ڪن حالتن ۾ ته دنيا ۾ ئي سندس نيت تحت کيس بهرو ملي وڃي ٿو.
ڪي ڪم بظاهر چڱائي ڪرڻ جا هوندا آهن، پر اندران ٻيائي رکي ڪيا ويندا آهن. ڪي ڪم وري بظاهر برائي ڪرڻ خاطر ڪيا ويندا آهن پر منجهانئن اڳلي کي فائدو پئجي ويندو آهي. اهڙن معاملن ۾، ڪم ڪندڙ کي، سندس نيت سارو، سزا/ جزا يا ڪيتو ملي ٿو.
مطلب: ۱. نيت چڱي، مراد چڱي. نيت خراب، مراد خراب.
۲. نيت بد، روٽي رد.
۳. نيت خاص، مراد حاصل. (فارسي)
۴. ڀيٽيو: جهڙي ڀت، تهڙو چٽ.

196- جي پوندا سوڙهيين، تن لڳندا سيلهه. (پهاڪو)
سيلهه؛ ٻاٻري ڪنڊا
ٻاٻري ڪنڊا، چنهنبيارا ۽ تکا ٿيندا آهن. پيرن ۾ جلد ٽنبجي پوندا آهن. خاص طور تي ٻاٻري هڙهين جي انهن سوڙهين ڳلين مان، جن ۾ اهي ڪريل هجن، لنگهڻ وقت اوچتو پيرن ۾ چڀيو وڃن ۽ ماڻهوءَ کي هلڻ کان ويهاريو ڇڏين. جيستائين اهو ڪنڊو نڪري نه، تيستائين ماڻهو ڄڻ منڊو لڳو وتي.
دنيا ۾ اھنجن کڻڻ يا ڌنڌن ڪرڻ کان سواءِ، روزي نه ٿي ملي. تنهنڪري همت ٻڌي شروع ضرور ڪبا آھن. منجهن آيل تڪليفن سان مڙس ٿي منهن ڏبو يا انهن جو تدارڪ ڪبو، تڏهن راحتون نصيب ٿينديون.
مطلب: ۱. جيڪو سوڙهيءَ واٽ ۾ گهڙندو، تنهن کي رڪاوٽ/ تڪليف ضرور ٿيندي.
۲. جيڪي سفر ڪندا، سي ڏاکڙا ضرور ڏسندا.
۳. جيڪي ڌنڌا ڪندا، سي ڪنهن مهل گهاٽا به ضرور ڀريندا.
۴. تا رنج نخوري، گنج بر نداري،
تا جان در خطر نه نِهي، بر دشمن ظفر نيابي. (فارسي)
۵. جاسين ڏک نه پائيندين، تاسين خزانو نه ملندءِ،
جاسين سر جو سانگو نه لاهيندين، تاسين دشمن کي نه جيتيندين. (ترجمو)

197- جي جڏهن ڀڳا، سي تڏهن ڇٽا. (پهاڪو)
دنيا ۾ هر ڪار وهنوار، جان ۽ وقت، دولت ۽ مال لڳائڻ سان هلي ٿو. منجهانئس نفعو يا نقصان به تڏهن ٿو حاصل ٿئي، جڏهن ڪا موڙي سيڙائجي ٿي. جڏهن ڪو ڪم هٿ ۾، اڪيلي سر يا ڀائيواريءَ ۾ شروع ڪجي ٿو، تڏهن ان جي نتيجي ۾ به ڀاڱي ڀائيوار ٿبو. ان جي برعڪس جيڪڏهن اڌ ۾ ڇڏبو ته پوءِ نفعي نقصان کان به ماڻهو ڇٽو.
مطلب: ۱. بڇڙن ڪمن کان ماڻهو جڏهن ڀڄندو، قدرت جي پڪڙ کان تڏهن ڇٽل ڄاڻبو.
۲. ڌنڌي مان جيڪو جڏهن هٿ ڪڍندو، نفعي مان تڏهن سو خارج ڀانئبو.
۳. کسي گر چه بد کردهم بد نه کرد،
چو سر را بزانوءِ، توبہ ببرد. (فارسي)
۴. جنهن شخص بڇڙائي ڪئي، تنهن به ڄڻ بڇڙائي نه ڪئي،
جڏهن پنهنجو مٿو، توبہ جي مُونن تي رکيائين. (ترجمو)
۵. جي جڏھن ڀڳيون، سي تڏھن ڇٽيون.

198- جي جڏهن چڙهيا، سي تڏهن سوار. (پهاڪو)
هڪڙو ماڻهو اڳ ۾ ولهو/ سڃو هجي، وري ڌڻيءَ جي توهه/ مهربانيءَ سان کيس ڀاڳ لڳي ۽ ونهيون/ آسودو ٿئي ته کيس شاهوڪار ڄاڻبو. جيئن آڳاٽي دؤر ۾ نادر شاهه بادشاهه ۽ تيمور لنگ بادشاهه ٿي گذريا آهن. ٻئي دراصل غريبن جا ٻار هئا ۽ غريبيءَ ۾ ڄاوا نپنا. جڏهن وڏي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ پالڪيءَ پهتا ته کين بادشاهه به سڏيو ويو.
مطلب: ۱. وهٽ تي جيڪو چڙهندو، سو سوار سڏبو.
۲. جيڪو محنت ڪندو، سو ئي ڦل جو حقدار به ٿيندو.

199- جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا. (پهاڪو)
اٺ ۽ گڏهه، بار ڍوئڻ واسطي ۽ سواريءَ لاءِ ڪم اچن ٿا. اٺ وڏو وهٽ آهي، جنهن ڪري هشائڻ/ اٿارڻ وقت وڏو لوڏو کائي. هلڻ وقت پڻ قد آهر وڏو لوڏو ڏئي هلي. ان جي ڀيٽ ۾ گڏهه/ خچر ننڍو وهٽ آهي، تنهنڪري هلڻ وقت گهٽ لوڏو کائي.
هڪڙو فقير نصيب جي زور سان، ڪاٿي وڃي راجا ٿيو. هڪڙو ٻيو فقير، جيڪو سندس ننڍپڻ جو يار هيو، خبر ٻڌندي سندس درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ واڌائي ڏنائينس.
“تعزيت کُن، تهنيت مده، پيشتر غم ناني داشتم، حالا غم جهاني.” راجا کيس وراڻي ڏيندي چيو؛ “پرچاڻي ڪر، واڌائي نه ڏي، اڳي مانيءَ ڳڀي جي ڳڻتي هيم، هاڻي جهان جو درد اٿم.”
مطلب ۱. بادشاهه وڏيءَ پهچ وارو آهي. مٿس ڳڻتيون ۽ معاملا به وڏا آهن. فقير، غريب آهي ته مٿس چنتا رڳو هڪ ڊڳڙيءَ جي آهي.
۲. گدا را چو حاصل شود نان شام،
چنان خوش بخسپد که سلطان شام (فارسي)
۳. پينار کي سانجهيءَ جي ماني جڏهن پِڙ پئي،
اهڙو سکالو سمهي، جهڙو شام ملڪ جو راجا. (ترجمو)

200- جيڏو پَٽُ، تيڏي بکيا. (پهاڪو)
پَٽُ؛ دريائي ناريل جي کل جو اڌ. ڪشتي، ڪستو. ٿانءُ، جنهن ۾ فقير بکيا وٺن.
بکيا: خيرات، پِنَ.
جيڪڏهن فقير وٽ وڏو پَٽُ هوندو ته کيس بکيا به ان سارو ملندي. جنهن فقير وٽ ننڍو پَٽُ هوندو، سو ٿوري ملڻ سان ڀرجي ويندس، تنهنڪري گهڻي لاءِ ڪين ڀڄندو. جڏهن ته وڏي پَٽَ واري فقير کي، گهڻن درن تان بکيا وٺڻي پوندي.
مطلب: ۱. ڌڻي پنهنجي قدرت سان، سڀ ڪنهن کي قدر سارو رزق پهچائي ٿو.
۲. هاٿيءَ کي مڻ، ڪيليءَ کي ڪڻ.
۳. گد۱ را کند يک درم سيم سير،
فريدون ملک عجم نيم سير. (فارسي)
۴. پينار کي هڪڙو دڪو رپئي جو ڍاپائي،
فريدون بادشاهه، عجم جي ملڪ هوندي به اڻ ڍاول. (ترجمو)

201- جيڏي رات، تيڏو سپنو. (چوڻي، پهاڪو)
سپنو: ننڊ، خواب.
رات سمهڻ ۽ آرام ڪرڻ واسطي آهي. هر ڪو ٿڪجي ٽُٽي اچي هنڌ ڀيڙو ٿيندو آهي. سياري جي رات ڊگهي ٿئي ۽ اونهاري جي ننڍي. ڊگهي رات ۾ سمهڻ لاءِ گهڻو وقت ملي ٿو، جڏهن ته ٿوري/ ننڍي رات ۾، ننڊ لاءِ ٿورو وقت ملي ٿو. رات جي مقدار کان وڌيڪ، ڪنهن کي به سمهڻ نه ٿو سونهي.
سڀڪنهن ڪم ۾ جڳائيندي ويرم ضرور لڳندي آهي. ان جي برعڪس ڪنهن کي اٺن پهرن ۾ هڪڙو ڀيرو کاڄ کائڻو هجي ۽ اهو اٺ ئي پهر کاڄ جوڙڻ تي لائي ڇڏي ته پوءِ ٻيا ڌنڌا ڪڏهن ڪندو؟
مطلب: ۱. هر ڪم ۾ ٿورَ-ويرمي ٿجي.

202- جيري لاءِ ٻڪري نه ڪهجي. (پهاڪو
جيرو: (ٻڪري وغيره جي) بُت ۾ ننڍڙو لِڱُ (عضوو)، ڪليجو،Liver .
جيرو، کائڻ ۾ ٻئي گوشت کان وڌيڪ سوادي هوندو آهي. ڇو جو اهو نه چرٻيءَ مان جڙيل هوندو آهي ۽ نه ئي مشڪ وانگر ڌاڳن (Fibers) منجھان جڙيل ھوندو آھي. بلڪ داڻن (Tissues) مان جڙيل هوندو آهي. سڄي بت جي گوشت جي مقابلي ۾، تمام ننڍڙو عضوو آهي. اٺ سير گوشت ڇڏيندڙ ڇيلي جي بت ۾ به پاءُ يا ڏيڍ وزن جو جيرو هوندو آهي. جيڪو نسبت جي لحاظ کان، سڄي سرير جو چاليهون حصو به نه ٿو بيهي. منڍي ۽ پاوا، اوجهري ۽ کل جو حساب هڻبو ته اڃا نسبت (Ratio) ۾ گھٽجي ويندو.
جيري کائڻ ۾ سواد ته آهي پر ان سواد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪير به نجي ٻڪري ذبح نه ڪندو آهي. جڏھن ته ڪاسائي، پهرين سڄي ٻڪر جي گوشت وٺڻ جا خريدار ٻڌي پڪا ڪندو آهي، پوءِ ڇيلو ڪهندو آهي.
مطلب: ۱. فقط جيري جي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻڪري نه ڪهجي.
۲. پنهنجي ٿوري نفعي جي لاءِ پرائو گهڻو نقصان نه ڪجي.
۳. ٿوري مقصد واسطي گهڻو زيان نه ڪجي.
۴. هڪڙيءَ سِرَ لاءِ، سڄو گهر نه ڊاهجي.
۵. جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ. (اصطلاح)

203- جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لمندا ڪن. (ورجيس/ جملو)
لمندا ڪن: ڊگها ڪن.
ٻڪريءَ جا ڊگها ڪن، جيتوڻيڪ وڏو عيب ناهن پر وِڏُ جو ٿورو اهڃاڻ آهين. ڇو جو ٻڪرين جي ڳڻپ وغيره جو ايڪو، ڪن آهي. ٻڪرار کان پڇبو ته ڌڻ ڪيترو اٿئي ته موٽ ۾ چوندو؛ “ڌڻ وري ڪھڙو آھي، مڙيئي ٽيھارو کن ڪن آھن.”
ٻڪريءَ جو ڪن، ٻڪريءَ جي ڪمزوري آهي. جنهن ڪن مان جهليس تنهن جي ٿي ويندي. ڊگهي ڪن واريءَ ۾ اهو عيب آهي ته جنهن ڪن ۾ هٿ وجهي، کير ڪڍي ورتس ته ڏهائي ايندي. ڌاريندڙ کي، منجھانئس فائدي بجاءِ نقصان پئجيو وڃي.
مطلب: ۱. جيڪو رکان نوڪر، سو نڪري نينڊي.
۲. جيڪو رکان چوڪيدار، سو ٿي پوي چور.
۳. جنهن ڪم ۾ هٿ وجهان، سو ٿو کري.
۴. جنهن ڪم لاءِ، هڙ رستا منجهندا وڃن، تنهن لاءِ ائين چئبو آهي.
۵. جيڪا ٺاھيان دين جي ڀيڻ، تنھن کي ٿاٻي جي ٽؤنڪر.

204- جيڪي ڏسي ڄار، سو جي ڏسي ميو ته ڦاٽي مري. (پهاڪو)
ميو: مهاڻو، مڇيون ماريندڙ، مڇيءَ مارڻ وارو.
درياءَ يا سمنڊ مان مڇي، ڄار يا رَڇَ، ڀَنَ يا ڪنڍيءَ ذريعي ڦاسندي آهي. ڄارُ، پاڻيءَ اندر هئڻ سبب گهڻيون مڇيون ڏسندو آهي، جڏهن ته منجهس ڦاسڻ واريون ڪي ٿورڙيون ئي هونديون آهن. ڄارَ کي پاڻيءَ اندر چنبڙندڙ ۽ سندس اردگرد گهمندڙ مڇيون، جيڪڏهن مهاڻو ڏسي ته حرص سبب چريو ٿي پوي. ڇو جو مڇيءَ وانگر مهاڻو به عقل جو کٽل ۽ لوڀي ٿيندو آهي. لوڀ تي پنهنجو مٿو وڃائي ڇڏيندو.
مطلب: ۱. ٿوريءَ گجيءَ وارو ماڻهو، گهڻو مال سانڍي نه سگهندو آهي.
۲. ننڍيءَ گجيءَ وارو ماڻهو، ٻڌل ڳالهه به دل ۾ رکي نه سگهندو آهي.
۳. ننڍي باسڻ ۾ گهڻو پاڻي وجهبو ته واڌو پاڻي هارجي پوندو.
۴. ڇوٽي نر ڪي پيٽ ۾ رهي نه موٽي بات،
اڌ سير ڪي پاتر ۾ ڪيسي سيرُ سمات؟ (هندي)
۵. ننڍي ماڻهوءَ جي پيٽ ۾ وڏي ڳالهه نه ماپي،
اڌ سير جي باسڻ ۾، ڪڏھن به سير نه ماپي. (ترجمو)

205- جيڪي ڪني ۾ هوندو، سو ئي پاٽ ۾ پوندو. (پهاڪو)
کاڌِ خوراڪ، رڌڻ کان سواءِ کائڻ ڏکي آهي. زوريءَ کائي وڃبي ته به هضم ٿيڻ ۾ ڏاڍو ڏکيو ڪندي. ان لاءِ ضروري آهي ته پهرين ٻوڙ/ پلاءَ کي ڪني وغيره ۾ وجهي رڌي، هاضميدار بڻائي پوءِ کائجي.
سڌو سنئون ڪني مان کائڻ به اهنجو آهي. پنهنجي حصي جيترو، ڪني مان ڪڍي پاٽ يا پاٽوڙي ۾، ٿالهيءَ يا پليٽ ۾ وجهبو آهي، جتان ٿورو ٺرڻ کان پوءِ کائڻ آسان ٿي پوندو آهي.
ڪُني ۾ پلاءُ رڌل هوندو ته پاٽ ۾ پلاءُ پوندو. رٻ هوندي ته رٻ پوندي. ڪني اندر رٻ سوادي هوندي ته پاٽ ۾ ڀرجڻ کان پوءِ به سوادي هوندي. جيڪڏهن ڪني ۾ بي سوادي هوندي ته پاٽ ۾ پوڻ سان سوادي ڪين ٿيندي.
مطلب: ۱. جيڪي اندر ۾ هوندو، سو ئي زبان تي ايندو.
۲. ڀيٽيو؛ جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو ئي آهه ۾ پوندو.

206- جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو ئي آههَ ۾ پوندو. (پهاڪو)
آھ: کوهه جي ڀرسان، ڍڳن ڍورن لاءِ پاڻي پيئڻ واسطي جوڙيل هود.
ڍڳن ڍورن کي، کوهه جو پاڻي، سڌو ٻوڪن ذريعي پيارڻ بجاءِ، کوهه جي ڀرسان اڏيل آهر نما هود (Trough) ذريعي پياريو ويندو آهي. ٻوڪا کوهه مان ڪڍي هود ۾ هاريا ويندا آهن. جتان گڏ ٿيل پاڻي ڍور پيئندا آهن.
کوهه ۾ موجود پاڻيءَ جو ذائقو، جيڪڏهن مٺو هوندو ته آه ۾ پوندڙ/ پيل پاڻي به مٺو هوندو. کوهه جو پاڻي ٻاڙو هوندو ته آهه جو پاڻي به ٻاڙائيندو. کوهه ۾ موراڳو پاڻي ئي نه هوندو ته آھ به خالي پئي هوندي.
مطلب: ۱. ڪم چڱا ڪبا ته ڦل چڱو/ مٺو ملندو.
۲. ڪم بڇڙا ڪبا ته ڦل به برو ملندو.
۳. جيڪي دل ۾ هوندو، سو زبان تي ايندو.
۴. کسي دانه پنک مردي نه کاشت
کزو خرمن عافيت بر نداشت
نه هرگز شنيديم در عمرِ خويش
که بد مرد را نيکي آمد به پيش. (فارسي)
۵. ڪنهن چڱ-مڙسيءَ جو ٻج نه پوکيو،
جو ان مان ڀلائيءَ جو ڦر نه کنيائين،
پنهنجي ڄمار ۾ ڪڏهن نه ٻڌو سون،
جو بڇڙي ماڻهوءَ کي چڱائي آڏو آئي. (ترجمو)
۶. ڀيٽيو: جيڪي ڪني ۾ هوندو، سو ئي پاٽ ۾ پوندو.

207- جيڪي لکيو منجهه ازل، تنهن کي ڪير وجهي جَهلَ؟ (چوڻي)
ازل: قسمت، لوح قلم.
جهل: روڪ، رنڊڪ.
دنيا جي تختي تي هر ساهدار بعد ۾ آيو آهي، ان کان اڳي سندس روزي رزق، ڏک سک حتيٰ ڪ سمورا معاملا لوح قلم ۾ لکيا ويا آهن. دنيا ۾ ساڻس اهي ئي حالات پيش اچن ٿا، جيڪي لوح قلم ۾ لکجي چڪا آهن. ھاڻ انھن ازلي لکيل حالات کي، نمودار ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي.
مطلب: ۱. لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.
۲. گر رود سر بر نگرد سر نوشت. (فارسي)
۳. جيڪڏهن سِر وڃي ته به نصيب نه ڦري. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو؛ جيڪي هوندو ڀاڳ ۾، سو وهي پوندو پاڳ ۾.

208- جيڪي هوندو ڀاڳ ۾، سو وهي پوندو پاڳ ۾. (چوڻي)
پاڳ: پڳ، پٽڪو.
آڳاٽي دؤر جا واپاري ته ڇا پر عام ماڻهو به وڏيون پڳڙيون يا وڏا پڳڙ ٻڌندا هئا. پٽڪو يا پڳڙ، ان وقت شان مان جي نشانيءَ سان گڏ سنڌ جي تهذيب/ ثقافت ۾ پڻ شامل هيو. مٿي اگهاڙي ڪو ورلي لڀندو هيو. ڳوٺ منجهان يا آباديءَ وٽان، مٿي اگهاڙي لنگهڻ عيب هوندو هيو. جيڪڏهن ڪير ڀُل ڀُلايو به مٿي-اگهاڙي لنگهيو ته سندس خير نه هوندو هيو.
تڏهن ڪن واپارين يا عام ماڻهن وٽ پئسا وغيره سنڀالي رکڻ لاءِ پٽڪي کان وڌيڪ محفوظ هنڌ نه هوندو هيو، ڇو جو ڪير به ڪنهن جي پٽڪي ۾ هٿ ڏکيو وجهي سگهندو هيو. ايتري تائين جو چور يا ڌاڙيل به چوري ڪرڻ وقت يا ڦُر دوران، پٽڪو نه لهرائيندا هيا.
جڏهن ڪنهن کي به نصيب سارو يا اوڌر پاڌر مان هلندي گهمندي جيڪو پئسو پنجڙ اُڳڙندو هيو سو پنهنجي پٽڪي جي ور ۾ لڪائي رکندو هيو.
مطلب: ۱. جيترو نصيب ۾ لکيل هوندو، اوترو ئي ملندو.
۲. ڀيٽيو؛ توڙي وڃي روم ته به نصيبان اڳرو،
ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيس لوح قلم ۾.

209- جي نه وڃجي پاڻ ته نينهن نياپي نه ٿئي. (چوڻي)
نينهن: عشق.
دنيا جي تختي تي ڪي اهڙا ڪم آهن، جيڪي پاڻ کي ڪرڻا پوندا آهن. ڪنهن وڪيل يا عيوضيءَ جي معرفت نه ڪري سگهبا آهن. جيئن ڪپڙا پهرڻ، کاڌو کائڻ، رفع حاجت، ڌڻيءَ جي عبادت ۽ عشق وغيره. جيڪڏهن ڪير اهي ڪم ڪنهن نوڪر يا ٽپاليءَ، عيوضيءَ يا وڪيل معرفت ڪرائڻ چاهي ته به کيس ذري برابر فائدو نه پوندو، جيستائين پنهنجي سر پاڻ پيش نه ٿئي.
مطلب: ۱. زبان سان چوڻ ته “ڌڻيءَ کي ياد ڪندس”، دراصل ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ ناهي. ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ لاءِ، زباني توڙي دل ۽ جان سان عبادت ڪرڻ لازمي آهي.
۲. مکون “هر! هر!” سڀڪو ڪهي، ورلي هُردي وسايا،
نانڪ جنڪي هُردي وسيا، موک مُڪت تن پايا. (گرونانڪ)
۳. وات سان ڌڻيءَ جو نالو سڀڪو وٺي، دل ۾ ڪو ورلي ويهاري،
نانڪ جن دل ۾ ڌڻي وسيو، سي تڙي کڙي ڇٽي ويا. (ارٿ)

210- جي وسي چيٽ، ته ان نه ماپي کيٽ. (زرعي، چوڻي)
چيٽ: چيٽ جو فصل. چيٽ جي مند جو فصل.
کيٽ: کيت، کيتي، پوک.
چيٽ جو فصل، ڪتيءَ کان پوءِ پوکبو آهي. ڪتيءَ جا فصل آڪٽوبر نومبر ۾ ختم ٿين. ڊسمبر ڌاري چيٽ جا فصل؛ ڪڻڪ، سرنهن، چڻو وغيره پوکجن. سياري ۾ درياهه اندر پاڻي گهٽ هوندو آهي، جنهنڪري پوک گهڻو ڪري بوسي ٿيندي آهي. يعني هاري هر ڏئي، ان ڇٽي ايندا آهن. زمين ۾ موجود سيڪ تي فصل ڄاپي ويندو آهي. مهيني سوا کان پوءِ هڪ اڌ پاڻيءَ جو مک ايندو اٿس ته فصل تيار ٿي ويندو آهي. انهيءَ دوران جي چيٽ جي مند جو مينهن پيو ته پوءِ فصل ڀلو ٿيندو ۽ اَنُ به جام لهندو.
مطلب: ۱. چيٽ جو مينهن، فصل لاءِ ڪارائتو آهي.

211- جي هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو،
جي نه هجئي ناڻو ته وت ويڳاڻو. (چوڻي/ پهاڪو)
ويڳاڻو: وائڙو، پريشان.
لاڙڪاڻي شهر جو آڳاٽي دؤر ۾ وڻج واپار جي حساب سان وڏو اؤج هيو. شهر ۾ باغ، بندر ۽ قافله سراءِ وغيره جام هيا. تن کي ڏسڻ ۽ واپار سانگي، دولت وارا ماڻهو ئي لاڙڪاڻي جو رخ ڪندا هئا. گهمڻ ڦرڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جي لحاظ کان، سهڻو شهر هيو. پوريءَ طرح مزو اهي پئي ماڻي سگهيا، جن وٽ پئسو هيو.
جن وٽ پئسو ساڻ نه هيو، تن کي لاڙڪاڻي جي اؤج مان مزو ماڻڻ ميسر نه ٿيندو هيو. کين ڦٽل دڙا ۽ ٿرڙيون ئي گهمڻ لاءِ نصيب ٿينديون هيون، جتي پريشان ۽ وياڪل گهمندا هيا.
مطلب: ۱. دولت وارو جاتي ڪاٿي مانُ مُهت پائيندو ۽ دولت ڌاران گهر ۾ پڻ ويڳاڻو رهندو.
۲. آن را که بر مُراد جهان نيست دسترس،
در زاد بومِ خويش غريب است ناشناس.
۳. جنهن کي جهان جي مراد تي پڄندي نه آهي،
پنهنجي وطن ۾ پڻ بيگاني مسافر وانگر آهي. (ترجمو)

212- جيءُ خوش، جهان خوش. (چوڻي/ پهاڪو)
هڪڙي حجام، پنج ڏهه مهرون گڏ ڪري، ڀانيءَ ۾ ڌريون هيون. هڪڙي ڏيهاڙي ملڪ جي حاڪم وٽ حجامت جوڙڻ لاءِ ويو ته تنهن ملڪ جو سماچار پڇيس. کيس ٻڌايائين؛ “ملڪ سکي وسي ٿو.”
حاڪم کي ڀانيءَ وارين مهرن جي سُڌ پئجي وئي. تنهن ڪو ڊَؤل ڪري اهي مهرون ڪڍائي ورتس. وري هڪڙي ڏيهاڙي سيرب جي مِنهن سان سڏائي، ملڪ جو حال پڇيائينس. حجم کي پنهنجي مُهرن وڃڻ جو اندر ۾ ساڙ هيو، تنهن يڪدم چيو؛ “سائين! ملڪ جون ڪهڙيون ٿا خبرون پڇو! ملڪ ته ڀينگ ٿيو پيو آهي. وڏي ھٿ-کس آھي. ڪنھن غريب جي ڀونگي ئي سلامت ناھي.”
مطلب: ۱. ماڻهو جيڪڏهن پاڻ سکي آهي ته جڳ جھان کي سکي سمجهي ٿو، ٻئي جي ڏک جي کيس سُڌ ئي ڪانهي.
۲. کسي قيمت تندرستي شناخت،
که يکچند بيچاره در تپ گذاشت. (فارسي)
۳. چڱ-ڀلائيءَ جو مُلهه اهو سڃاڻندو،
جو ڪي ڏهاڙا ويچارو تپ ۾ گذاريندو. (ترجمو)

213- جيئرو ته ڪک جو، مئو ته لک جو. (ورجيس)
هڪڙي ماڻهوءَ، پنهنجي ڪنهن واقفڪار کان چڙهڻ لاءِ گهوڙو اڌارو گهريو. اڳلي کيس ڪُڙهه مان سادي ملهه وارو گهوڙو ڪڍي ڏنو. جڏهن هيءُ اهو گهوڙو وٺي سفر تي روانو ٿيو ته، سفر دوران قضا سان گهوڙو مري پيو.
مسافريءَ تان واپس اچي، پنهنجي واقفڪار کي ڄاڻُ ڪيائين. تنهن تي گهوڙي جي مالڪ، گهوڙي جي قيمت طلب ڪيس. هيءُ ڏيڻ لاءِ ته تيار ٿيو، پر مالڪ قيمت اچُن گهوڙن واري ٻڌي. ڇو جو گهوڙو هڪ ته مري چڪو هيو، ٻيو ته ڏورانهين هنڌ مئو هيو. تنهنڪري نه ڪو وچ وارو گهوڙي کي صحيح ڏسي پئي سگهيو ۽ نه ئي انصاف سان ملهه ڪٿي پئي سگهيو. تنھن تي دوست ميار ڏيندي چيس؛ “گھوڙو جيئري ته ايترو ملھ نه لھندو ھيو، جيترو مئي ٻڌو اٿسي!”
مطلب: ۱. غير موجود شيءِ، جنهن جا دعويدار موجود آهن، سا بي قيمت هوندي به قيمتي ٿي پوي ٿي.
۲. جيئرو ته لک جو، مئو ته ڪک جو. (ابتو)
۳. انسان جيئرو آهي ته لک ڪمائي، مئي کان پوءِ قبر تان ڪک به نه هٽائي سگهي.
۴. هاٿي جيئرو ته لک جو، مئو ته ٻه لک جو.