لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

پ

118- پاپ جي مايا، پراڇت ۾ وڃي. (چوڻي)
پاپ؛ ظلم، گنهگاري.
پراڇت؛ گنهگاريءَ جو ڏنڊ.
جيڪا دولت، پاپ جي ذريعي سان جيڪڏهن ڪو ڪمائيندو/ گڏ ڪندو، تنهن جي اها دولت پاپ جي گنهگاريءَ ۽ ڏنڊ ڏوهه ۾ غرق ٿي ويندي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو، دلبو ڪري ڪٿان پنج رپيا هڙپ ڪري ۽ وقتي طور ڦٻي وڃنس. پوءِ چُوس پوڻ تي وري اهڙا دوکا دولاب ڪري ٻيا پنج روپيا هڻڻ جي ڪوشش ڪري ۽ اها ڳالهه سرڪار ۾ کلي پويس ته ڏنڊ ۾ ڏهه رپيا به ڀري ۽ عزت به وڃيس. اڳين پوئين ڪسر به نڪري وڃيس.
مطلب: ۱. دوکي جي ڪمائي، آخر زيان ٿئي.
۲. ست ڌرم جي ڪمائيءَ مان حلال جي دولت هٿ آڻجي، جنهن کي نه لهر نه لوڏو.

119- پاڻ نه پاري، ڪتا ڌاري. (ورجيس)
ڪتا ڌارڻ؛ پالڻ لاءِ اجايا ساهدار ڌارڻ، جيڪي هر ويلي کائڻ لاءِ ويٺا پٽين.
جيڪي ماڻهو ٿوريءَ پڄنديءَ وارا آهن، تن کي اجاين خرچن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڇو جو پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۽ انگ ڍڪڻ، سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ ضروري آهي. ٻيا ورتڻ ۽ شوق، سڀ پوءِ آهن.
مطلب: ۱. اهم ۽ ضروري ڪم، پهرين ڪجن.
۲. ضروري ڪم پاسي ڪري، غير اهم ڪم کي اهميت ڏيڻ واري لاءِ ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.

120- پاڻ نه پلي سسئي، لوڪان متيون ڏئي. (پهاڪو)
جيڪو پاڻ ڪنهن نصيحت تي عمل نه ڪري ۽ وتي ٻين کي تلقين ڪندو، تنهن جي اها چال ڪنهن کي به ڪين وڻندي آهي. پوءِ چاهي اها دين جي ڪم جي نصيحت ڇو نه هجي. اها به تڏهن ٿي اثر ڪري، جڏهن چوندڙ پهرين پاڻ مٿس عمل ٿو ڪري. ديندار ماڻهن کي اهڙي ڪم جي تلقين کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جنھن تي پاڻ عمل نه ٿا ڪن.
مطلب: ۱. اور را نصيحت، خود را فضيحت. (فارسي)
۲. اوران اپديسي آپ نه ڪري، آوت جاوت جنمي مري. (هندي)
۳. ٻين کي نصيحت ۽ پاڻ عمل نه ڪرڻ، ڄڻ آيو ويو، ڄائو ۽ مئو. (ارٿ)
۴. آپ ڪري ناهن ڪري تانڪو هي يه هيت،
آپ نه جاوي ساسُري اوران ڪون مَت ديت. (هندي)
۵. چوي ۽ پاڻ نه ڪري، تنهنجو حال آهي هيءُ،
عورت پاڻ ساهري نه وڃي، ٻين کي ڏس ڏئي. (ارٿ)
۶. ترک دنيا به مردم آموزند، خويشتن سيم وغله اندوزند. (فارسي)
۷. ماڻهن کي “دنيا ڇڏڻ” سيکارين، پاڻ چاندي ۽ اناج گڏ/ ذخيرو ڪن. (ترجمو)

121- پاڻي پي، نه ذات پڇجي. (پهاڪو)
ڪي ماڻهو وڏائيءَ يا نفرت کان، هڪڙن ذاتين جي ماڻهن جي هٿ جو پاڻي وٺي نه پيئن. اهڙو ماڻهو، سخت اڃ ۽ خراب حالتن سبب، اٻهرائپ ۾ اهڙي ماڻهوءَ جي هٿان پاڻي ڀريل پي وڃي ۽ اڃ لهڻ کان پوءِ جڏهن سُرت ۾ اچي ته پوءِ کيس اڳلي جي ذات نه پڇڻ گهرجي. متان ٻڌي ارمان کائڻو پويس. اول ته ڪنهن به ذات کان نفرت نه ڪرڻ گهرجي، ڇو جو سمورا انسان هڪ ئي آدم جو اولاد آهيون. اهڙي اهڙي ڳالهه ته اڳواٽ ذات پڇي پوءِ پاڻي گهرجي. باقي ڪنهن جي هٿ جو پاڻي پي کانئس ذات پڇڻ، ڄڻ سندس عيب جاچڻا آهن. اڳلي جي دل رکجي ۽ فقط سندس ٿورو ئي مڃجي ته چڱو.
مطلب:۱. جيڪو ڪم ڪرڻو آهي، اول جاچجي پوءِ ڪجي.
۲. جو ڪريئي سو ڪيجئي پهلي ڪر نر ڌار،
پاڻي پي گهر پوڇنا ناهن ڀلو ويچار. (هندي)
۳. جيڪي ڪرڻو هجي، سو پهريائين ويچار ڪري ڪجي،
اڳ ۾ پاڻي پي، پوءِ گهراڻو پڇڻ، چڱو ويچار ناهي. (ارٿ)

122- پاڻيءَ کان اڳي، ڪپڙا نه لاهجن. (پهاڪو)
ڪنهن وهندڙ واهه جي پاڻيءَ مان لنگهڻو هجي ته پاڻيءَ وٽ پهچي پوءِ سڀڪو ڪپڙا لاهي. بعد ۾ وهنجڻ لاءِ منجهس گهڙندو آهي. پر-واهه (واهه جي ڪپر) تي پهچڻ کان اڳي ڪپڙا لاهڻ ائين آهي، جيئن حجامت ڪرائڻ لاءِ، حجام جي اچڻ کان اڳي، مٿو اگهاڙو ڪري پسائي ويهڻ.
مطلب: ۱. اڳ ڪٿيءَ ڳالهه لاءِ فڪر ڪرڻ سياڻپ نه آهي.

123- پاڻي ۽ باهه، ٿورا نه ڄاڻجن. (چوڻي/پهاڪو)
باهه جي توڙي هڪڙي چڻنگ هجي ته به ٿوري نه ڄاڻجي، ڇو جو ٿوري هوا تي وڌندي ويرم نه ڪندي آهي.
پاڻي به ائين آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن واهه کي تراکڙو ڏسي منجهس گهڙي پوي. بيخوف ٿيڻ کان پوءِ اڳتي وڌندو وڃي ۽ جيڪڏهن اڳيان اونهي کڏ هجي ته اتي واري تار پاڻيءَ ۾ پهچڻ کان پوءِ ضرور ٻڏندو.
مطلب: ۱. باھ ۽ پاڻيءَ کي گهٽ نه سمجهجي. گهٽ ڏسڻ ۾ اچن ته به کانئن ڊڄجي.
۲. آب و آتش به چشم که ديدن،
کار داناءِ دوربين نه بُود. (فارسي)
۳. پاڻي ۽ باهه اکين سان ٿورا ڏسڻ،
ڏاهي ۽ دور-انديش جو ڪم ناهي. (ترجمو)

124- پاهڻ ڪنئرا هيا ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا. (پهاڪو)
پاهڻ: پٿر، هڪڙي سخت ۽ ڏاڍي شيءِ.
پٿر، اڻ کاڄرو شيءِ آهي، تنهن کي گدڙ جهڙو ڪانئر مرون ڇا کائي سگهندو آهي. گدڙ ته پراوا ٿيل شڪار تاڙيندو آهي ۽ ان جا به نرم نرم عضوا جهڙوڪ؛ نڪ ۽ چپ، آنڊا ۽ جيرا وغيره ڪڍي کائڻ جا جتن ڪندو آهي. کانئس سخت ۽ پورھيي وارو ڪم ڪو نه ٿي سگهندو.
مطلب: ۱. نڌر ماڻهو، سڌر ڪم ۾ هٿ وجهندو ته ڪٿان ڪري سگهندو؟
۲. ڀيٽيو؛ تيل سهانگو هيو ته جيڪر گدڙن به پڇ مکيا.

125- پائجي ته وڏي ڍيران پئجي. (پهاڪو)
پهرين ته منهن ۾ ڌوڙ قطعي نه پائجي، جيڪڏهن مجبورًا پائڻي هجي ته پوءِ ڪنهن وڏي ڍير مان، گهڻن سان گڏجي پائجي. ان ۾ ٻين کي عيب نظر نه ايندو. گهٽتائي به ڪنهن کي محسوس نه ٿيندي. هٿانئين گهڻن سئين هئڻ سبب، عيد جهڙو رسمي ڪاڄ پيو محسوس ٿيندو.
مطلب: ۱. ڪنهن جو ٿورو نه کڻجي، کڻجي ته ڪنهن وڏي لُلَ-ڀرئي جو کڻجي.
۲. پوءِ-ڍائي ۽ ڍيڪر جو ٿورو نه کڻجي.
۳. گلاخور جو کائجي، مھڻي-خور جو نه کائجي.
۴. مدد از مردمي کريم طلب،
خاک از توده کلان بردار. (فارسي)
۵. واهر، ڏاتار ماڻهوءَ کان گهر،
ڌوڙ، ڪنهن وڏي ڍير مان کڻ. (ترجمو)

126- پَتِ، نُهن تي پاڻي آهي. (پهاڪو)
پَتِ؛ ڀروسو، اعتبار، ساک.
نُهن تي پاڻي؛ نه بيهندڙ، تمام حساس ڪم، احتياط ڪرڻ واري جاءِ.
پهرين ته نُهن، لسو ٿيندو آهي، وري مٿانئس پاڻيءَ جهڙو لطيف مادي جو هڪ ڦڙو به جيڪڏهن هاربو ته ڪين ٽِڪندو. هٿانئين جي نُهن يا آڱر لڏي ته پوءِ اڃا هارجڻ جو خطرو تمام گهڻو آهي.
پت يا ساک پڻ ائين آهي. يڪدم ۽ پاڻمرادو، ساک نه نڪرندي آهي. ٻين جي دل ۾ اعتماد ويهارڻ لاءِ، قرباني ڏيڻي پوندي آهي. ان کي قائم ۽ سلامت رکڻ لاءِ به مسلسل قربانيون ڏڻيون پونديون آهن. ٿوري به حرڪت پيس ته وري هٿ اچڻ اولي آهي.
مطلب: ۱. اعتماد ويهارڻ يا ساک قائم رکڻ، ڏکيو ڪم آهي.

127- پُٽ ٿي گذار، سگهو ئي پيءُ ٿيندين. (پهاڪو)
پُٽ ٿي گذارڻ؛ وڏن جو ادب ڪرڻ، خادم ٿيڻ.
پيءُ ٿيڻ؛ مخدوم ٿيڻ.
جيڪو ماڻهو ننڍي هوندي پنهنجي وڏن جو ادب ڪرڻ سکي ٿو، سو وڏي هوندي پنهنجن ننڍڙن کان ادب ڪرائي به ڄاڻندو. هڪ ته اهو فطرتي اصول آهي، جيڪو وڏن جو ادب ڪندو، ننڍا تنهن جو ادب ڪندا. جيڪو خدمت ڪندو، سو مخدوم ٿيندو. ٻيو ادب ڪرڻ واري ۾ پاڻمرادو نزاڪت اچي ويندي آهي. ننڍن کي اخلاق/ آداب سان موهي وجهندو آهي. جنهن سببان، اهي پيل اثرن سبب سندس تعظيم ڪندا آهن.
مطلب: ۱. نياز ۽ ادب سان هلبو ته ٻيا به ادب ۽ نياز ڪندا.
۲. ٻين آڏو وڏائي ڪبي ته اڳلا به آڪڙ ڪندا.
۳. بلنديت بايد تواضع گُزين، که اين بام را نيست سُلمي جز اين. (فارسي)
۴. وڏائي گهرجيئي ته نياز هٿ ڪر،
ڇو ته اِن ماڙيءَ کي ان ڌاران چڙهڻي نه آهي. (ترجمو)

128- پَٽُ پراڻو، ته به ڪو جنڊ جو نائو؟ (پهاڪو)
جنڊ جو نائو: پراڻي اڳڙي جنهن سان جنڊ جي پُڙ تان، اٽو پيسڻ بعد تنئور ۾ اُگهي لاهجي.
پَٽُ، هڪ قيمتي ڪپڙو آهي. پراڻو ٿئي ته به رلهي وغيره جهڙي ڪم ۾ استعمال ٿئي. جنڊ کي صاف ڪرڻ لاءِ يا ٻئي ڪنهن ڪم ۾ صافي طور ڪتب نه آندو ويندو آهي. هڪ ته منجهس صفائيءَ واري صلاحيت ناهي، ٻيو سندس مانُ هر ڪنهن جي دل ۾ ويٺل آهي، سو کيس ردي ڪير نه سمجهندو آهي.
مطلب: ۱. اشراف، ڀلي ويل پوڻ تي سڃو ٿئي ته به کانئس نالائقيءَ وارو ڪم ڪير نه ڪرائيندو آهي.
۲. پئسي جي وڃڻ سان، اشراف جو مانُ نه ٿو گهٽجي.
۳. جوهر گر در خلاب افتد همان نفيس است،
غبار گر بر آسمان پرد همان خسيس است. (فارسي)
۴. جواهر، جيڪڏهن گپ ۾ پوي ته به نازڪ آهي،
لَٽُ، جيڪڏهن اڀ ۾ اڏامي وڃي ته به هلڪي آهي. (ترجمو)

129- پُٽ، ڪپُٽ، پينگهي ۾ پڌرو. (پهاڪو)
پٽ؛ سلڇڻو ماڻهو يا سلڇڻو اولاد.
ڪپٽ؛ ڪلڇڻو ماڻهو يا ڪلڇڻو اولاد.
پينگهي ۾؛ ڄمڻ سان ئي، ٻاروتڻ ۾.
ماڻهو دنيا ۾ پاڻ سان ڀاڳ کنيو اچي ٿو. جهڙي ڀاڳ سان اچي ٿو، اهڙي نسبت وارو سڀاءُ پڻ سندس طبيعت ۾ به ٿئي ٿو. ماڻهوءَ جي طبيعت وارو ميلان به ٻاروتڻ ۾ ئي جُڙي ٿو. سندس لڇڻن جي اُڻت ۽ تاني-پيٽيو به ٻاروتڻ ۾ جڙي ٿو.
مطلب: ۱. سلڇڻو/ ڪلڇڻو ماڻهو، آريکڻ ۾ پڌرو.
۲. ڪل سپوت جانيو پري لک سڀ لڇڻ گات،
هونهار بروان کي هوت چِڪني بات. (هندي)
۳. ذاتي سپٽ، بت جي لڇڻن ڏسڻ مان سڃاپي،
ڀلي ٿيڻ واري بروان/ وڻ جا پن ئي سڻڀا ٿين. (ارٿ)
۴. ڀيٽيو؛ اڀرندي تاءُ جنهن نه ڪيو، سو الهندي ڇا ڪندو؟

130- پٽينديئي پيٽ کي، ويو ڄمارو ڄٽ،
هو جو مٿي کٽَ، سو پڻ پٽي پيٽ کي. (چوڻي)
ڄٽ؛ جهنگلي، غريب، جاهل، ڳنوار.
مٿي کٽَ: کٽ تي، سيج تي، وهيون، شاهوڪار.
دنيا ۾ زندهه رهڻ لاءِ، پيٽ کي ڀرڻ جي ضرورت آهي. ان کي ڀرڻ لاءِ غريب توڙي امير، نادار توڙي دنيادار، مڙيئي پيٽ ڪٽيندا رهن ٿا.
مطلب: ۱. هر ڪنهن کي پيٽ ڀرڻ جي لوري لڳل آهي.
۲. گر جورِ شکم نبودي، مرغي در دام نيفتادي.
بلکه صياد خود دام نه نهادي. (سعدي)
۳. جيڪڏهن پيٽ جي نافت، ساڻُ نه هجي ته پکي ڦاهيءَ نه پوي،
بلڪ ماري به ڦاهي ڪين اڏي/ پکيڙي. (ترجمو)

131- پڇندڙ، نه منجهندڙ (چوڻي)
مرشد کان پڇي پوءِ واٽ وٺڻ گهرجي. ائين ڪرڻ وارو، ڪڏهن به شيطان جي چڪرن ۾ نه ڦاسندو. جيڪڏهن وقتي ڦاٿو به ته مهل تي سندس رهنمائي ٿي ويندي.
مطلب: ۱. پڇڻ سان واٽ ملندي، منجهبو ڪين.
۲. جوينده، يابنده. (فارسي)
۳. ڳوليندڙ، لهندڙ.
۴. من جد وجد (عربي)
۵. ڀيٽيو؛ انڌن ملتان لڌو.

132- پراڻي ڳوٿري، بربلا ٽڪا. (ورجيس)
پراڻي ڳوٿري: پراڻي ۽ ڪمزور ڪپڙي مان جڙيل جهريل ڳوٿري.
بربلا ٽڪا: ٿلها/ ڳرا ڏوڪڙ، ڌاتوءَ مان جڙيل ڳرا سڪا.
پراڻي يا اڌوراڻي ڳوٿري، عمر ڏيئي چڪي هوندي آهي. وڌيڪ سٽ سهڻ لائق نه هوندي آهي. منجهس نرم ۽ گهٽ وزن واري شيءِ احتياط سان وجهي، آرام سان ته کڻي سگهجي ٿي پر ڳؤرا ۽ لوها ننڍا سڪا وجهي بي احتياطيءَ سان کڻبا ته کيس وزن تي هنڌان هنڌان ڇني رکندا.
مطلب: ۱. ڪميڻي کي دولت هٿ ايندي ته ماڻهن سان مستي ۽ کينس ڪندو.
۲. سفله، چو جاه آمد سيم و زرش،
سيلي خواهد به ضرورت سرش. (فارسي)
۳. ڪميڻي کي جڏهن وڏائي ۽ دولت ملي،
تڏهن سندس مٿو ضرور ڌڪ گهري. (ترجمو)

133- پرائي آس، ڪُني جي لاس. (چوڻي/ پهاڪو)
لاس؛ تيوڻ جي رس، ڪارو تُتو رهو، ڇڊو ٻوڙ.
ٻوڙ ته بلڪل اهو هاضميدار ٿيندو آهي، جنهن ۾ رَسُ هجي. جنهن ۾ رس نه هجي، سو ڀلي چٽ-پٽو ئي هجي پر دير هضم ٿيندو آهي. ان جي برعڪس ٻوڙ ۾ ٻوٽيون ۽ ڏونڍ يا نقل وغيره نه هجن ۽ فقط لار وارو رهو هجي، تنهن سان به ماني کائڻ مزيدار نه ٿيندي آهي. ڇو جو مرچائون پاڻي، مانيءَ تي ڏکيو چڙهندو آهي ۽ ڍڪ ڀرڻ سان وڃي نڙي وٺندو آهي. منجهس ٺڪر جي ڪني جو سواد پڻ چنبڙيل هوندو آهي.
پرائو آسرو ڪرڻ پڻ ائين آهي. پنهنجي هٿ جو ڪم جلد اڪلائجي وڃي. ٻئي جي آسري تي ڪو به ڀروسو ناهي، اڳلو ڪم ڪري يا نه ڪري. کيس وقت ۽ وسلو، وسعت ۽ ويساند ملي الائي نه.
مطلب: ۱. ڌڻيءَ ڌاران، ٻئي جي آس رکڻ، ڪني جي رس ۾ آسرو رکڻ برابر آهي.
۲. چه دل تنگ خفت آن فرومايه دوش،
بر سفره ديگران داشت ڪوش. (فارسي)
۳. ڇا ڪوماڻل ستو اهو اڄاڻ ڪلهه رات.
جنهن پرائي خونچي ۾ اک رکي. (ترجمو)

134- پرائي پٽ کي چمئي، گگ ڀرجي وات. (پهاڪو)
سهڻي چهري کي، خاص طور تي پنهنجي معصوم ٻار جي ڳل تي چمي ڏيڻ ۾ فطري ڪشش رکيل آهي. معصوم ٻار سان محبت جو اظهار، لفظن سان ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. چمي ڏيڻ سان ئي سندس دل کي آٿت ڏيڻ ۾ فطري آساني آهي.
پنهنجي پٽ/ ٻچي کي چمي ڏيڻ سان، پاڻ کي ۽ ٻچي کي، ٻنهي کي سواد ايندو آهي. ٻئي جي ٻار کي چمي ڏيڻ سان نه اڳلي جي ٻار جي طبيعت کي مزو ايندو ۽ نه ئي پاڻ کي چمي ڏيڻ وارو سواد ايندو. هٿانئين ٻنهي کي ڪراهت پئي ايندي.
مطلب: ۱. پنهنجي شيءِ، هر ڪنهن کي وڻندي آهي.
۲. ڀيٽيو؛ پرائين دهلين احمق نچي.

135- پرائي دهلين، احمق نچي. (پهاڪو)
شاديءَ ۾ دهل وڄندا آهن، جن ۾ ناچ ۽ خوشي به ٿيندي آهي. هر ڪو پنهنجي خوشيءَ/ شاديءَ جي موقعي تي وڳل دهلن تي نچندو آهي. پرائي شاديءَ جي دهلن تي ڪير به نه نچندو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجا ڪم پيارا آهن، ٻين لاءِ ڪير به وقت ڪين سيڙائيندو آهي. بيوقوف ماڻهوءَ جو ئي ڪم آهي ته پراين خوشين ۾ ويٺو ٺينگ ٽپا ڏئي ۽ پنهنجو وقت ضايع ڪري. ڇو جو پرائي خوشيءَ جو ۽ پرائي گهر ۾ رڌل ٻوڙ پلاءُ جو سواد، پاڙي واري کي به ڪونه ايندو آهي.
مطلب: ۱. سياڻي کي گهرجي ته پنهنجي ڪم ۾ رڌو رهي، ٻين جي ڪم/ معاملي ۾ نه پوي ۽ نه ٽنگ اڙائي.
۲. ڀيٽيو؛ پرائي پُٽ کي چُمئي، گگ ڀرجي وات.

136- پرائي ماڙي ڏسي، پنهنجو ڀونگو نه ڊاهجي. (پهاڪو)
اميري غريبي، سڀ مالڪ جي طرفان آهي. ڪن کي امير ڪيائين ۽ ماڙيون محلات بخشيائين. ڪن کي غريب ڪري ڀونگين ۾ رهايائين. دنيا ۾ جيئن ڌڻي سڳوري رهايو آهي، تنهن تي شڪر ۽ صبر سان رهڻ گهرجي.
ڪي ٽرڙا ۽ ولها ماڻهو، ونهين جو کاڌِ خوراڪ، لٽو ڪپڙو ۽ جاءِ جڳهه ڏسي ريس ڪندا آهن. اڻ هوند تي به انهن وانگر اٿڻ ويهڻ ۽ کائڻ پائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيڪي وسيلا هوندا اٿن سي به تيزيءَ واري اٿا-ويٺيءَ ۾ جلد وڃائي ويهي رهندا آهن. کين ائين ڪرڻ نه گهرجي، بلڪ هٿ جهلي خرچ کاٻار ڪرڻ گهرجي.
مطلب: ۱. پنهنجي حال تي قناعت سان، سادي سودي زندگي گذارجي ۽ صبر شڪر سان رهجي.
۲. رُکا سُکا کائڪي، ٺنڊا پاڻي پيءُ،
نا ديک پرائي چوپڙي نا ترسائو جيءُ. (فريد وچن)
۳. رکي سُکي روٽي کاءُ، ٿڌو پاڻي پيءُ،
نه ڏس پرائو اڦراٽو، نه سِڪاءِ پنهنجو جيءُ. (ارٿ)

137- پرائيءَ ڌيءَ تان، کارڪ ملي ته به چڱي (پهاڪو)
هڪڙو ماڻهو پاڙيسريءَ جي ڌيءَ جي وهانءَ تان ٿي موٽيو ته ڀاڻس پڇيس؛ “وهانءَ ۾ ڇا مليئي؟”
“کارڪ!” کيس ورندي ڏنائين.
“بس!” ڀاڻس چٿر ڪندي چيس؛ “انهيءَ لاءِ هتان سهي سنبري نڪتو هئين؟!”
“پرائي ڌيءَ تان، کارڪ ملي ته به چڱي.” موٽ ۾ ڀاءُ کي چيائين.
مطلب: جيڪو هھئين يا ريءَ کپت ملي، ڀلي ٿورڙو ئي هجي، ته به چڱو آهي.
۲. مفت را چہ بايد گفت. (فارسي)
۳. مفت ملي، تنهن کي ڇا جاچبو؟ (ترجمو)

138- پرڻ چوي ڏونگهي کي؛ “وڃ ٽِه- ٽونگا!” (پهاڪو)
پرڻ: اٽي ڇاڻڻ لاءِ، ڄاري دار باسڻ، جنهن ۾ گهڻا ٽُنگ ٿين.
ڏونگهو: پاڻي ڪڍڻ جو ٿانءُ، جنهن کي ٽي ٽُنگ ٿين.
جنهن کي گهڻا ٽُنگ يا عيب آهن سو پنهنجي دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ، ٻئي جا عيب جاچيندو ۽ وائريندو آهي. جيئن مينهن سڄي ڪاري آهي پر پوءِ به کيس ڳئونءَ جي ڪاري پڇ ۾ عيب نظر ايندو آهي.
مطلب: ۱. گهڻين ويڪن وارو، ٿورين وِڏُن واري کي طعنو ڏيندو آهي.
۲. آپ نه ديئي چُلو ڀر پاني،
تِن نِندي جن گنگا آني. (هندي)
۳. پاڻ ڪنهن کي لپ پاڻي به نه ڏئي،
تن جي نِندا/گلا ڪري، جن گنگا وهائي آندي. (ارٿ)
۴. چو بد ناپسند آيدت خود مکن،
پس آنکه به همسايه گويد مکن. (فارسي)
۵. بڇڙائي نه وڻيئي ته پهريائين پاڻ نه ڪر،
پوءِ پاڙي واري کي چؤ؛ “بڇڙائي نه ڪر!”
۶. مينهن ٿي چوي ڳئونءَ کي؛ “هل! پڇ ڪاري!”

139- پريو مڙس پَي نه ڪجي، وڃائجي نه وهي. (چوڻي)
پَي؛ مڙس، گهوٽ.
عورت کي، اٽو لٽو ۽ اجهو ته مائٽن جي گهر ۾ ميسر هوندو آهي. البته اولاد وغيره جي خواهش/ ضرورت لاءِ، کيس جوانمرد مڙس جي ضرورت هوندي آهي. جنهن لاءِ کيس شادي ڪرڻي پوي ٿي. ڪراڙي مرد ۾، اولاد ڄڻڻ جي صلاحيت گهٽ ٿي ويندي آهي، جنهن سان عورت جي دلي خواهش پوري نه ٿي سگهندي آهي. جنهن ڪري هر عورت، ڪراڙي مرد سان شادي ڪرڻ کان ڪيٻائيندي آهي.
جيڪڏهن ڪا جوان زال، پوڙهي مڙس سان پرڻي، تنهن جواني ته وڃائي پر پوڙهي جي جلد گذاري وڃڻ ڪري، ڄڻ عمر جا پويان سال به وڃائي ڇڏيائين. ڇو جو ان عمر ۾ وري ساڻس ڪير به شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.
مطلب: ۱. ناجنس جي سنگت، ڪنهن کي به نه وڻي.
۲. زنِ جوان را تير در پهلو، بہ که پير در پهلو. (فارسي)
۳. جوان زال کي پوڙهو مڙس بغل ۾ هڻڻ کان ڪک ۾ ڪانُ هئڻ چڱو. (ترجمو)
۴. پارسا را بس اين قدر زندان،
کہ بود هم طويلئه رندان. (فارسي)
۵. پرهيزگار فقير کي ايترو ئي قيد گهڻو آهي،
جو هجي گڏ مست فقير سان. (ترجمو)

140- پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري،
ننڍي هوندي نه سکيو، وڏي هوندي خواري. (چوڻي)
ننڍي ٻار جي دل ۽ دماغ، ڪوري ڪاڳر وانگر ٻين خيالن وغيره کان خالي هوندا آهن. مٿن جيڪي ڳالهيون ڪچڙيءَ ۾ لکبيون يا ويهاربيون، سي ويهجي ويندييون. هڪ وار ويهڻ کان پوءِ نه ميساربيون ۽ نه وسرنديون. پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ ۽ سواري وغيره ڪچڙن لڱن تي سکڻ گهرجن، ڇو جو انهن لاءِ خالي دل ۽ خالي دماغ گهرجي. لکيل ۽ پڙهيل دل و دماغ ۾، اهي ڪين اچي سگهنديون. ننڍپڻ ۾ سکڻ کان پوءِ، وڏپڻ ۾ وسرنديون ڪين. وڏپڻ ۾، پڪو هڏ نه ورندو ۽ نه ئي اهي ڪم سکڻ جي حساب سان وري ڪري سگهبا.
مطلب: ۱. ڏکيا ڪم، زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ سکڻ گهرجن.
۲. پڪي گهڙي کي، ڪَنا ڪو نه گهڙي سگهبا.

141- پڙهي پاڻ نه ڄاڻي، ماري کٿابي. (ورجيس)
کٿابي: ختابي، طالب العلم، شاگرد.
استاد جي مار، شاگرد لاءِ سنوار آهي. اهو تڏهن جڏهن استاد پاڻ ڄاڻو ۽ ماهر هجي. جيڪو استاد پڙهائڻ جو فن ته نه ڄاڻي بلڪ پاڻ به پڙهي نه ڄاڻي، تنهن جي مار تي شاگرد هٿائين ڏنگا ٿيندا ۽ زور وٺندا.
مطلب: ۱. جيڪو درويش پاڻ ڌڻيءَ جي واٽ جو سونهون ناهي، سو ٻئي کي واٽ ڪٿان ڏيکاريندو؟
۲. خفته را خفته کہ کند بيدار؟ (فارسي)
۳. ستل کي ستل ڪٿان جاڳائيندو؟ (ترجمو)

142- پَلا ڇڏي پاپي، ڪو کُٽل کڳا کائي. (چوڻي)
پلو: مٺي پاڻيءَ/ درياهه جي هڪڙي قسم جي سوادي مڇي، جيڪا سمنڊ منجھ جنم وٺڻ پڄاڻان، مٿي درياهه ۾ چڙھي اچي. اھو خاص طور درياءِ سنڌ ۾ ٿئي.
کڳو: سادي ۽ بنا ڇلرن واري مڇيءَ جو قسم، جيڪو عام شاخن ۾ ٿئي پر منجهس سواد گهٽ ٿئي.
ماڻهو، طبعًا چڱي شيءِ جو چاکائو رهيو آهي. جنهن کي ڌڻيءَ سڳوري کائڻ/ هنڍائڻ لاءِ چڱو چوکو ڏنو آهي، سو بي سوادي ۽ سادي شيءِ تي گهٽ نظر وجهندو آهي.
مطلب: ۱. جنهن وٽ کائڻ لاءِ گيهه ۽ مال مليدا هجن، سو بصر يا چٽڻيءَ سان روٽي ڪين کائيندو.
۲. جنهن کي پهرڻ لاءِ اطلس/ ڪيمخاب هجي، سو اجايو بافتو يا کٿو ڪين اوڍيندو.

143- پلاءُ رحمة الله عليہ، جي هڪيو حاضر هوءِ،
ريڙهي هڻجي پيٽ ۾، مَرُ پيٽ ڦاٽي پوءِ. (چوڻي)
پلاءُ: چانورن، گوشت ۽ گيهه مصالحي سان جڙندڙ چڱو کاڄ.
جن کي ڌڻيءَ سڳوري سنجم/ قناعت بخشي آهي، سي پنهنجي لڄ/ پت جي رٻ کي، پلاءَ کان پڻ واڌو ڄاڻن ٿا. مگر حريص ۽ وات جا چٽخارا وٺندڙ ماڻهو، پنهنجو پرائو سڻڀو گرهه پيٽ ۾ ريڙهي هڻن. البته شان مان واري ماڻهوءَ کي اهڙي علت کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي کاڌي بابت اهڙا قصيدا جوڙي ڳائڻ جڳائين ٿا.
مطلب: ۱. پرائو ان ڏسي، پيٽ پرائو نه ڪجي ۽ نه ئي تن کي زيان ڪجي.

144- پلو سيري کان به ڀلو، سيري ۾ لاءُ نه ساءُ، پلو گوڏا کوڙي کاءُ. (چوڻي)
پلو: درياهي مڇيءَ جو قسم، جيڪو سمنڊ کان چڙهي، مٺي ڏي هلي ۽ کائڻ ۾ سوادي ٿئي.
سيرو: ڪڻڪ جي اٽي مان جڙيل، حلوي نما نرم ۽ مٺو کاڄ.
سيرو؛ غريباڻو کاڄ آهي، جيڪو گهر ۾ پيل اٽي مان جڙي ٿو. مٿس گهڻو خرچ کاٻار ناهي. جلد تيار ٿيو وڃي. نرمي ۽ مٺاس سبب، اول ته هر ڪو کيس پسند ڪري پر پيٽ ۾ پوڻ کان پوءِ کائيندڙ يڪدم ڪڪ ٿيو پوي. جيڪڏهن ڪچو هجي ته پيٽ ۾ مُروڙهه ڪري.
ان جي ڀيٽ ۾ پلو، تڪليف ۽ خرچن کان پوءِ هٿ اچي سو به مڇيرن جي هٿائون. منجهس چٽ پٽا مرچ مصالحا پون، جنهن سبب سوادي ۽ سُڏاڏو ٿيو پوي. پلي جو پيٽارو ته ڳردار، نرم ۽ لذيذ ٿيندو آهي. سيري جهڙي کاڄ کي پري ڪري بيهاري.
مطلب: ۱. پلي جا کايارا، سيري کان پلي کي وڌيڪ ڀانئيندا آهن.
۲. جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا به ويچارا.

145- پنڻ وچان، پڙهڻ ياد نه رهي. (پهاڪو)
هڪڙو غريب ماڻهو، ڏيهاڙي هڪڙي پڙهيل وٽ پڙهڻ ويندو هيو. هڪڙو ڀاڳوان، ان غريب کي ڏيهاڙي روٽي کارائيندو هيو.
هڪڙي ڏينهن اهو ڀاڳوان، ڪنهن ڏورانهين مسافريءَ تي هليو ويو. جنهن ڪري هِن غريب کي پيٽ جي پورائي لاءِ مجبورًا ٻيا در پنڻا پيا ۽ پڙهڻ لاءِ واندڪائي نه مليس.
هڪڙي ڏينهن اهو پڙهيل، جنهن وٽ هيءُ پڙهندو هيو، گس ۾ گڏيس. پڙهڻ لاءِ نه اچڻ جو سبب پڇيائينس. تنهن کي چيائين؛ “پنڻ کان واندو ڪين آهيان، پڙهان ڪيئن؟”
مطلب: ۱. جنهن کي پيٽ ۾ بک هوندي، تنهن کي پڙهڻ، عبادت يا ٻيو ڪم ياد نه پوندا.
۲. بوکي ڀڳت نه ڪيجي، يہ وچن مالها اپني ليجي. (ڪبير)
۳. بک ۾ ڀڳت نه ٿئي، هيءَ ارٿ مالها پنهنجي وٺ. (ارٿ)
۴. اڻ-هوند واري کي سڀ ڪم اهنجو آهي.
۵. ڀيٽيو؛ بک وچان اوگهڙ، ياد ناهي
.
146- پنهنجي ٿوري، گڏهه کي به پيرين پئجي. (پهاڪو)
گڏهه کي پيرين پوڻ: ڪميڻي کي سائين ڪرڻ.
اؤکيءَ ويل، جيڪڏهن ڪنهن ڪميڻي ماڻهوءَ ۾ ڪم پوي ته سياڻي ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته نياز نوڙت ڪري، منجهانئس ڪم ڪڍي وٺي. پنهنجي غرض لاءِ ائين ڪرڻ ۾ به عيب ناهي.
مطلب: ۱. ڪميڻي سان جهيڙو ڪرڻ بجاءِ، هيٺانهين ڪري ڪم ڪڍڻ ۾ ئي حڪمت آهي.
۲. ناسزائي را چو بيني بخت يار،
عاقلان تسليم کردند اختيار. (فارسي)
۳. نالائق ماڻهوءَ سان جتي ڏسن بخت جي ياري،
اتي سياڻا اختيار ڪن سندس سلامي. (ترجمو)

147- پنهنجي پير تي، پاڻ ڪهاڙو نه هڻجي. (پهاڪو)
هر ڪنهن کي بڇڙي ۽ چڱي ڪم جي ڦير جي سُڌ آهي. جهنگلي/ جاهل ماڻهوءَ کي به حلال ۽ حرام کائڻ جو ڦير سمجهه ۾ ايندو آهي. اهڙي صورت ۾ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻي ٻجهي بڇڙو ڪم ڪندو، سو ڄڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿو هڻي. سڀڪو ڄاڻي ٿو ته دنيا دوياري آهي. اهو ڄاڻندي به جيڪڏهن ڪو دنيا جي لوڀ تي دين ٻوڙيندو، سو ڄڻ پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو ٿو هڻي.
مطلب: ۱. پنهنجي پاڻ کي، پنهنجي هٿن سان ڇيهو نه پهچائجي.
۲. دين گوايو دُني سين، دُني نه چلي ساٿ،
پاءِ ڪهاڙا ماريا، غافل اپني هاٿ. (شيخ فريد، وچن)
۳. دنيا لاءِ دين وڃايائين، دنيا به ساڻ نه هليس،
موڳي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو. (ترجمو)
۴. دنيا خاطر دين، وڃائي ولها ٿيا.

148- پنهنجي ڌونئري کي، کٽو ڪير ڪو نه چوي. (پهاڪو)
ڪو به دڪاندار، پنهنجي وَٿُ جي گلا ڪو نه ڪندو آهي. عيب ھوندس ته به پيو لڪائيندو. گراھڪ جو ڌيان شيءِ جي خوبين ڏانھن پيو لاڙيندو ۽ ويٺو شيءِ کي ساراهيندو.
گھورڙيو ھوندو ته به ھوڪو اھڙو ڏيندو جو ماڻھن جو ڌيان ڏانھنس ھليو ويندو. شيءِ سادي ھوندس پر اوچيءَ وارو ھوڪو ڏيئي پيو واکاڻيندس. ھوڪا اھڙا ٺاھي ٺاھي پيا ڏيندا، جو نه وٺڻ واري ماڻھوءَ جو ڌيان به پاڻ ڏانھن ڇڪائي وجھندا. جھڙوڪ:
ڏڌڙي کپائيندڙ ھوڪو ڏيندو؛ ڏڌڙي، چپ-چٽڻي، وٽ وٺڻي.
اوٻاريل بيدا کپائڻ وارو، ڀلي ٿڌا ھجنس ته به پيو چوندو؛ اوٻاريل گرم گرم انڊا. تازا انڊا.
پڪوڙن کپائڻ وارو؛ گرم گرم چھرا پڪوڙا، نمڪين ۽ خسته پڪوڙا. وغيرھ.
مطلب: ۱. پنهنجي شيءِ جو عيب، ڪنهن کي به نظر نه ايندو آهي.
۲. تا سمند زمين در يورش است!
کس نگويد که دوغ من ترش است. (فارسي)
۳. جاسين ڌرتيءَ جو گهوڙو ڊوڙندو آهي،
ڪو ماڻهو نه چوي ته منهنجو ڏڌ کٽو آهي. (ترجمو)

149- پنهنجي ڏر تي گدڙ به شينهن. (پهاڪو)
مٿي لڪائڻ لاءِ، پنهنجو گهر ئي ڪافي آهي. ٻاهر ته ڪمزور ٿي سگهجي ٿو پر پنهنجي گهر ۾ ڪمزوري ڪير ڪو نه ڏيکاريندو آهي. هڪ ته پنهنجي گهر ڦرجڻ کان پوءِ، ٻي پناهه جي جاءِ ڪا نه سُجهندي آهي. ٻيو فطرتي طور پنهنجي گهر جي حفاظت ۽ حقدو، هر ڪنهن جي دل ۾ ويٺل آهي. ان ڪري اتي دلير ئي هوندو آهي.
مطلب: ۱. غريب هجي توڙي دنيادار، نڌر هجي توڙي سڌر، پنهنجي گهر ۾ ڄڻ راجا آهي.
۲. پنهنجو گهر، هنگي ڀر، پرائو گهر، ٿڪ ڦٽي ڪري ڏَرُ.
۳. پنهنجي گهر ۾ ٻلي به شينهن.
۴. سکيا تو گهر اپني، دکيا تو پرديس. (هندي)
۵. سک ته پنهنجي گهر ۾، ڏک ته پرڏيهه ۾. (ارٿ)

150- پنهنجي ڪِئي جو، نڪو ويڄ نڪو طبيب. (پهاڪو)
ماڻهوءَ کي نقصان، غلط-ڪاريءَ سبب پھچندو آھي. اھا غلط-ڪاري پاڻ ڪري يا ٻيا ڪن. ٻين جي ڪيل غلط عمل جو نقصان ڪير به پنھنجي ڳچيءَ ۾ کڻڻ نه چاھيندو آھي. جڏھن پرائي عمل جو زيان، ڳچيءَ ۾ پوڻ وارو ھوندو اٿس، تڏھن وٺي رڙيون ڪندو آھي. ائين جان ڇڏائي ويندو آھي.
پنھنجي ڪيل عمل ۽ ان جي نتيجي تي ماڻھو آخر تائين ڳت ڏيئي بيھندو آهي ۽ ان کي چڱو پيو سمجھندو آھي. بظاھر نقصان نظر پيو ايندس پر ان کي نقصان گھٽ سمجھندو آھي. اھڙيءَ طرح پنھنجي ھٿ سان پنھنجو نقصان ڪري وجھندو آھي. اھڙي صورتحال ۾ ٻيا به سندس مدد ڪرڻ کان لنوائيندا آھن. ائين پنھنجي ھٿ سان ڪيل زيان جو علاج نه ٿي سگھندو آھي.
مطلب: ۱. پاڻ کي، پنھنجي ھٿ سان پهچايل نقصان جو علاج مشڪل آهي.
۲. خود کرده را علاجي نيست. (فارسي)
۳. هٿ جي وڍيءَ جو، نه ويڄ نه طبيب. (سنڌي)

151- پنئين مڱئين گهر هلي، کھُ اڌاري واٽ. (چوڻي)
ڪي بي لڄا ۽ لچا، آرسي ۽ ٽوٽي ماڻهو، پورهئي ۽ محنت کان لنوائيندا آهن. اوڌر تي ورتل پئسو به آخر موٽائڻو آهي. اڌارو به ڪين گھرندا يا وٺندا ته متان موٽائڻو پوي. ڇو جو موٽائڻ لاءِ وري به محنت/ ڪمائي ڪرڻي پوندن. تنھنڪري منڍئون ئي وڃي ڌڻيءَ جي نالي تي گهرندا آھن. پنڻ ۾ پنهنجو آجپو سمجهندا آهن.
جڏهن ته لڄ وارا، ان جي ابتڙ ڪندا آهن. ڪوشش ڪندا آهن ته پنن ته نه، پر اڌارو به نه وٺن. حلال جي سُوتي پوتي ڪمائيءَ مان گهر جو گاڏو به گهليندا آهن ۽ پڄنديءَ سارو مسڪين/ محتاج جي مدد به ڪندا آهن.
مطلب: ۱. اوڌر وٺڻ ته خراب آهي پر پنڻ مڱڻ پڻ بڇڙو ڪم آهي. کانئن پاسو ڪجي.
۲. بينگ آر، با ديگران نوش کن،
نه بر فضلئه ديگران کوش کن. (فارسي)
۳. هٿ آڻ، ۽ ٻين سان ونڊي کاءُ،
ٻين جي اوبر کائڻ جو سعيو نه ڪر. (ترجمو)

152- پوءِ-ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لٽائي. (چوڻي)
پوءِ- ڍائو: نئون ڍاول، نئينءَ مان پئسي وارو، سڃائيءَ کان پوءِ امير ٿيل.
اول ته قرض کڻڻ پاڻ لاءِ دائمي مرض ويهارڻ جي برابر آهي. تنهنڪري کڻجي ئي نه ته چڱو آهي. ٻيو جيڪڏهن ڪنهن مجبوريءَ تحت قرض کڻڻو ئي پئجي وڃي ته ڪنهن اهڙي بيٺل ماڻهوءَ کان کڻجي، جنهن جا ڪلها گٺل هجن. جيڪو ڏيڻ کان پوءِ نه هچر پچر ڪري ۽ نه ٿورو ٿاڦيندو وتي. پوءِ-ڍائي/ ڪميڻي کان قرض کڻبو ته سُهمن ۾ ئي ساڙي ڇڏيندو. اهڙو دوڳيندو جو رت ئي سڪائي ڇڏيندو.
مطلب: ۱. اوڌر، ڪنهن اصيل کان کڻجي.
۲. هرچه از دو نان به منت خواستي،
در تن افزودي، و از جان کاشتي. (فارسي)
۳. جيڪي ڪميڻي کان منٿ سان گهريئي،
سرير ۾ وڌايئي، ساهه ۾ گهٽايئي. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو؛ پائجي ته وڏي ڍيران پائجي.

153- پَهَيرُ چور ٿئي ته واهي ڪيترو وهي؟ (پهاڪو)
پھير: ٻنيءَ/ واڙيءَ جي چوڌاري، ڀَيلَ وغيره کان بچاءَ لاءِ ڏنل لوڙهو.
واهي: واهت ڪندڙ، نگهبان، راکو، رکوالو، ڪانگ-تڙيو.
پوک وغيره کي جهار ۽ مال جو خطرو لاحق هوندو آهي. زمين جي هاريءَ ۽ حقدار جي ڪوشش هوندي آهي ته ٻنيءَ ۾ بيٺل سمورو فصل پنهنجي گهر کڻي اچن. لاحق خطرن کان کيس بچائڻ لاءِ جتن ڪندا آهن. اول ته زمين کي چوڌاري ڪنڊن وارو لوڙهو ڏيندا آهن ته جيئن ڪو به زيانخور جانور منجهس ٽپي نه پوي. ٻيو پيها اڏي مٿس ويهي جهار به هڪليندا آهن ۽ لوڙهو ڀڃي اندر ٽپندڙ مال وغيره تي به نگاهه رکندا آهن.
انهن جتنن جي باوجود، جيڪڏهن لوڙهو يا چوڪيدار ويٺا پوک کي پٽين ته پوءِ راکا يا ڪمدار ڪاراوا ڇا سنڀاليندا.
مطلب: ۱. حاڪم، رعيت کي پاڻ لُٽي ته پوءِ ٻيو ڪير رعيت کي ڇا فائدو ڏيندو؟
۲. نکند جور پيشہ سلطاني، که نيايد ز گرگ چوباني. (فارسي)
۳. ظالم، بادشاهي نه ڪري، ڇو جو بگهڙ کان ڌنارپ نه ٿيندي. (ترجمو)

154- پيادي مان هسوارُ، هسوار مان پيادو، ڌڻي ٿو ڪري. (پهاڪو)
هڪڙي بادشاهه، هڪڙي ڪامل شخص کي درٻار ۾ گھرائي، بيعزتي ڪرڻ جي نيت سان پڇيو؛ “ڌڻي ڪهڙا ڪم ٿو ڪري؟!”
“گهوڙي تي چڙهي، جهنگ ڏي هل ته ان جي ورندي ڏيانءِ؟” ڪامل شخص، سندس نيت ۽ ارادو تاڙي وٺڻ کانپوءِ وراڻيو.
بادشاهه گهوڙي تي چڙهيو ۽ ڪامل شخص ۽ رعايا پنڌ ئي پنڌ، جهنگ ڏانهن ويا. اتي پهچي، ڪامل شخص بادشاهه کي چيو؛ “توهان گهوڙي تان هيٺ لهو ته هاڻي مان وارو وٺان، ڇو جو ٿڪجي پيو آهيان.”
بادشاهه، ڪامل شخص جي چوڻ پٽ-اندر، گهوڙي تان لهي پنڌ ٿيو ۽ ڪامل شخص لانگ ورائي گهوڙي تي چڙهيو.
“ڌڻي هيءُ ڪم ڪري ٿو. جهڙوڪ؛” ڪامل شخص گهوڙي کي اڙي هڻي تکو ڪندي، بادشاهه کي سندس ڪيل سوال جو جواب ڏيندي چيو؛ “پيادي مان هسوار، هسوار مان پيادو، ڌڻي ٿو ڪري.”
مطلب: ۱. امير مان غريب ۽ غريب مان امير، مولا ٿو ڪري.
۲. دنيا جو معاملو سدائين هر ڪنهن سان هڪجهڙو نه ٿو رهي.
۳. سڃن مان ساوا، ساون مان سڃا، خدا ٿو ڪري.
۴. ريتي ڀري، ڀري سکناوي، يہ تانڪو وهنوار. (گرونانڪ)
۵. ٺلها ڀري، ڀريا ٺلها ڪري، اهو سندس ڌنڌو. (ارٿ)

155- پيٽ، ٻه- ٻانهون؛ چنتا ناهين. (پهاڪو)
پيٽ، کائڻ يا ڀرڻ لاءِ آهي. جڏهن ته ان کي ڀرڻ لاءِ هٿ موجود آهن. هٿ تعداد ۾ ٻه آهن، جڏهن ته کائڻ لاءِ پيٽ فقط هڪڙو آهي. يعني ڪمائڻ جا ذريعا خرچ جي گهرج کان ٻيڻا آهن. آمدني، خرچ کان ٻيڻي هجي ته پوءِ ماڻهوءَ کي فڪرمند نه ٿيڻ گهرجي.
مطلب: ۱. دنيا ڪمائڻ لاءِ ايڏي وڏي جاکوڙ/ فڪر نه ڪرڻ گهرجي، ڇو جو ماڻهوءَ جون گهرجون، سندس وسائل کان تمام گهڻيون گهٽ آهن.
۲. سات گانٺ ڪوپين ۾ ته او نه آني سنڪ،
رام عمل ماتي ڦرين گِنھ اندر ڪُون رنُڪ. (هندي)
۳. لانگوٽيءَ ۾ ست ڳنڍيون، ته به فڪر ڪو نه ڪن،
ڌڻيءَ جي نشي ۾ مست وتن ۽ اِندر (سرڳ جو راجا) کي ولهو سمجهن. (ارٿ)

156- پيٽ ڀر، پٺي لڏ. (پهاڪو)
پيٽ، کاڌي سان ڀرڻ لاءِ آهي. سموري جسم ۾ اتان ئي کاڌي مان نڪتل ڪاربوهائڊريٽس ورهائجن ٿا. منجهس کاڌ خوراڪ پوندي ته ٻين عضون کي به پهچندي ۽ اهي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهندا. جيڪڏهن پيٽ بکيو هوندو ته ٻيا عضوا به بکيا ۽ ڪمزور رهندا. نه ڪم ڪري سگهندا، نه ئي ڪو بار سهي سگهندا.
جيڪڏهن ڪنهن وهٽ وغيره جي پٺيءَ تي بار يا وزن لڏڻو آهي ته پهرين گاهه يا چاري سان سندس پيٽ خوب ڀرجي ته جيئن ٻل ٿئيس. پوءِ ڀلي وزن لڏجيس.
مطلب: ۱. نوڪر/ مزدور کي اول مزدوري/ قُوت ڏي، پوءِ پورهيو ڪرائينس ته دل سان ڪندو.
۲. زر بده مرا سپاهي را تا سر بدهد،
وگرش زر ندهي سر بنهد در عالم. (فارسي)
۳. ناڻو سپاهيءَ مڙس کي ڏي ته سِرُ ڏيندو،
جيڪڏهن ناڻو نه ڏبس ته سر نيندو. (ترجمو)

157- پيٽ ڀريو ته منهن ڪارو ئي سهي. (ورجيس)
پيٽ ڀرڻ: ڍءُ ڪرڻ، ڍائجڻ.
منھن ڪارو: بي عزتو ٿيڻ، عزت لھڻ.
ڪميڻي ماڻهوءَ کي دولت گڏ ڪرڻ جي ڳڻتي ۽ چوس، گهڻي هوندي آهي. مانَ مرجاءِ جو فڪر ٿورو به نه هوندو اٿس. مانَ کان ماني، پياري ڄاڻندو آهي. پيٽ کي نڪ مٿان ترجيح پيو ڏيندو آھي.
مطلب: ۱. بخدمت منھ دست بر پاي من،
مرا نان ده و کفش بر سر بزن. (فارسي)
۲. خدمت سان منهنجي پيرن تي هٿ نه رک،
مون کي ماني ڏي ۽ پادر مٿي تي هڻ. (ترجمو)
۳. اگر آبِ حيات را بر آبروءِ فروشند، دانا نخرد. (فارسي)
۴. جيڪڏهن انبرت، آبروءَ تي وڪامي ته به سياڻو نه ڳنهي. (ترجمو)
۵. ناڻو صدقو جان جو، جان صدقو شان جو.
۶. انسان کي ٽي شيون پياريون آھن؛ جان، مال ۽ شان. جان تي اچي ته مال مان ھٿ پٽڻ گھرجيس. جيڪڏھن شان تي آنچ اچيس ته جان ۽ مال تان آھو کڻڻ گھرجيس.
۷. ڀيٽيو؛ ڦٺ بجو ڪج، گيهه ذرو ڏج.
۸. پيٽ ڀر، پٺي لڏ.

158- پير کان، ويساهه ڀلو. (چوڻي/ پهاڪو)
پير به ٻين ماڻهن جهڙو ماڻهو آهي. ڀلي ئي گهڻو علم حاصل ڪري ۽ عبادتگذار هجي پر منجهس جيترو ويساهه رکبو، اوتري مراد پوري ٿيندي. ويساهه نه رکبس ته ڪا به مراد پوري نه ٿيندي. سمجهه ۾ آيو ته سندس ڪرامتن کان به وڌيڪ ويساهه کي عمل دخل آهي.
مطلب: ۱. پير ڀلو ڪي ويساھ ڀلو.
۲. محفل خدا پرستان همچو کلبهه بزازان ست،
آنجا تا نقد نه دهي، بضاعتي نستائي،
اين جا تا ارادتي نياري، سعادتي نه بري.
۳. ڪاملن جي مجلس، بزازن جي گهر جهڙي آ،
هُتِ جاسين روڪڙ نه ڏين، وَٿُ نه مليئي،
هِتِ جاسين ويساهه نه آڻين، مراد نه وٺين. (ترجمو)