لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ڀ

84- ڀاڙي ۽ مسواڙ جو، ڪئٿ ڪو نه آهي. (چوڻي)
ڀاڙو: ڪرايو، ان شيءِ/ ڪم جو ڪرايو، جنهن ۾ تحرڪ هجي. متحرڪ شيءِ جي استعال جو اجورو.
مسواڙ: غير متحرڪ شيءِ جو ڪرايو، غير متحرڪ شيءِ جي استعمال جو اجورو.
ڪئٿ: قحط، قيد، قانون، اصول.
گاڏي وغيره ۾ ٻين سنئين سفر ڪجي ٿو ته هر هڪ مسافر تي الڳ الڳ ڪرايو لڳي ٿو، جنهن کي ڀاڙو چئبو آهي. جيڪا مينهن گاهه کان سواءِ کير نه ڏئي، تنهن جي کير لاءِ، گاههُ ڄڻ ڀاڙو آهي. رهڻ لاءِ جاءِ وٺجي ته ان جي لاءِ مهيني تي ڏنل اجوري کي مسواڙ چئجي.
جهڙي قسم جي گاڏي ڀاڙي تي ڪبي، اهڙي قسم جو ڪرايو ڳالهائبو. نجي سواريءَ جو ڀاڙو الڳ آهي، ٻڌي سواريءَ جو ڀاڙو جدا آهي. چڱي گاڏيءَ جو ڪرايو مختلف ته پنڌ جي حساب، منزل ۽ رستي جي لحاظ کان به ڪرايو علحده ٿيندو. سٺو رستو ته ڪرايو ٻيو، کڙٻڙ ۽ ڪنو رستو ته ڪرايو وڌيڪ.
اهڙيءَ طرح مسواڙ به جاءِ ۽ محلي يا علائقي جي حساب سان مختلف ٿيندي. سٺي علائقي ۾، گهڻين آسانين ۽ آسائشن واري جاءِ جو ڪرايو وڌيڪ ته ڪني ۽ گهٽ آسائش واري علائقي واريءَ جاءِ جو ڪرايو بلڪل گهٽ هوندو آهي.
حالات واقعات جي حساب سان اهي به ڦرندا گهرندا رهندا آهن. ضرورت پوي ته ڪني علائقي واري جاءِ جو به ڳرو ڪرايو ملي. ضرورت ۾ نه هجي ته اوچي ۽ ڀلي جاءِ جو رپيو به ڪرايو ڪير نه ڏئي.
مطلب: ۱. دنيا جو ڪو به ڪم سدائين هڪ حال ۾ ڪو نه ٿو رهي.
۲.جب گيا بلبل چمن مين، ديک ڪي فصل خزان،
رو ڪي ہنس ڪہني لگا، گاھي چنين گاھي چنان۔ (اردو)
۳. جڏهن بلبل باغ ۾ ويئي، جهَولي جي مند ڏسي،
روئي، کلي چيائين؛ “ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن!” (ترجمو)

85- ڀڄ چريا! مست آيئي. (ورجيس)
چريو: دماغي طرح پوئتي پيل، جنهن کي پنهنجي نفعي نقصان جي خبر نه پوي.
مست: نفسياتي مريض، بي بس، انت کان ٻاهر نڪتل، بدمست، نشي ۾ ڌت.
چريو، عقل وڃائڻ واري کي چئبو آهي. اھو، عقل سان گڏوگڏ، جسماني طرح به لاغر ٿيندو ويندو آهي. وقت تي نه مانيءَ جي خبر پوندس ۽ نه وري لٽي ڪپڙي جي. لٽا ڪپڙا لاهيون پيو ڦرندو. پنهنجي نفعي نقصان جي به خبر نه پوندس ۽ نه وري ان لاءِ جهڳڙو ڪندو.
مست کي پنهنجي غرض جي ڄاڻَ هوندي آهي. نفسياتي مريض هئڻ سبب، الل مست لڳو پيو هوندو آهي. پنهنجي غرض لاءِ ڪنهن جي منڍي مروڙڻ ۾ به دير نه ڪندو. چرين کان به ڪسر هوندو. ڪيترين جاين تي چريو مُڙي ويندو پر مست نه مڙندو. جتي چريا ٻين ماڻهن کي پنهنجي اٻالائپ سبب تنگ ڪن، جيڪڏهن اتي مست اچي وڃن ته چريا به پڇ پائي ڀڄي وڃن.
مطلب: ۱. چريي کي رات ڏينهن جي ڦير گهير جي خبر پوي پر مست کي خبر نه پوي.
۲. پاڳل خاني جي اڪيلي ۽ اڻ ڍڪيل موريز/ پيشاب خاني ۾ ھڪڙو چريو پيشاب ڪرڻ لاءِ ويٺو ئي مس ته پويان ھڪڙو مست به پيشاب ڪرڻ لاءِ آيو. جاءِ نه ڏسي، چريي جي مٿان بيھي پيشاب ڪرڻ لڳو. چريو پيشاب تان ٽپ ڏئي اٿيو ۽ چوڻ لڳو؛ “چريا اسان به آھيون، پر ھيءَ ته سڌي سنئين بدمعاشي آھي.”
۳. نشئي/ مست، چريي کان وڌيڪ چريو/ چَٽُ ٿيندو آهي.
۴. چريائپ جو ڇيهه ئي ناهي.

86- ڀڄندڙن جي اڳ ۾، لڪندڙن جي پوءِ ۾. (ورجيس)
۱. ڀڄڻ جي نوبت، ڏوهه ڪرڻ کان پوءِ سر تي ايندي آهي. مصيبت پوڻ جي صورت ۾ ڀڄڻو پوندو آهي يا ڇاپي جي ڀَوَ کان ڀڄبو آهي. چوريءَ جي ڳالهه کلڻ کان پوءِ، ڀاڳين جي پهچڻ جي ڀَوَ کان ڀڄبو آهي يا حمله آور جي حملي جي ڀَوَ کان جُوءِ ڇڏي ڀڄبو آهي. ڀڄندڙ کي، حمله آور يا ڇاپا مار مٿان اچي ڪڙڪي، تنهن کان اڳي ڀڄي وڃڻ گهرجي.
ڪامياب ڀاڄوڪڙ اهو چئبو جيڪو حملي/ ڇاپي کان اڳ ڀڄي وڃي. بلڪ جيڪي به ڀڄندڙ آهن، تن مڙني کان اڳي جاءِ واردات تان نڪري/ کسڪي وڃي.
اهڙيءَ طرح وري ڪنهن مصيبت کان ٻئي محفوظ هنڌ تي وڃي لڪڻ به ضروري آهي ته جيئن ڀڄڻ وارين ڪيل ڪاوشن تي پاڻي نه ڦري وڃي. جيڪو ماڻهو اڳواٽ ڪٿي وڃي لڪندو، اهو جيڪڏهن اتان موٽڻ يا واپس ڀڄڻ چاهي ته کيس پهرين انهن جي نڪرڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو، جيڪي کانئس پوءِ اچي ساڳي سوڙهي جاءِ ۾ لڪا آهن. ڇو جو رستو، انهن سان والاريل هوندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پڇاڙيءَ ۾ اچي لڪيل، پوئين پير ڀڄڻ چاهي ته مڙني کان اڳي ڀڄي ويندو.
۲. ڪنهن ڪم کان لڪي ويندڙ ماڻهو به مڙني جي نظرن ۾ ٿي پوندو آهي. جيڪو ڪم کان نٽائي، لڪڻ جي اڳواٽ ڪوشش ڪندو، سو ستت جهلجي پوندو. البته هڪ ٻئي کي ڏسندي جيڪي لڪن ٿا، تن ۾ آخري لڪڻ واري تي ايتري مصيبت نه ايندي، جيتري پهرئين لڪڻ واري تي ايندي. ڇو جو مڙني جي لڪڻ جو سببُ، مُهڙيون لڪندڙ بڻبو آهي.
مطلب: ۱. ڪم کان ڀڄندڙن جي اڳواڻي ڪندڙ ۽ لڪندڙن جي پٺيان هلندڙ.
۲. لچ، هڪ هنڌان ڳالهه ٻڌي، ٻئي هنڌ پهچائي پنهنجو اُلو سڌو ڪندو آهي.
۳۔ مالداري را بگويد مال دار،
دزد را گويد کہ املاکش برار۔ (فارسي)
۴. ڀاڳئي کي چوي؛ “مال سوگهو ڪر!”
چور کي چوي؛ “وسلا چورائينس.” (ترجمو)

87- ڀرئي اٺ تان وڃڻي لٿي، ته به چڱي. (پهاڪو)
ڀرئي: سامان سان لڏيل، وزن رکيل، وزن سان ڀريل.
وڃڻي: ننڍڙو وڃڻو، تمام هلڪي شيءِ.
اٺ تي وزنُ، ڍوئڻ لاءِ لڏبو آهي. هڪ هنڌان وزنُ کڻي، ٻئي هنڌ پهچائڻ واري کي ٻه اهنج ساڻُ کڻڻا ٿا پون. هڪ ته وزنُ پٺيءَ تي رکڻ، ٻيو پنڌ ڪرڻ. پنڌ، هڪ منزل کان ٻيءَ منزل تائين پهچڻ لاءِ، پورو ڪرڻو پوندو. هڪ وک به کٽندي ته منزل کان ٿورو پوئتي پهچبو. جڏهن ته وزن ۾ ڪمي بيشي ٿي سگهي ٿي. گهٽائڻ چاهجي تڏهن به ٻنهي اهنجن منجهان فقط ھڪ، يعني وزن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. اٺ جڏهن ته آهي ئي وزن ڍوئڻ لاءِ. تنهن هوندي به مٿانئس رکيل وزن مان جڏهن وڃڻيءَ جيترو وزن گهٽ ٿو ٿئي ته به ڄڻ اٺ هلڪو ٿي ٿو پوي.
مطلب: ۱. هڪڙي ماڻهوءَ تي سَؤُ رپيا قرض لهڻل هجي، تنهن مان جيڪڏهن هڪڙو رپيو قرض جو لاهي وجهي ته به سرهو ٿيندو.
۲. هڪڙي ماڻهوءَ کي سَؤُ ڪوهه پنڌ ڪرڻو هجي، انهن منجهان جيڪڏهن ٻن ڪوهن لاءِ کيس ڪو اُٺَ-سوار اچي سواري پيش ڪري ۽ اڳڀرو ڪري ته به ڄڻ مشڪل آسان ٿيس.
۳. سؤ ڪوهه ڪرڻ وارو، هڪ ڪوهه پنڌ ڪري ته به ڄڻ بار هلڪو ٿيس.
۴. سوين ڏوهه ڪندڙ پاپي، جيڪڏهن هڪڙو پاپ جو ڪم ڇڏي، ته به ڄڻ آساني ٿيس.
۵. ڀريل اٺ تان وڃڻي لٿي ته به اٺ ٿيو هلڪو.

88- ڀريءَ ڇنيءَ کان، ڀيري ڇنو چڱو. (پهاڪو)
ڀري ڇني: ڳؤري ڀري، جيڪا کڻندڙ کي ڇني رکي.
ڀيرو ڇنو: وڏو پنڌ، جيڪو مسافر کي ڇني رکي.
هڪڙي هنڌان، ڪنهن مزور کي چار مڻ وزن جا کڻي ڪاٿي پهچائڻا هجن ۽ هڪ ڀيري ئي سمورو بار، ڀري ٻڌي کڻندو ته چيلهه يا ڳاٽو ڀڄي پوندس. ان جي برعڪس، هڪڙو هڪڙو مڻ، چار ڀيرا ڪري کڻندو، پنڌ گهڻي ٿيڻ جي باوجود جان جو زيان ڪو نه پهچندس.
مطلب: ۱. جيڪو ڪم هري هري سڌرندو، سو تڪڙ سان نه ٿيندو.
۲. بچشم خويش ديدم در بيابان، کہ آهسته سبک برد از شتابان،
سمند باد پا از تنگ فروماند، شتربان همچنين آهستہ ميراند. (فارسي)
۴. پنهنجي اکين سان پَٽَ ۾ ڏٺم،
هوريان هلندڙ کٽيو، تيز ڊوڙندڙ کان،
گهوڙو تکو ڊوڙي ٿڪجي پيو،
اوٺي، هري هري هلندو رهيو. (ترجمو)

89- ڀڳڙن کاڌي، هٿ ڌوتا پيا آهن. (پهاڪو)
کاڌو کائڻ، جيئرو رهڻ لاءِ اشد ضروري آهي. کائڻ وقت، کاڌي لاءِ پاڪ ۽ حلال هجڻ جو خيال رکڻ پڻ اهم آهي. پاڪ شيءِ مان، پاڪ پاڻي استعمال ڪري، جوڙيل کاڌو، پاڪ صاف هٿن سان کائجي ته جيئن بيمارين جا وچڙندڙ جيوڙا، کاڌي ذريعي پيٽ ۾ هليا نه وڃن.
خاص طور تي اهو کاڌو، جيڪو پاڻيٺ تي مشتمل آهي يا آلاڻ مائل آهي، تنهن ۾ هٿ وجهجي ته ڌوئي وجهجهي. ٻيءَ صورت ۾ هٿ اندر موجود جراثيم، آلاڻ جي ذريعي يڪدم کاڌي ۾ شامل ٿي ويندا ۽ معدي تائين پهچي ويندا.
جيڪو کاڌو خشڪ آهي، تنهن ۾ هٿن جي ميراڻِ جلد نه لڳندي. ڇو جو گدلاڻ، آلاڻ جي ٽيڪ تي ڦهلبي آهي. اڻ ڌوتل هٿ ۾ موجود جراثيم، خشڪ کاڌي/ ميوي تي يڪدم نه ڦهلبا آهن. ان ڪري جيڪڏهن نجاست محسوس نه ٿئي ته پوءِ اڻ ڌوتن هٿن سان به سڪل ميوو کائي سگهجي ٿو.
مطلب: ۱. جنهن کاڄ سان، کائڻ مهل، هٿ وڃائجن، سو کاڌو هٿ ڌوئي پوءِ کائجي.
۲. دنيا جي ڪڌن/ ڪنن ڪمن ۾ هٿ وجهبو ته پڇاڙيءَ جي ڳڻتي رهندي. نه وجهبو ته نه رهندي.
۳. تو پاک باش، مدار اي برادر از کس باک،
زنند جامه ناپاک گاذران بر سنگ. (فارسي)
۴. ادا! تون پاڪ رهه، پوءِ ڪنهن جو ڀؤُ نه ڪر،
ڌوٻي به پليد ڪپڙي کي ئي پاهڻ تي سٽيندو آهي. (ترجمو)
90- ڀڳو گهڙو، ڍئون ڍئون ڪري. (پهاڪو)
گهڙو: ٺڪر جو دلو يا مٽ.
ڍئون ڍئون ڪرڻ: ٻاڙو وڄڻ، بي سرو وڄڻ.
ٺڪر جو گهڙو يا دلو، پاڻي سانڍڻ ۽ پيئڻ لائق ٿڌي ڪرڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي. وڏي پنڌ تان، خاص طور تي پرانهن کوهن تان ڀريل پاڻي، ٻهراڙين ۽ ٿري علائقن جا ماڻهو، ڪنهن مضبوط ٿانءَ ۾ سانڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. چمڙي جي کليءَ ۾ پاڻي محفوظ ته رهندو آهي پر دلي جيترو پُر ذائقه ٿڌو نه رهندو آهي، تنهنڪري پاڻي سانڍڻ لاءِ ترجيح، وري به ٺڪر جي ٿانءَ کي ڏني ويندي آهي.
جڏهن پرانهين پنڌ کان، تڪليف ڪري سيڙجي پاڻي آڻجي ۽ ٺڪر جي ٿانءَ ۾ سانڍجي، پر جي منجھس تمام سنهي سِير پيل هجي، جيڪا ظاهري اک سان نظر نه چڙهي، تنهن ۾ جيڪڏهن پاڻي اڻ سنڀالئي پئجي وڃي ته رات پيٽ ۾ سمورو پاڻي سِير مان سِمي ويندو ۽ صبح جو ٺڪر ٺلها پيا هوندا. ان وقت ڏاڍي پشيماني ٿيندي. ان پشيمانيءَ کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ٺڪر جي ٿانءَ کي جاچي جوچي، پوءِ منجهس پاڻي سانڍجي.
ٺڪر جي ٿانءَ جي پڪائي ۽ نقص جي خبر، سندس وڄت مان پوندي آھي. آڱر جي پوئين ڏُڏيءَ سان مٿس ٺونگڙو هڻي ڏسبو آهي. جيڪڏهن آواز سان وڳو ته سمجهبو؛ پڪل به صحيح آهي ۽ منجهس ڪا سِير به پيل ناهي. ان جي برعڪس جيڪڏهن وڄڻ ۾ ٻاڙايائين ته پوءِ انديشو آهي؛ ڪٿان سِير پيل اٿس يا موراڳو پڪل ئي صحيح ناهي.
مطلب: ۱. ثابت يا سٺو پڪل گهڙو، سٺي وڄت ڪندو. ٽٽل يا ڪچو گهڙو، ٻاڙو وڄندو.
۲. اڄاڻ ماڻهوءَ جو ڳالهاءُ، اجايو آهي.
۳. ان پوڇي جي جانيي، مُوڊ ديک من ماه،
ڇلڪي اوڇي نيريو، پوري ڇلڪي ناه. (هندي)
۴. اڻ پُڇي مورک جو حال، دل ۾ ڄاڻي وٺجي،
ڀريل دلي جو پاڻي نه ڇلڪي ۽ اُوڻي جو ڇلڪي. (ارٿ)

91- ڀڳي سان ئي ڀير، جاسين رتو راس ٿئي. (پهاڪو)
ڀڳو: ڀڳل، ناقص، ٽُٽل، اڻ پورو.
ڀيرڻ: ڦيرڻ، چورڻ، گهمائڻ (چرخي تي).
رتو: رتل، ڳاڙهو، ڳاڙهي رنگ ۾ رڱيل.
راس ٿيڻ: مڪمل ٿيڻ، پوريءَ طرح ٺهي بيهڻ.
اڳي، ائٽ تي سُٽ ڪتبو هيو. فطرتًا، ڌنڌي واري اوزار يا هنڌ کي، ڪاريگر ماڻهو سينگاريندا ضرور آهن ته جيئن سندن دل ان ڌنڌي يا اوزار سان لڳل هجي. جيئن ٽرڪن جا ڊرائيور ڏورانهن پنڌن تي ٽرڪن کي ڇڪيندا آهن ۽ اڪيلائين ۾ اونداهين جا راهي هوندا آهن ته پوءِ کين دل لڳائڻ لاءِ ٽرڪ کي سينگارڻ ضروري لڳندو آهي. اهڙيءَ طرح ٽريڪٽر ڊرائيور، جهنگ ۾ اڪيلي سر هر ڪاهڻ ۾، هونئن جيڪر ڪوفت محسوس ڪن، پر وندر لاءِ ٽيپ هلائيندا ۽ ڪليون/ لغڙيون وغيره هڻي ٽريڪٽرن کي سينگاريندا پڻ آهن.
اهڙيءَ طرح ائٽ وهائڻ واريون پڻ، اڪيلائيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ، ائٽ کي رڱرائي ۽ ڦيرن ۾ ٿورو گهڻو گهنڊڻيون وغيره ٻڌنديون ھيون ته جيئن دل وندريل هجي ۽ ڌُن ۾ مگن رهجي. جيڪڏهن دل اُچاٽ ٿي وئي ته ڌنڌو نه هلندو. جيڪڏهن ڪنهن غريب کي نئون، رڱيل ۽ جنجهڻين سان جنجهيل ائٽ نه هوندو ته به کيس پيٽ گذر لاءِ ڀڳي ٽُٽي تي به منُ لائي، محنت ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن نئين جي آسري ۾ پراڻي تي ڪم نه ڪندي ته پوءِ بک مرندي ۽ نئين ٺهي اچڻ جي لاءِ پئسا به جوڙي نه سگهندي. آخر حالت اها ٿيندي جو پراڻي تي دل نه ٿيندس ۽ نئين ٺهرائڻ لاءِ پئسا نه ٿيندس. هيڏانهن کان به ويندي ته هوڏانهن کان به ويندي.
مطلب: ۱. جاسين تو وٽ دولت گهڻي ناهي، تاسين سادي سودي زندگي گذار ۽ قناعت سان دم لنگهاءِ.
۲. قناعت سان زندگي گذارڻ جو پنهنجو مزو ۽ شان آهي.
۳. گر نبود بالش آگنده پر، خواب توان کرد حجر زير سر. (فارسي)
۴. جيڪڏهن کنڀن ڀريل وهاڻو نه هجي، ننڊاکو پٿر مٿي هيٺان ڏئي به ننڊ ڪري وڃي. (ترجمو)

92- ڀلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلي. (پهاڪو)
ڀُلي: ڀليل، رستي تان ٿڙيل، راهه کان هٽيل، ولر کان وڇڙيل.
ڀاڻ آئي: ڀاڻ اچڻ، وٿاڻ تي اچڻ، ماڳ تي موٽي اچڻ.
ڌنار/ ڌراڙ، صبح سان مال جو ڌڻ ڪاهي جهنگ ۾ وڃي چارين. هر هڪ ڍور سان، ڌراڙ ٻڌو نه وتندو آهي. جهنگ ۾، مالُ آزاد پيو چرندو آهي. پاڻ ۾ سِڱين پيو پوندو، اها ٻي ڳالهه آهي. باقي بيٺو جهنگ ۾ هوندو. ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن جهنگ ۾ ڪي اڙون ۽ اوٽون اچي وڃن، جن ۾ هڪ اڌ ڍور منجهي ڦاسي پوي. ڌڻ ۽ ڌراڙ، اڳڀرو نڪري وڃي ته نه ان لاءِ هيءُ موٽي اچن ۽ نه وري منجهيل/ ڀليل ڍور ساڻن اچي ملي.
ڪي ڍور وري اهڙا ٿيندا آهن جو منجهڻ ۽ ولر کان وڇڙڻ پڄاڻان، پويان پير ڪري ڀڄندا آهن. ساڳين رَندن ته لُر لڳا ايندا ۽ ڪاڏي به لوڻو هڻي نه ڏسندا، بلڪ سڌا اچي پنهنجي ماڳ تي رسندا آهن. اهو به تڏهن جڏهن کين اڙ واري جاءِ تي چَرندي چَرندي ڍؤُ ٿي وڃي يا کٽڪو جاڳي. جيئن ئي کٽڪو جاڳين يا ڪنهن حمله آور جي حملي جو ڇرڪ پين ته بس ٽاهه کائي وٺـي کُرن تي زور ڏيندا آهن ۽ ڌُو اچي گهر ڪندا آهن. اهڙن جانورن کي، ڀليلن ۾ شمار نه ڪبو.
مطلب: ۱. صبح جو جهنگ ۾ ڀليل جانور، شام ڌاري آهرُ تي پاڻ-مرادو پهچي ته به کيس ڀليل نه چئبو، ڇو جو کيس ڳولهڻ لاءِ ڀاڳين خفو ئي نه ڪيو آهي.
۲. پاپ يا بڇڙن ڪمن کي، جنهن بڇڙو ڄاڻي توبھ ڪئي، تنهن به ڄڻ اهو ڪم نه ڪيو.
۳. گنهگار توبہ کار بہ از عابد نا پرهيزگار. (فارسي)
۴. بدپرهيزي ڪندڙ عابد کان، توبھ ڪندڙ پاپي چڱو. (ترجمو)

93- ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇٽيون. (پهاڪو)
ڀنڀور: جبل ۾ هڪڙو ڳوٺ، جتي سسئي ٿي گذري آهي.
ڀنڀوران: ڀنڀور منجهان.
ڀڳيون: ڀڄي نڪتيون، تياڳ ڏنائون.
ڇٽيون: ڇٽي پيون، آجيون ٿيون، رِها ٿيون.
ڀنڀور، سسئيءَ جي جنم- ڀومي هئي يا نه، بلڪ نيپاڄ-ڀومي ضرور آهي. ڪيچ مڪران کان آيل پنهون، مٿس عاشق ٿي پيو. عشق ڪرڻ، خواريءَ جو کارو مٿي تي کڻڻ برابر آهي. عاشق ته کڻي وڃن پر ٻيا نه کڻي سگهن ۽ نه ٻُڌي سگهن. عقل وارا، خواريءَ کان ڀڄي پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. پنهونءَ جي ڀائرن ۽ وڏڙن، پڻ پاڻ کي انهيءَ ٽوڪ کان بچائڻ خاطر، پنهونءَ کي نشو ڏئي رات پيٽ ۾ سندس پريم-ڀوميءَ تان کنيو ۽ سسئيءَ کي اڪيلو ڇڏي ويا.
عاشقن جي رفاقت به، نه ٻين کان سَٺي ٿيندي آهي ۽ نه ڏِٺي ٿيندي آهي. پويان ترسيل سسئيءَ لاءِ زمين به تنگ ٿي وئي. ڇڏي وڃڻ سبب، طعنن تنڪن سندس لاءِ ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي. جنهن سببان عورت ٿي ڪري، اڪيلي سر جبل جهاڳڻ کي، ڀنڀور جهڙو نامور شهر تياڳڻ تي ترجيح ڏنائين. جڏهن ڀنڀور مان نڪتي، تڏهن تهمت جو ڪلنڪ ۽ ڏهاڳَ جو ٽِڪو سندس پيشانيءَ تان ڌوتو. جيڪڏهن هيءَ ڀنڀور مان نه نڪري ها ۽ پنهون پوئين پير نه موٽي ها ته کين، زماني جي ٽوڪن کان رِهائي نه ملي ها.
مطلب: ۱. ڀنڀور ڇڏڻ سبب، سسئي جيڏين سرتين جي، سُهمن ۽ ميڇن کان ۽ ٻين ڳڻتين ۽ پريشانين کان آجي ٿي وئي.
۲. سسئيءَ، سفر ۾ جان ته وڃائي پر مانُ پاتو.
۳. دنيا جي خفن کان جيڪو پلاند بچائيندو، تنگدستي ته رهندس پر ڌڻيءَ کي واصل ضرور ٿيندو.
۴. جن دنيا ڇڏي سي وڏي پَدَ کي پهتا.

94- ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪون. (ورجيس)
هڪڙي هنڌ، ڪڻڪ ۽ ڀنگ جون پوکون، هڪ ٻئي جي ڀرسان بيٺيون هيون. اوچتو برسات ڏاڍي ٿي، جنهنڪري ٻئي پوکون ٻڏڻ لڳيون. پوک-ڌڻيءَ جي جوءِ، ڪڻڪ جي ٻڏڻ سبب، پنهنجو زيان ٿيندو ڏسي، ارمان کائي ڪڻڪ لاءِ پار ڪڍي روئڻ لڳي. اوچتو اتاهون، هڪڙو موالي لنگهيو، تنهن کيس ڪڻڪ بابت روئندو ۽ ڀنگ لاءِ نه روئندو ڏسي چيو؛ “ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪون.”
مطلب: ۱. سڀ ڪنهن کي پنهنجي مطلب واري ڳالهه يا دل کي گهربل شيءِ، وڻندي آهي. پوءِ اها ٻئي کي وڻي ته ڇا، نه وڻي ته ڇا؟!

95- ڀنگ جهنگ ۾ پاڻي، ملڪ ۾ آباداڻي. (نعرو)
جهنگ: غير آباد جاءِ.
آباداڻي: آبادي، خوشحالي.
جهنگ، ان خطي ۾ ٿيندو آهي، جتي آبادي نه هجي. ڇو جو ڌرتيءَ ۾ نباتات يا اوڀڙ اُڀڙائڻ جي پاڻ-مرادو صلاحيت يا استعداد رکيل آهي. کيس ڇڏي ڏبو ته پهرين منجهس ٻُوڙا ٿيندا، پوءِ ڪرڙ ڪانڊيرا ٿيندا. لئيون لاڻا ۽ ڪنڊي وارا ٻوٽا/ وڻ ٿيندا. بعد ۾ منجهس مرون، سوئر ۽ نانگ بلائون به واسو ڪري اچي رهندا.
جيڪڏهن منجهانئس ڦلدار فصل وٺڻا آهن ته مٿس محنت ڪرڻي پوندي. لاهه ڪڍڻ، هر ڪاهڻ، ٻني سڌي ڪرڻ، فصل پوکڻ، پاڻي ڏيڻ، ٻج ڪلر وجهڻ ۽ پوءِ ٻلن/ جهار کان بچائڻ وغيره. انهن سڀني معاملن کان علاوه پاڻيءَ جو هجڻ تمام ضروري آهي. ڇو جو پاڻيءَ کان سواءِ حياتي ئي ناهي. ائين به ناهي ته رڳو پاڻيءَ تي سڀ ڪجهه پاڻهئي ٿيو وڃي. نه! بلڪ ان سان گڏ ٻيون محنتون پڻ شامل آهن.
موالي، ڀنگ گهوٽڻ مهل، جڏهن منجهس پاڻي ملائي، پيئڻ لائق ڇڊو ڪندا آهن، تڏهن ٻين ماڻهن کي ڏسي ۽ لڄ پرچائڻ لاءِ، وٺي نعرا هڻندا آهن. نعري مان سندن مراد هوندي آهي ته جيئن پاڻي اچڻ سان جهنگ، ڦري سرسبز علائقو ٿئي ٿو، تيئن پاڻي ملائڻ سان ڀنگ پڻ موالين لاءِ وسنديون ڪري ڇڏيندي.
حالانڪ مٿي ڄاڻائي آيا آهيون ته ڪارائتا فصل فقط پاڻيءَ سان نه ٿيندا آهن، بلڪ ڪارائتن فصلن لاءِ پاڻيءَ کان علاوه ٻيون به ڪي محنتون ۽ سيڙپون ضرور آهن. اهڙيءَ طرح پاڻي گڏي، ڀنگ ڇڊي ڪرڻ سان موالين جي نشي ۾ نه ڪمي ايندي ۽ نه ئي سندن چوڏهن طبق روشن ٿيندا. هٿائين اڳيون نور به چَٽُ ٿي ويندو اٿن.
مطلب: ۱. لُچ، پنهنجي ڪڌي ڪم جي به تعريف ڪندو آهي ۽ ٻين تي رعب به وجهندو آهي. يا ٻين جي ڪمن مان عيب پيو ڪڍندو آهي.
96- ڀنگڙي، سلطان، هيري موتيان دي کاڻ،
نه جيوڻ ڪا آسرا، نه مرڻ دي ڪاڻ. (نعرو)
ڀنگڙي: ڀنگ، ڀنگ جي تصغير.
سلطان: بادشاهه، طاقت وارو.
کاڻ: خزانو.
جيوڻ: جيئڻ، حيات رهڻ.
ڪاڻ: محتاجي، موٿاڄي.
هر نشو، عيب ۽ خراب علت آهي. ڀنگ جو نشو وري مڙني کان بڇڙو ۽ ڀاڙي نشو آهي. پهرين ته منجهس گهوٽڻ واري محنت ۽ خفو وڏو آهي. سفر حضر ۾ ڏنڊو ڪونڊو ڪلهي تي. گهوٽڻ جي لاءِ به ٻه ٽي ڏنڊا مشٽنڊا ساڻ. تن جي ٽهل ٽهڪور ۽ ناز نخرا تنھن کان سواءِ.
مٿئون وري نشو اهڙو ڀاڙي جو پياڪ، چيڙاڪ پڻ ٿي پوي. گار جي رَئي پئي پوندس. نه ماءُ جو حياءُ، نه ڌيءُ جي شناس. زال کي به اها ئي گار ته ڀيڻ کي به اهو ئي بجو. نشي لهڻ کان پوءِ رڳو شرمساري.
هوش اچڻ تي، يا گهوٽڻ مهل جيڪا شرمساري ٿئي ٿي، تنهن کي عادي مجرم هٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. وٽن ٻيو دليل نه هوندو آهي، مرم پرچائڻ لاءِ گهوٽڻ يا ڏوگهڻ وقت وٺي نعرا هڻندا آهن. سندن نعرا به عجيب قسم جا هوندا آهن. ھوڪريا ۽ نعرا پنهنجي پر ۾ دليل ڏيڻ ۽ پاڻ کي حق تي هجڻ طور ڏيندا آهن. ٻين کي گهٽ ڪرڻ ۽ پاڻ کي مٿن سرسي ڏيڻ وارن نعرن منجهان پڻ هيءُ هڪ نعرو آهي، جيڪو حقيقت جي ابتڙ آهي. اهڙيءَ طرح موالين جا سمورا نعرا حقيقت جي ابتڙ هوندا آهن ۽ فقط پنهنجي پاڻ کي دلبو ڏئي دوکي ۾ رکڻ جهڙا هوندا آهن.
مثال طور، چوندا آھن:
۱. پيئون ٿا چرس، گهمئون ٿا عرش. حالانڪ پيا ناليءَ ۾ هوندا آهن.
۲. نشو ٿو سُرڪي، محبوب ٿو مرڪي، مُلو ٿو ڪُرڪي، ڄڻ پڻس جي ٿا پيئون. حالانڪ ماءُ پيءُ، پڻ ناراض هوندا اٿن.
۳. ڀنگ ناهي ڏَهي آ، اسان جي پيئڻ جي وهي آ. ڌڙ ڳري ويو سسي رهي آ، سا به هاڻ قبر ڏي هلي رهي آهي.
۴. ڀنگان پيئن پُٽَ مانجهي، ڀتيون ٿين سونُ، صبح مان ٿئي سانجهي.
مطلب: ۱. موالي، اشراف ماڻهن کي هيسائڻ لاءِ ۽ پنهنجو مرم پرچائڻ لاءِ اجايو سجايو پيا وائي توائي بڪندا آهن. ٻين کي گهٽ پيا ڪندا آهن ۽ پاڻ کي مٿانهون پيا سمجهندا آهن.

97- ڀنگئي ڀائر ٻه ڄڻا، صوفي ست هزار،
ماري متهرن سان، ڌڙ ڪيائونِ ڌار،
پيئي لوڪ پچار؛ پڙ ڀنگئين کٽيو. (نعرو)
ڀنگئي: ڀنگ پيئندڙ، ڀنگ گهوٽيندڙ.
ڀنگئين: ڀنگورن، ڀنگ جا پيئاڪ، ڀنگورا.
صوفي: ڀنگ کان پاسو ڪندڙ، اڻ پيئاڪ.
متهرن: ڏنڊن، ڀنگ گهوٽڻ جا ڏنڊا.
لوڪ پچار: عام ۾ پکڙجڻ، هر هڪ کي خبر پوڻ.
پڙ: جنگ جو ميدان، ميدان. عزاداري/ آشوب زدني لاءِ ميدان.
موالي نشو ڪرڻ کان پوءِ، ڪو ڪم نه ڪري سگهندا آهن. خاص طور تي ڀنگ جو ڀاڙي نشو ڪرڻ کان پوءِ ته، پيا هوندا آهن. سست ۽ ٽوٽيءَ کي پنهنجي سستي ۽ ٽوٽائپ ته اندر ۾ پئي ککندي آهي. اندر کي آٿت ڏيڻ لاءِ ويٺي ويٺي پيا گلم جا توبچي ٿيندا آهن ۽ پاڻ کي سورهيه سڏائيندا ۽ سمجهندا آهن. اهڙي قسم جي ڊاڙ ۽ هام پيا هڻندا آهن. ياڦتو پيو لڳندن؛ “فقط ٻن ڀنگورن، ست هزار صوفين جا سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيا.” حالانڪ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڀنگ سندن جسم جا ڳچ ڳاري ڇڏيندي آهي.
مطلب: ۱. موالي، سورهيه هجن ها ته نشو ڪري، زال ۽ ماءُ کي نه ڪُٽين ها.
۲. ڀنگورن کي ٽوڪڻ لاءِ پڻ، ائين ٽوڪيو ويندو آهي.
۳. ڀنگون ٿا پيئن ڀنگي، هايون ٿا ڪن هنگي، غرض نه اٿن گونھ جي.
۴. ڀيٽيو: تماڪو تاڻي، جنين وڌو جان ۾، تنين کي آڻي، حورون ڏيندا هنج ۾.

98- ڀنگئي دي جوءِ سدا سهاڳڻ، آفيمي دي جوءِ رووي، ڪيفي دي جوءِ ايوين آکي؛ “ماريا هت نه هووي!” (چوڻي)
ڀنگئي: ڀنگورو، ڀنگ جو پيئاڪ.
سدا سهاڳڻ: جنهن جو مڙس، سندس مرڻ تائين زندهه هجي.
آفيمي: آفيم کائيندڙ.
ڪيفي: پُرڪيف، نشي ۾ ڌت، شرابي.
عورت کي مڙس اهو کپي، جنهن ۾ ڪا به علت نه هجي. صاف سٿرو ۽ شينهن جهڙي طاقت رکندڙ هجي. پنهنجي هٿن سان ڪمائي آڻي ۽ ٻين آڏو هٿ ٽنگيندڙ نه هجي. نه کائڻ پيئڻ ۾ ٻين جو محتاج هجي ۽ نه طاقت ۾ حڪيمن جي دوائن جو محتاج هجي. جيستائين جيئري ھجي، تيستائين جيئرو هجي. جائز هجي ته جيڪر کيس سنواري سينگاري، ڪلهو ڏئي، لحد ۾ لاهي سُرهو ڪري.
ان جي ڀيٽ ۾ هر نشي واري ماڻهوءَ مان سندس زال راضي نه هوندي آهي. اهو سستيءَ سبب ڪمائڻ کان وانجهيل هوندو آهي. نشي جي علتن سبب گهر ۾ رکيل موڙيءَ کي به ٻهاري. تنهن کانسواءِ، پيو ڏيندو آهي. نشي سبب، منجهانئس مڙساڻي طاقت به ساڻي ٿيندي ويندي آهي. هتي ٽنهي نشئين جي ڪيفيت کي بيان ڪيو ويو آهي.
۱. ڀنگئي؛ ڀنگ جو ڀاڙيو نشو ڪرڻ سبب، ڀاڙي ۽ گيدي هوندو آهي ۽ زال آڏو مڄو لڳو ويٺو ھوندو آھي. زال کي مڄو مڙس ئي کپي. ڀنگ جو نشو، جلد نه ماريندو آهي. مردانگيءَ واري طاقت ۾ به وقتي اضافو آڻيندو آهي. تنهن ڪري سندس زال، ڊگهي عرصي تائين خوش رهندي آهي، بلڪ ڀنگ جا اثرات، ڀنگئيءَ کان وڌيڪ سندس زال تي مرتب ٿيندا آهن ۽ جلد گذاري ويندي آهي، جنهن سبب سدا سهاڳڻ سڏائيندي آهي.
۲. آفيم کائڻ وارو هر وقت پنڪين ۾ هوندو آهي. لٽو لهڻ کانپوءِ، صفا ٿڌو ٿيو وڃي. جوڻس سڄي رات ويسورن ۾ ويٺي منهن مٿو پٽي. هيءُ به هِت هجي ته حاضر ٿئي. ويٺي سڄي رات هٿوراڙيون ڏئي ڳوليس. ڳوليو ڪين لڀندس.
۳. شرابيءَ تي شراب جي نشي سان گڏ ڪڙاهٽ پڻ اثر ڪندي آهي. چڙ منجهس گهڻي ٿيندي آهي. شراب جي نشي ۾ زال مٿان چڙهي ويندو آهي. چڪَ، مُڪَ ۽ لتَ هڻڻ ۾ خبر نه پوندي اٿس. جنهن ڪري جوڻس کي ڪو به ذهني سڪون نه هوندو آهي. دليل طور ڊاڙ هڻندا آهن؛ پيئون ٿا وهسڪي، وڃئون ٿا کسڪي، اٿئون نه اٿئون اسان جي مرضي آ.
مطلب ۱. نشي واپرائڻ مان، مڙيئي نقصان آهن.
۲. نشي مان وقتي فائدو پوي ٿو، پر منجهانئس جيڪي نقصانات پون ٿا، سي تمام گهڻا ۽ گهرا آهن.