لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ٻ

73- ٻاٻل آچاري، پر ڪو مڃي. (چوڻي)
ٻاٻل: مکي، بابل، وڏڙو، پريو مڙس.
آچاري: انصاف ٻڌائي، نياءَ چري، نصيحت ڏئي.
راڄ، ڳوٺ يا گهر ۾ هڪڙا ننڍا ۽ غير آزمودگار هوندا آهن ته وري منجهن ٻيا وڏڙا، پڪا پختا ۽ آزمودگار پڻ هوندا آهن. ننڍن کي، گهڻن عملن جي نتيجن جي خبر نه هوندي آهي. جيڪڏهن وڏڙن کان پڇي هلندا ته سنئين واٽ وٺندا ۽ آسانيءَ سان منزل رسيد ٿيندا. جيڪڏهن وڏڙن جي مشاهدي جو فائدو نه وٺندا ۽ انڌي مک وانگر پنهنجي رَوَ تي هلندا ته پوءِ ٻوڙ ئي زيان ڪندا.
دنيا جا ڪيترا ئي معاملا اهڙا ته منجهيل، منڊيل ۽ گنڊڙيل هوندا آهن جو سندن منهن/ سُر سمجهي نه سگهبو آهي ۽ ورتل/ اخذ ڪيل راهه جي استعمال سان نڪرندڙ نتيجي جي به آگاهي نه ٿي سگهندي آهي. وڏڙن کان اهڙن معاملن ۾ مدد نه وٺبي ته پوءِ “انڌي گهوڙي ڪل ۾” وانگر وڃي اوجهڙ ۾ پئبو.
اها الڳ آهي ته اڄڪلهه جو نوجوان پاڻ کي وڌيڪ پڙهيل ۽ هوشيار سمجهي ٿو. وڏڙن جي نصيحت کي تِڇ سمجهي ٺڪرائي ٿو. وڏڙن جي وجود کي ۽ سندن نصيحت ڀرين نڪتن کي هيانءَ تي تورُ ٿو سمجهي. انهيءَ صورت ۾ غلط نتيجن جو ذميوار پاڻ آهي.
مطلب: ۱. پريا مڙس ته گهڻي ئي نصيحت چوڻ لاءِ آتا آهن پر نوجوان ٻڌڻ ۽ مڃڻ لاءِ به تيار ٿين نه!
۲. نصيحت ڪرڻ وارو نصيحت ڪري پر ٻڌڻ واري ۾ به سمجهه هجي نه!
۳. فهم سخن گر نکند مستمع، قوت طبع از متکلم مَ جو. (فارسي)
۴. سمجهه ڳالهه جي جيڪڏهن نه ڪري ٻڌندڙ،
پوءِ چوندڙ منجهان فصاحت ڳولڻ بيڪار آهي. (ترجمو)

74- ٻارنهن ٻوڙي ٻانڀڻي، چوڏهن ٻوڙي چمار،
تون اهڙو ڪامي، ته به گهر ڌوٻيءَ جو ٽار. (چوڻي)
ٻانڀڻي: ٻانڀڻ جي زال.
چمار: موچيءَ جي زال، چمارڻ.
ڪامي: ڪام ڪندڙ، زاني.
ڌوٻيءَ جو گهر: ڌوٻيءَ جي زال، ڌوٻياڻي.
زنا ڪرڻ، قبيح فعل آهي. هر مذهب ان جي مذمت ڪئي آهي. ڇو جو ڪير به ان ڳالهه کي پسند نه ڪندو آهي ته ڪو اچي سندس زال يا ڀيڻ، ماءُ يا ڌيءَ ۾ هٿ وجهي. تنهن هوندي به جيڪي ماڻهو زنا ڪن ٿا، سي معاشري جي نظرن ۾ ڪري پون ٿا. سندن حالات، دنيا ۾ ته خراب ٿين ٿا پر آخرت واري زندگي به زهر ٿي وڃين ٿي.
ٻانڀڻ جي گهر واريءَ سان کينس ڪرڻ وارو ماڻهو، ٻارنهن پيڙهيون نرڳ ۾ ٻوڙائيندو. ٻانڀڻ، مذهبي رسمن ادا ڪرڻ لاءِ پيشوائي ڪن ٿا. نيڪ نصيحت جي پرچار ڪن ٿا. معاشري جي ڀلائي ڪندڙ جي گهر ۾ جنهن نگهه وڌي، آخرت ۾ سندس ٻارنهن پيڙھيون لوڙينديون.
موچي، محنت ڪري ٿو، پِني نه ٿو. بوٽ ٺاهي ٿو ۽ انهيءَ سان ماڻهن کي وڏي تڪليف کان بچائي ٿو. اهڙو نيڪيءَ جو ڪم، پيٽ قوت جيتري معاوضي تي ڪري ٿو. ٿورو کائي، هو ماڻهن جا پير ڍڪائي ٿو ۽ موذي بلائن کان حفاظت جا اپاءَ وٺرائي ٿو. اهڙي ماڻهوءَ جي گهر ۾ جيڪو تڪيندو، سو پڪ آخرت ۾ چوڏهن پيڙهيون پُڻائيندو.
ڌوٻي ويچارو ته ڏينهن تتي جو به پاڻيءَ منجهه بيهي لٽا ڌوئي ٿو. جسم تان لٿل لٽو گھر واري يا ماءُ ڌوئي ٿي، يا ڌوٻي ڌوئي ٿو. لٽو صاف ڪري لڱ ڍڪرائڻ نيڪيءَ جو ڪم آھي. ڇو جو صاف لٽي سان، پائڻ واري جو مانُ وڌي ٿو. عبادت شانائتي نموني سان ٿئيس ٿي. جيڪڏهن ڪو ڪريل ماڻهو، اھڙي نيڪي ڪندڙ جي گهر کي به اچي پاسو ڏئي ته پوءِ بهتر اٿس ته وڃي ڍُڪ پاڻيءَ جو ڍڪڻ ۾ پائي، ٻڏي مري.
مطلب: ۱. زنا، سڀ کان بڇڙو ۽ ڪبيرو گناهه آهي.
۲. زانيءَ جو ڪڏهن به ٻاڻ/ نشان/ تير نه لڳندو.
۳. زاني نه مالي، اشتداقي نه خالي. (فارسي)
۴. زنا ڪار وهيون نه ٿئي ۽ سوير جاڳندڙ، ولهو نه ٿئي.

75- ٻاهران چکي مکي، اندران بُڙ بُڙ دکي. (ورجيس)
اصول اهو آهي ته جيڪا شيءِ جيترو اندران صاف آهي، اوترو ئي ٻاهران به صاف هئڻ گهرجي. يا ائين کڻي چئجي ته جيڪا شيءِ ٻاهران جيتري صاف سٿري نظر اچي ٿي، اندران اوتري صاف ۽ فائديمند هئڻ گهرجي. جيڪا شيءِ ٻاهران غليظ نظر اچي ٿي، سا لازمي طور اندران به اوتري ئي غليظ هوندي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪي شيون فطرت جي انهيءَ اصول جي ابتڙ هئڻ سبب، مثالي ٿي پونديون آهن. اهڙين شين جو مثال، ورجيس طور، انهن ڳالهين جي مثال ڏيڻ ۾ ڪتب ايندو آهي، جن جي اصليت منجهيل هئڻ سبب هر هڪ کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي.
هڪڙا امير ماڻهو، گهر جي گهٽي صاف رکن، گهر جي مهاڙيءَ کي ماربل ٽائلس هڻائين، سٺين گاڏين ۾ چڙهي هلن ۽ اوچي ڪپڙي جا وڳا پائين ۽ مهانگين هوٽلن ۾ کاڌا کائين پر اندر جا ڪريل ۽ غليظ هجن. نوڪر کي ڇڙٻن سان سڏين ۽ قسطن ۾، ڪُسڪي ڪُسڪي، پگهار ڏين. ڊرائيور کي گاڏيءَ ۾ ويهاري، پاڻ هوٽل تي ماني کائين. بيري کي ٽپ ڏيڻ بدران، کاڌي جي شڪايت ڪري هيسائي، گُنگ ٻوڙ ڪري ڇڏين.
سندن ڪم پوي ته کلندا اچن، ٻٽا ڀاڪر پائين، ٻار ٻچا به ساڻ ڪري اچي رستا ٺاهين. منجهن ڪم پوي ته، ياد ڏيارڻ کان پوءِ به نه سڃاڻن. اهڙي نموني سان هٿ ملائين جيئن اڻ واقف سان ملائبو آهي. اهڙن منافقن ۽ ٻيائي خورن لاءِ مثال طور هيءَ ورجيس ڪتب ايندي آهي.
مطلب: ۱. ظاهر ۾ پارسا، اندر ۾ پاپي.
۲. مون ڀانيو درويش، پر هئين بازن کان بڇڙو. (جملو)
۳. ٻاهران فاقرو ويس، اندر ۾ پاپ، ڪُپت ۽ ڪميڻو.
۴. ٻاهران جاپَ-بوءِ، اندران ڪاپَ-بوءِ.
۵. ٻاهر گيان، ڌيان، اشنان، انتم وياپي لوڀ سُوان. (گرونانڪ، وچن)
۶. ظاهر ۾ ويچار، ڌوئڻ، ڌڻيءَ ڏانهن ڌيان،
اندر ۾ ڪتي واري لالچ براجمان. (ارٿ)

76- ٻه ڀائر، ٽيون ليکو. (چوڻي)
ڪار-وهنوار، ڀائري برادري ۽ واپار وغيره ۾ وقت، پئسي ۽ محنت جي سيڙپ-ڪاري ٿئي ٿي. بنا سيڙپ جي نه ڀائري هلندي، نه واپار نبرندو ۽ نه ئي وري ڪار-وهنوار مان کٽيو کائي سگهبو. منجهن ڪيتري سيڙپ-ڪاري ڪجي؟ ان لاءِ به ڪي قانون ۽ حدون آھن. انھن حدن کي اورانگھڻ جي ڪوشش نه ڪجي. حد کان گهٽ رھڻ به خراب آهي ته وڌي وڃڻ به نقصانڪار آهي. احتساب جو هڪڙو مول متو هئڻ گهرجي. بنا محاسبي جي نه پنهنجي طبيعت کي هيرائجي ۽ نه ٻين کي بنا مواخذي هلڻ ڏجي. اڄ، رپئي جي ٻين سان اک ٻوٽ ڪبي ته سڀاڻي ساڳيا، ڦري سَوَ جي سُئي هڻندا. اڄ ٽڪي جي رعايت ڪبي، سڀاڻي وڌيڪ نه ته اوتري مراعت پاڻ سان به ٿيندي.
جيڪڏهن حساب ڪتاب نه رکبو ته احساس نه رهندو. جڏهن احساس مرندو آهي ته دلين ۾ وسوسا ۽ وهم ويهڻ شروع ٿيندا آهن. شڪ ۽ گمان، اهڙي دلدل ۽ ڌٻڻ ۾ گهلي هلي هڻندا آهن جو ڀائرن جهڙا رشتا به ٽُٽي ويندا آهن. هڪ ٻئي جو ٻوٿ به نه وڻندو آهي.
مطلب: ۱. وهنوار، ڀائن سان به، سولو هجي.
۲. وهنوار، ڀلي ڀاءُ سان هجي، ته به سُوڌو هلجي.
۳. دو برادر، سوم حساب. (فارسي)
۴. ٻه ڀائر، ٽيون حساب.
۵. ليکو آ چوکو، چوکي آ پريت.
۶. بخشيش سَوَ سَوَ، حساب جَوَ جَوَ.
۷. جيڪي وهنوار ۾ پايون نه سنڀاريندا، سي آخر ۾ سَوَن جي ٽوٽِ کائيندا.

77- ٻڪري جنهن وڻ سان ٻجهي، سو وڻ چري. (پهاڪو)
ٻڪري هلڪو جانور آهي. ٺينگ ٽپا ڏئي هلي، ڇانگ ڏئي ڊڪي. هڪ هنڌ بيهي نه چري، بلڪ هلندي گهمندي کائي. جيڪا شيءِ سامهون اچيس، سا رهڙي وڃي. کٽ تي رکيل ماني، کٽ منجهان لڙڪندڙ واڻُ ۽ ٻارن جا لڙڪندڙ رلڪا، تار تي سڪندڙ ڪپڙا، سائو سڪو ٻوٽو، سائو گاهه، آروٿو پاروٿو مانيءَ ٽڪر، جيڪو به نظر چڙهيس، تنهن ۾ فطرتًا چڪ ضرور هڻي. جتي پهتي، اتي چڪ هڻندي. وڻ سان ٻڌي ڇڏبس ته ان تي چڙهي ويندي، پوءِ چرندي. ٻڌي، گاهه ڏبس ته نه کائيندي. بک مري ويندي، آرام سان نه چرندي. کير به تڏهن ڏيندي جڏهن هلندي چرندي. بيٺي چارڻ واري ٻڪري، کير به نه ڏيندي آهي. تنهن ڪري ٻڪرار چوندا آهن؛ “ٻڪريءَ کي کير، ڄنگهن ۾.”
مطلب: ۱. ٻڪري، چرپر سان ساڳائي. بيٺي، نه کائي ۽ نه ئي ساڳائي.
۲. لچ ماڻهوءَ تي جيترو ايڇپو ڪبو، موٽ ۾ اوترو گهاٽو ڏيندو.
۳. خبيث را چو تعهد کني و بنوازي،
بدولتِ تو نگہ ميکند به انبازي. (فارسي)
۴. پليد تي جيترو توهه ۽ پالنا ڪندين،
اوترو تنهنجي دولت تي بُري نگاهه وجهندو. (ترجمو)
۵. ٻانڀڻ ۽ ٻروچ، ٻار ۽ ٻڪري، پاڙي جي ڦڪڙي.

78- ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائيءَ کي ماس جي. (پهاڪو)
ساهه سڀ ڪنهن کي پيارو آهي. ان کي بچائڻ لاءِ هر ڪو هٿ پير هڻندو آهي. جيڪڏهن ٻڪريءَ کي سير پوندي آهي ته رتُ، ساھُ ۽ ستُ ڇڏڻ دوران به کُرڙيون هڻندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته کُرڙين هڻن سان، نه کيس حياتي موٽي ملندي آهي ۽ نه ئي وري سندس زخم تي مرهم پوندو آهي. جيئن ته حلال جانور آهي ۽ سندس گوشت، کائڻ جي ڪم اچي ٿو، تنهن ڪري کيس هر وقت ڪسڻ جو خدشو ۽ جان وڃڻ جو جوکم اندر ۾ رهي ٿو.
ان جي ڀيٽ ۾ ڪاسائيءَ کي به پيٽ پالڻ لاءِ ڌنڌو/ ڪرت ڪرڻي آهي. سندس ڪرت ماس وڪڻڻ آهي. ڪوشش ڪندو ته سستي اگهه تي سگهو پهرو وٺان، ان کي سير اهڙي نموني وجهان جيئن گوشت گهڻو ڇڏي. ڪهڻ کان اڳ، ٻڪريءَ کي ان لالچ ۾ گهڻو گاهه ڏيندو آهي ته جيئن ماس گهڻو ڇڏي. ٻڪري وري پنهنجي ساهه بچائڻ جي لالچ ۾، کائي پئي وَهَ ڪندي آهي.
مطلب: ۱. ڪاسائي گوشت واري گتيءَ لاءِ ٻڪريءَ کي چاري ٿو. ٻڪري سگهي ٿيڻ جي لالچ ۾ گاهه چري ٿي.
۲. هر ڪنهن کي پنهنجي گتي پياري هوندي آهي.
۳. هر ڪنهن جي نگاهه فائدي واري شيءِ ۾ هوندي آهي.
۴. ڀيٽيو؛ مروان موت، ملوڪان شڪار. مڇيءَ موت، ميئي شڪار.

79- ٻه گدرا، هڪڙيءَ مُٺ ۾ نه ماپن. (پهاڪو)
گدرو، گول ٿئي ٿو، ڇهن ئي ڏِسائن ڏي هڪجهڙو ڦليل آهي. کيس پڪڙڻ لاءِ هٿيو به لڳل ناهي. هٿ جي تري، سندس مقدار جي لحاظ کان تمام ننڍي آهي. جنهنڪري کيس کڻڻ لاءِ هٿ جي تريءَ مٿان رکي کڻي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ٻيو گدرو، ساڳيءَ تريءَ تي رکڻ جي ڪوشش ڪبي ته نه رکي سگهبو. ٻئي گدرا، پنهنجي گولاين سبب هڪ ٻئي مٿان ترڪي، ٿڙي پري ٿي ويندا.
مطلب: ۱. دنيا جا ڪيترا ئي اهڙا مسئلا آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان گڏ نه ٿا هلي سگهن. تن کي گڏڻ جي لاءِ اجايون ڪوششون نه ڪجن.
۲. باهه ۽ پاڻي، گڏ نه ٿا رهي سگهن.
۳. باهه ۽ ڪپهه، يڪجاءِ نه ٿا رهي سگهن.
۴. هڪڙي راجا، هڪڙي ڪامل فقير کي، ڌڻيءَ ملڻ لاءِ واٽ ڏيکارڻ جي طلب ڪئي ۽ کيس آڻي پنهنجي محل سراءِ ۾ ٽڪايائين. هڪڙيءَ رات جو، فقير اٿي، محل سراءِ جي ڇت تي چڙهي هيڏي هوڏي جُوهه وجهڻ لڳو، ڄڻ ڪا وڃايل شيءِ ڳوليندو هجي. بادشاهه پڇيس؛ “سائين ڇا وڃايو آهي؟ جيڪو ڳوليو ٿا؟”
“منهنجو اٺ وڃايو آهي!” فقير کيس جواب ڏنو؛ “سو ٿو ڳوليان.”
“گم ٿيل اٺ ته ڪوٺي تي ڪين لڀندو! فقير سائين!” راجا حيرت مان چيس.
“پوءِ تخت تي ڌڻي ڪيئن ملندو؟!” فقير چيس؛ “اهو ته دنيا ڇڏڻ سان ملندو؟”
۵. دنيا جي ڌنڌن کي پاسي تي رکبو ته ڌڻيءَ جي ملڻ جو رستو هٿ ايندو. ٻئي هاجون، گڏ مشڪل سان هٿ اينديون.
۶. اڦر اوستا بِن، آکا نيند نه آوي نئن،
بنا اڦر ڪيون پائيئي، آتم سک ڪي چئن؟ (هندي)
۷. دل جي سڪون بنا، اکين ۾ ننڊ نه اچي،
بنا سڪون جي، ڌڻيءَ ملڻ وارو سُکُ ڪيئن پائجي؟ (ارٿ)
۸. دنيا جا ڌنڌا ۽ ڌڻيءَ جي يادگيري، هڪ دل ۾ ڪٺا جاءِ گير نه ٿا ٿين.
۹. ڀيٽيو: ٻن ٻيڙين تي پير رکي، تنهنجون ڄنگهون ڦاٽن.

80- ٻلي کائيندي ڪين ساري، هنگندي ساري. (پهاڪو)
ٻلي، هڪڙو ننڍڙو جانور آهي. ڦُڙتيءَ ۾ شينهن کان به تيز آهي. ٻئي هڪ ئي ڪٽنب سان تعلق رکن ٿا. شينهن به گوشت کانسواءِ نه کائي. چٻڻ لاءِ سندس ڏند ۽ هضم ڪرڻ لاءِ آنڊا، مضبوط آهن. ٻليءَ جا وت آهر ڏند تکا آهن، مگر آنڊا ايترا وڏا ۽ مضبوط ناهن جو چٻيل هڏا هضم ڪري وڃي. تنهنڪري ڇيڇڙن ۽ وکن تي گذارو ڪندي آهي. ڇيڇڙا ۽ وکا وري رٻڙ ۽ چاٻو حلوي وانگر چٻڻ ۾ به اهنجا آهن ته هضم ڪرڻ ۾ به ڏکيا يا دير هضم آهن. ان سبب جي ڪري، ڇٻل ڪڍندي وقت، ٻليءَ کي ڏاڍي ڏکيائي ٿئي. جنهن شيءِ مان قبضي ٿئي يا پيٽ ۾ موڙهه ٿئي، تنهن کان کائڻ وقت، پرهيز ڪرڻ چڱو آهي. بک سبب يا پيٽ ڀرڻ جي لالچ ۾، انهيءَ ٽاڻي ٻليءَ کان اها ڳالهه وسري ويندي آهي، جنهن ڪري بعد ۾ کيس تڪليف ٿيندي آهي.
مطلب: ۱. هر ڪم جي اڳياڙيءَ وقت، پڇاڙي ڳڻڻ به سياڻپ جو ڪم آهي.
۲. هڪڙا ماڻهو، جنهن جي وهانءَ وڌاڻي تي وڃن ته کائڻ وير اڳلي جي حال ڏي ته نه ڏسن پر هٻڇ ڪري، جيترو وس پڄين، تيترو پيٽ ڀرڻ جي ڪوشش ڪن. اوترو ٻيو زيان پڻ ڪن. اڃا به وس پڄين ته گهر به کڻي وڃن. وري جڏهن وٽن شادي مرادي ٿئي ۽ اڳلا سڏ ڀرڻ اچن ته ساڻن به ساڳي جٺ/ ويڌن ڪن. ان کان پوءِ ئي کين احساس ٿئي.
۳. ٻلي کائي ٻه دڪا، ڇٻل ڪڍي ڇهه دڪا.
81- ٻليءَ شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪُون کاوڻ آيا. (پهاڪو)
هڪڙي شينهن، ٻليءَ کي چيو؛ “ماسي مان به ساڳئي ڪڙم قبيلي مان آهيان. مون کي به ائين شڪار مٿان جهڙپ هڻڻ سيکار، جيئن تون ڪوُئي جي مٿان هڻين ٿي.”
ٻليءَ کيس پنهنجو مِٽ سمجهي، دل مان وقتي سندس ڀؤ ڪڍي، کيس شڪار مٿان ٽپ ڏيڻ واريون چالون سمجهائڻ لڳي ۽ مشق پڻ ڪرايائينس. مشق ڪرائيندي، شينهن کي بک لڳي ۽ حسبِ عادت، گوشت جي سڌ ۾، جهڙپ ڏئي ٻليءَ مٿان ٽپو ڏنائين.
ٻلي ڪمزور ۽ ڊڄڻي ته آهي. کيس اڳيئي شينهن جي نيت تي چڱو گمان نه هيو. ان ڪري اڳي ئي خبردار هئي. جيئن ئي شينهن کي اُلرندو ڏٺائين، تيئن ڀڙڪو ڏيئي وڻ تي چڙهي وئي. شينهن، ٻليءَ جي ڀيٽ ۾ تمام ڳؤرو هو، سو وڻ تي چڙهي نه سگهيو. يڪدم چيائينس؛ “استاد! وڻ تي چڙهڻ مون کي نه سيکاريئي!”
“پنهنجي جان بچائڻ لاءِ!” ٻليءَ سهڪندي ٻڌايس؛ “استادُ ڪي چالون شاگردن کان پڻ لڪائي رکندو آهي. سمورو علم ڪڏهن به نه ڏيندو آهي. اهو بقايا علم، شاگرد پنهنجي محنت ۽ لگن سان ئي حاصل ڪندو آهي.”
مطلب: ۱. لچ کي چڱي مت ڏسڻ، پنهنجي جيءَ کي جنجل ۾ گهتڻو آهي.
۲. هڪڙي همراهه تي گهڻن جو قرض هيو، جيڪو لاهي نه پئي سگهيو. ڏيوالو ڪڍڻ ۾ پنهنجي گلا پئي سمجهيائين. هڪڙي پراڻي، سپورنج سنگتيءَ سان صلاح ڪيائين، جنهن ڏس ڏنس؛ “جيڪو قرض گهرئي تنهن کي چؤ؛ نچ.”
ائين چوڻ ڪرڻ سان، قرضين کيس چريو سمجهي، پنهنجو قرض ئي واري ڇڏيو ۽ گهرڻ ئي بند ڪري ڇڏيائونس. جنهن دوست ڏَسُ ڏنو هئس، ان جو به مٿس قرض هيو. ان کي ته خبر هئي ته هيءُ مطلب جو چريو ٿيو آهي. هڪ ڏينهن اچي پنهنجا پئسا گهريائينس. ان کي به ساڳيو جواب ڏنائين. دوست موٽ ۾ چيس؛ “اسان استادن سان به نچ!؟”
“ها ها! نچ!” کُتي ورندي ڏيندي چيائينس؛ “توسان ته ڇا، تنهنجي وڏن سان به نچ!”
۳. ٻليءَ شينهن پڙهايو، شينهن ڦري ٻليءَ کي کائڻ آيو،
ٻليءَ وڻ تي چڙهي سر بچايو،
شينهن چيس؛ “تو مون کي وڻ تي چڙهڻ ڇو نه سيکاريو؟”

82- ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙ. (پهاڪو)
ڇڇڙ: ڇيڇڙو، وکو، ماس مٿان لٿل چرٻي، گوشت جو سڻڀو لوٿڙو، بنا ماس ۽ هڏ جي وکو.
ٻلي، ماس چڪيندڙ جانور جي ڪڙم مان آهي. بک کان ماني وغيره ته کائيندي آهي پر سندس مرغوب غذا، نرم گوشت آهي. ڇڇڙ، رٻڙ وانگر نرم، چٻڻ ۾ وقتي آسان پر دير هضم آهي. تنهنڪري ٻوڙ سان گڏ نه رجهي سگھي. ماڻهوءَ کي کائڻ ۾ مزو نه ڏئي. جيڪڏھن ڪُئا کائيندڙ ٻليءَ کي، بنا محنت جي ملي ته پيٽ ۾ گنجائش کان به وڌيڪ کائي وڃي. رات جو سمورا گهر ڀاتي ڀلي ننڊ پيا هجن پر ٻلي، پنهنجي بلوري اکين جي روشنيءَ ۾، اوندهه ۾ پڻ پئي ڪئن، ڇڇڙن ۽ ڇلرن جي ڳولا ڪندي. ننڊاکي هوندي، ته به خوابيده/ ننڊاکين اکين سان پئي، پاٽ هيٺان سانڍيل يا ڇڪي ۾ ٽنگيل گوشت ڏانهن ڇڇڙن جي لالچ ۾ نهاريندي ۽ نرا ڏيندي. جيڪڏهن ننڊ پئي هجي، ته به کيس خواب ۾ ڇڇڙ پيا نظر ايندا ۽ رکي رکي پئي، ننڊ ننڊ ۾، مٿن جهپڙون ڏيندي.
مطلب: ۱. لُچ ماڻهوءَ کان، خواب ۾ به لچائيءَ جا ڪم نه وسرن.
۲. بدمعاش، ڀلجي به ڀلائي نه ڪندو آهي.
۳. ٻليءَ کي خواب ۾ ڇلڙ.
۴. از ابليس هرگز نيايد سجود،
نه از بد گهر نيکوئي در وجود. (فارسي)
۵. شيطان کان ڪڏهن مٿو نايو نه ٿئي.
لچ کان پڻ موچارائي موجود نه ٿئي. (ترجمو)

83- ٻن ٻيڙين تي پير رکي، تنهنجون ڄنگهون ڦاٽن. (پهاڪو)
ٻيڙي پاڻيءَ مٿان هلي ٿي، جتي ڪو روڊ رستو يا ريل جڙيل نه هوندا آهن. هوا ۾ اڏامندڙ جهاز/ پکي، پاڻيءَ تي ترندڙ ٻيڙي يا تيراڪ جي هلڻ لاءِ رستو جڙيل نه هئڻ سبب، سندن رخ جو اندازو ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. ٻه ٻيڙيون بيهي ته گڏ سگهن ٿيون پر هلڻ وقت پاڻيءَ جي ڇولين ٽڪرجڻ سبب فطرتي طور هڪ ٻئي کان ڇڄي ڌار ٿي بيهي رهنديون. اهڙيءَ صورتحال ۾ جيڪو ماڻهو، هڪڙي ڄنگهه هڪڙيءَ ۾ رکي، زنجير پير سان ٻڌي ۽ ٻي ڄنگهه ٻيءَ سان جڪڙي ته هلڻ وقت يا زنجير ٽُٽن يا ڄنگهان چيرجن. ڇو جو ٻيڙيون، قدرت جي ٺاهيل اصول تحت هڪ ٻئي کان وٿيرڪيون ضرور ٿينديون. پوءِ مٿي ڄاڻايل ٻن نقصانن مان اهو نقصان ضرور ٿيندو جنھن ۾ اوڻائي هوندي. ڄنگهون زنجير جي ڀيٽ ۾ ڪمزور هونديون ته اهي چيربيون. جيڪڏهن زنجير، ڄنگهن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور هوندو ته اهو ٽُٽندو.
مطلب: ۱. هڪ ئي وقت ٻن ٻيڙين، ٻن جهازن، ٻن گهوڙن، ٻن گاڏين تي سواري ڪرڻ، انساني وس کان ٻاهر آهي.
۲. هڪ ئي وقت، ٻن کٽن تي ليٽڻ، ٻن ڪمرن ۾ سمهڻ، ٻن گهرن ۾ رهڻ، ٻن بوٽن ۽ ٻن جوڙن جو استعمال ڪرڻ، بيوقوفي آهي.
۳. هڪ ئي وقت ٻن ڏورانهن هنڌن تي رهڻ، انساني وس کان ٻاهر آهي. ساڳئي وقت تي ڪراچيءَ ۾ هجڻ ۽ ساڳئي وقت تي اسلام آباد ۾ هجڻ مشڪل آهي.
۴. ساڳئي وقت تي ٻه وڏا مشڪل مسئلا هٿ ۾ کڻڻ بيوقوفي آهي.
۵. ڇا ڌڃي باهه، ڇا ڌڃي ڪپاه.
۶. ڀيٽيو؛ ٻه گدرا هڪ مُٺ ۾ نه ماپن.