ھ
هاٿي طاقت وارو ۽ ڳؤرو بارو جانور آهي. اڳي وهٽ طور جنگين ۾ ڪم ايندو هيو. کيس هڪ ڊگهي سونڍ ۽ وات کان ٻاهر نڪتل ٻه وڏا نيش هوندا آهن، جيڪي سندس بچاءَ ۽ مدد لاءِ هوندا آهن. سونڍ سان کاڌو ۽ پاڻي کڻي وات ۾ وجهندو آهي ۽ نيشن سان کنهڻ ۽ ٻين جانورن کان بچاءَ جو ڪم وٺندو آهي. جڏهن ته راتب کائڻ لاءِ، سندس وات ۾ ننڍا ڏند الڳ هوندا آهن.
مطلب: ۱. جنهن ڪم جي ظاهري شڪل هڪڙي ۽ باطني ٻي هجي، تنهن لاءِ ائين چئبو آهي.
۲ . ہاتھي کي دانت دکھاني کي اور کھاني کي اور۔
۳ . منافق ماڻهوءَ جو اندر پاپن ۾ ڀريل، ٻاهران درويشن وارو ويس.
۴ اندر ۽ ٻاهر، ساڳيو نه هئڻ واري کي ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
543- هارئي کان پيتو ڀلو. (پهاڪو)
هڪڙو همراهه شهر مان شربت جو شيشو ورتو. شيشي جي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو ٻڌي، ٻئي وکر سان ڪلهي تي رکي، ڳوٺ کنيو پئي آيو. واٽ تي کيس ڪنهن ڀتر تان ٿيڙ اچي ويو. گهڻي وزن سبب، نظر به نه پئي پيس. ويتر جو ٿيڙ آيس ته پاڻُ سنڀالي نه سگهيو ۽ وڃي ھيٺ ڪريو. شيشو به ساڻس وڃي پٽ تي پيو. شيشو ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان ته بچي ويو پر منجهس سنهي سير پئجي وئي. انهيءَ چير مان شربت سِمڻ/ ٽمڻ لڳو.
رستي ۾ کيس، شربت بچائڻ لاءِ ٻيو ڪو باسڻ هٿ نه آيو. سمجهيائين، گهر پڄندي پڄندي، شيشو به وهي پورو ٿي ويندو. مٿس خرچ ڪيو هئائين، تنهنڪري ان کي ائين ڇڏڻ به نه پئي چاهيائين. تڏهن ان کي ڍُڪُ ڍڪُ ڪري پي ويو ۽ دل ۾ چيائين: “هاريي کان پيتو ڀلو.”
مطلب: ۱. جيڪو ماڻهو سور سهي، ناڻو گڏ ڪري ۽ مرڻ کان اڳ کپائي به نه سگھي ۽ ائين مري وڃي، تنهن کان اهو ڀلو آهي، جنهن جيترو به ڪمايو سو پاڻ تي خرچ ڪيائين ۽ ڌڻيءَ جي نالي تي به ڏنائين. ڇو جو مرڻ وقت کيس ارمان نه ٿيندو.
۲ . دو کس مُردند و حسرت بُردند،
يکي داشت نخورد دويم دانست نکرد. (فارسي)
۳ . ٻه ڄڻا مئا ۽ ارمان کنيو ويا،
هڪڙي کٽيو پر کاڌائين نه، ٻئي ڄاتو پر (عمل) ڪيائين نه. (ترجمو)
544- هاسي، ڪرهن جي ماسي. (چوڻي)
هاسي: هنسي، کل مذاق، مسخري، ٺٺول.
ماسي: ماءُ جي ڀيڻ، ماءُ برابر، مائٽياڻي.
ڪرهن: جهيڙو، ڪروڌ.
ٺٺول ۽ مسخري، کل ۽ مذاق، وقت تي ته وڻندڙ هونديون آهن، پر اڻيهيءَ لاءِ نه. ڇو جو کل/ مذاق فقط ڏسڻ ۽ ڪرڻ واري کي ئي وڻندي آهي. جنهن سان ٿيندي آهي، تنهن جي دل پئي ڪُرندي آهي. ٿيڻ وارو ڪڏهن به دل تان وساري نه سگهندو آهي. جڏهن جوجڪي چڙهيس ته اڳيون پويون سڀ مذاقون ياد اچي وينديس. پاڻيءَ کان نڪرندي دير ئي نه ڪندو. جتان ايندس، تتان پيو ايندو ۽ جتان وڻندس تتان پيو ويندو. انتُ، مذاق ڪندڙ ۽ مذاق سهندڙ، مذاق ٻڌندڙ ۽ مزو وٺندڙن جي چُرچ تي جانڀوٽئين پئجي ويندا. اهڙو جهيڙو پوندن جو دوستي دوستيءَ جي ماڳ، هڪ ٻئي جا ويري ٿي ويندا. دل ۾ پيا چوندا: “جيڪر هڪ ٻئي جا واقف نه هجون ها ته ڏاڍو ڀلو هجي ها!”
مطلب: ۱. کل مذاق کان پاسو ڪجي.
۲ . المسخري مايه فساد. (فارسي)
۳ . ٺٺولي، جهيڙي جي موڙي. (ترجمو)
۴ . کل مان ذِل ٿئي.
۵ . هجائتي ڪتي، هجري ۾ هنگي.
545- هٿ جنين جو هيئن، پهرين پتڻ سي لنگهندا. (پهاڪو)
هٿ هيئن: هٿ سنئون هئڻ. مٿانهون هٿ هئڻ، ٻين کي ڏيندڙ. سخي، ڏيڻ وارو، جنهن جو هٿ پئسي ڏيڻ لاءِ سنئون هجي.
پتڻ لنگهڻ: ڏکئي مرحلي مان پار پوڻ.
درياهه جي مٿان، اڳي پليون جڙيل نه هونديون هيون ته مسافر درياهه پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙين ذريعي اورينءَ ڀر جي پتڻ تان سوار ٿي ٻيءَ ڀر جي پتڻ تي وڃي لهندا هئا. ٻيڙياتا مهاڻا، پتڻ تي ٻيڙيون جهلي بيهندا هئا. جيڪو ڪرايو ڀاڙو روڪ ڏيندو هين، ان لاءِ ته تانگهي ۾ به ٻيڙيون هاڪاريندا هيا. جيڪو پئسا نه ڏيندو ھين، تنهن لاءِ درياهه بادشاهه ۾ پنهنجا بتيلا ۽ ڊونڊيون ڪين ڊوڙائيندا هئا. مفت ۾ ته ڪير به ڀتين تان ڀت ڪو نه ٿو اڇلي. سڀ ڪو پيٽ گذر لاءِ اچي ٿو ڌنڌا ڪري. مهاڻا ويچارا به پئسا ڀري ٻيڙي ٺهرائين ٿا. دنيا جا ٻيا ڌنڌا ٻين کي ڏئي، پاڻ وڃي پاڻيءَ منجهه منهن ڏنو اٿن. سڄو ڏينهن پاڻيءَ ۾ رهڻ به، سِرُ آهيءَ تي رکڻ برابر آهي. اتي به مفت ۾ ونجهه وهائين ۽ سڙهه سرهائين ته پوءِ ڇا کائين؟ جڏهن کين ڪجهه ملندو ته هيءُ به هلندا، نه ملندن ته ڇو هلندا. نتيجي طور پتڻ سي لنگهندا، جيڪي ٻيڙياتن کي اڻ ڳالهايو، مُلهه/ معاوضو ڏيندا.
مطلب: ۱. جنهن جو هٿ پيسي ڏيڻ لاءِ سنئون هوندو، سو پتڻ جي پهرئين پور ۾ لنگهي پار پوندو.
۲ . جيڪو سخاوت ڪندو، تنهنجو ھر ڪم سڀ کان اڳي پيو ڇٽندو.
۳ . سخاوت همہ دردها را دوا ست. (فارسي)
۴ . سخاوت، سمورن سورن جي لاءِ دارون آهي. (ترجمو)
۵ . ڏنو، ٻنو آهي.
۶ . پئسو ڏنو، ٻرو ڇنو.
546- هٿ ڪنگڻ لاءِ ڪهڙي آرسي؟ (پهاڪو)
هڪڙي ماڻهوءَ، حجام کان مٿي جا وار پئي ٺهرايا. حجم اڃا وارن ۾ قئنچي ئي نه هنئي ته يڪدم پڇيائينس: “ڏي خبر! مٿي ۾ وار، اڇا گهڻا آهن ڪن ڪارا؟”
حجم ورندي ڏنس؛ “مان ڪٽيندو، تنهنجي جهوليءَ ڏانهن اڇليندو ٿو وڃان. پاڻ ويهي اندازو لڳاءِ! وڌيڪ پڇڻ جي ضرورت ئي نه پوندئي.”
۲ . ڪنن يا ڳچيءَ جي ڳَهَه جي سونهن، پائڻ کان پوءِ ڏسڻ لاءِ، آرسيءَ جي ضرورت پوندي آهي. ڇو جو ڪن، نڪ ۽ ڳچي وغيره سڌيءَ طرح مشڪل نظر ايندا آهن. جڏهن ته هٿ کي سڌو سنئون، اک سان ڏسي سگهجي ٿو. ان ۾ پاتل ڪنگڻ پڻ نظر اچي سگهي ٿو. ان جي سونهن يا ٺاهه ٺوهه جو اندازو اتان ئي لڳائي سگهجي ٿو. ان لاءِ قدِ-آدم آئيني آڏو اچي بيهڻ جي ضرورت ناهي.
مطلب: ۱. جيڪو ڪم يا شيءِ، پاڻ آڏو هڪيو حاضر هجي ته پوءِ ان لاءِ ٻئي کان پڇڻ يا مدد گهرڻ بيڪار آهي.
۲ . سج جو دليل، سج ئي آهي.
۳ . ظاهري شيءِ لاءِ، ڪهڙو دليل؟
547- هٿن سان هاجون ڪرڻ، پيرن سان کڏون کڻڻ. (ورجيس)
هٿن سان هاجون ڪرڻ: ظاهري طور مدد ڪرڻ. کلئي عام ساٿي سڏائڻ.
پيرن سان کڏون کڻڻ: اندران اندران ترا ڪڍڻ، لڪيل نموني دشمني ڪرڻ.
هاج يا ڪم، ڪنهن دوست جو ئي ڪبو آهي. دشمن جي لاءِ، ڪم واسطي ڪير به پير ڀري نه نڪرندو آهي. دوستيءَ جي پرک به اها آهي. وقت تي ڪم پوي ۽ سنگت کي هڪل ڪجي ته سنگتي حاضر ٿئي. جيڪڏهن وقت تي ڪم نه ڪيائين ته سنگتي نه چئبس.
کڏون، دشمن لاءِ کڻبيون آهن. ڇو جو دشمن مان پڻ ساڳي اميد هوندي آهي. جڏهن ته اخلاق، انهيءَ ۾ آهي ته دشمن سان به ڀلائي ڪجي. ڀلائي ڪرڻ سان دشمن به دوست ٿي ويندو آھي.
هڪڙا ماڻهو، اندر ۾ هڪڙا ۽ ٻاهر ۾ ٻيا هوندا آهن. روبرو وڙهي نه سگهندا آهن، تنهنڪري منھن تي ها ۾ ها پيا ملائيندا ۽ وقت تي ڪم به ڪري ايندا پر اندر ۾ رڌيل هوندا آهن. وس نه پڄڻ سبب، ٻين کي وڙهڻ لاءِ پيا ڇڇڪارون ڏيندا ۽ ڪن ڀريندا. اهڙن منافقن لاءِ چئبو آهي؛ “هٿن سان هاجون ڪندڙ، پيرن سان کڏون کڻندڙ.”
مطلب: ۱. منهن تي دوستي ڏيکاري ۽ دشمن جي گلا ڪري، اڳلي جو مَنجُهه وٺي وڃي دشمن جا ڪَنَ ڀري ۽ جهيڙو مچرائي، تنهن لاءِ ائين چئبو آهي.
۲ . بڇڙي حراميءَ ۽ سندس سنگت کان، سياڻي کي پاسو ڪرڻ گهرجي.
۳ . در برابر چو گوسفند سليم، در قفا همچو گرگ مردم در. (فارسي)
۴ . منهن تي گهٽي وانگي ڪونئرو،
پر پٺ بگهڙ گهاءِ ماڻهو ڦاڙيندڙ. (ترجمو)
548- هٺ- سَهائيندو کائجي، لوڪ- سَهائيندو پائجي. (چوڻي)
هَٺَ: طبع، طبيعت، معدي آهر.
سهائيندو: آهر، سهڻ جي حد، برداشت ڪرڻ جيترو.
کائجي اهڙو ۽ ايترو، جيڪو طبيعت کي وڻي/ ڀانءِ پوي يا جيترو طبيعت کڻي سگھي/ برداشت ڪري سگهي. اڻ وڻندڙ کاڌو، بيماري آڻيندو. طبيعت ۽ وت کان واڌو کاڌل کاڌو، پڻ طبيعت تي ٻوجهه وجھي. هضم به ڏکيو ٿئي ۽ هلڻ کان به هلاک ڪري ڇڏي. گهڻ-کائڪ ماڻهو به گهڻن ماڻهن جي نظرن ۾ ڪري پوندو آهي.
۲ . لٽو ڪپڙو اهڙو پهرجي، جنهن جي وٺڻ لاءِ کيسو اجازت ڏئي. موسم آهر هئڻ گهرجي. اونهاري ۾ کٿو ويڙهڻ ۽ سياري ۾ پوچو ٻڌڻ به عقل جي خلاف آهي. کيسي ۾ پئسو نه هجي ۽ اوڌر کڻي ڪپڙو اوچو پائڻ سان به ماڻهن کي ڪين وڻبو. جهڙو ڪپڙو ٻيا ماڻهو پائين ٿا، ان ۾ ئي عافيت آهي. عام ماڻهن کان اوچا ڪپڙا پائڻ سان، طبيعت ۾ ٽيڳر ايندي. سڄو ڏينهن اجائي ڇنڊ ڦوڪ پئي ڪبي. جنهن سان عام ماڻهن ۾ گلا ٿي پوندي. گلا به اڻ- ڇٽندڙ ڦٽ وانگر، تنگ ڪندڙ هوندي آهي.
مطلب: ۱. لوڪ- سهائيندو کائجي، هٺ- سهائيندو کائجي.
۲ . اهڙو کاءُ، جيڪو طبيعت کڻي، اهڙو پاءِ جهڙو ماڻهن کي وڻي.
۳ . بسيار خَوار است بسيار خُوار. (فارسي)
۴ . گهڻو کائيندڙ، گهڻو خوار. (ترجمو)
۵ . به عذر توبه توان رُستن از عذابِ خدا،
وليک مي نتوان از زبانِ مردم رُست. (فارسي)
۶ . توبه ڪرڻ سان، ڌڻيءَ جي عذاب کان ڇٽي سگهبو،
ليڪن ماڻهن جي گلا کان ڪين بچي سگهبو. (ترجمو)
549- هر هر هورائي، وڃڻ در دوسن جي. (چوڻي/ پهاڪو)
هورائي: هلڪائي، هلڪڙائي.
هر هر: وري وري، سگهو سگهو، جلدي جلدي.
درِ: دروازو، ٻنڀو، اوطاق تي، گهر ڏي.
دوسن: دوستن، دوست يار، سڄڻ.
دوست يا سڄڻ وٽ وڃبو ته مهمانُ سمجهي، خدمت ۽ مانُ ڪندو. جڏهن وڃڻ وڌائبو ته سندس خدمت ۾ فطري طور ڪمي ايندي ويندي. آخر ۾ ايتري حالت رهندي، جو جهڙو حال هوندس، سو ئي اڳيان پيش پيو ڪندو. جڏهن اهو به پيش ڪري ٿڪجندو ته پوءِ بيزار ٿي ڍيڪ ڏيندو ۽ ويڪون ڪڍندو. هجائتو ٿيندو، پٽڪو لاهيندو ۽ گاريون پيو ڏيندو. دل مان احترام ۽ حشمت نڪري ويندس.
مطلب: ۱. دوستن جي گهر جلدي جلدي نه وڃجي.
۲ . هر انسان پاڻ گهرجائو آهي، وٽس پنهنجي غرض لاءِ هرگز نه وڃڻ گهرجي.
۳ . پريت گهٽي مِتر ڪي نِتُ جائي. (هندي)
۴ . مائٽ وٽ ڏيهاڙي وڃڻ سان، محبت گهٽجي ٿي. (ارٿ)
۵. پهرين ڏينهن مهمان، ٻئي ڏينهن مَهي،
ٽئين ڏينهن ڏجيس ڀونڊو منهن ۾ گَهي.
550- هرڻي اڳي ئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي. (پهاڪو)
هرڻي؛ جهنگلي ٽاهڙ مرون آهي. کڙڪو ٻڌندي ته ڇرڪي وٺي ڀڄندي. پنهنجي پاڇي کان به پئي ڇرڪندي. ساهه ته هر ساهدار کي پيارو آهي، ان جي دفاع ۾ هر وقت سرگردان آهي. جتان کيس خطرو محسوس ٿيندو، اتان ونءُ پيو ويندو. هرڻ جي شڪار لاءِ، شڪاري بندوق کنيو پيا پويان ڦرندا اٿس. گوشت ته ذائقيدار اٿس پر دفاعي طور تي وڙهڻ جي سگهه نه اٿس. هلڪو هئڻ سبب، ڦڙت ۽ ٽاهڙ آهي. هڪ دفعو بندوق جي ٺڪاءَ جو پڙلاءُ ڪن تي پيس ته اتان جُوءِ ئي ڇڏي ويندي.
اهڙي جانور کي جيڪڏهن کڙڪي وارو گينگهرو يا ٽلي، ڳچيءَ ۾ پوندي ته ان جي آواز تي ويتر پيو ڇرڪندو. ڇرڪڻ سبب، گهنٽي اڃا وڌيڪ پئي لڏندي ۽ وڄندي. اهو سلسلو ويندو اينگهندو. تان جو هرڻيءَ کي ڊيڪائي ڊيڪائي، سهڪائي سهڪائي ھڪ هنڌ وڃي پورو ڪندو.
مطلب: ۱. لچو ماڻهو، اڳي ئي ٽانءِ ڪندڙ، تنهن کي جيڪڏهن مفت ۾ ناڻو هٿ لڳي ۽ پڇا ڳاڇا ته نه ٿئيس پر وڏڙن جي طرفان ويتر وٽ- وراڻ پئي ٿئيس ته پوءِ، اڃا ٽانءِ گهڻي ڪندو.
۲ . چه نيکو زده است اين مثل پير ده،
سِتُور لکد زن گران بار بہ. (فارسي)
۳ . ڳوٺاڻي ڪهڙو نه سٺو مثال ڏنو آهي،
اِٽر وهٽ تي ڳرو بار رکڻ چڱو آهي. (ترجمو)
۴ . رٺي اڳي ئي ويٺي هئي، مٿئون آيس پيڪاڻو نياپو.
551- هڙ به گاسُو ٿيڻ، لوڪ به تماشو ٿيڻ. (ورجيس)
هڙ: ڳنڍ، رکيل ملڪيت
گاسو: گسڻ، کٽڻ، کپي وڃڻ.
لوڪ: عوام، ڏسندڙ ماڻهو
تماشو: کيل، شغل، راند، وندر، ورونهن.
ڪنهن مهل ڪي مت جا موڙهل ماڻهو، اهڙا ڪم به ڪندا آهن، جيڪي ظاهر ظهور نقصانڪار هوندا آهن. جنون ۾ اچي ايترا ته انڌا ٿي ويندا آهن جو جهلئي نه جهلبا آهن. پاڙو اوڙو ۽ ابو امان جهلڻ تي، هيءُ ڳَتِ ڏيڻ تي. جيئن هڪڙو جوئاري جوئا ڪرڻ جي جنون ۾ آهي. گهر جا ٽپڙ به کڻي، ڀڄي وڃي جوئا جي ٽِڪريءَ تي ويهي ٿو. حالانڪ مٽ مائٽ ۽ دوست يار جهلينس ٿا؛ “اهي جوئاري ماڻهو، تنهنجا سنگتي ساٿي يا هڏوکي ناهن!” تنهن ھوندي به مڙي نه ٿو. هيڪاري جهليندڙن کي پنهنجو دشمن ڄاڻي گاريون ٿو ڏئي. اهو ماڻهو جڏهن جوئا جي ٽڪريءَ تي هڙ هارائي، پڙ پالها ڪري، بوڇڻ ڇنڊي اٿي هلي ٿو ته سندس اکين آڏو اوجهراڻيون هونديون آهن. هڪ ته هارائڻ جي دؤنس، ٻيو جهلڻ وارن جو چيو نه وٺڻ وارو ويسورو. چيو نه وٺندڙن جون ٺٺوليون ۽ مذاق. دل چونديس؛ “زمين جاءِ ڏئي ته اندر هليو وڃان!” ڇو جو ھاڻي سندس پئسا ته ويا پر عزت به وئي.
۲ . هڪڙو ماڻهو سستائپ واري دور ۾، مهانگو مال وٺي ۽ جهلڻ تي نه مڙي. جڏهن گهاٽو پوندس ته لازمي طور، هڙ جو ڇيئو رسڻ سبب پاڙي وارا پڻ کلندس.
مطلب: ۱. گهر ۾ به گهاٽو پوڻ ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ به ڪري پوڻ.
۲ . ڪتو به ان کي کائي، ٿُڪ ٿُڪ به ان کي ٿئي.
۳ . اهڙو ڪم نه ڪجي، جنهن سان هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو ٿئي.
۴. جوئا اهڙو ڪم آهي، جنهن سان پئسو به وڃي ته عزت به وڃي.
552- هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي. (ورجيس)
ھڪڙي ماڻھوءَ وٽ پئسن سانڍڻ واري صندوقچي آھي. اھا جيڪڏهن پئسن/ ڌن سان ڀريل اٿس ته ڄڻ دل کي ڏڍ/ آٿت اٿس. پاڻ ۾ هڙ شيءِ خريد ڪرڻ جي، صلاحيت ۽ سڌ پيو ڀانئيندو. هلڪي ڦلڪي شيءِ تي ڦلڪ ئي نه پيو آڻيندو. سندس لوڏ مان ئي سمجهي وڃبو ته مڙس وٽ وڏي دنيا آهي. چڱن ڀلن کي خريد ڪري سگهي ٿو.
ان جي برعڪس سڃو ماڻهو، پنهنجي پيٽ گذر ۾ پورو هوندو. خوشامد ڪري پيو وقت گذر ڪندو. هر هڪ جي آڏو هٿ جوڙي پيو هلندو ته جيئن سڃو سمجهي ڪو چهڙ نه ڏئي وجهي.
۲ . ڪي ماڻھو وري فطرت جي خلاف روش هلندا آهن. هوندا پئسي وارا پر ڏِک اهڙي ڏيندا، ڄڻ ويچارا ٽي ويلا لنگهڻ تي ويٺا آهن. ڪي وري هوندا سڃا پر ڏِک اهڙي ڏيندا ڄڻ لک پيتيءَ ۾ اٿن، ٻي سڄي اوڌر اٿن.
مطلب: ۱. هيءَ ورجيس اهڙي ماڻهوءَ کي ٽوڪڻ لاءِ ڪتب ايندي آهي، جيڪو هجي سڃو پر لوڏ اها هلي ڄڻ لک تي مٿو ڌوتيون ٿو اچي.
۲ . ولهو، ٽنڊ ڪري ته کيس ائين ٽوڪ ڪجي.
۳ . ڀيٽيو: سکڻي ڪني، گهڻو اڀامي.
553- هڙ ۾ تماڪ ته جهنگ مڙيوئي دائريو. (پهاڪو)
هڙ ۾: ڳنڍ ۾ ٻڌل، ساڻ هئڻ.
جهنگ: جتي آبادي نه هجي. اڻ وسنديءَ ۾.
دائريو: موالين لاءِ اوتارو، چرس ڇڪڻ يا ڀنگ پيئڻ لاءِ مڪان.
مسافر ماڻهوءَ کي جيڪڏهن چلم ڇڪڻ جي هير آهي ته سفر دوران، ٻاڙ لڳڻ سبب واٽ وارن ڳوٺن ڏانهن لڙي ويندو. اتي دائريي يا مڪان ۾ گهڙي، ويٺل موالين وغيرھ جي هلندڙ چلم مان ٻه ٽي بڙڪا ضرور ڪڍندو. ان کان پوءِ وري سفر لاءِ روانو ٿيندو. ائين ڪرڻ سان سندس سفر ۾ سيڙ به ٿيندي ۽ صحيح نبيرو به نه رهندس.
ان جي ڀيٽ ۾، جيڪڏهن مسافر کي تماڪ جي ڳوٽي هڙ ۾ ٻڌل آهي يا سگريٽن جو پاڪيٽ کيسي ۾ اٿس ته رستي ويندي، دائريي ڏانهن لڙي نه ايندو. سندس لاءِ جهنگ ۾ ئي دائريو آهي. کيسي مان سگريٽ/ ٻيڙي ڪڍي، ٻاڙ ماريون، جوڳي رمتا ڀلا ٿيندو.
مطلب: ۱. جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو ناڻو ڳنڍ ۾ ساڻ ٻڌل آهي، تنهن لاءِ سڃ ۾ به ڄڻ وسنئن ۽ پرديس به جهڙو ديس.
۲ . منعم به کوه و دشتِ بيابان غريب نيست،
هر جا که رفت خيمہ زد و بارگاهه ساخت. (فارسي)
۳ . ڌن وارو ڏونگر ۽ رڻ پٽ ۾ غريب ناهي،
جاتي به ويندو، تنبو هڻي درٻار ٺاهي ڇڏيندو. (ترجمو)
۴ . ڌن سان، جنگل ۾ منگل آهي.
554- هسڻو جوڳي، پڏڻي نار،
گد ڪهي؛ “هي ٻئي مار”. (چوڻي)
هسڻو: کلڻو، کينچلي، جنهن تنهن سان فري ٿيندڙ.
جوڳي: ڌڻيءَ جو ڳولائو، فقير.
پڏڻي: پڏندڙ، ٻٽاڪڻ، چرچائي، کلندڙ، اجايو هلندڙ، گهڻ-ڳالهائڻي.
نار: عورت، زال.
گد: گدو، هڪ شاعر جو نالو يا تخلص، جنهن جو هيءُ بيت جوڙيل آهي.
ڪهي: چوي، چئي.
۱ . جوڳيءَ/ فقير کي ڌڻيءَ جي ڳولا آهي. ڌڻيءَ کي ڳولڻ جي واٽ، کل مذاق واري ناهي. سندس واٽ ته سنجيدگيءَ سان هر وقت بندگي ڪرڻ واري آهي. جنهن ۾ کلڻ قليل ۽ روئڻ ججهو آهي. جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو رونشا ڏسندو ۽ دل کي خوش ڪرڻ وارا نظارا پسندو، کاڌا کائيندو ۽ لباس پائيندو، سو هرگز ڌڻيءَ کي ڳولڻ واري منزل تي ڪين پهچندو.
۲ . زال، پنهنجي مڙس جي لاءِ هوندي آهي. ڪم ڪار جي لحاظ کان ٻين مٽن مائٽن سان حد اندر ڳالهايائين ته ٺيڪ آهي. اگر مڙني سان پئي کل کل ڪندي ۽ چرچا هڻندي، ميڇان ڏيندي ۽ کجڪار ڪندي ته مڙس جي دل ۾ گمان ويهاريندي ويندي. حتيٰ ڪ هڪ ڏينهن مڙس کانئس چڙ ۾ اچي نفرت پڻ ڪندو. جنهن سان سندس زندگي هميشه لاءِ عذاب ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري اشراف زال کي، ٻين سان ٽهڪن ڏيڻ کان هتر ڪرڻ گهرجي.
مطلب: سچو فقير ڌڻيءَ کانسواءِ ۽ اشراف زال مڙس کانسواءِ، ڪنهن ڏانهن نه تڪيندا آهن.
۲ . چو در روءِ بيگانه خنديد زن،
دگر مرد گو لاف مردي مزن. (فارسي)
۳ . جڏهن ڌارئي آڏو زال کليو،
تڏهن مڙس کي مڙسيءَ جي ٻٽاڪ نه هڻڻ کپي. (ترجمو)
555- هڪڙو چوي، ٻيو مڃي،
تنهن جو پورهيو، ڌڻي نه ڀڃي. (چوڻي)
ادب ڪرڻ ۽ چيو مڃڻ، زندگي گذارڻ لاءِ تمام ڪارائتا اصول آهن. ائين ڪرڻ سان ماڻهن جون دليون وٺي سگهجن ٿيون. جيڪو به ڪم ڪبو، ان ۾ ٻين جي راءِ/ صلاح شامل هوندي ته ڪير به مخالفت نه ڪندو. هٿائين همٿائيندو ۽ هيلپ پيو ڪندو. اهڙي ماڻهوءَ لاءِ رب پاڪ به پيو دروازا کوليندو.
جيڪو ماڻهو بي ادب ۽ گستاخ ٿيندو، سو ٻين جي دل تي ته نه چڙهندو پر پنهنجي دوستن يارن، مٽن مائٽن حالانڪ ماءُ پيءُ جي دل تان به لهندو ويندو. ساڻس ڪنهن ڪم جي مدد ته نه ڪندا پر وس پڄندي سندس هر ڪم ۾ رنڊڪون ۽ رخنا پيا وجهندا. ڌڻي پاڪ به مٿس ناراض پيو ٿيندو ۽ دنيا ۾ ئي پيو ڏِنگيون ڏيکاريندس.
مطلب: ۱. چيو مڃڻ کان، ڌڻي پاڪ به خوش ٿو ٿئي.
۲ . آگيا مانِ جانِ سک پايو. (گرونانڪ صاحب، وچن)
۳ . چوڻ مڃي ڄاتائين، سک پاتائين. (ارٿ)
۴ . بي چيو ڪتو به در تي ڪير نه ٿو رکي.
۵ . باادب بانصيب، بي ادب بي مراد.
۶ . جنين ادب، تنين عجب.
۷ . بي وڙو، لوڪ- تڙيو.
556- هڪڙو هٿ کير ۾ هئڻ، ٻيو هٿ نير ۾ هئڻ. (ورجيس)
نير: پاڻي، پاڪ ڪندڙ مادو، رنگ.
نير ۾ هئڻ: گناهن ۾ ڪارو هئڻ.
کير: لطيف ۽ پاڪ مادو، جيڪو گاهه کائيندڙ مينهن جي ڇيڻي ۽ رت جي وچان نڪري ٿو.
کير ۾ هئڻ: ثوابن ۾ اڇو هئڻ.
دنيا جي تختي تي،گناهه ۽ ثواب جا رستا کليا پيا آهن. ساڳئي هٿ سان گناهه به ڪجن ٿا ته ثواب ڪمائڻ لاءِ به ساڳيو هٿ آهي. ائين نه آهي ته ڪنهن جي چوري ڪرڻ ۽ خون ڪرڻ مهل، ماڻهوءَ کي هڪڙا هٿ آهن ۽ خيرات ڪرڻ، نماز پڙهڻ ۽ تسبيح ڦيرائڻ وقت ٻيا هٿ ٿا ملنس. رڳو عقل ۽ فهم جو دارومدار آهي. جيڪڏهن ٿوري ڪل ٿڙي ٿي ته انهن ئي ساڳين هٿن سان پرائو حق کائجي ٿو. جيڪڏهن دل صاف آهي ته انهن ئي هٿن سان پرائو حق تارجي ٿو.
مطلب: ۱ . دنيا جا سمورا ڪم ڪاريون، انسان ساڳين هٿن سان ڪري ٿو.
۲ . ساڳين هٿن سان هڪڙن کي خيرات ڏئي ٿو ۽ ساڳين هٿن سان ٻين کان ڦري ٿو.
۳ . گل سان ڪنڊو، ماکيءَ سان ڏنگ، ڏينهن سان رات ۽ سک سان ڏک گڏ آهن. تيئن ڀلائيءَ سان گڏ برائي به وچڙي پئي آهي. فقط عمل ڪرڻ مهل، نيت کي ڇنڊي ڇاڻي هلڻ گهرجي.
۴ . هڪڙو هٿ ثواب ۾ وجهي، ٻيو هٿ گناهه ۾ نه وجهجي.
557- هڪ سج، ٻه پاڇا. (پهاڪو)
هيءَ دنيا هل هلان جو جهان آهي. منجهس هڪڙا اچن ٿا، ٻيا وڃن ٿا. اهي وڃڻهارڪا ٿين ٿا ته ٽيان اچي سهڙن ٿا. ان جو مثال سج ۽ سندس پاڇي وانگر آهي. سج اوڀر کان صبح جو اڀري ٿو. شام تائين پنهنجي ڏينهن جو پهر پورو ڪري، اولهه ۾ ٽٻي هڻي ٿو وڃي. صبح جو جنهن شيءِ تي سندس ڪرڻا پون ٿا، تنهن جو پاڇو اولهه ڏي لڙيل رهي ٿو ۽ جڏهن شام ڌاري، سج پاڻ اولهه پاسي هليو وڃي ٿو ته سندس ڪرڻن ذريعي جڙيل هر شيءِ جو پاڇو، اوڀر ڏي لڙيل رهي ٿو.
مطلب: ۱. ڌن دولت، اڄ هڪ وٽ آهي ته سڀاڻي ٻئي وٽ آهي. درويشن کي اهڙي مڪار دنيا سان دل لڳائڻ نه گهرجي.
۲ . ڌن آهي واريءَ جو ڍير، اڄ هِتِ سڀاڻ هُتِ.
۳. بر مرد هوشيار دنيا خس است،
که هر مدتي جاءِ ديگر کس است. (فارسي)
۴ . سياڻي مڙس آڏو دنيا ڪک آهي،
جيڪا هر وقت جاءِ مٽائيندي ٿي رهي. (ترجمو)
۵ . دولت جڏهن گڏ ٿئي، تڏهن سياڻي ماڻهوءَ کي ان جي هوند تي هٺ ڪرڻ نه جڳائي.
۶ . ڀيٽيو: ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مَٽُ.
558- هِڱ سهانگي، ته به ڪا ٻاٽ ۾ گهوربي؟ (پهاڪو)
هِڱ: دوا طور ڪم ايندڙ پسارڪو وکر، جيڪو ايران خراسان کان اچي ۽ اگھ ۾ مهانگو ٿئي. هندو ماڻهو اڪثر ڪري ويشنو، اُچن تيوڻن ۽ ترڪارين يا ڀاڄين ۾، خوشبوءِ يا سواد لاءِ وجهندا آهن.
ٻاٽ: ڏريل اَنُ، جيڪو رٻ رڌڻ ۾ ڪم اچي.
گهورڻ: ٻُرڪڻ، مٿان وائرڻ.
هِڱ، مهانگو وکر آهي پر جيڪڏهن سستو ٿي به پوي تڏهن به سندس قدر هر ڪنهن جي نظر ۾ آهي. مائو، معجون، کوپري جي مٺائيءَ کي اڃا پرڪشش بڻائڻ لاءِ، چانديءَ جي ورقن، کوپري ۽ پستن جي ٻوري سان سجائبو آهي ته جيئن گراهڪ اچن. اهڙي سجاوٽ، گهر ۾ رڌل، ڪڻڪ جي ٻاٽ واري ڀت تي به ڪري سگهجي ٿي. پر اها به چانديءَ جي ورقن ۽ ڊراءِ فروٽ سان. نه ڪي هِڱ يا مشڪ عنبر سان. ڇو جو انھن وکرن جو مصرف ۽ قدر و منزلت پنهنجا آهن. انهن کي رٻ جهڙن سادن کاڌن تي ڇٽي، انهن جو قدر ڪين گهٽائبو.
مطلب: ۱. ڪارائتي شيءِ ڀلي سستي ملي، ته به بيڪار جڳهه تي استعمال نه ٿئي.
۲ . گيهه ڀلي سستو ملي، تڏهن به ٻوڙ ۽ پلاءُ ۾ وجهبو، ساڻس ماني مکي کائبي، منجهانئس ڪٽي ڀوري کائبي، گرهه ٺاهي ڍڪ ڀربو پر جُتيءَ کي ڪين مکبو.
559- هنجهه نه ميرو وت، جاسين جيئين ڏينهڙا،
جيءُ نه جنجل گهت، سِرُ تا سَرَ ڪيترا. (شاهه، چوڻي)
هنجهه: پاڻيءَ جو سهڻو ۽ ڳؤرو پکي، هنس.
سَرُ: ڍنڍ، پاڻيءَ جو وڏو ڍورو، تلاءُ.
سِرُ: جان، سرير.
جيءُ: ساهه، حياتي.
جنجل: مصيبت.
هنجهه پکي، پاڻيءَ جي تلائن ۾ رهي. اتان کيس روزي ملي. جڏهن ڍورا ۽ ڍنڍون، هڪ مند ۾ سڪي وڃن ته اھا جُوءِ ڇڏي وڃي، انھيءَ جُوءِ ۾ بسيرو ڪندو آھي جتي اڃا پاڻي هوندو آھي.
جيڪڏهن هڪڙي ڍنڍ سڪي وڃي ۽ اتان جو رهندڙ هڪڙو هنس پکي ارمان کائي ويهي رهي ته اهو چڱو ناهي. ڇو جو کيس نااميد نه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪڙي ڍنڍ سڪي وئي آهي ته ٻي ڳولهڻ سان ملي ويندي. جيڪڏهن سرير ۾ ساهه آهي ته ان ۾ مزا ماڻي وٺبا. جيڪڏهن حياتي هلي وئي ته پوءِ ارمان کائڻ جو به موقعو ڪو نه ملندو.
مطلب: ۱. تلاءُ سڪي ويو آهي ته ارمان نه ڪر. سِرُ آهي ته تلاءَ گهڻا.
۲ . ڪرت/ ڌنڌي مان اپت ٿوري ڏسي ڳڻتي نه کاءُ، ڌڻيءَ جو آسرو رک، جيڪو سڀ کي قوت پهچائي ٿو.
۳ . هان توکل کن مرنجان پا و دست،
رزقِ تو بر تو از تو عاشق تر است. (فارسي)
۴ . اڙي! ڌڻيءَ تي ڀاڙِ، هٿ پير نه ڏکوءِ،
تنهنجو رزق تو تي، تو کان وڌيڪ عاشق آهي. (ترجمو)
560- هنجھن سان حرص ڪري، اڏاڻي چڙي،
چڻو هئس چهنب ۾، سو به پيس ڪري. (چوڻي/ پهاڪو)
هنجهه: هنس، ڍنڍ جي پکيءَ جو هڪ قسم، ڳؤرو ۽ وڏو پکي.
چڙي: جهرڪي، ننڍڙو پتڪڙو پکي.
هنجهه، هڪ سهڻو، ڳؤرو ۽ تڪڙو پکي آهي. جهرڪڙيءَ ويچاريءَ جو وِت ٿورو ۽ اڏام پڻ ٿوري آهي. يڪدم ٿڪجيو پوي. هنجهه، سوين ميل هڻي ته وڃي منزل ڪري. جيڪڏهن جهرڪي، هنجهه سان شرط پڄائيندي ته ميل سوا تي ٿڪجي، ڦان ڪري، ڪِري پوندي. جيڪڏهن سفر تي توشي طور ڪو داڻو به چهنب ۾ کنيو هوندائين ته سو به يا ڪري پوندس يا پاڻ مري پوندي، جنهن ڪري نصيب نه ٿيندس.
مطلب: ۱. هڪڙو ڏڏ ماڻهو، ڪنهن سياڻي کي وڏو ڪم ڪندو ڏسي ريس ڪري، اهڙي ڪم ۾ هٿ وجهندو ته جائي کاٻاربو/ هلاک ٿيندو.
۲ . هنس ترندا ديکڪي، ٻگان به آيا چائو.
ڏٻ موئي ٻگ ٻِپري، سِر تلي اوپر پائو. (گرونانڪ صاحب، وچن)
۳ . هنجهه کي ترندو ڏسي، ٻگهن کي به دل ٿي،
ٻڏي مئا ٻگهه ٻنهي پرن سان، منڊي هيٺ ڄنگهان مٿي. (ارٿ)
۴ . کلاغي تگ کبک را کوش کرد،
تگ خويشتن را فراموش کرد. (فارسي)
۵ . ڪانءُ ٽليو پئي ڊيل جي نقل ڪري،
ٽلڻ پنهنجو به وساري ويٺو. (ترجمو)
۶ . ڪانءُ هليو مور جي ٽور، کنڀ کُهائي، نه رهيو ڪانءُ نه مور.
561- هنڌ ڏسي، هاسي ڪجي. (چوڻي/پهاڪو)
ھاسي: ھنسي، کل مذاق.
دنيا ۾ ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ، ٻين سان واسطي ۽ رابطي ۾ رهڻ ضروري آهي. ھر معاملي ۾ کين مدد ڪرڻ ۽ کانئن مدد وٺڻ لاءِ، ساڻن ڳالهائڻ ٻولهائڻ کانسواءِ ڪو به معاملو اڳتي چُري نه سگهندو. ڳالهه ٻولهه ۾ کل مذاق، چرچو گهٻو، ٽوڪ چٿر به وقتي ۽ وقت جي نزاڪت سارو ٿي سگهي ٿي. لاهي پاهي رڳو کل مذاق به بيزار ڪري ڇڏيندي آهي.
ھر معاملي ۾ کل مذاق کان پاسو ڪرڻ بھتر آهي. موقعو مهل ڏسي کلڻ به ٺيڪ آهي. البته ڪلام کي شائسته رکڻ لاءِ، ٽوڪ واري عنصر کي حذف رکڻ اڃا ڀلو آهي. اڳئين جي موڊ ۽ ڪيفيت کي به خاطر ۾ آڻجي. ائين نه ٿئي جو هجي موتي فوتيءَ جو موقعو ۽ کل مذاق ويٺو ڪجي. يا هجي شاديءَ/ خوشيءَ جو موقعو ۽ چَپُ چَپَ تي چاڙهي ويهي رهجي. بلڪل نه. البته وقت سارو، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ طبيعت مزاجي پڇڻ، خوش خير عافيت ڪري اڳلي جو موڊ وغيره جاچڻ/ معلوم ڪرڻ به بيحد ضروري آھي. بعد ۾ ساڻس ڪا ڳالهه ڇيڙڻ ئي بهتر رھندو.
مطلب: ۱ . موقعو ۽ مھل، ماحول ۽ محل جاچڻ کانسواءِ چرچو گهٻو نه ڪجي.
۲ . جهڙي ڪچهري، تهڙو گفتو.
۳ . جيڪو ڳالهائڻو هجي، سو هنڌ پڇي مهل سر ڳالهائجي.
۴ . هر آن عاقل که با مجنون نشيند،
نيايد کردنش بجز ذکر ليليٰ. (فارسي)
۵ . هر اهو سياڻو جيڪو مجنونءَ سان گڏ ويندو،
تنهن کي ليليٰ جي ذڪر کانسواءِ ڳالهه نه وڻندي. (ترجمو)
۶. مجنونءَ سان ويھجي، ڳالھ ليليٰ جي ڪجي.
۷. ڀيٽيو؛ منهن ڏسي، تلڪ لڳائجي.
562- هنر واري جو هنر کپي، بي هنر جي جند کپي. (چوڻي)
هنر کپي: هنر وڪامي، حرفت ملهه ڪري.
جند کپي: جان وڪامي. ٻيلهپو ڪري.
هڪڙي پرديس تي ٻه مسافر ويا. منجهانئن هڪڙي کي هنر ۽ تعليم هئي. ٻيو بي هنر ۽ جاهل هيو. اتي سندن پئسا به کپي ويا. راجا جي درٻار ۾ نوڪريءَ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳا. پڙهيل ۽ هنرمند کي، سندس هنر سبب، جهٽ نوڪري ملي وئي. پنهنجي هنر سببان، راجا کي به ڏاڍو راضي ڪري ڇڏيائين. جڏهن ته اڻ پڙهيي ۽ بي هنر وٽ، ڪو به هنر نه هيو، تنهنڪري کيس مناسب جاءِ نه ملي. کيس مزوري ڪرڻ ۽ مٿي تي تغاري ڪرڻ جهڙو ڪم ڪرڻو پيو، جنهن سان وقت ڏاڍو ڏکيو ڪٽڻو پئي پيس.
۲ . هڪڙو تارو ماڻهو، سيڻھ تي چڙهي درياءُ تري وڃي. ٻيو اڻ تارو، ان وانگر سيڻھ ڦوڪي مٿس چڙهي درياهه ۾ گهڙي پوي ۽ سيڻھ اٿلي پويس. پار پهچڻ بجاءِ ٻڏي مري پوي.
مطلب: ۱ . جيڪو ڪم، هنر وارو ماڻهو پنهنجي هنر سان ڪندو، سو ڪم مٿو وڃائڻ سان به بي خبر نه ڪري سگهندو.
۲ . اڻ ڄاتي ڪم ۾ هٿ وجهڻ، مورڳو جيءَ جو جوکو.
۳. جنهن جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري گهاٽو ڀري.
563- هڻ ڌيءُ کي، سکي نُنهن. (پهاڪو)
نُنهن: پٽ جي جوءِ، پرائي ڌيءُ.
پنهنجي ڄڻيي اولاد کي اڄڪلهه ڇڙٻ ٿي ڏجي ته ٻه ٽي ڏينهن ڪو نه ٿو ڳالهائي. جڏهن خبر به اٿس ته ٻئي هنڌ ڪير سندس وَٽَ- وراڻ ڪرڻ وارو ڪونھي. تنھن ھوندي به فطري طور، ناراض ٿي ٿو پوي. ننهن ته پرائي ڄائي آهي. کيس ڇڙٻ ڏبي ته برداشت ئي نه ڪري سگهندي. سڄي عمر لاءِ وير اندر ۾ سانڍيو پئي ھلندي. جي نه ته به ساڳي ڳالهه، تير پتير وڃي ٺڪ مائٽن وٽ ضرور پڄائيندي. پنهنجي پاڻ کي بي قصور ۽ ساهرن کي ڏوهي قرار ڏيڻ لاءِ، ٻه گل ٻيا به وجهي وڃي ٻڌائيندي. انهيءَ تان جيڪو ممڻ مچندو، سو ته ويچاري مڙس لاءِ زندگي زهر ڪري ڇڏيندو.
ان جي برعڪس، ننهن جي غلطيءَ تي چُپِ رهي، ڌيءُ کي سندس ساڳيءَ غلطيءَ تي دوڳبو ته نياڻي ويچاري برداشت ڪري ويندي. خاموش به رهندي ۽ ڪنهن ٻئي کي دانهن به نه ڏيندي. سندس اها حالت ڏسي، ننهن به سبق سکي وٺندي. دل ۾ چوندي؛ “جڏهن ساڳي غلطي، ڌيءُ جي برداشت نه ٿا ڪن ته منهنجي ڪيئن ڪندا؟” يا دل ۾ چوندي؛ “مون کي ته نه ٿا چون پر پنهنجي ڌيءَ کي به نه ٿا سهن! اڄ ان کي چيائون، سڀاڻي منهنجو وارو ايندو.”
ائين ڪرڻ سان ننهن به مڙي ويندي ۽ ڌيءُ به سڌري پوندي.
مطلب: ۱. ڌيءُ ۽ ننهن ۾ ساڳيو ڏِنگ ڏسجي ته ڌيءُ کي دڙڪو ڏجي، ننهن پاڻان سمجهي ويندي.
۲ . جيڪو ڪم ميڇ / اشاري سان ڇٽي، تنهن لاءِ چپ نه چورجي،
جيڪو ڪم ڄڀ هلائڻ سان ٿئي، تنهن لاءِ هٿ نه چورجي.
564- هڻن ڪين حمير، کائن پاٽ پلاءَ جي. (ورجيسي جملو)
حمير: سورهيه، مانجهي.
سورهيه جو ڪم آهي ته محنت ڪري ۽ ملڪ لاءِ سر تريءَ تي رکي اڳيان اچي. ڪمزورن لاءِ ڪمائي به ۽ سندن دفاع به ڪري. ان جي برعڪس جيڪڏهن هڪڙي جوان کي مائٽ گيهه مکڻ کارائين ۽ گوشت چارين ۽ اهو جڏهن پالڪيءَ پڄي ته رڳو پيو ٻين جي هٿن ڏسي. بجاءِ ڪمائڻ ۽ محنت ڪرڻ جي، کائڻ جو خچر ٿيو ويٺو هجي. منجهانئس ٻيا ته بيزار ٿيندا ئي ٿيندا پر مائٽ به بيزار ٿي ويندا.
مطلب: ۱ . اهو سورهيه ئي ناهي جيڪو کائڻ وير پلاءَ کائي ۽ وڙهڻ مهل پٺي ڏئي ڀڄي.
۲ . جيڪو کائي پئي ڌڻيءَ جو ۽ عبادت/ ڀڄن مهل، آرس ڪري، سو به سورهيه نه سڏبو.
۳ . هن دنيا ۾ انسان، رڳو کائڻ لاءِ نه پر، عبادت لاءِ آيو آهي.
۴ . انسان کي زندهه رهڻ لاءِ کائڻ گهرجي. کائڻ لاءِ زندهه نه رهڻ گهرجي.
۵ . زندگي آمد برائي بندگي، زندگي بي بندگي شرمندگي. (رومي، فارسي)
۶ . جيوت ملي ڪاڻ ڀڄن/ ٻانهپ، جيوت بغير ٻانهپ، لڄائپ. (ترجمو)
۷ . نان از براءِ زيستن و ذکر کردن است،
تو معتقد زيستن از بهر خوردن است. (فارسي)
8 . ماني جيئڻ ۽ يادگيري ڪرڻ واسطي آهي،
تو وسهيو ته جيئڻ رڳو کائڻ لاءِ آهي. (ترجمو)
565- هو ساڻ نه نيندا، هيءَ ڏاند تي چڙهندي. (ورجيس)
آڳاٽي دور ۾، جڏهن لاريون ۽ گاڏيون وجود ۾ نه آيون هيون، تڏهن سفر لاءِ وهٽ استعمال ٿيندا هئا؛ اٺ، گهوڙو، گڏهه ۽ ڏاند. ڏاند مڙني ۾ اهڙو ڍور آھي جيڪو گهڻن ڪمن ۾ ڪتب ايندو هيو. جهڙوڪ؛ هَرُ ڪاهڻ، ڳاهه ڳاهڻ، بيل گاڏي ڍُڪائڻ وغيره. ڪڏهن ڪڏهن سڌو سنئون مٿان ويهڻ، سفر ڪرڻ لاءِ پڻ. تنهنڪري ٻين وهٽن جي ڀيٽ ۾، ڏاند کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي هئي ۽ سفر ۾ مٿس سواريءَ کي چڱو سمجهيو ويندو هيو.
هڪڙا لاڏائو، لڏ پٽي نڪتا ته منجهن هڪڙي رن زال به هئي، جيڪا جنهن تنهن سان پئي هِجا هيرا ڏيندي ۽ هجائتي ٿيندي هئي. سندس انهيءَ طبيعت سبب، هر ڪو پيو کانئس پاسو ڪندو هيو. ٻين جي مرضي هئي ته هن دفعي لڏ ۾ هيءَ ساڻ نه هلي پر هيءَ به مڙڻ واري ڪين هئي. ڀنڻ ڪري کين مڃرايائين. سمورا پرچائڻ ۾ هجن ته مٿان وري نخرو ڪيائين؛ “مان هلندس به ڏاند تي چڙهي!” ويتر سمورا بيزار ٿي ويس.
مطلب: ۱ . ڪنهن سان اڻ وڻندڙ انگل ڪرڻ، پنهنجو مانُ وڃائڻ برابر آهي.
۲ . هڪڙي هنڌ ٽن يا چئن ڄڻن گڏجي ويٺي کاڄ کاڌو. اوچتو هڪڙو ڌاريو مسافر پڻ لنگهي آيو. جنهن جو اوچتو اچڻ کين ڪين وڻيو. تنهن هوندي به ملڪي ريت رسم تحت، کيس کيڪاريائون به ۽ مانيءَ لاءِ لُنڊي صلاح به هنيائونس؛ “ادا! ڀلي آئين! اچ مانيءَ گرهه به هڻ ڀلا!”
مسافر به سفر جو ٿڪل ۽ بکارو هيو، تنهن به نه ڪئي هم نه تم، هٿ ڌوئڻ بنا اچي وچ ۾ ويٺن. هو پاڻ ۾ ئي کٽ تي سوڙها ٿيا ويٺا هئا، هن جي پير رکڻ سان ويتر سوڙهه ٿي ۽ کٽ تي وزن وڌيو ته اها به چيڪيٽ ڪرڻ لڳي. پير هٽائي پڇڻ لڳن؛ “ادا مان ڪاٿي ويهان؟”
“ادا اسان جي ڄڀ تي اچي ويهه!” ماني کائيندڙن مان ھڪڙي ٽوڪيندي چيس؛ “جا چوڻ ۽ صلاح ڪرڻ کان مڙي ئي نه ٿي.”
۳. وڻي نه وڻي، وچان گرهه کڻي. (ورجيس)
۴. ڀيٽيو: ھو سوڙ پاند نه ڏين، هيءَ وچ ۾ سمهندي.
566- هو سوڙ پاندُ نه ڏين، هيءَ وچ ۾ سمهندي. (ورجيس)
هڪڙي عورت کي گهر جا ڀاتي، سيءَ کان بچڻ لاءِ، سڄي سوڙ ته ڇا پر ان جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ به سمهڻ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. هو انهيءَ ۾ به راضي ناهن ته ڪنهن ڪراڙيءَ جو پاسو وٺي سندس سوڙ جي وٽ ۾ سيءَ کان بچي. هيءَ آهي جو وتي ٿي انگل عارا ڪندي. چي؛ “مون کي ته وچ ڪمري ۾ کٽ وجهي ڏيو. ٻين کي پوءِ وڃي کٽون بسترا ڏيو پر مون کي پهرين ڏيو.” هاڻي سوچيو؛ اهڙيءَ عورت سان ڪهڙو ورتاءُ ٿيندو! اهڙي نخريل کي ته سوڙ جو پلاند به ڪير استعمال ڪرڻ لاءِ نه ڏيندو.
مطلب: ۱. هو گڏ رهائڻ لاءِ تيار ناهن، هيءَ ڀانئي ته سڀني جي وڏي ٿي رهان.
۲ . اڻ- سهندا لاڏ ڪرڻ، نه جڳائين.
۳ . ناز بران کن که خريدار تست،
پيش کسي رو که طلبگار تست. (فارسي)
۴ . لاڏ ان سان ڪر جو سهيئي،
وڃ تنهن وٽ جو ڪوٺ ڏيئي. (ترجمو)
۵ . ڀيٽيو؛ ڏيتا نهين، چي؛ “پورا تول.”
567- هيانءَ تتي کان، کڙي تتي چڱي. (پهاڪو)
کڙي تپڻ: پنڌ پوڻ، اصل نه ترسڻ.
هيانءُ تپڻ: اندر تپڻ، دل خراب ٿيڻ، پڇتائڻ.
جيڪڏهن ڪٿي ڪم اٽڪيل هجي ته ستت کڙين تي زور رکجي ۽ پهچي پورو ڪجي. جيڪڏهن سستي ڪري، پنڌ کان لنوائبو ته ڪم جي نه ٿيڻ جا سبب ويندا وڌندا. چڱي دير پوڻ سبب، رنڊڪون به پئجي سگهن ٿيون ۽ ڪم رلي به سگهي ٿو. جڏهن ڪم بگڙجي ويو يا نقصان پئجي ويو ته هيانءُ تپي ويندو ۽ ڏاڍو ڏک رسندو. پوءِ هٿ هڻڻ ۽ پڇتائڻ مان ڪي ڪين ورندو.
مطلب: ۱ . هر ڪم تڙي کڙي ڪجي، ويرم نه وجهجي.
۲ . هلندي چلنديءَ ۾ ڏاکڙو ڪري، ڌڻيءَ کي ياد ڪبو ته چڱو. نه ته پيريءَ ۾ هلڻ کان هلاک ٿبو ته پوءِ پڇتائڻ کانسواءِ ڪجهه هٿ نه ايندو.
۳ . رام نام ڀنڊار هي، لُوٽ سگهين تان لُوٽ،
نِيت پيڇي پڇتائيگا، پِران جائيگا ڇُوٽ. (هندي)
۴ . ڌڻيءَ جو نالو خزانو آهي، لٽڻو اٿئي ته لُٽ.
نه ته پوءِ هٿ هڻندين، ساهه هليو ويندءِ. (ارٿ)
۵ . اب پڇتاوي ڪيا هووت، جب چڙيا چگ گئي کيت. (هنڌي)
568- هيڻي کي جو هڻي، سو هٿن ۾ لهي. (پهاڪو)
هٿن ۾ لهڻ: ڪيتو لوڙڻ.
هيڻي کي هڻڻ: ڪمزور سان اچائڻ.
ڪمزور، پنهنجو سرير کڻڻ ۽ ساهه سانڍڻ ۾ آذرت (عاجز) آهي. سندس ان حالت ۾ مدد ڪرڻ واجب آهي. ان جي برعڪس، ساڻس اچائڻ ۽ سندس ڪمزوريءَ مان غلط فائدو وٺڻ، چڱو ناهي.
ائين جيڪڏهن ڪير ڪندو ته پوءِ سمجهي ڇڏي ته ترت ڪيتو لوڙيندو. ڇو جو ڪمزور جي آهَه ۽ ڌڻي پاڪ جي وچ ۾، ڪو به پردو ڪونهي. سندس آهَه کي ڏسي، آسمان به ڏڪي ٿو وڃي.
مطلب: ۱ . هيڻي کي جيڪو ماري ٿو، سو هن دنيا ۾ ئي ڪيتو لوڙي ٿو.
۲ . غريبن جو حق نه کائجي.
۳ . ڏاڍن کان ڊڄي، مٿن ڪاوڙ نه ڪرڻ ۽ هيڻن تي آڪرو ٿي مٿانئن ڪاوڙ نه لاهڻ وارو، اکين ۾ ڏسندو (انڌو ٿيندو.)
۴ . سڀي سهائڪ سَٻَل، ڪوءِ نه نَٻَل سهاءِ،
پون جڳاوت آگ ڪون، ديپنہ ديت پجهاءِ. (هندي)
۵ . سڀ ڏاڍي جا همراهه، هيڻي جو ساٿي ڪو به نه،
واءُ باهه کي ڀڙڪائي، ڏيئي کي وسائي ڇڏي. (ارٿ)