لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ڳ

436- ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ. (پهاڪو)
موٺ: اَنَّ جي سادي جنس، جيڪا گهوڙا کائين.
هڪڙو ماڻهو واپار وغيره لاءِ، ڪنهن کيپ تي ٿي ويو. کيس هڪڙي مائٽ، اتان سوکڙي پاکڙي آڻڻ لاءِ چيو. جڏھن ته کيس نه پئسا وغيره ڏنائين ۽ نه وري سوکڙيءَ جو ڪو اندازو ٻڌايائينس.
جڏھن ته کيس ٻئي مائٽ ٽڪو هٿ ۾ ڏيندي چيو؛ “هن ٽڪي جا مون لاءِ موٺ وٺي اچجانءِ.”
جڏهن واپاري سفر تان موٽي آيو، تڏهن هر ڪو وٽس ملڻ آيو. هيءُ ٻئي ڄڻا به ملڻ لاءِ آيس. ٽڪي واري کي، ٽڪي جا موٺ ڳنڍ مان ڇوڙي ڏنائين. جنهن رڳو سوکڙي آڻڻ لاءِ چيو هيس، تنهن کي اتان جي ڀانت ڀانت جي شين بابت تذڪرو ڪري ٻڌايائين، باقي ڪا شيءِ ڏنائينس نه. تنهن تي هِنَ مُنهن لاهي پڇيس؛ “هن لاءِ موٺ آندئي، مون لاءِ ڪجهه به نه آندئي؟” ورندي ڏيندي چيائينس؛ “هن موٺن لاءِ ٽڪو ڏنو هيو، تو ڪيون هيون ٺلهيون ڳالهيون. هن کي ٽڪي جا موٺ ڏنم. توکي ٺلهين ڳالهين جي بدلي ۾ اتان جون ٺلهيون ڳالهيون ٻڌايم.”
مطلب: ۱ جيڪو ڪم ناڻي ڏني ڇٽي، سو ڳالهين سان ڪين ڇٽي.
۲. زر کار کند، مرد لاف زند. (فارسي)
۳. ناڻو ڪم ڪري، مڙس ٻٽاڪ هڻي. (ترجمو)

437- ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي. (پهاڪو)
ڳڙ: کائڻ جي مٺي شيءِ.
ڳوٿري: سانڍڻ لاءِ هڪ ٿانءُ، جنهن جي پيٽ ۾ سامان رکجي.
ڳڙ، کائڻ جي مٺي شيءِ آهي. تنهن ڪري کيس ڪولين ماڪوڙين کان بچائڻ لاءِ ڪنهن مضبوط جاءِ تي سنڀالي رکڻ ضروري آهي. انهيءَ واسطي ڪپڙي يا سڻيءَ جي ڳوٿري/ ڳوڻ جوڙيندا آهن. ڳڙ ان جي پيٽ ۾ سانڍي رکندا آهن. جيڪا شيءِ جنهن جي پيٽ ۾ رهي سا پڻ ڄڻ ان کي سونپيل آهي يا ان جي سونپ ۾ آهي. سونپيل شيءِ تي، اهو جنهن کي سونپي وئي آهي، قادر آهي ته کائيس يا نه کائيس. هن معاملي ۾ ڳوٿري/ ڳوڻ جيئن ته نِساهي (بي ساهي، غير جاندار) ٿئي ٿي، تنهن ڪري اها، پنهنجي پيٽ ۾ سانڍيل امانت کي نه ٿي ڊوهي/ کائي.
جيڪڏهن ڳوٿريءَ ۾ رکيل ڳڙ، کُٽي ته پوءِ ڳوٿريءَ ڏانهن شڪ نه ويندو بلڪ ڪنهن ساهدار؛ ڪول ماڪوڙي يا چور ڏانهن ويندو. جيڪڏهن انهن چورن سان پڄي نه سگهبو آهي ته پوءِ ائين ئي چئبو آهي؛ “هاڻي ڳڙ ڄاڻي ته ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي؟”
مطلب: ۱. توڪل ڪري سمورا ڪم، ڌڻيءَ کي سونپ ته جيڪي وڻيس سو ڪري.
۲. خداوند عالم بِکارش شفيق، کسي را که باشد توکل رفيق. (فارسي)
۳. ڌڻي انهيءَ جي ڪم ۾ توهه (مدد) ڪري،
جنهن سان توڪل ساٿي آهي. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو: قاضي ڄاڻي، قاضيءَ جي قيام ڄاڻي.

438- ڳڙ سان مرڻ واري کي، زهر ڇو ڏجي؟ (پهاڪو)
انساني صحت لاءِ هڪڙيون شيون، فطرتي طور تي فائديمند ۽ ٻيون هاڃيڪار آهن. انسان ڪوشش ڪري، فائديمند شيون واپرائيندو آهي ۽ هاڃيڪار شين کان پري ڀڄندو آهي. اهڙيءَ طرح دوست يار ۽ مهمان وغيره جي خاطر تواضع پڻ، صحت بخش کاڌ- خوراڪ سان ڪندو آهي. نقصان ڏيندڙ ۽ زهريليون شيون آڏو نه آڻيندو اٿس.
نقصان- ده يا زهريليون شيون، جاني دشمن آڏو، کانئس سڄي عمر لاءِ جان ڇڏائڻ لاءِ آڻبيون آهن. ائين ڪرڻ مان هڪڙو نقصان پاڻ لاءِ به اهو آهي ته ان سان بدنامي ٿئي ٿي. ٻين ماڻهن جو ڀروسو کڄي وڃي ٿو. هڪڙي دشمن کي زهر ڏيندڙ جا ٻيا به دشمن پيدا ٿي پون ٿا ۽ هر ڪو ساڻس ساٿ ڇڏي وڃي ٿو.
ان جي برعڪس ڪي دشمن اهڙي طبيعت جا هوندا آھن، جن کي چڱي شيءِ ڏبي آهي ته اها کين ڀانءِ نه پوندي آهي ۽ سندن موت جو سبب بنبي آهي. جيئن شوگر جي مريض کي مٺاڻ گهڻو کارائبو ته مرندو يا مهمان جي کائڻ جي گنجائش ٻن مانين جي هجي ته سندس آڏو ويهه مانيون، سڻڀيون ۽ وڻندڙ آڻي رکجن ۽ منٿ ايلاز ڪري سموريون کارائجنس ته نيٺ وزن ۾ مرندو. انهيءَ سان ايترو الزام يا بدنامي نه ايندي، جيتري زهر ڏيڻ سان.
مطلب: ۱. جيڪو ڪم، ميٺ محبت سان ڇٽي سگهي، تنهن لاءِ تکو- مٺو نه ٿجي.
۲. چو کارت بنرمي برايد ز کس،
ضرورت نباشد به گرمي و بس. (فارسي)
۳. جڏهن ڪنهن سان نرميءَ سان ڪم نڪري،
ڏاڍائي ڪرڻ جي ضرورت نه رهي پوءِ. (ترجمو)
۴. جيڪو ڳڙ سان مري، تنهن کي زهر نه ڏجي. (پهاڪو)
۵. ڳڙ سان مري ته زهر ڇو ڏجيس؟ (ورجيس)
۶. ڀيٽيو: نُهَن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو وجهجي؟

439- ڳوٺ سنئين، سا وهانءَ سنئين. (پهاڪو)
انساني فطرت آهي ته ڪو به انسان، پنهنجي اڪيلي سر جو نقصان نه برداشت ڪري سگهندو آهي ۽ نه ڏسي سگهندو آهي. ان جي برعڪس ٻين سنئين پهتل نقصان، وري دل تي ايترو اثر نه ڪندو آهي.
جيڪڏهن ٻوڏ اچي ۽ هڪ ماڻهوءَ جي زمين ٻڏي، يا باهه لڳي ته ڪنهن هڪ جو جڳهو جهڻ ٿئي يا ڦورو اچن ۽ سؤ ماڻهن منجهان هڪ کي ڦرين يا ٻيڙي اونڌي ٿئي ته فقط هڪ ماڻهوءَ جو سامان لڙهي ۽ جان ٻڏي ته اهو نقصان ان ماڻهوءَ جي برداشت کان ٻاهر هوندو آهي. ڇو جو جنهن جي ٻني ٻڏندي آهي يا گهر سڙندو آهي يا آيل آفت سان تباهي ٿيندي آهي، سو دل ۾ چوندو آهي ته، جيڪر ٻين جي به ٻني ٻڏي/ گهر سڙي. جيڪڏهن پاڻ سان گڏ ٻين کي به نقصان پهچندو آهي ته پنهنجي پهتل نقصان جو درد، ٻين کي پهتل نقصان جي همدرديءَ يا رونشي ۾ وسري ئي ويندو آهي ۽ ماڻهوءَ جي ڪيفيت ائين ٿي ويندي آهي، جيئن شاديءَ جي ڪاڄ ۾ هر هڪ جي هوندي آهي.
مطلب: ۱. گهڻن سنئين، ڏکي يا سکي، جڙي اچي ته مٺي ڪري ڀوڳجي.
۲. مرگ انبوهه، جشني دارد. (فارسي)
۳. گهڻن سنئين موت، جُڃَ جھڙو/ شاديءَ جي کاڄ جهڙو. (ترجمو)
۴. گهڻن سنئين موت؛ وهانءَ برابر.