لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ڄ

214- ڄاڻي وڇونءُ جو منڊ به نه، هٿ وجهي نانگن ۾. (ورجيس)
مَنڊُ: نانگ يا وڇونءَ جو زهريلو وات مُنڊڻ/ بند ڪرڻ.
ڪي اياڻا ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهو، پاڻ کي هرو ڀرو سياڻو ڄاڻندا آهن، جنهن سببان پنهنجي عقل ۽ وت کان وڏن ڪمن ۾ ڪاهي پوندا آهن. ڏکيا ڪم شروع ته ڪري وجهندا آهن پر پورا ڪرڻ ڏکيا ٿي پوندا اٿن. ڇو جو هر ڪمُ، شروع ڪرڻ کان اڳي، چڱيءَ طرح دل ۾ رٿبو/ ٽلبو آهي. يا ڪاغذ وغيره تي ان جو اندازو (Estimate) ڪبو آهي. پوءِ ان لاءِ ڪم ڪرڻ جي واٽ(Work plan) ٺاهبي آهي. ائين ڪرڻ سان اهو ڪم وقتائتو پورو ڪري سگهبو آهي. اڻ رِٿو ڪم (Un-planned work) اڌ ۾ رُليو وڃي.
مطلب: ۱. جاهل ماڻهو، اڻ سوچيو ڪم شروع ڪري، جيڪو سنوارڻ بدران کاري ڇڏي.
۲. ڊالي هاٿ سانپ مين، نه جاني منتر بيڇن ڪو،
ايسو موڍ مت؛ ڪھو ڪھان سک پاءِ. (هندي)
۳. جيڪو هٿ وجهي نانگ ۾ ۽ ڄاڻي منڊ وڇونءَ جهلڻ جو به نه،
اهڙو مت-کٿل، ٻڌاءِ ته ڪٿان سک پائيندو. (ترجمو)
۴. وڇونءَ جو مَنڊُ نه ڄاڻڻ، نانگن ۾ هٿ وجهڻ. (اصطلاح)

215- ڄڀ جي ترڪڻ کان، پير جو ترڪڻ چڱو آهي. (چوڻي)
ڄڀ جو ترڪڻ: اڻ سوچيو گفتو ڪڍڻ.
(الف) پير جو ترڪڻ: گپ يا چڪ ۾ جسماني طرح ترڪي ڪرڻ.
(ب) پير جو ترڪڻ: زنا ڪرڻ يا ڪڌو ڪم ڪرڻ.
زبان سان ماڻهو، تمام گهڻن آڏو ڳالهائي ٿو. ننڍي ۽ وڏي، جوان ۽ ٻڍي، مرد توڙي عورت آڏو ڳالهائي ٿو. جيڪڏهن اڳلي جي ذهني ڪيفيت (mood) يا ڪچهريءَ جي نوع کان هٽي ڪري ڪو ڪريل گفتو ڳالهائيندو ته مڙني جي نظرن ۾ ڪري پوندو.
(الف) جيڪڏهن پير ترڪي پيو ته ماڻهو ڪرندو، مٿس هر ڪنهن کي رحم ايندو.
(ب) زنا يا بدڪاري هر ڪو لڪي ڪري ٿو. جنهن سان ڪري ٿو، سو پڻ ساڻس انهيءَ ڪم ۾ شامل ۽ هم راءِ آهي. اھو به ھن کانسواءِ ٻين کان لڪي ڪري ٿو. ٻئي جسماني تقاضا کي البته غلط طريقي ۽ غير شرعي طريقي سان پورو ڪن ٿا. تنهن هوندي به ڪڌي ڪم ڪرڻ وارا ڪن اصولن جا ڪاربند هئڻ سبب، لوڪان لڪيا وتن ۽ سندن ايڏي ڦشري ۽ خواري نه ٿي ٿئي.
مطلب: ۱. ڄنگهن ڏارائيءَ کان، وات ڏارائي خراب.
۲. زبان مان مطلب سارو ڳالهائڻ گهرجي. ڇو جو نڪتل گفتو، ڇٽل تير وانگر ماڳ تي موٽي نه ٿو اچي.
۳. صراف سخن باش، سخن پيش مگو،
تا از تو نپرسند تو از خوش مگر،
گوش تو دو دادند، زبان تو يکي،
بهر آن که دو بشنو ز يکي بيش مگو. (فارسي)
۴. ڳالهائڻ ۾ صرفو ڪر، گفتو اڳي نه ڪڍ،
جيسين توکان پڇجي نه، تيسين پاڻ-مرادو نه ڳالهاءِ،
تو کي ٻه ڪن مليل آهن ۽ هڪ زبان،
ان لاءِ ته ٻڌ ٻه گهمرا ۽ هڪ دفعي کان وڌيڪ نه ڳالهاءِ. (ترجمو)

216- ڄٽ بکيو موري کائي، موري بک گهڻيري لائي. (پهاڪو)
موري؛ شڪل ۾ پتائي گجر جهڙي آهي پر رنگ، سواد ۽ بيهڪ ۾ کانئس گهڻو مختلف آهي. هاضميدار آهي ۽ ٻئي کاڌل کاڄ کي پڻ سگهو ئي هضم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جنهن کي بک گهٽ لڳي، تنهن کي موري کائڻ لاءِ ڏسُ ڏنو ويندو آهي. بک جي صورت ۾، ٻالنگهه طور کائڻ بيوقوفي آهي، ڇو جو ويتر بک لائيندي. ائين ڪرڻ وارو، ڄٽ ۽ جاهل ئي سڏبو.
مطلب: ۱. اڻ ڄاڻ ماڻهو، فائدي بدران نقصان وارو ڪم ڪندو آهي.
۲. سياڻي کي هر ڪم جو اڳُ پُٺِ جاچي پوءِ ڪرڻ گهرجي.
۳. هر ڪم سوچي سمجهي پوءِ شروع ڪجي.

217- ڄٽ جي ڄمار؛ اڍائي کٿا. (چوڻي)
ڄٽ: مورک، جاهل، ڳنوار، اڻ پڙهيل، ڳوٺاڻو ماڻهو.
اڍائي کٿا: ٻه سڄا ۽ ٽئين جو اڌ، تمام ٿوري.
اڻ پڙهيل/ جاهل ماڻهو، زندگيءَ ۾ گهٽ ڪمائين، جنهن سبب کٿي وغيره جهڙيون شيون، نيون گهٽ وٺي سگهن. ٿورين وٺڻ سبب، کين گهڻو وقت استعمال ۾ رکن. ٻيو ته لاعلميءَ سبب، صحت جو خيال گهٽ رکن، جنهن سببان، سندن جواني ۽ عمر، ٻرندڙ ميڻ بتيءَ وانگر جلد پوري ٿيو وڃي. سڄي حياتيءَ ۾ ٻه کٿا چوڙي، ٽيون اڌوراڻو هوندن ته هلي پوندا.
جاهل ۽ اڻ پڙهيل جي برعڪس سڌريل ۽ پڙهيل ماڻهو، پنهنجي صحت ۽ صورت، جان ۽ وقت، مال ۽ پئسي جو قدر ڪن ٿا. علم ۽ ڏانءُ، فن ۽ هنر سکي ڀڙ ٿين ٿا. ان سان گڏ عبادت-گذار پڻ ٿين ٿا. نه ٻين سان کينس ڪن ٿا، نه وري ٻيو ساڻن اُچائي ٿو. جنهن ڪري ڏکن ۽ ڏوجرن، اهنجن ۽ آزارن کان پري رهن ٿا. سندن ڄمار، خوش ۽ سکئي رهڻ سبب، ڊگهي پڻ ٿئي ٿي. جيڪا اجائي وڃائڻ بدران سڦلائتي بسر ڪن ٿا.
مطلب: ۱. ڄٽ چاءِ مري يا کاءَ مري.
۲. جَنَني جَني ته هرجن جَني، ڪنان داتا، ڪنان سور،
تينون جنني نا جني ته اور جَنن سڀ ڪوڙ. (هندي)
۳. ماءُ ڄڻي ته ڀڳت ڄڻي، يا سخي يا سورهيه ڄڻي،
جي اهي ٽي نه ڄڻي ته ٻيو ڄڻڻ ڪوڙو آهي. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو؛ ڄٽ جي ڄمار، ملوڪ جي رات.

218- ڄٽ جي ڄمار، ملوڪ جي رات. (چوڻي)
ڄٽ: جهنگلي، اڻ ڄاڻ، ننڍو/ هلڪو ماڻهو.
ملوڪ: اشراف، سڌريل، وڏو ماڻهو.
عالم باعمل سان هڪ گهڙي گهارڻ، جاهل عابد جي سؤ سال جي عبادت ۽ رياضت کان وڌيڪ آهي. ڇو جو هر ماڻهوءَ کي سندس عمل جو اجورو سندس علم ۽ عقل جي آڌار تي وڌيڪ ملندو آهي.
علم روشني آهي، جهالت انڌيرو آهي. روشنيءَ ۾ جيڪو ڪم ڪبو سو هڪڙي نشست يا هڪڙي ڏينهن ۾ ڪري وٺبو. اونداهيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ وارو، ساري عمر جک ماري پر اهڙو ڪم نه ڪري سگهندو.
مطلب: ۱. بي ڌرم سان سڄي عمر وڃائجي ته به ڪجهه نه پرائجي، جڏهن ته ڌرميءَ سان گهاريل هڪ گهڙيءَ ۾ به چڱو خاصو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
۲. لوهه کي پارس جو پاسو ملي ته سون ٿي پوي.
۳. جاهل جي سنگت، لوهر جي مڪان جي مثال آهي. سندس ڌنوڻيءَ ۾ سڙبو نه، ته چڻنگون ضرور لڳنديون. عالم جي سنگت جو مثال، عطر فروش جي سنگت جهڙو آهي. عطر خريد نه ڪبو ته خوشبوءِ سان واسجي ضرور اچبو.
۴. يک ساعتي با اوليا، بہ از صد صاله عبادت عابد بي ريا.
۵. ڪامل وليءَ سان گهاريل هڪ گهڙي، صوفي عابد جي سؤ ساله بي ريا بندگيءَ کان ڀلي آهي.

219- ڄڳر ۽ ڄار، اگهه مڙيئي هڪڙي. (ورجيس)
ڄڱر: ڄاڱوري ٻير.
ڄار: کبڙ جي قسم مان آهي.
ڄڱر جي ڪاٺي ڪانڊيري ۽ ڏاڍي ٿئي. ڄاڱوري ٻير، بُت ۾ ٻين ٻيرن کان ننڍڙو ٿئي. رنگ جو ڳاڙهو بلڪ مٺو ٿئي. ٻڪري ته کائي پر ماڻهو به شوق سان کائين.
ڄار ۾ ڦر طور پيرون ٿين. ڪاٺي ڪمزور ٿئيس. پيرون رکڻ سان ڦسيو پون. گهڻو وقت رکي نه سگهجن. ماڻهو ته کائين پر اٺ لاءِ مرغوب غذا آهي.
ڄاڱوري ٻير گهڻو وقت رکي سگهجي ۽ سڪائي پڻ سگهجي. واپار جي لحاظ کان، هڪ هنڌان ٻئي هنڌ آسانيءَ سان منتقل ڪري سگهجي. ان جي ڀيٽ ۾ ڄار جا پيرون، ڪچا هجن ته ڏاڍيرا ٿين پر کاڄن ڪين. پچڻ کان پوءِ هٿ جي ڇهاءَ جي به سٽ نه سهي سگهن ۽ ڦسيو پون. ڪٺا ڪرڻ ۽ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ اهنجا. رکي پڻ ساهه نه ڪر.
مطلب: ۱. ڄڱر ۽ ڄار، ساڳئي اگهه ۾ سمجهڻ وارو، عقل جو کٿل هوندو.
۲. ڀيٽيو؛ انڌ ڌنڌ نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا.