لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ب

64- بادشاهين پوندي معاملي، ڄٽي ڪير ويچاري؟ (پهاڪو)
پوندي معاملي: معاملو ٿيڻ، واسطو پوڻ.
ويچاريِ: ساري، ياد ڪري، ڳڻپ ۾ آڻي، ليکي، ليکي ۾ آڻي.
۱. دنياوي زندگيءَ ۾ ڪي معاشرتي معاملا ايڏا وڏا ۽ گنجريل ٿين ٿا جو کين سڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ خود بادشاهه کي، ذاتي دلچسپي وٺڻي پوي ٿي. جڏهن بادشاهه پاڻ معاملي ۾ خود براهه راست لهي اچي هٿ وجهندو آهي ته پوءِ ان معاملي ۾، وزير جي حيثيت ٿوري گهٽجي ويندي آهي. ڪوٽوار جي ذميواري اڃا گهٽجي ويندي آهي، حتيٰ ڪ عام ماڻهو ته پوءِ ليکي ۾ ئي نه ايندو آهي.
۲. جيڪڏهن ملڪ ۾ وبا پکڙجي وڃي ۽ بيماري هر هڪ تي اچي ٽُٽي ته پوءِ ڊاڪٽر واهر لاءِ جيڪڏهن ڀڄندا ته بچائڻ لاءِ ترجيح پهرين بادشاهه کي ڏيندا، پوءِ وزير کي، پوءِ قاضيءَ کي ۽ پوءِ ڪوٽوار کي. ان کان بعد ٻين اهم ماڻهن کي، باقي هيٺيون طبقو وري به نظر انداز ئي ٿيندو.
۳. دنيا ۾ ڏک توڙي سک، اهنجي توڙهي سنهنجي هر هڪ تي هڪجهڙي اچي ٿي. جهڙي راجا تي، تهڙي پينار تي. تنھن ھوندي به ڪو ماڻھو، بادشاهه تان ڌيان هٽائي، فقط پينار ڏانهن نه ٿو ڌري، بلڪ کيس ليکي ۾ ئي نه ٿو آڻي.
مطلب: ۱. جنهن معاملي ۾ وڏن جي موجودگي آهي، تنهن ۾ ننڍن کي ڪير پڇندو به ناهي.
۲. ڪيا رنڪ، ڪيا ڀُوپُ، دک سک سنگ سدا رهي،
گهر اُجاڙ جيون ڪوپ رهي؛ دوهون گهٽ جيوڙي. (هندي)
۳. ڇا راجا، ڇا غريب، ڏک سک سدا ساڻ رهيس،
کوهه گهر ۾ هجي يا سڃ ۾، دلي کي اهو ئي ڳچيءَ ۾ ڳٽ. (ارٿ)

65- باسڻ هڪڙو کڻي، ٺڪر گهڻن کي ڏئي. (پهاڪو)
ٺڪر ڏيڻ: گلارو ڪرڻ، گلا ڏيارڻ، بدنام ڪرڻ، شنيدي ڏيڻ.
باسڻ کڻڻ: ٿانءُ کڻڻ، چوري ڪرڻ، چورائڻ.
جرم، ڪهڙو به هجي، سرزد ٿيڻ سان بدنامي ضرور ٿيندي آهي. چوري هڪڙو ڪندو، بدنام اوڙو پاڙو ۽ ڳوٺ ٿيندو. پوليس ايندي ته پهرين سٽ لت ڏئي سمورن کي ٻڌندي. لٺ جي رئي پئي پوندي. جيستائين وڃي سچ سچ ٿئي ۽ ڪوڙ ڪوڙ ٿئي، تيستائين پئي ٻڌ-ڇوڙ هلندي. برو فعل، شراب يا زنا هڪڙو ڪري، پوري ذات يا پاڙو بدنام ٿئي. جوئا هڪڙو ڪري، جوئاري ڳوٺ ليکجي. ڪڪڙ هڪڙو ويڙهائي، ڪوڪڙي سڄو ڳوٺ ليکجي.
مطلب: ۱. هڪڙو لوٺيو ماڻهو، گهڻن اشرافن جي سنگت ۾ هوندو ته سڀني کي گلارو ڪندو.
۲. شنيد ستي کہ گاوي در علف زار،
بيا لايد همہ گاوان دهه را. (فارسي)
۳. ٻڌو اٿئي ته ڏاندن مان هڪڙو پرائي پوک ۾ پوي، وڳ جا مڙيئي ڏاند ڍڪ ۾ وجهائي. (ترجمو)
۴. گهڻن سنگتين مان، هڪڙو جيڪڏهن ٿانءُ چوري ڪري، گمان چورائڻ جو سڀني ۾ پوي.

66- بڇڙو ڪتو، ڌڻي پُڻائي. (پهاڪو)
بڇڙو ڪتو: بد عادتو ڪتو، بي شناس ڪتو.
ڌڻي پُڻائڻ: ڌاريندڙ جي گلا ڪرائڻ، ڌڻيءَ کي گاريون ڏيارڻ.
ڪتن جي عادت آهي ته هر آئي وئي تي پيا الرون ڪندا ۽ ڀؤڪندا آهن، خاص طور تي ڌاريل ۽ سيکاريل ڪتا. باقي لوسي ڪتن کي ته ڪير نهاريندو به ناهي. جيڪي ڌاريل ۽ سيکاريل هوندا آهن، اهي اڪثر ٻڌا بيٺا هوندا آهن. شام کان پوءِ، ڌڻي رسو ڇوڙي ڇڏيندا اٿن ته جيئن رات جو جاڳي پهرو ڏين. جڏهن ڪو اوپرو ماڻهو ڏسندا آهن ته پهرين مٿس ڀؤنڪندا آهن. سندن ڀؤنڪ ٻڌي مالڪ به چؤڪنو ٿيندو آهي ۽ نرو ڏئي واجهائيندو آهي ته ڪتو ڪنهن تي ٿو ڀؤنڪي؟ جيڪڏهن ڪتو چورن تي ٿو ڀؤنڪي ته مالڪ به لٺ ڌڪو سنڀاليندا ۽ پنهنجي جان ۽ مال جي بچاءَ لاءِ اڳيان اچي ويندا. جيڪڏهن اوپرو ايندڙ همراهه، ڪو مهمان يا سنگتي ساٿي آهي ته ٻچڪر ڏئي ڪتي کي ڌت ڪندا. ڪڏهن ڪڏهن ته ڄاتل سڃاتل، راهل ماهل همراهه تي ڪتا پاڻ مرادو به ڪو نه ڀؤنڪندا آهن.
پر ڪي ڪتا بي شناس ٿيندا آهن. ڄاتل سڃاتل تي به پيا ڀؤنڪندا آهن. يا ڌڻين جي سنڀال کان پوءِ ٻچڪر تي به ڪو نه هٽندا آهن ۽ پيا آيل مهمان تي ڀؤنڪندا آهن ته مالڪ مجبور ٿي بُجا ۽ گاريون ڏئي، لٺيون ۽ لوڙهيون ڏيکاري، موٽائيندا اٿن. جيڪڏهن ڪتو اڃا به زور ٿي ويو؛ نه مهمان کي سڃاتائين ۽ نه مالڪ جي چئي آکئي ۾ رهيو ته پوءِ مهمان ته منجهانئس بيزار ٿيندو ئي ٿيندو پر مالڪ به منجهانئس بيزار ٿي ويندو.
مطلب: ۱. جڏهن ڪتو بي شناس ٿي مهمان يا ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ تي ڀونڪي ته موٽ ۾ ماڻهو کيس ڀونڊا ته ڏين پر سندس ڌارينديءَ کي پڻ گاريون ڏين.
۲. بڇڙي چال هلڻ وارو، پنهنجي مائٽن کي پڻ گلا ڏياريندو آهي.

67- بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري. (چوڻي)
ٽول: وَٿُ، شيءِ.
ديوانو ڪرڻ: چريو ڪرڻ، بي شناس ڪرڻ.
پيٽ هر انسان سان ته ڇا بلڪ هر ساهدار سان لڳل آهي. ان کي ڀرڻ لاءِ ڌڻيءَ جي ڏنل رزق مان، ھر ڪو وات ذريعي کائي ٿو. جڏهن کيس هڪيو حاضر نه ٿو ملي ته لوچي پڻ لهي ۽ واپرائي ٿو. لوچڻ سان به نه مليس ته هٿ پير هڻي ٿو. هٿ پير هڻڻ سان نه مليس ته پوءِ هٿڙي هڻندي به دير نه ٿو ڪري. بک سندس عقل تي اهڙا دليلن جا پردا چاڙهي ٿي ڇڏي جو هر ڪُڌي ڪم ڪرڻ لاءِ دلير ٿي ٿو وڃي ۽ ان کي جائز پڻ ڪوٺي ٿو. عزت وڪڻڻ جهڙي ڪُڌي ڪم کي به ذريعہ معاش طور استعمال ڪندي، پاڻ کي داناءُ پيو سمجهي. شل اهڙي بک، ڌڻي ڪنهن کي نه ڏئي. اهو هڪڙو مرض آهي، جنهن ۾ حواس، باخته ٿي ٿا وڃن. جائز ۽ ناجائز جي شناس نڪريو وڃي. ماڻهوءَ جو نڪ هيٺ ۽ پيٽ مٿي ٿيو وڃي.
مطلب: ۱. بک سڀ کان بڇڙي ڏوار آهي.
۲. بک ۽ سڃائيءَ کان، ڌڻي پناهه ۾ رکي.
۳. بک، بي ايمان ڪري ٿي ڇڏي.
۴. پراگنده روزي، پراگنده دل. (فارسي)
۵. جنهن جو رزق پريشان، تنهنجي دل پريشان. (ترجمو)

68- بک وچان، اگهڙ ياد نه آهي. (پهاڪو)
ڪمائيءَ واري ماڻهوءَ کي، سڀ کان اڳي پيٽ پاڙڻ کپي، تنهن کان پوءِ انگ ڍڪڻ. ٻيا سڀ ڪم ڪاريون ان کان پوءِ آھن. جڏهن ڪنهن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ پورت نه هوندي، تڏهن اگهڙ يعني انگ ڍڪڻ ڪٿان ياد پوندس؟
مطلب: ۱. اڻ هوند واري ماڻهوءَ کي، ڪو سک نه ملندو.
۲. فراغت به فاقہ نه پيوندد،
جمعيت در تنگدستي صورت نه بندد. (فارسي)
۳. بک ساڻ واندڪائيءَ جو لاڳاپو نه آهي.
اڻ هوند ۾ جميعت (دلي سڪون) حاصل نه ٿئي. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو؛ پنڻ وچان، پڙهڻ ياد ئي ناهي.

69- بکئي کي بصر سان روٽي رکيائي،
سيري کان سواد ۾، ڏيڍي سوائي. (چوڻي/ پهاڪو)
هڪڙي درويش جي ڀنڊار ۾ روٽيون پڪيون. ڌڻيءَ جي حڪم سان تيوڻ ڪو نه هو. درويش جي هڪڙي ٻالڪي، رُکي روٽي کائڻ کان نھڪر ڪئي. درويش جي چوڻ سان، سندس روٽي لڪائي رکيائون. ڳچ دير کان پوءِ، ٻالڪي کي بک لڳي. تڏهن، ٻيو نه ڏسي، ڦڪو ٿي اها رکي روٽي ڳولهي لڌائين ۽ مٺي سمجهي کاڌائين.
مطلب: ۱. ڍائي ماڻهوءَ کي پلاءُ به اهڙو سواد نه ڏئي، جهڙو بکئي کي رکي روٽي سواد ڏئي.
۲. کوفته را نان تِهي کوفتہ. (فارسي)
۳. ٿڪئي کي رکي روٽي، ڪوفتو آهي. (ترجمو)

70- بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي. (پهاڪو)
بندو: ٻانهو، انسان.
صاحب: مالڪ، ڌڻي، خالق، خلقڻهار، اپائڻهار.
رب پاڪ سمورن ساهدارن کي اپايو آهي. کين پالي به پنهنجي قدرت سان پاڻ ٿو. هر هڪ جي معاملي ۽ ماحول کي پاڻ بهتر ٿو سمجهي ۽ ان لاءِ بهتر رستو ٿو ڪڍي. جڏهن ته ماڻهوءَ کي عقل به ڏنو اٿائين، سوچ سمجهه به ڏني اٿائينس پر اختيار محدود ڏنائينس. سمورا اختيار نه ڏنائينس. جيڪڏهن سمورا اختيار کيس ڏئي ها ته دنيا ۾ موجود ربط، بي ربط ٿي پوي ها ۽ دنيا ڪڏهوڪو برباد ٿي وڃي ها. ڇو جو هر ماڻهو چاهيندو آهي ته؛ “دولت فقط مون وٽ هجي. جيڪا ٻئي وٽ آهي، سا به ڦري وٺان. پاڙي وارو جيڪا ترقي ڪري ٿو، سو ڇو ٿو ڪري، ان جي ترقيءَ جون سموريون واٽون ڪٽي ڦٽي ڪيان.” انهيءَ صورت ۾ جيڪڏهن کيس وس يا اختيار مليل هجي ته خدا جي مخلوق کي هڪ گهڙي به دنيا ۾ رهڻ نه ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو خدا تعاليٰ سمورا اختيار، پاڻ وٽ رکيا آهن. ٻانهي کي نه ڏنا اٿائين ته جيئن دنيا جو ڪار-وهنوار سهڻي نموني سان هلي سگهي.
مطلب: ۱. ٻانهي جي رٿ جي مٿان، مالڪ جي رٿ غالب ايندي آهي.
۲. مدعي لاک برا چاهي، مگر وهي هوتا هي جو منظور خدا هوتا هي.
۳. ٿيندو اهو جيڪو رب چاهيندو.
۴. همري من ڪڇ اور هئي، ڪرتار ڪي ڪڇ اور هي،
همري ٺاٽي ٽٽ رهي، پرڀو ڪي ٺاٽي ٺور. (هندي)
۵. منهنجي دل ۾ ٻيو ڪجهه آهي، ڪارساز جي دل ۾ ڪو ٻيو آهي،
منهنجي رٿيل رليل آهي، ڌڻيءَ جي رٿا ڪارگر آهي. (ارٿ)

71- بي عقل جي بلا، دور. (پهاڪو)
بلا: مصيبت.
دور: ٽري وڃي، پاسو ڪري وڃي.
مصيبت ۽ تڪليف، مشڪلات ۽ پريشاني ان تي ايندي آهي، جيڪو ڪم ڪندو آهي. ڪم اهو ڪندو آهي، جنهن کي ڪم جي ڄاڻ هوندي آهي ۽ منجهانئس نڪرندڙ فائدن حاصل ڪرڻ جي ڳڻتي هوندي اٿس. بي عقل ماڻهو، نه ڪم جي ڄاڻ رکي ۽ نه ئي ڪم مان ٿيندڙ فائدن بابت سُڌِ رکي. جڏهن کيس ڪنهن ڳالهه جي خبر ناهي ته پوءِ ڳڻتي يا پريشاني ڇا لاءِ ڪندو.
۲. جڏهن ڳوٺ وغيره ۾ ڏوهه يا جرم ٿيندو آهي ته پوءِ پوليس اچي ٻاڪر ڪٽو وجهندي آهي. ڄاڻَ-وارن کان آڏي پڇا هلندي آهي، چرين ۽ بي عقلن تي مغز ماري ڪرڻ بجاءِ ٻه لپاٽون هڻي، کين ڀڄائي ڇڏيندا آهن. ائين اٻوجهن مٿان آيل آپدا ٽري ويندي آهي. عقل وارن ۽ ڄاڻُن کان پئي پڇا هلندي آهي.
۳. ٻارُ بي عقل پڻ ٿئي ٿو، تنهن ڪري سندس مالڪ، هر وقت سندس سنڀال لاءِ حاضر ھوندا آهن. جيڪڏهن غلطي ڪندو ته يڪدم سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا ته متان ان سبب ڪري ڪا مشڪل پيدا ٿئي ۽ معصوم ٻچڙي تي اچي وڃي.
۴. بي عقل ماڻهو، مار موچڙي مان به ڪو نه ڄاڻي. سندس جهالت وارين حرڪتن جي ڪري، بلا به ڏسي ڀڄيو وڃي.
مطلب: ۱. اٻوجهه تي، دنيا داريءَ جي کٽراڳ جو ٻوجهه نه ٿو پوي.
۲. هر چند عقل بيش، غمِ روزگار بيش،
ديوانه باش تا غمِ تو ديگران خورند. (فارسي)
۳. جيترو عقل گهڻو، اوترو زماني جي ڳڻتي گهڻي،
چريو ٿيءُ ته، تنهنجي ڳڻتي ٻيا کائين. (ترجمو)
۴. ترا اڙدها گر بود يارِ غار،
ازان بہ که جاهل بود غم گسار. (فارسي)
۴. جيڪڏهن ارڙ بلا تنهنجي رازدان دوست هجي،
ان کان ڀلي جو جاهل تنهنجو ڏک ڀائي هجي. (ترجمو)

72- بي عقل دوست کان، داناءُ دشمن چڱو. (چوڻي)
هڪڙي شخص جو باندر هڪڙي تي ويسھ ٻڌل هو، تنهن کي ڏهاڙي هو پنهنجي کٽ جو جاڳو ويهاريندو هو. هڪڙي ڏهاڙي هو ننڊ ۾ هو ۽ باندر ترار اگهاڙي ڪري مٿس واهي بيٺو هو. اوچتو هڪڙو چور، چوريءَ لاءِ آيو، جنهن کي باندر ڪين ڏٺو. ان مهل هڪڙي ڪرڙي، گهر ڌڻيءَ جي بت تي چڙهي. باندر ترار سنباهي ته هڻي ڪرڙيءَ کي ماري.
اهو حال ڏسي، چور سمجهيو ته ترار سان ڪرڙي ته مرندي پر گهر ڌڻي به ساڻ مرندو، تڏهن ڊوڙي باندر کي هٿ کان جهليائين. هُل بکيڙي تي گهر ڌڻي جاڳيو ۽ چور جي واتان سڄو احوال ٻڌي، چوڻ لڳو؛ “بي عقل دوست کان، داناءُ دشمن چڱو.”
مطلب: ۱. بي عقل بازار ۾، ساٿي نه کڻجي ساڻ،
اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ ھاج لھرائي ھمراھن جي.
۲. گر خصمِ جانِ تو عاقل بود،
بہ از دوستداري کہ جاهل بود. (فارسي)
۳. جيڪڏهن سياڻو، تنهنجي ساهه جو ويري هجي،
ته به ان سڄڻ کان چڱو، جيڪو جاهل هجي. (ترجمو)