لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ڪ

351- ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار؟ (پهاڪو)
ڪوري: ڪپڙو اڻندڙ، هڪڙي ذات جو نالو، طبعًا ڊڄڻو ماڻھو.
ترار: تلوار، تلوار هڻڻ، شمشير زني، بهادريءَ جو ڪم.
ڪوري، هڪ هنڌ ويهي ڪپڙو اڻڻ ڪري، جسماني طرح ڪمزور هوندا آهن. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻوليندا آهن. ڊپ ھوندو اٿن ته متان ڪو موٽ ۾ سندن ٺاهيل ڪپڙن، ڪتيل سٽ يا ڪپهه کي تيلي نه ڏئي وڃي. ايترا ڪمزور ماڻهو، ٻين سان تلوارن ذريعي ويڙهه کائڻ جو تصور به نه ٿا ڪري سگهن.
نتيجي ۾ هر ڪو کين ڊڄڻو سمجهندو هيو. حتيٰ ڪه وقت جا حاڪم به کين ڊڄڻو ڄاڻي، ملڪ جي فوج ۾ ڀرتي نه ڪندا هيا.
مطلب: ۱. ڪوريءَ کان تلوار هڻڻ ڪا نه پڄندي.
۲. گانڊوءَ کان مڙسيءَ جو ڪم ڪين ٿيندو.
۳. گانڊو مڙس کان، همٿ وارو کدڙو به چڱو.
۴. مخنث بہ از مرد شمشير زن،
که روز و غاسر نتابد چو زن. (فارسي)
۵. تلوار هڻندڙ مڙس کان اهو کدڙو چڱو،
جيڪو جنگ واري ڏينهن، عورتن وانگر منهن نه موڙي. (ترجمو)

352- ڪارو ويهي ڪمري گڏ، ورن نه مٽائي ته عادت ضرور مٽائي. (پهاڪو)
ڪمرو: چٽ-ڪٻرو، ٻِه-رنگو. جنهن جي جسم تي ٻه رنگ هجن.
ورن: رنگ، منهن مهانڊو، شڪل شبيهه.
ڪاري رنگ جي مينهن يا ٻيو جانور، پاڻ جهڙي ئي جنس منجهان ٻه-رنگي جانور سان گڏ وقت گذاري ته ان جهڙي شڪل، شبيهه ۽ رنگ اختيار نه ڪري سگهندو. البته گڏ رهڻ ۽ صحبتي هئڻ سبب، ان جا اوصاف ۽ عادتون اختيار ڪري سگهي ٿو. ڇو جو چمڙيءَ جو ظاهري رنگ قدرت طرفان هڪ دفعو عطا ٿئي ٿو، جيڪو ساري عمر هلي ٿو. جڏهن ته طبيعت/اوصاف وارو رنگ، لهندو چڙهندو رهندو آهي. جهڙي صحبت اختيار ڪبي، تهڙو رنگ چڙهندو.
مطلب: ۱. اشراف، لچ جي سنگت ۾ ويهندو ته مهانڊا لچ جهڙا ڪين ٿيندس، پر لڇڻ ان جهڙا ضرور ٿيندس.
۲. با بدان کم نشين، که صحبت بد،
گر چه پاکي، ترا پليد کند،
آفتابي بدين بلندي و تاب،
پاره ابر نا پديد کند. (فارسي)
۳. بڇڙن سان ٿورو ويهه، جو بڇڙي صحبت،
توڙي ڀلي لڳي ته به پليد ڪندي.
سج کي جيڪو وڏو ۽ گهڻو روشن آهي،
ڪَڪَر جو ٽڪرو اوڍي ڇڏي ٿو. (ترجمو)
۴. بڇڙن جي صحبت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
۵. چورن سان چاهه پئي، جي مَنَ ميڙ ڪيئن،
پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سهي.
۶. جهڙي صحبت، تهڙو اثر.
۷. تخم تاثير، صحبت اثر.

353- ڪالهوڻي ڪالهه گئي، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو،
جنهن ۾ ماڻ پيو، سا راهه رهندي ڪيترو. (چوڻي)
راهَ: ان جو ڍڳ، ٻارِ، فصل
ماڻ: ماپو، تورو، بٽئي ڪرڻ جا ماپا.
هاري، زميندار جي فصل ۾، محنت سان انُّ وغيره پوکيندو آهي. لاباري وقت فصل جون ڀويون لڻي، هڪ هنڌ گڏ ڪندو آهي. ڳاههُ ڳاهي منجهانئن انُّ الڳ ڪندو آهي. پوءِ سڻائي واءَ تي وائري، انُّ اڇو ڪندو آهي. اڇي انَّ جا ڍير هڪ هنڌ رکبا آهن ته جيئن امينن جي آڏو، حصيدارن جا حصا ورهائجن. زميندار ۽ هاريءَ جو حصو ڪڍڻ لاءِ، اڳي وٽ تارازيءَ بجاءِ، پنج سير ۽ ويهه سير جي تور جا ٿانءَ هوندا هيا، جن کي ٽويا ۽ ڪاسا سڏبو هيو. خاص طور تي ٽويو، مئڻ/ ماپڻ ۾ آسان هيو. جنهن سان انُّ ماپي/ توري ورهائبو هيو. جڏهن بٽئيءَ وارا، صبح جو اچي ڍير ۾ اهو ماڻ وجهندا هيا ته شام تائين ٻار ۾ انُّ هوندو ئي ڪين هيو.
۲. دنيا ۾ انسان هڪڙي مخصوص زندگي وٺي پوءِ آيو آهي، جيڪا بنا ڪنهن جهل پل جي، ڏينهن ڏينهن ٿي ڪري چڙندي ٿي وڃي. آخر پوري ٿي ويندي. ان کي سڦل ڪرڻ لاءِ منٽ منٽ، سيڪنڊ سيڪنڊ جو خيال رکڻ گهرجي.
مطلب: ۱. جنهن دلي کي ٺينڊي/ سير پيل آهي، تنهن ۾ پيل پاڻي، ٽمي ٽمي کپي ويندو.
۲. انساني حياتي؛ ڪالهه، اڄ ۽ سڀان جي وقتن ۾ ورهايل هئڻ سبب، نيٺ کپي ويندي.
۳. رات گئي، بات گئي.

354- ڪانياري ٻلي، ڪوئي جي جوءِ. (پهاڪو)
ڪانياري: ڪاڻ يا محتاجي ڪڍندڙ. موٿاڄ.
جوءِ: زيردست.
محتاجي، ايتري ته ذليل شيءِ آهي جو، شل نه ڪنهن جي آڏو اچي. ٻليءَ جو ڪم آهي ڪوئي کي جهلڻ. جڏهن مٿس محتاجي اچي ٿي ته اها به بجاءِ ڪوئي کي پڪڙڻ جي سندس زيردست ٿي ڪري، سندس چمچاگيري ڪرڻ ۾ عافيت سمجهي ٿي. تنهنڪري جڳائيس ته ڪڏهن به ڪوئي جي ڪاڻِ يا محتاجي نه ڪڍي.
مطلب: ۱. موٿاڄ ٻلي، ڪوئي کان ڊڄي ٿي.
۲. محتاج/ گهرجائو، توڙي ڏاڍو مڙس هوندو ته به پيو ٻين کان ڊڄندو آهي.
۳. آن چه شيران را کند رو بہ مزاج،
احتياج و احتياج و احتياج. (فارسي)
۴. جيڪا شيءِ شينهن کي ڦيڪاري ٿي بڻائي،
سا آهي؛ محتاجي، محتاجي، محتاجي. (ترجمو)

355- ڪاڻي وسوڙي، چي؛ “مڙسم ويو اک کي.” (چوڻي)
جڏهن نوشهروفيروز ۾ مختيارڪار هئس، تڏهن ساڌوءَ نالي هڪڙي هندوءَ، جنهن جو پٽ ناجوڙ (بيمار) ٿيو، تنهن کي ڊاڪٽر صاحب يا يوناني طبيب کان دوا ڪرائڻ لاءِ صلاح ڏنم. گهڻو چوڻ آکڻ کان پوءِ به ڊاڪٽر/حڪيم ڏي، پٽ کي نه وٺي ويو. دليل ۾ چوڻ لڳو؛ “هڪڙا ٻه ڄڻا، سن ساوڙيءَ جي ڳوٺ کان آيا آهن، سي چون ٿا ته جِنّ سندن قبضي ۾ آهن، تن کي گهرائي ڇوڪر کي ڇُٽائينداسون.”
منهنجي صلاح وٺڻ بدران، تن جي دلبي تي لڳي پيو. گهڻو ئي جهليومانس پر مڙيو ڪين. انهن ڀوپن جي دلاسي تي لڳي، سندن چوڻ موجب ڏاڍو خرچ پڻ ڪيائين. بيمار پٽ کي دوا جي ذري نه وٺي کارايائين. ايتري ۾ مرض، دوا ڪرڻ کان ڏاڍو ٿي ويو. مريض، جنن/ ڀوپن کان ته ڪو نه ڇٽو پر ڊاڪٽرن وٽ به لاعلاج/ لي دوا ٿي ويو ۽ آخر فوت ٿي ويو.
۲. اڄ ڪلهه جي دؤر ۾، اکيون اکين جهڙيون بازار ۾ ملن ته ٿيون پر اڳئين دؤر ۾ اهو ناممڪن هيو. اڄ به جڏهن اک لڳي ٿي، نظر/ نور پوءِ به مسئلو رهي ٿو. هاڻي جيڪڏهن ڪاڻيءَ ويچاريءَ کي ڪير اچي چوي؛ “واهه مائي ڪاڻي ٻاڻي! مڙسنهن اک وٺي ٿو اچي!” ۽ اها ڀورڙي مٿس ويساهه ڪري ويهي ته منجهس، سندس نسوري بيوقوفي ئي چئبي. ڇو جو سچي پچي اک ملڻ، سٿري ڳالهه نه آهي.
مطلب: ۱. اڻ ٿيڻي ڳالهه تي وسهڻ، سياڻپ سان وير وجهڻ برابر آهي.
۲. اک ٻِيٽ سيٽ، چي؛ کٻڙ خان چند ڏٺو.
۳. ٻُچيءَ کي قبر تائين آسرو.

356- ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾، سنگٽ به گهڻا. (پهاڪو)
ڪاڻي: جنهن جي هڪ اک چلهه هجي، عيب واري.
وهانءَ: پرڻو، شادي، نکٽي.
سنگٽ: ڪڏهن ڪڏهن ڪو تارو يا گرهه، ڪنهن اهڙي راس ۾ ايندو آهي، جو هندن جي وهانون جي مُورت ۾ حرڪت ٿي پوي، اهڙيءَ حرڪت جو نالو سنگٽ آهي.
ڪاڻو هجڻ، جسماني عيب آهي. شادي ٻن دلين جي ميل جو نالو آهي. هر ڪو ڏسي وائسي شادي ڪندو آهي. هڪ ڏينهن لاءِ نه ڪندو آهي، پر سڄي عمر جو سودو آهي. ان ڪري هر قسم جي جاچ جوچ، مٽيءَ مائٽيءَ ۾ ٿيندي آهي. رنگ روپ، اخلاق اوصاف، عيب صواب، ڀاڳ اڀاڳ، سمورا ڳڻيا ويندا آهن. انسان مڪمل ته ڪنهن به طرح ناهي. هڪڙين ڪمين ڪوتاهين کي، ٻين چڱائين اندر ڍڪيو ويندو آهي. ڪنوار رنگ ۾ گهٽ آهي ته سندس سگهڙ هجڻ کي وڌائي بيان ڪبو آهي. سگهڙ ناهي ته سندس امير ۽ شاهوڪار هجڻ واري خوبيءَ کي ساراهبو آهي. الغرض سندس خوبين کي اجاگر ڪري، گهوٽ آڏو پيش ڪبو آهي ته جيئن سندس دل ۾ کيس حاصل ڪرڻ لاءِ خواهش پيدا ٿئي ۽ ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ رضامند ٿي پوي.
ڪڏهن ڪڏهن هڪڙي ماڻهوءَ جا هڪڙا عيب ڍڪبا آهن ته ٻيا وري ظاهر ٿي پوندا آهن. انهيءَ حالت ۾ ماڻهو ڇا ٿا ڪري سگهن؟ هڪڙو ڪاڻيءَ کي گهوٽ ملي ڪو نه، وري جي ڪو راضي ٿئي ته شاديءَ ۾ بد-سوڻ يا ڇيڏڪ ٿي پوي ته پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي.
مطلب: ۱. نڀاڳي ماڻهوءَ جو، ڊڪڻ ڊوڙڻ باوجود هڪڙي نه ٻيءَ حرڪت سبب، ڪم کريو وڃي.
۲. ڪاڻيءَ جي ڪاڄ ۾، ڇيڏڪ به گهڻا.
۳. جيڪا لٽ لڳي، سا به ڪاڻي اک ۾.

357- ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري. (ورجيس)
ڪتو کائڻ: حرام کائڻ.
ڪک ڀرجڻ: ڍؤ ٿيڻ، شڪم سير ٿيڻ، پيٽ ڀري کائڻ.
انسان کي جيئرو رھڻ لاءِ، کاڌي جي ضرورت پوي ٿي. ملائڪن/ فرشتن وانگر، بنا کاڌي جي هلي ڪين سگهندو. جانورن کي جتان آيو تتان پيٽ ڀري سگهن، پر انسان لاءِ حدون مقرر ڪيل آهن. بنا کائڻ جي جِيئي نه سگهندو ۽ حرام کائڻ کان به احتراز ڪرڻو اٿس. ستين لنگهڻين، جيڪڏهن ڪتو کائڻو اٿس ته به ايترو جو زندهه رهي سگهي، نه ڪي پيٽ ڀري کائي. هڪڙا ماڻهو هرڀرو به بک تي ويهي حرام جي ويجهو ويندا آهن. جڏھن راکن جي طرفان تڙجڻ سببان ڦٻي به نه سگهندا آهن، تڏهن کين ٻيڻي شرمساري ٿيندي آهي.
مطلب: ۱. بک مرندي، چوري/ ٺڳي/ ڪپت جهڙو ڪام ڪندي، ڦٻڻ بجاءِ پڪڙجي پئجي ته شرمساري ٿئي.
۲. ڪڌو ڪم به ڪيو، معاوضو به نه مليو.
۳. ڪتو به کائڻ، ڪک به نه ڀرجڻ. (ورجيس)

358- ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان؟ (پهاڪو)
هڪڙو حاڪم، پنهنجي پخاليءَ جي ڌيءَ تي عاشق ٿي پيو. سڱ ڇڪڻ لاءِ، پخاليءَ کي گهڻو ئي ناڻو آڇيائين. منٿ ميڙ تنهن کان سواءِ ڪيائين پر مهاڻي/ پخاليءَ سڱ ڏيڻ نه باسيو. تنهن ڪري ڏک ۾ ڀرجي، موڙهيو سوڙهيو پيو هوندو هو.
اها ڳالهه حاڪم جي هڪڙي صوبي جي ڪنين پئي، تنهن مهاڻي کي گهرائي ڏاڙهيءَ مان جهلي پنج ست موچڙا به هنيا ۽ بي عزتي به ڪيائينس. انهيءَ تي مهاڻي کانئس پڇيو؛ “اڙي سائين! منهنجو قصور ڪهڙو آهي؟ پهرين اهو ٻڌاءِ! پوءِ ڀلي مار!”
“اڙي لِيڙ-پئيءَ جا!” صوبي کيس اکيون ڏيکاريندي چيو؛ “منهنجو حاڪم تو کان ڦلن مُٺ تي سڱ ٿو گهري ۽ تون وري ايڏو چڱو مڙس ٿيو آهين، جو کيس سڱ نه ٿو ڏين!”
“سائين! مان اکين سان ڏيان.” مهاڻي آزي مڃيندي چيو؛ “ان تو وانگر مون کي سمجهائي گهريو هجي ها ته کيس ٿڏي تي ڏيان ها! تو هاڻي سمجهايو آهي، تڏهن جيءُ ڏيان، نِچ ڏيان.”
۲. ڪتي جو کاڄ؛ جوٺ، اَوٺ ۽ هڏو گڏو آهي. ان کي ڪڻڪ جي مانيءَ جهڙو اوچو کاڌو، پچائي کارائبو ته کائڻ سان کيس سليقيو ايندو ڇا؟ اهو هيٺان ميڙي کائڻ واري عادت ڇڏي، چنبن سان پٽي ڪين کائيندو.
مطلب: ۱. ڪميڻو، ڦٺ لعنت سان سمجهندو آهي، کيس شابس چوڻ مان ڪو به فائدو ناهي.

359- ڪتو ۽ ڪپاٽ، ٽوڙهي سان ٽپائجي،
ساڌو ۽ سپاٽ، ويهارجي وچ ۾. (پهاڪو)
ڪپاٽ: ڪپٽ، اڌريل اولاد، نالائق، بدمعاش، بداخلاق، لچ.
ٽوڙهو: نوڙي، رسو.
سپاٽ: سپوٽ، سپٽ، سڌريل اولاد، لائق ماڻهو.
وچ ۾ ويهارڻ: آبرو ڏيڻ، عزت ڏيڻ، ٻچن سان ويهارڻ.
ساڌو: اشراف، سڌو، سادو.
ڪتو، پليد جانور آهي. جنهن ٿانءَ ۾ نوسي، تنهن کي ست دفعا ڌوئڻ گهرجي. مٽيءَ يا خاڪ، ڇار يا رک سان پاڪ ڪجيس، نه ته سندس جيوڙا ٿانءَ ذريعي انساني پيٽ تائين پهچي سگهن ٿا. خاص طور تي (Rabbi) ڇت-ڪتائيءَ وارو جيوڙو اثرانداز ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪتي کي ڪاڏي ڪاهڻو به هجي ته ڳچيءَ ۾ نوڙي وجهي پوءِ گهلجيس، باقي هنج ۾ ويهاري نه کڻجيس.
اهڙيءَ طرح ڪميڻو ماڻهو به عزت/ تعظيم جي لائق ناهي. واسطو پويس يا در تي ڪنهن ڪم لاءِ اچي ته ٻاهران ئي نمٽائي ڇڏجيس. در تي گهڻو وقت به بيهڻ نه ڏجيس، متان ڪا شيءِ تاڙي وڃي.
ان جي برعڪس ساڌو يا اشراف کي عزت/ تعظيم ڏجي. ڪنهن منجهيل معاملي ۾ وٺي اچي وچ ۾ ويهارجيس ته به ڀَؤ ڀولو نه ٿيندو.
مطلب: ۱. لچ کي آڌر نه ڏجي. اشراف کي عزت ۽ پيار ڏجي. ساڻس پريت رکجي.
۲. با بدان بد باش، با نيکان نِکو،
جاءِ گل گل باش، جاءِ خار خار. (فارسي)
۳. برن سان برو، چڱن سان چڱو ٿيءُ،
گل جي جاءِ تي گل، ڪنڊي واري هنڌ ڪنڊو ٿيءُ. (ترجمو)

360- ڪتي جا ڏند: گڏهه جو ماس،
هيءُ ڇڏي نه، هُو ڇِڄي نه. (چوڻي)
ڪتي جا ڏند، کائڻ ۽ پٽڻ جي لحاظ کان ڏاڍا مضبوط ۽ سخت آهن. چڱو ڀلو هڏو رڙڪي يا ڪرٽي کائڻ ۾ دير ئي نه لڳندي اٿن. اهو هضم ڪرڻ لاءِ، آنڊا به ڏاڍا مضبوط اٿس. ڪهڙي به جانور جو گوشت ڪتي کي هٿ اچي ته دير نه ڪري.
مڙني جانورن جو گوشت، پٽي کائڻ جي لحاظ کان نرم هوندو آهي، سواءِ گڏهه جي. گڏهه جو ماس سخت ٿيندو آهي ۽ رڌڻ سان به مشڪل ڳرندو آهي. ٻيا مردار- خور جانور، جهڙوڪ؛ ڳجهون، سرڻيون، ڪانءَ ۽ بِجو وغيره گڏهه جي ڍونڍ ڏانهن مُنهن ئي نه ڪندا آهن. جڏهن ته ڪتو مٿس آخر تائين پيو هوندو آهي ۽ پيو ڏند آزمائي ڪندو آهي.
جڏهن ڪنهن بدمعاش سان پالهو پوي ته پوءِ ساڻس بدمعاش ٿي منهن ڏجي يا ٻئي ڪنهن بدمعاش جي منهن ۾ ڏئي جان ڇڏائجي.
مطلب: ۱. بڇڙي کي بڇرو پهچي.
۲. لچ سان معاملو اٽڪي ته ٻيو لچ، پنهنجي پاران وڪيل بڇي، جند آجي ڪجي.
۳. سنون الڪلابا، لحوم الحمارا. (عربي)
۴. ڪتي جا ڏند، گڏهه جو ماس. (ترجمو)

361- ڪتي جو پڇ، ٻارنهن مهينا نڙ ۾ پائي رک، ته به ڏنگو ئي رهندو. (پهاڪو)
ڪتي جو پڇ اصل کان ڏنگو ٺهيل آهي. منجهس جيڪي هڏين جا مهرا آهن، تن جي جڙاوت ۽ ترتيب اهڙي آهي جو پنهنجي خاص شڪل اختيار ڪري بيهندو آهي. کيس سَوَ دفعا سڌو ڪجي، ڀلي سَوَ سال سڌي نڙ ۾ پائي رکجي ته به نڪرڻ کان پوءِ، منجهس رکيل قدرتي تناءَ تي، ساڳي فطرت واري وَرَ- وَڪَڙَ تي عطا ڪيل شڪل، اختيار ڪري وٺندو.
مطلب: ۱. فطرت ڪڏهن به نه مٽبي آهي.
۲. بد عادتو ماڻهو، سيکارڻ سان ڪين سڌرندو.
۳. جبل گردد، جبلت نه گردد. (فارسي)
۴. جبل پنهنجي جاءِ تان هٽي سگهي ٿو،
ماڻهوءَ جي فطرت/ جبلت نه ٿي ڦري سگهي. (ترجمو)
۵. جو جانڪو پڙيو سڀاءُ جاوي جيءَ سوُن،
نيم نه ميٺي هوءِ، سنچ ڳڙ گيهه سُون. (هندي)
۶. جيڪا جنهن جي عادت هوندي،
سو سڀاءُ ساھ وڃڻ سان ويندس.
نم ڪڏهن به مٺي نه ٿيندي،
توڙي جو ڳڙ ۽ گيهه ۾ سيڪجي. (ارٿ)

362- ڪتي جو ڪارو منهن، رٻ اوتري جي اوتري. (پهاڪو)
۱. هڪڙي غريب، گهر ۾ رٻ جو ڪنو رڌو. ڪنو چلهه تي ئي چڙهيل هيو جو اوچتو، گهر ۾ ئي ڪو ٿانءُ کڻڻ لاءِ ويو. ايتري ۾ پويان اوجهاڪڙ ڪتو آيو ۽ اچي چلهه تي چڙهيل ڪني ۾ ٻوٿ هنيائين. گهر- ڌڻي به ٿانءُ ٿپو کنيو موٽيو پئي جو ڪتي تي نظر پيس. يڪدم هڪلن ۾ شروع ٿي ويس. ڪتي کي هڪل ملي ته پوئتي موٽيو. رٻ تائين رسي نه سگهيو. مالڪ اچي ڪنو سنڀاليو. ڏٺائين ته ڪتي رٻ ڪا نه کاڌي آهي، بلڪ رڳو ڪنو نوسيو هيائين، جنهن ڪري رڳو ڪارنهن ٻوٿ کي لڳي هئي.
۲. ٻن يارن جي وچ ۾ هڪڙو گلا- خور يا ڇيڻا-ڀور، ٻِه- چاپڙو يا چغل-خور پئجي، هڪڙي جي ڳالهه ٻئي وٽ ۽ ٻئي جي گلا پهرئين وٽ ڪري ڏُڦيڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪري. جڏهن اهي ٻئي دوست پاڻ ۾ گڏجن ۽ سموريون ڳالهيون هڪ ٻئي جي آڏو ڪري، هڪ ٻئي کي ٻڌائين ته پوءِ وچ ۾ لائي چائي ڪرڻ واري جي ڳالهه ۽ ٻنهي وٽ اچ وڃ، گڏهه جي هينگ جهڙي حيثيت رکندي. هيءُ ته پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويندا، هُن رڳو پنهنجي پرچھ (وقار) وڃائي.
مطلب: ۱. مرڻي وٿ لاءِ، پنهنجي پرچهه نه وڃائجي.
۲. گلا ڪندڙ، سدائين خوار رهي ٿو، جڏهن ته ڌريون وري به پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وڃن ٿيون.

363- ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري ڪين ٿي. (چوڻي)
ڪتيم: سٽ ڪتڻ جو ڪم ڪيم.
پاندي: سٽ جو ڍيرو يا ريل.
زالون ائٽ تي سٽ ڪتينديون هيون، جيڪو ٽڪ تي پانديءَ جي صورت ۾ ويڙهيو ويندو هيو. جڏهن هڪڙي پاندي، وڏي ۽ ڳؤري ٿي ويندي هئي ته اها ٽڪ تان لاهبي هئي ۽ وري ٻي پاندي ڪتبي هئي.
هڪڙي مائيءَ کي ڏينهن ۾ کوڙ پانديون ڪتڻيون پونديون هيون، تڏهن وڃي سندس گذارو ٿيندو هيو. سست ۽ اڻڄاڻ مائي ئي، سڄو ڏينهن وڃائڻ کان پوءِ به پهرين پاندي پوري ڪين ڪندي هئي ۽ سڄي ڏينهن وڃائڻ جي باوجود ڪجهه به ڪمائي نه سگهندي هئي. ان جي برعڪس همت ۽ ڄاڻ واري، سنهون ۽ سهڻو سٽ، جلديءَ ۾ ڪتي وٺندي هئي.
جيڪڏهن هڪڙي مائي، ساري ڄمار/ عمر لائي به، هڪ پاندي پوري نه ٺاهي سگهي ته سندس محنت جو مثال ڪيئن ڏئي سگهجي؟ ان ته ڄڻ پنهنجي ساري عمر ضايع ڪري ڇڏي.
مطلب: ۱. جنهن سڄي عمر، مايا/ دنيا جي ڌنڌي/ ڪرت ۾ ضايع ڪري ڇڏي، سو ڌڻيءَ جي يادگيريءَ لاءِ ڪهڙو وقت ڪڍي سگهندو.
۲. سڄي عمر ۾ فقط هڪ عبادت ڪبي ته ٻيون عبادتون ڪڏهن ڪري سگهبيون؟
۳. طفلي به بازي، جواني به مستي،
پيري به سستي، کي خدا پرستي. (فارسي)
۴. ٻاروتڻ راند روند ۾ ويئه، جواني مستيءَ ۾ وڃايئه،
پوڙهپ هيڻائيءَ ۾ ويئه خدا کي ڪڏهن پوڄيئه؟ (ترجمو)

364- ڪتيءَ کي ڪنهن اُماڙ ڏنو، سا تارا ڏسي ٿي ڊني. (پهاڪو)
اُماڙ: ٻرندڙ بُنڊي.
ڪتيءَ جي عادت آهي؛ هر لنگهندڙ تي ڀؤنڪڻ. جيڪڏهن انهيءَ تي ڪنهن باٺو ٺاھوڪو وهايس ته پوءِ ھر لڪڻ واري کان ڪَوَ پئي کائيندي. اھڙي ماڻھوءَ جي لنگهڻ وقت، نه نروار ٿي ڀؤنڪندي ۽ نه ڏهڙيندي، بلڪ ڪنڊ پاسي کان لڪي پئي ڏندي ڏيندي يا رُوڙيندي.
ان جي برعڪس جيڪڏهن انڌاري رات جو ڪنهن چور وغيره، ٻرندڙ بنڊي سندس مُنهن ۾ هنئي ته پوءِ هر چمڪندڙ شيءِ کان پوءِ روڙندي ۽ ڊڄندي. بجاءِ مالڪ جي گهر جي چوڪي ڏيڻ جي، رات جو اڀ ۾ تارا ڏسي، ڪنهن اجهي ۾ لڪي پئي ڇرڪندي ۽ رُوڙيون ڪندي.
مطلب: ۱. جيڪو ماڻهو ڪنهن ڌنڌي مان هڪ دفعو رڳو گهاٽو يا نقصان ۽ ڏک ڏسي ٿو، سو انهيءَ ڪم کي ٻيهر ڏسڻ سان پيو ڇرڪندو يا ڊڄندو.
۲. ڀيٽيو: کير جو کاڻيل، جهڻ ڦوڪي پيئي.

365- ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا. (پهاڪو)
چور سڃا هئڻ: چوري ڪرڻ لاءِ مال نه ملڻ.
ڍور سڃا هئڻ: چوري ڪرڻ لاءِ چور نه هئڻ.
۱. ڪنهن جُوءِ ۾ ماڻهو ايترا سڃا ۽ بکيا ٿي وڃن جو چوريءَ لاءِ گهران نڪرن ته به هٿين خالي گهر موٽي اچن. کين ڪٿي به ڪنهن جي گهر ۾ ٻڌل مال به نه ملي جو وڙهي، گهوٻاٽا هڻي يا گھوٻاٽا کائي ڪلي تان ڇوڙي اچن.
ڪنهن جوءِ ۾ وري ماڻهو ايترا سکيا ستابا ٿين جو مال ٻڌڻ لاءِ فرصت نه ملين. مال ڇڙيو وتين، سنڀال ئي نه ڪري سگهن. چوري ڪرڻ وارو ئي نه هجي. تنهنڪري اڻ ٻڌو مال، جهنگ- جهر چرندو وتي.
۲. مير غلام علي خان صاحب بهادر، سنڌ جو اڳوڻو حاڪم، هڪڙي ڏيهاڙي ڪچهريءَ ۾ ويٺو هيو. سندس اڳيان سوني چلمچي (ٿوڪدان) رکيل هئي، جنهن ۾ رکي رکي ٿڪ پئي اڇلايائين. اهو حال ڏسي هڪڙي غريب ٻروچ، چلمچيءَ کي سلام ڪري چيو؛ “واهه ميان سون! ڪاٿي ٻروچاڻيءَ جي نڪ ۾ نٿ به نه ٺهي، ڪاٿي ته ٿڪون پيو جهلين.”
مطلب: ۱. دنيا اندر ڌڻيءَ جا ڪيترا ئي رنگ/ آثار آهن. ڪاٿي ڪهڙو رنگ ته ڪاٿي ڪهڙو روپ جوڙيو اٿن.
۲. ڪاٿي سِپ جيان پيا سِپجن ته ڪاٿي لٺين سان پيا لوڌجن.

366- ڪڃريءَ جو يار، بحريءَ جو شڪار، سدا خوار. (چوڻي)
بحري: باز جو هڪ قسم، بحري باز، بحري باشو. مشهور شڪاري پکي. سياهه چشم. ڪلهيو باز Peregrine Falcon، (مٿو اڇو، ڪلها ڳاڙها، اکيون ڪاريون، ڳچيءَ ۾ ڪارو پٽو، اڏامڻ ۾ تيز.)
بحري؛ تلور، نيرڳ ۽ بدڪون جهلي وٺندو آهي. شڪار ۾ تکو ويندو، ڌڪ هڻندو ۽ جي پکي نه ڪريو ته هليو ويندو. اڏامڻ ۾ تکو، تنهنڪري پري پري تائين مار ڪري. ڍنڍن جي شڪار ۾ شڪاري هڪ ٻه بحري ڍنڍ مٿان اڏائيندا آهن، جيڪي مٿان ڦرندا رهندا آهن. جي نيرڳ مٿي اڏامندا ته بحري ڌڪ هڻندن. جي ڀَوَ کان نه اٿيا ته پوءِ، شڪارين لاءِ هيٺان وٺڻ سولا آهن.
۱. تلور ۽ ڪونج، ڳؤرا پکي آهن. ڊڪي ڊڪي، پوءِ اڏامندا آهن. هوا ۾ پهچڻ کان پوءِ، جهاز واري ڏِک ڏيندا آهن. بحري پڻ تيز آهي. جڏهن بحري ڪونجن/ تلور جي شڪار پويان ڊوڙندو آهي ته شڪاري پڻ هيٺان سندس پٺيان ڀڄندو آهي. جتي باز وڃي شڪار کي جهليندو آهي، اوستائين شڪاريءَ لاءِ پهچڻ ضروري ته هوندو آهي پر خواريءَ کان گهٽ ڪينهي.
۲. رنڊي يا ڪڃري عورت، جسم جو سودو ڪري ٿي. پئسي وارا، پئسي سان کيس خريد ڪري سگهن ٿا. سندس جسم هڪڙو آهي، خريدار گهڻا ته پوءِ پاڻ ۾ ئي پيا وڙهندا. غلط ڌنڌي ۾ ڦاسڻ وارن جي ڪير به مالڪي نه ڪندو آهي ۽ هر حال ۾ خوار خراب هوندا آهن.
مطلب: ۱. تلور جي شڪار کائڻ ۾ چشڪو ته آهي پر باز واري خفي سببان سياڻا روڪين.
۲. ڪڃريءَ جي صحبت جو نقصان به پڌرو آهي. کولي بيان ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي، هر ذي فهم سندس صحبت کان روڪيندو آهي.

367- ڪچي وزيران، ٿئي ٺُڙڪو ٺَڪُر. (پهاڪو)
ڪچي: غير آزمودگار، صلاحيت نه رکندڙ.
ٺُڙڪو: اڻ وڻت، بيڪار، ڍلو.
ٺَڪُر: راجا، حاڪم.
راجا يا حاڪم کي هلائڻ وارا، وزير هوندا آهن. ڇو جو راجا/ حاڪم به هڪڙو انسان آهي. کيس هر ڳالهه جي سمجهه يا معلومات پاڻ-مرادو نه ٿي پوي. کيس انهن ڳالهين جي خبر پوندي آهي، جن جي کيس سندس وزير يا صلاحڪار خبر پهچائين. پوءِ اهو وزيرن تي منحصر آهي ته ڳالهه کي ڪهڙو رنگ ڏئي ٿا پيش ڪن.
غير آزمودگار ۽ ناسمجهه وزير، جڏهن پاڻ ئي ڳالهه جي تهه تائين نه پهچي سگهندا آهن يا پاڻ عوام سان رابطي ۾ نه هوندا آهن، تنهنڪري پنهنجي بي سمجهائيءَ سان غلط نتيجا ڪڍندا آهن ۽ حاڪمِ وقت کي به غلط صلاحون ڏئي، راهَئون رد ڪندا آهن.
مطلب: ۱. جن راڄن ۾ وزير ڪچا، تتي راجا ڀلو نه هوندو.
۲. سياڻي ڌاران، راڄ جي رِٿَ-پَھَ جو ڪم ٻئي تي رکڻ نه گهرجي.
۳. پند اگر بشنوي اي بادشاهه!
در همه دفتر بہ زين پند نيست،
خرد بِه خردمند مفرما عمل،
گر چہ عمل کارِ خردمند نيست. (فارسي)
۴. اي راجا! جيڪڏهن نصيحت ٻڌين،
سڄي دفتر ۾ هن کان واڌو نصيحت ناهي،
سياڻي ڌاران ٻئي تي ڪم نه رک،
ڀلي اهو ڪم سياڻي جي ڪرڻ جو نه به هجي. (ترجمو)

368- ڪچيءَ ڪنا نه وريا، پڪيءَ ڇا ورندا. (پهاڪو)
ڪچيءَ: ٺڪر جي ٿانءَ جي ڪچي هئڻ واري حالت، جنهن ۾ ٿاڦي سان سندس ڪنا گهڙبا آهن.
مٽيءَ جي باسڻ، خاص طور تي مٽ ۽ گهڙي، ٽڀي ۽ پاري جا ڪنا، چڪ تي پهرين گهڙبا آهن. ڪنڀر مٽيءَ جو چاڻو چڪ تي چاڙهي، پير يا لٺ سان چَڪُ ڦيريندو آهي ۽ هٿن سان ڦرندڙ مٽيءَ کي ڪنن جي شڪل ڏيندو آهي. ان کان پوءِ چڪ تان لاهي ڪنن ٺهيل چاڻي کي ڇانءَ ۾ رکندو آهي ته جيئن ڪنا پڪيرڙا ٿين ۽ ٿانءَ جو ڊڍ ٺهڻ مهل ٽُٽي نه پون. ان کانپوءِ ٿانءَ جو پيٽ ٺاهي ۽ سڪائي، آويءَ اندر پچائبو آهي.
ٿانءُ جڏهن پچي ٺڪر ٿيندو آهي ته پوءِ سندس ڀڳل ڪني Behr Repair ٿي نه سگهندي آهي. ان جي برعڪس، ڪچيءَ صورت ۾ انهن جو گهڙڻ، آسان هوندو آهي.
مطلب: جيڪو ننڍپڻ ۾، علم يا ادب جي تعليم ۽ تربيت سان نه سڌريو، سو وڏتڻ ۾ ڪو نه سڌرندو.
۲. ٻڍا طوطا، ڪو نه پڙهندا آهن.
۳. پڪي گهڙي کي ڪهڙا ڪَنا گهڙبا؟
۴. پڪي ڪُني کي ڪَنَا ڪين وَرن.

369- ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾. (ورجيس)
ڀريءَ ۾ هئڻ: ٻين جي وس هئڻ، ٻئي مال سان گڏ ٻڌل ھئڻ، مئل ھئڻ.
ڀاڪر ۾ هئڻ: پنهنجي وس هئڻ، ٻين سان ٻک وجهڻ، دوستن جي بغل ۾ هئڻ، زندهه هئڻ.
انسان جي زندگيءَ ۾ لاها چاڙها آهن. ڪڏهن وٽس مال ملڪيت گهڻي آهي ته دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي ٿو. جواني/ طاقت اٿس ته وڏن وڏن سان، سينو سيني ۾ ڏئي بيهي ٿو. اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائي ٿو.
ڪڏهن وٽس نه طاقت آهي ۽ نه ملڪيت ته پوءِ لاچار ٻين جي ڪلهي/ سهاري ٿو هلي.
مطلب: ۱. انسان ويچارو، سدائين هڪ برج تي ناهي. ڪڏهن هيڻو ته ڪڏهن طاقتور. ڪڏهن امير ته ڪڏهن غريب. ڪڏهن ڪمزور ته ڪڏهن زور-آور. ڪڏهن گهڻو، ڪڏهن ٿورو.
۲. مايا جو ڌنڌو، ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾.
۳. جب گيا بلبل چمن مين، ديک ڪي فصل خزان،
رو کي ہنس کہني لگي؛ گاھي چنين گاھي چنان۔ (اردو)
۴. جڏهن بربلي باغ ۾ وئي، اجڙڻ جو حال ڏٺائين،
روئي، کلي چيائين؛ “ڪڏهن ڪيئن، ڪڏهن ڪيئن؟” (ترجمو)
۵. انسان، ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ آهي. (چوڻي)

370- ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾،
واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏِبو ڪيترو. (پهاڪو)
هن دنيا جي حياتي عارضي آهي. ڪيتري به ڊگهي ملي، نيٺ کُٽي وڃي. انهيءَ ۾ صحت ۽ بيماري، جواني ۽ پيري، ڪمزوري ۽ ٻارائپ جا دؤر به آهن. انسان سدائين هڪ حالت ۾ ناهي. صحت ۽ جواني ڏسي، ڦونڊجي نه وڃجي ۽ دنيا کي دائمي رهڻ جي جڳهه نه ڀانئجي. نه ئي منجهس وڏا قلعا ۽ ڪوٽ اڏائجن. اڄ اڏائبا، سي به سڀاڻي نيٺ ڀُرندا. دنيا ۾ رهندو فقط الله جو نانءُ.
مطلب: ۱. جيئڻ جا ڏيهاڙا ٿورا آهن. واريءَ جي ڪوٽ وانگر حياتي بي بقا آهي. نيٺ مرڻو آهي.
۲. انسان پيدا ٿيو آهي مرڻ لاءِ، جاءِ جوڙجي ٿي ڊهڻ لاءِ.
۳. ڪَھُ نانڪ ٿِرُ ڪڇ نهين، سپني جيون سنسار. (نانڪ صاحب/ وچن)
۴. سپني جهڙو هيءُ جهان، (دائمي) رهڻ جو نه آهي. (ارٿ)
۵. جڳ؛ مڙيو ئي سپنو.
۶. جڳ؛ بازيگر جي بازي.

371- ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مٽ. (پهاڪو)
مٽ: ٺڪر جو مٽ يا دلو، جيڪو پڻ ترڻ جي ڪم ايندو آهي.
ماٽي: جيڪو ماڻهو پلن جي مند ۾، پيٽ ڀر مٽ تي چڙهي پلا ماري.
پلا ڦاسائيندڙ مُهاڻو، پهريائين مٽ تي چڙهي لاهِوارو ٿي ترندو آهي. پلا ماريندو/ ڦاسائيندو، هيٺ تائين هلندو ويندو آهي. ڳپل پنڌ کان پوءِ تري، ڪناري وٽ اچي پهچندو آهي، ڇو جو مٽ تي اوڀارو ترڻ نه ٿي سگهندو آهي. جنهنڪري هو پاڻيءَ مان نڪري، مٽُ مٿي تي رکي، ڪپ وٺي اوڀارو، گهر ڏانهن ايندو آهي.
مطلب: ۱. ڪڏهن پُٽ پيءُ جو تليڍو ته ڪڏهن پيءُ پٽ جو محتاج.
۲. ڪڏهن هڪڙو ٻئي جو زيردست آ، وقت ڦرڻ تي، ٻيو پهرئين جو زيردست ٿئي.
۳. ڪڏهن زيردست بالادست ته ڪڏهن بالادست زيردست.
۴.ڪڏهن حاڪم محڪوم، ڪڏهن محڪوم حاڪم.
۵. ڀيٽيو: هڪ سج ٻه پاڇا.

372- ڪڍي ڪاڍارا، ڏئي اڌارا. (ورجيس)
ڪاڍارو ڪڍڻ: ڪاڍاڻو ڪڍڻ، صدقو ڏيڻ، جان تان سختي دور ڪرڻ لاءِ صدقو ڏيڻ. جان جو صدقو ڏيڻ. تڪليفون، سختيون، مشڪلاتون.
هڪڙي ماڻهوءَ جي سر تي مشڪلات آهي. پاڻ کائڻ لاءِ محتاج آهي. اهو ھاڻي جان تي خرچ ڪرڻ بدران، ٻين کي اڌارا ڏيندو ته ٻنهي جهانن کان ويندو. جان سلامت هوندس ته اوڌر به اوڳاڙي ڪتب آڻي سگهندو. جيڪڏهن جان کي تسيا ڏئي، اوڌر ڏيندو ۽ پاڻ بيماريءَ وگهي هلي پيو ته اوڌر سندس ڪهڙي ڪم جي آهي؟
مطلب: ۱. مشڪل وقت ۾، اوڌر ڏيڻ بدران، پنهنجو ناڻو پنهنجي جان تي خرچ ڪجي.
۲. اول خويش، بعده درويش. (فارسي)
۳. پهريون پنهنجو پاڻ، پوءِ پير فقير. (ترجمو)
۴. پهرين پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ.

373- ڪر چڱائي ڄٽ سان،
ڄٽ ڦيري هڻئي پٽ سان. (چوڻي)
ڄٽ: جهنگلي، جاهل، لچ، بيوقوف.
انسان، دنيا اندر ٻين انسانن کان سواءِ، مشڪل سان رهي سگهي. گڏ رهڻ ۽ منجهن ربط قائم رکڻ لاءِ ڪي اصول ۽ پاسداريون وضع ڪيون ويون آهن. انهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سان، زندگي ڏکيرڙي ٿي پوندي. ڪي جاهل ۽ بيوقوف ماڻهو، انهن مو-شگافين کي ڪين ڄاڻندا آهن. سدائين اها توقع رکندا آهن ته ماڻهو ساڻن چڱائي ڪن پر موٽ ۾ پاڻ ڪنهن سان به چڱائي نه ڪن. پاڻ ٻين تي پنهنجي ڪم جا بار رکن پر مٿن ڪير به ڪنهن قسم جو بار نه رکي.
ڪي جاهل اهڙا به هوندا آهن، جيڪي نه چڱائيءَ کي سڃاڻندا آهن ۽ نه وري چڱائي ڪرڻ واري کي وقت تي سڃاڻندا آهن. الٽو کيس نقصان ڏيندا آهن.
مطلب: ۱. لچ سان ڪيتري به ڀلائي ڪجي پر منجهانئس نيٺ برائي پرائجي.
۲. اگر عمر نوازي سفلئه را،
به کمتر چيز آيد با تو در جنگ. (فارسي)
۳. جيڪڏهن سڄي ڄمار لچ کي پالين،
نالائق، ٿوريءَ شيءِ تان به تو سان وڙهندو. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو؛ ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.

374- ڪرم-هيڻ کيتي ڪري،
ٻڙڌ مري يا ٽوٽا پڙي. (پهاڪو)
ڪرم هيڻُ: ڪرم جو کٽل، نڀاڳو، اَڀاڳو.
کيتي: پوک، فصل ڪاهڻ.
ٻڙڌ: بلد، ڍڳو.
ٽوٽو: نقصان، گهاٽو.
هاڻي ته زمين ڪاهڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر وغيره اچي ويا آهن پر اڳي ڏاندن جو رواج هيو. پوک ڪاهڻ لاءِ ڏاند جو هجڻ ضروري هوندو هو. ڏاند واري کي زميندار ڳولي، زمين ڪاهڻ لاءِ ڏيندو هو. جنهن کي ڏاند ۽ ٻج ڀت نه هوندو هيو، تنهن کي ڪير به زمين نه ڏيندو هئو. ڇو جو زمين کيڙڻ لاءِ هرُ ڪاهبو هيو ته ڏاند سان. زمين سڌي ڪرڻ لاءِ سانهر گهمائبو هيو ته ڏاند سان. اَنُّ جدا ڪرڻ لاءِ ڳاهه ڳاهبو هيو سو به ڏاند سان. اَنُّ گھرن ڏانھن ڍوئڻ لاءِ گاڏي ڍُڪائبي هئي سا به ڏاند سان. جنهن وٽ ڏاند نه هجي، تنهن کي ڪير زمين ڏيندو؟
جنهن وٽ ڏاند هجي ۽ هارپ تي زمين ملڻ کان پوءِ سو مري پويس يا فصل ڪاهڻ کان پوءِ فصل ۾ مرض لڳي ته واقعي نڀاڳو چئبو. جڏهن قدرت طرفان ڦٽندي آهي يا رب جو ناراضپو ٿيندو آهي ته ائين ئي ٿيندو آهي.
مطلب: ۱. نڀاڳو ماڻهو واڌيءَ واري ڪم ۾ هٿ وجهندو، ته به گهاٽو پائيندو.
۲. اڀاڳو جاڏي ويندو، تاڏي واڌو نه ڏسندو.
۳. بي بخت گر تشنہ رود بر سر چاهي،
يا دَلَو فرو افتد، يا خشک بر آيد. (فارسي)
۴. نڀاڳو اڃايل، جيڪڏهن کوهه تي وڃي،
يا ٻوڪو ڪري پوي، يا کوهه سُڪي وڃي. (ترجمو)
۵. لونگ چڙهي لاريءَ تي ته لاري ئي ليٽ،
چڙهي ٻيڙيءَ تي ته ٻيڙيءَ ۾ ئي ٽُنگ.

375- ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي. (چوڻي)
دنيا جي تختي تي، انسان جيڪي عمل ڪري ٿو، تن جو بدلو کيس هن دنيا ۾ ته ملندو پر آخرت ۾ پڻ ملندو. چڱائي ڪندو، ٻنھي جھانن ۾ چڱائي ٿيندس. برائي ڪندو، ٻنھي جھانن ۾ برائي ٿيندس. چڱائي ڪرڻ واري کي هن دنيا ۾ ڏهه ته آخرت ۾ ستر دفعا وڌيڪ انعام ملندو.
برائي ڪرڻ واري کي آخرت ۾ لوڙ ته لوڙڻي آهي پر دنيا ۾ به سزا ڪاٽڻي آهي. جيڪڏهن پنهنجي عمر، دنيا جي سزا ڀوڳڻ کان اڳ ختم ٿي ويس ته سندس اولاد به مڪافاتِ عمل تحت لوڙَ لوڙيندو. ڇو جو ناحق خون ۽ زنا، ٻئي قرض آھن، جيڪي ھن دنيا ۾ اوڳاڙيا ويندا. ڏوھ ڪرڻ وارو پاڻ ڪيتو ڏيندو، جي عمر کٽي ويس ته اھو قرض سندس پونير چُڪائيندو.
مڙني سزائن کان اهي ماڻهو بچيل آهن، جن فقيري قبولي آهي. نه ڪنهن جي ليڙ کي هٿ لائين ٿا ۽ نه ڪنهن جو ڪک تڪين ٿا. نتيجي ۾ کين ٻنهي جهانن ۾ سڪون ملي ٿو. هر حال ۾ کير ۽ کنڊون کائين ٿا.
مطلب: ۱. جيڪو جهڙا ڪم ڪندو، سو تهڙو ئي ڦل پائيندو.
۲. هر کسي آن درود عاقبت کار، که کشت. (فارسي)
۳. نيٺ سڀڪو اهو لڻندو، جيڪي پوکيائين. (ترجمو)

376- ڪشيئي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان،
ٽپيئي نه کوها، رهيئي نه جوئا. (چوڻي)
ڪمان: سينگ، تير هلائڻ جو اوزار
ڪشيئي: ڪشڻ، تاڻن.
ضمان: ضامن پوڻ، تِلاهي پوڻ.
کوها: کوهه، کوهاڏو، کڏ.
۱. جنهن تنهن تي اجايو سجايو سينڱ تاڻڻ واري لاءِ اهو نقصان آهي جو نڪتل تير، جيڪو ٻيهر موٽي نه ايندو آهي، ڪنهن غلط جاءِ تي لڳو ته پوءِ موٽ ۾ عذاب پيدا ڪندو. ڇو جو وات مان نڪتل گفتو، ٿڻن مان نڪتل کير، ڪمان مان ڇٽل تير، بندوق مان ڇوڙيل ڪاردوس ۽ ماضي ڪڏهن به موٽي ماڳ نه ايندا.
۲. ضامن پوڻ يا تعاون ڪرڻ سان، سدائين تاوڻ پوندو آهي. جيڪو ضامن پوڻ واري کي ئي ڀرڻو پوندو آهي. اهڙي ٽوٽي وارو ڌنڌو، ڪير به ذي فهم نه ڪندو آهي.
۳. کوهه مٿان ٽپو ڏيڻ مان هڪڙو خوف آهي ته جي پير ترڪيو يا اڳينءَ ڀَرِ پهچڻ کان ٿورو کُٽي پيو ته جيءَ/ جان وڃڻ جو جُوکو آهي. خطري وارو ڪم، ڏسي وائسي نه ڪجي.
۴. جوئا کيڏڻ واري کي وقتي نفعو نظر اچي ٿو، جنهن ڪري کيڏي ٿو. لوڀ سڀڪنهن کي مارائي، جواريءَ کي به مارائي. هار، گهاٽو ۽ گلا ڏاڍي ٿئيس.
مطلب: ۱. نقصان آڻيندڙ شين/ ڪمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
۲. ڇٽل تير، نڪتل گفتو، موٽي نه اچن ماڳ.
۳. ضامن گيري، تاوڻ گيري.
۴. درياهه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي سڀاڻ ٻڏي.
۵. جوئا ڪدي نه سوئا، سوئا ته موئا ئي موئا.

377- ڪکان ڪُوڙي باهه، غلامان دوستي،
يار نه ڪجي؛ ڏُوم، پيادو، پوستي. (چوڻي)
غلامان: غلام، گولو، گولاڙو
ڏُوم: لنگهو، مڱڻهار.
پوستي: پوست جي نشي پيئڻ وارو.
پيادو: پيرين پنڌ هلندڙ، ڍل جي اوڳڙ وصول ڪندڙ.
۱. ڪکن جي باهه عارضي آهي. واءُ، مينهن، پاڻيءَ جو ڇانڊارو، مٽيءَ جو ٻڪ به وسائي سگهيس. لڳي به جهٽ، وِسي به جهٽ. جتن ڪرڻ کان سواءِ به وسامي وڃي. ڇو جو باهه به ان ٻارَڻ کي ٻارِڻ ۾ چڱو وقت وٺندي، جنهن جي اندر ۾ ٻرڻ لاءِ ٻلُ هجي. جيئن ڪاٺي يا بنڊ وغيره کي جلد باهه نه لڳي، بلڪ آهستي آهستي لڳي. جڏهن لڳي ته پوءِ جٽاءُ به گهڻو ڪري ۽ وسامي به جلد نه.
اهڙيءَ طرح ٽن ماڻهن جي دوستي ٿئي به جلد ۽ ٽُٽي به جلد. ان کي نه جٽاءُ ۽ نه ئي منجهانئس ڪو دوستيءَ وارو هڳاءُ حاصل ٿئي.
لنگهو، ڍل اوڳاڙيندڙ ۽ نشئي ماڻهو، پنهنجي غرض خاطر ياري رکن. سندن پيٽ پهرين، پوءِ سنگت. اهي ڪاسبي قسم جا ماڻهو، پيٽ کي سنگت مٿان ترجيح ڏيندا، تڏهن سندن پيٽ-گذر ٿيندو. تنهنڪري سندن دوستي اڄ هڪ سان ته سڀان ٻئي سان، يعني بي ڀروسي ۽ غير جٽاءَ دار آهي.
مطلب: ۱. ڪاسبي ماڻهوءَ جي سنگت، ڪکن جي باهه وانگر، غير جٽاءُ-دار آهي.
۲. لا خير في عبيدي. (عربي)
۳. نه آهي ڀلائي، گولاڙي/ غلام مان.
۴. لنگهو ۽ پيٽ، ڀرئي نه ڀرجن.

378- ڪک جو چور، لک جو چور. (پهاڪو)
۱. چوري هڪڙو اهڙو فعل آهي، جيڪو دل ۾ پيو هرکندو آهي. ٻين جي نظرن ۾ شرمسار ڪندو رهندو آهي. پوءِ اها چوري ڪيتري مال جي به ڇو نه هجي. لک رپئي جي چوريءَ ۾ به اوتري شرمساري آهي، جيتري ڪنهن جي ڪک جي چوريءَ ۾. تنهنڪري وَسَ ويندي، ڪنهن جي ليڙ کي به هٿ نه لائجي.
۲. جڏهن ماڻهو ڪک جيتري چوري ڪندو آهي ۽ ڦٻي ويندي اٿس ته پوءِ ٿورو وڌي، قيمتي مال جي چوري ڪندو آهي. جڏهن اها ڦٻي ويندي اٿس ته اکين مان شرم حياءُ نڪري ويندو اٿس. دلير ۽ اکين- ٻوٽُ ٿي پوندو آهي. پوءِ گهڻي مال لاءِ کاٽ هڻندو آهي. جڏهن ان مرحلي مان به پار پئجي ويندو آهي ته پوءِ ڦُر-لٽ ڪندي به دير نه ڪندو آهي. انسانيت کان ئي خالي ٿي ويندو آهي. بهتر آهي ته ڪنهن ڪک جي به ويجهو نه وڃجي، متان چوريءَ جي هير پئجي وڃي.
مطلب: ۱. ٿوري چوريءَ تي هرڻ وارو، گهڻي چوري به ڪري سگهي ٿو.
۲. برائي آخرڪار برائي آهي، پوءِ ڪيتري به ٿوري ڇو نه هجي.

379- ڪک هيٺ، لک پيو آهي. (پهاڪو)
ڪک: غير اهم شيءِ، معمولي شيءِ.
ڪک، غير اهم ۽ معمولي شيءِ هئڻ تحت، نظر انداز ٿيندو رهندو آهي. ٻين سڀني شين کي مٿي ۽ غير اهم شيءِ کي سڀني کان هيٺ رکيو ويندو آهي. ڪک اهڙي شيءِ آهي، جنهن کي مڙني کان هيٺ رکيو ويندو آهي. ان جي هيٺان ڪا به شيءِ نه رکي ويندي آهي.
قدرت واري، ڪک کي به ايترو غير اهم نه بڻايو آهي، جيترو کيس سمجھجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ڪک جهڙي وَٿُ به وڏي ڪارائتي ٿي پوندي آهي. جيئن لِڏ سان گڏ لعل به لڀي پوندو آهي ۽ ڌوڙ-چپٽيءَ مان به شفا ملي ويندي آهي، تيئن ڪکن جهڙي وٿ سان واهپو رکڻ سان لکن جهڙي عزت ۽ احترام پڻ ٿي پوندو آهي.
انهيءَ جو اهو مطلب هرگز ڪينهي ته هر ڪک جي هيٺان لک پيو آهي ۽ کيس اٿلائبو رهجي ته جيئن اهو کڻي سگهجي. بلڪ ڌڻي پاڪ جي عظمت ڏانهن اشارو آهي ته اهو ڪڏهن ڪک جي به عزت ڪرائي سگهي ٿو. جُتيءَ کي به وارو ڏياري سگهي ٿو.
مطلب: ۱. ڪنهن به شيءِ کي حقير نه سمجھجي.
۲. هر بيشہ گمان مبر کہ خالي است،
شايد کہ پلنگ خفتہ باشد. (فارسي)
۳. هر ٻوڙي کي نه ڄاڻ ته ٺلهو هوندو،
متان منجهس ڪو چيتو ٿميل هجي.
۴. لڏ هيٺان لعل لڀي ٿو.
۵. ڌوڙ مان ڌن، ڌڻي اپائي ٿو.
۶. ڪڏهن ڪڏهن گند-گونهن کي به سواريءَ جو موقعو ملي ٿو.

380- ڪم-پرين سڀ ڪو، چم-پرين ڪو ڪو نه. (چوڻي)
ڪم: محنت، اوصاف، خدمت جو جذبو.
چم: سونهن، اڇي چمڙي، چمڙيءَ جو وڻندڙ رنگ.
دوستي ياري، ٻن سببن جي ڪري ٿيندي آهي؛ يا اڳلي جا اوصاف وڻن يا وسپ وڻن. جٽاداءَ-دار ياري اها آهي، جيڪا اڳلي جو ڪم ڏسي رکجي ٿي. سندس محنت، اخلاق ۽ اوصاف جو قدر ڪري، پوءِ رکجي ٿي. ان جي ڀيٽ ۾ ڪنهن جو رنگ ڏسي جيڪا ياري رکجي ٿي سا ڪڏهن ڪڏهن موراڳو ڳچيءَ ۾ پئجي ٿي وڃي. سهڻو يار، سهڻي ٽوهه کان به وڌيڪ زهريلو نڪري پوي ٿو. تنهن ڪري مهانڊن تي مرڻ بجاءِ، اوصافن سان عشق ڪجي.
۲. هڪڙو ماڻهو رنگ روپ جو سادو آهي، پر سندس لڇڻ چڱا آھن. جيڪو ڪم پوندس سو سنواري ايندو. تنهنڪري سڀ ڪنهن کي پيو وڻندو. ان جي برعڪس هڪڙو، ٽوه وانگر ڏسڻ جو سهڻو ۽ ڪم جي وقت نڪمو ۽ ٽوٽي، لالچي ۽ بي چيو هجي ته ڪم کاريندو. هر ڪنهن جي دل تان لهندو ويندو.
۳. محمود غزنويءَ کان پڇيائون؛ “هن ڪاري اياز تي ڇو عاشق ٿيو آهين.”
“که عشق من اي خواجه بر خوءِ او است،
نه بر قد بالاءِ نيکوءِ او است.” (فارسي)
ورنديءَ ۾ دليل ڏيندي ٻڌايائين؛
“اي سائين! منهنجو عشق سندس لڇڻن ڪري آهي،
نه ڪ سندس ڊگهي ۽ موچاري قد جي ڪري آهي.” (ترجمو)
مطلب: ۱. سونهن ڪنهن جي ڌوئي نه پيئبي آهي.
۲. سهڻا ٽوهه، پٽن تي پيا آهن.
۳. کير ڏيندڙ گانءِ جون لتون به هر ڪو سهي.
۴. ڌيءُ جو پرائي گهر ۾، ڪم وڻندو چم نه وڻندو.

381- ڪَم پئي، ڪَلَ پوي. (چوڻي)
ڪَلَ: خبر، سُڌِ، ڄاڻ، معلومات.
دنيا ۾ زندگي گذارڻ لاءِ، ٻين انسانن سان واسطو- وڙو ضرور پوي ٿو. انساني ربط کان سواءِ، زندگي آهي ئي ڪا نه. انهيءَ ربط کي قائم رکڻ لاءِ قدرت واري رشتا-ناتا خلقيا آهن. پهرين والدين، پوءِ مٽ عزيز ۽ بعد ۾ دوست يار. مٽ عزيز وارو رشتو ته پاڻ-مرادو مليو وڃي. البته دوستيءَ رکڻ لاءِ مخصوص وقت ۽ هنڌ تي مخصوص ماڻهن مان طبيعت آهر، دوست چونڊي سگهجن ٿا. تن جون دليون به پاڻ ۾ ڌڻي ٿو ملائي.
دوست انهيءَ لاءِ چونڊبا آهن جو وقت تي مددگار ثابت ٿين. ضروري ناهي ته دوستن سان اسان ڀلا هلون ته پوءِ اهي ڀلا هلندا. ائين به ناهي ته اسان ساڻن سٺو ورتاءُ ڪريون ۽ موٽ ۾ وري هو اسان سان برو هلندا. انهن مڙني ورتائن جو انحصار، چونڊيل دوست جي طبيعت تي آهي، جيڪو ائين معلوم نه ٿيندو، جيستائين ڪه وڃي ساڻس ڪو معاملو نه اٽڪي يا اڙيءَ اُڌيءَ ۾ منجهس ڪو ڪم ڦاسي. اوڏيءَ مهل سچي ۽ کري دوست جي ڇنڊ- ڇاڻ ٿيندي آهي. ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ وارو اصل ۽ دلي دوست آهي ۽ ڏکئي وقت تي اکيون ٻوٽي وڃڻ وارو مطلبي دوست آهي.
مطلب: ۱. اندر-ٻاهرو ماڻهو، ويس ڀلو اوڍي ٿو، تنهن ڪري کيس چڱو مڙس ٿو ڄاڻجي. سندس اندر جا وسلا ۽ حقيقتون تڏهن ظاهر ٿين ٿيون، جڏهن ساڻس ڪو معاملو اڙي ٿو.
۲. يار سڏائي سڀڪو جاني زباني،
آهي آساني، ڪَمَ پئي ڪل پوي. (شاهه)

382- ڪم قوت، آڪڙ بھت؛ مار کاوڻ ڪي نشاني. (چوڻي)
ڪم قوت: ڪمزور، نٻل.
آڪڙ: ٽيڳر، تڪبر، وڏائي.
بهادر ماڻهو، دل جو بهادر هوندو آهي. جسم ۾ جانورن جهڙي طاقت رکندڙ کي عام ماڻهن جهڙو دماغ هوندو آهي، تنهنڪري رڳو ٽيڳر پيو ڏيکاريندو آهي. جڏهن ته بهادر ماڻهو، دل تي ضابطو رکي پيو هلندو آهي. تڪبر ۽ وڏائي، آڪڙ ۽ ڦون-ڦان کان پيو گريز ڪندو آهي.
ان جي برعڪس، ڪمزور ۽ ڪراڙي کي، هيٺانهين وٺي ڪم ڪڍڻ گهرجي. جيڪڏھن آڪڙ ڪندو ۽ ٻين تي رعب هلائيندو ته ڪم ته ڪونه ٿيندس، هٿائين جان به وڃائيندو. جان بچي ويس ته عزت ۽ نام ناموس ضرور چٽ ڪرائيندو. کيس آڪڙ ڪرڻ نه جڳائي. هَٺَ-سهائيندو، ڳالهائڻ، کائڻ ۽ پائڻ گهرجيس.
مطلب: ۱. پاڻان ڏاڍي کي اکيون ڏيکارڻ وارو، گهري مار ٿو کائي.
۲. هر کہ با فولاد بازو پنجہ کرد،
ساعد سيمين خود را رنجہ کرد. (فارسي)
۳. جنهن رڪ جي ٻانهن واري سان هٿ اڙايو،
روپين ڪراين پنهنجين کي ڄڻ ڏکوئيائين. (ترجمو)
۴. جبل سان مٿو هنئي، مٿو ڏري.

383- ڪميڻو ڪپڙا ڪري، ڏسي پنهنجو ڏيل،
ڏسي پنهنجي ڏيل کي ڊوڙائي دليل،
مون جهڙو ملڪن ۾ آهي قدر قليل،
اڳيان گڏيس اصيل، وايون ويس وسري. (چوڻي)
بادو نالي هڪڙو ڪوري، تمام مسڪين ۽ غريب ماڻهو هيو. عيد جي ڏيهاڙي پنهنجي غريبيءَ آهر ڪپڙا ڪيائين. ڪپڙا پائي، ٽيڳرجي پنهنجي پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي چوڻ لڳو؛ “جيءُ ڙي بادا جيءُ!”
ٽيڳرجي گهران نڪتو. گهٽيءَ ۾ ڏٺائين ته وڏا وڏا ماڻهو، زربفت جا ڪپڙا ڪيو، عيدگاهه ڏانهن عيد نماز پڙهڻ پئي ويا. تڏهن پنهنجي پوشاڪ کي سادو سمجهي ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ دل ۾ لڄي ٿي چوڻ لڳو؛ “ڊينءُ ڙي بادا ڊينءُ!”
۲. انسان کي ڌڻيءَ عقل ڏنو آهي، تڏهن کيس پنهنجي اوقات نه وسارڻ گهرجي. پنهنجي حال کي خيال ۾ رکي، ٻين سان سندن حيثيت موافق ورتاءُ ڪري. ٻين کي پاڻ کان گهٽ ڪين ڄاڻي. ائين ڪبو ته آخر پڇتائڻو پوندو.
مطلب: ۱. ڪي ڪميڻا، پنهنجيءَ ٿوري موڙيءَ کي ڏسي ٽنڊ/ ٽيڳر ڪن. ڀاڳوانن ۽ اشرافن آڏو اچڻ سان اها ٽنڊ ڦڪي ٿي پوين.
۲. ڪنهن کي به گهٽ ڪين ڄاڻجي.
۳. سير مٿان سوا سير پيو آهي.

384- ڪنڌيون پار، قنڌارئون پار. (ورجيس)
ڪنڌيءَ پار: درياهه يا نديءَ جي هن پار. ڀت جي ٻئي پاسي.
قنڌارئون پار: قندار کان پري. تمام گهڻو پري. ولايت پنڌ تي.
جيڪو ماڻهو سدائين ساڻ رهي ٿو، سو ڄڻ دل ۾ گهر ڪري ويهي ٿو. هر وقت ساڻس معاملو رهي ٿو. پاڻ اسان جي ڪم اچي ٿو ۽ اسان به سندس ڪم ڪيون ٿا. سندس معاملا پنهنجا سمجهون ٿا ۽ هو به اسان جي معاملن کي پنھنجو سمجهي ورتاءُ ڪري ٿو.
ان جي برعڪس، جنهن وچ ۾ وِيرِي يا ڀت وڌي آهي. يا موراڳو لڏي درياهه جي هُن پار وڃي ويٺو آهي. ورهين ڪرهين به منهن نه ٿو ڏيکاري. تنهن کان سواءِ به نيٺ سري ٿي وڃي ۽ اهو دل تان ائين لهي ٿو وڃي ڄڻ ولايت ملڪ تي ويل آهي يا ڄڻ مري ويو آهي.
مطلب: ۱. دل کان پري رهڻ وارو، بلڪل ئي پري آهي. دل کي ويجهو، بلڪل ئي ويجهو آهي.
۲ دوران با خبر در حضور، نزديکان بي بصر دور. (فارسي)
۳. پراهان خبر (ملڻ) سان ويجها، ويجها اڻ ڏٺا (هئڻ ڪري) پري. (ترجمو)
۴. جيڪي چلهه تي، سي دل تي، جيڪي چلهه کان دور، سي دل کان دور.

385- ڪنگر ۾ ڪڪڙا، چي؛ “پڙي مبارڪ!” (ورجيس)
ڪنگر: لوٽي، تنؤر جنهن ۾ ڪڪڙا ڀِڄائن.
ڪڪڙا: ڪپهه جو ٻج.
ڪڪڙ۱، زمين ۾ پوکڻ کان اڳ، ڪنهن ڪينگر، پاري يا ٽڀي اندر پاڻي ڀري منجھس اٺ ڏهه ڏينهن پسائي ڇڏبا آهن. جيڪڏهن گهڻا آهن ته وڏي تئيءَ يا تنؤر ۾ وجهي، پاڻيءَ سان ڀري ڇڏبا آهن. اتي سختي به ڇڏيندا آهن ۽ چڻن وانگر ڦنڊي به پوندا آهن ۽ ڦوٽهڙو به ڪندا آهن. پوکڻ شرط زمين ۾ لڳي ويندا آهن.
۱. هڪڙو هاري، وونئڻ پوکڻ لاءِ، ڪڪڙا ڪينگر ۾ پسائي رکي ۽ جوڻس وري رٿون پئي رِٿي ته هن سال هيتري هيتري ڪپهه لهندي. منجهانئس اڌ وڪڻي گهر هلائينداسين، باقي اڌ ڪتي، ڪپڙو اڻي، هر ڀاتيءَ لاءِ ڪپڙا ٺاهينداسين ۽ مان پنهنجي لاءِ ته وڏو پڙو ٺاهيندس ۽ رڱائي پائينديس ۽ ساهيڙيون مبارڪون ڏيڻ اينديون. ائين اڳواٽ اطلاع ڏيڻ لاءِ پاڻ ئي مبارڪون ورائڻ شروع ڪري ۽ آئي وئيءَ کي چوندي وتي؛ “اڙي مبارڪ هجئي! هن سال پڙو ٺاهي پائيندس!” اهڙي اڳڪٿي نه ڪرڻ گهرجي.
۲. هڪڙو پورهيت، پورهيي لاءِ وڃي. کيس چئن آنن جي مزدوري ڏيهاڙي لاءِ لڳي. بجاءِ احتياط سان مزدوري ڪرڻ جي ويهي دل ۾ ٽلون ڪري؛ “ٻه چار ڏيهاڙا پورهيو ڪندس. رپيو ڪٺو ٿيندو. منجهانئس ٻڪري وٺندم. کيس چاريندس ته ويامي پوندي. ڦر- ٽڪر بيهاريندس ته ڌڻ ٿي پوندو. سي وڪڻي ڍڳي وٺندس. ڍڳي ويامندي ۽ منجهانئس ڌڻ ٿيو ته اٺ وٺندس. اُٺين/ ڏاچين جي ويامڻ کان پوءِ، وڏو امير ٿي ويندس ۽ عياشيءَ سان گذاريندس.” اهڙي قسم جو ماڻهو به بيوقوف چئبو. ڇو جو انهيءَ قسم جو حرص، سنجم/ قناعت بنا، پورو نه ٿيندو آهي.
مطلب: ۱. آنن ڦٽڻ کان اڳي، ٻچا ڳڻڻ نه گهرجن.
۲. روده تنگ به يک نان تِهي پُر گرد،
دولت روءِ زمين پُر نکند ديده تنگ. (فارسي)
۳. سوڙهو آنڊو هڪڙو، رکي روٽيءَ سان ڀرجي وڃي،
ساري جهان جي دولت، سوڙهيءَ اک کي نه ڀري سگهي. (ترجمو)
۴. پاڻيءَ کان اڳي، ڪپڙا نه لاهڻ گهرجن.

386- ڪنهن جو اگهي ڪوڙ،
ڪنهن جو سچ به سُهمن گاڏئون،
ڪنهن جي ماني ڪري نه مور،
ڪنهن جو ٽُڪرُ به ٽيڻا ڪري. (پهاڪو)
سُهمون: ڇڙٻون، دڙڪا داٻ، ڊپ ڊاءُ.
ٽُڪر: مانيءَ-ڳڀو، مانيءَ-ڀور، ٽُڪر-ٽاپ.
ڪن ماڻهن جو ڍنگ اهڙو هوندو آهي، جو جيڪڏهن اهي ڪوڙ به ڳالهائين ته سچ پيو ڀاسندو آهي ۽ هر ڪو پيو مٿن اعتبار ڪندو آهي. ڪي وري ويچارا اهڙو اعتبار وڃائي ويهندا آهن جو جيڪڏهن سچ به ڳالهائين ته ڪوڙ پيو ڀاسندو آهي ۽ هر ڪو پيو موٽ ۾ ڇِڙٻيندو ۽ ڏاٻيندو اٿن.
ڪي بختاور اهڙا آهن جو ڪنهن کي ٽڪر مانيءَ جو کارائين ته پيو سڄي عمر ڳائجين. ڪن جي مالڪ جي طرفان اهڙي بدبختي ٿئي جو جيڪڏهن ڪنهن جي مانَ ۾ ست- رڇي طعام ڪن ته به کين شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ موٽ ۾ کين تڪليف ئي سھڻي پوندي آهي.
مطلب: ۱. ڌڻي مهربان آهي ته ڪوڙ به اگهي/ ڦٻي وڃي ٿو، نه ته سچ به مُلهه-چور ٿيو پوي.
۲. اڻ پڙهيل ڏُڏُ ماڻهو، ڀاڳيو ۽ سياڻو/ پڙهيل ماڻهو، نڀاڳو يا نوڪر.
۳. اوفتاده است در جهان بسيار، بي تميز ارجمند و عاقل خوار. (فارسي)
۴. (مثال) جھان ۾ گھڻا پيا آھن؛ اڄاڻ پيارو ۽ سياڻو خوار. (ترجمو)
۵. ھر ڪو پنھنجو پنھنجو مقدر پائي ٿو.

387- ڪني آڱر، وڍي چڱي. (پهاڪو)
انساني هٿ ۾ چار آڱريون ٿينديون آهن؛ چيچ، ٻاچ، وچين ۽ ڏسڻي. منجهانئن ڪا هڪ به ڌڪ لڳڻ يا ڦٽ ٿيڻ سبب لاعلاج ٿي پوي ۽ ڇٽڻ جو امڪان نه هجي ته پوءِ اها ڪٽي ڇڏبي آهي. ڇو جو هر ڪم هٿ سان ٿئي ٿو. ڏکندڙ آڱر، هڪ نه ٻي شيءِ سان لڳڻ سبب پئي ڏکندي ۽ ڌوپ-ڌڙ ۾ پاڻي چورائي پوسرجندي، جنهن ڪري اها ايڏو ته ڏکائيندڙ هوندي آهي جو ڪم ڪرڻ ته ٿيو الڳ ڳالهه، موراڳو اٿڻ ويهڻ کان به هلاک ڪري ڇڏيندي آهي. منجهانئس بيماري ڦهلجندي ويندي آهي ۽ ٻين آڱرين جي خراب ٿيڻ جو پڻ امڪان هوندو آهي. تنهنڪري حڪيم ۽ طبيب توڙي ڊاڪٽر ۽ سياڻا، اهڙي عضوي جي ڪٽڻ لاءِ تلقين ڪندا آهن.
۲. جڏهن ڪنهن لچ يا ڪپتئي ماڻهوءَ سان، ڌنڌو يا ڀائيچارو اڙجي پوي ۽ منجهانئس منافعو منافعي جي ماڳ، موراڳو گهاٽي يا نقصان جو ڊپ ۽ انديشو هجي ته پوءِ اهو ڌنڌو اٻوڇي پائي يا ڪس کائي به ڇني ڇڏجي. ائين نه ڪبو ته اڃا به وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.
مطلب: ۱. لچ سان لاڳاپا لاهي ڇڏجن.
۲. نقصان ڏيندڙ شيءِ سان، تعلق ڇني ڇڏڻ ۾ عافيت آهي.
۳. کريل اولاد کي عاق/ ڌار ڪري ڇڏڻ چڱو آهي.

388- ڪَنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال،
حيف تنين جي حال، جنين وساريو حال. (چوڻي)
ماضي: جيڪا واردات ٿي گذري آهي.
استقبال: جيڪي ڳالهيون، ايندڙ وقت ۾ ٿينديون.
حال: جيڪي ڪم هن وقت نبري رهيا آهن.
۱. ماڻهوءَ سان، وقت جي لحاظ کان، ٽن قسمن جو معاملو آهي. هڪ ته اڳئين وقت ۾ ڇا هيو، ٻيو هاڻي ڇا آهي ۽ ٽيون آئنده ڇا ٿيڻ وارو آهي.
اڳي ڇا هيو؟ جيڪي به هيو، گذري چڪو. جيڪڏهن امير هيو ته هيو پر هاڻي وٺبو اڄ جي حالت کي. گذريل اميريءَ تي ٽيڳر ڪرڻ هلڪڙائپ آهي. پراڻي ٽنڊ، بجاءِ ڪم اچڻ جي، ويتر مارائيندس.
۲. سڀان ڇا ٿيندو؟ ڪنهن چکي نه لڌو آهي. اڄ جيڪو امير آهي، سو غريب به ٿي سگهي ٿو. ساڳيو به رهي سگهي ٿو. اڃا به وڌي امير ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح اڄ جيڪو غريب آهي، سو ايندڙ وقت ۾ امير به ٿي سگهي ٿو. اهڙو جو اهڙو به رهي سگهي ٿو. اڃا به حالت ڦريس ته دماغي توازن وڃائي ذليل ۽ خوار به ٿي سگهي ٿو.
مٿين ٻنهي حالتن تي جاهل ٽيڳربا آهن.
۳. ماڻهوءَ کي، پنهنجي حال يا هاڻوڪيءَ حيثيت مطابق هلڻ گهرجي. غريب آهي ته غربت واري ڏِکَ ڏيڻ گهرجيس. امير آهي ته به سهنديءَ آهر ڏِکَ ڏيڻ گهرجيس.
مطلب: ۱. ھاڻوڪيءَ مھل جي حال ۽ صحت موجب ھلت ڪرڻ گھرجي.

389- ڪنيءَ رن جا ٻار، ٿورا تيئن چڱا. (چوڻي)
هڪڙي عورت ڪراڙي ته هئي پر سڃي به هئي. بيمار به هئي ته پالڻ لاءِ آڪهه به وڏي هئس. ڪهول تمام گهڻو هيس، جنهن کي پاڙو اوڙو پِني، پٽي ۽ ڦري پئي پاليندي هئي. هڪڙي ڏينهن منجهانئن هڪڙو ٻار، بک ۽ بيماريءَ وگهي مري ويس. تنهن جي مرڻ تي به اچي ٻڙڌڪ وڌائين. سندس ٻاڪارڻ تي هڪڙو پاڙيسري تپرس کائي کلڻ لڳو. هڪڙي فقير اهو لقاءُ ڏسي، ان کلندڙ پاڙيسريءَ کي مهميز ڪندي چيو؛ “هن ويچاريءَ جي گهر ۾ فوتگي ٿي آهي ۽ تون آهين جو مٿس پيو ٿو کلين.” تنهن تي ان پاڙيسريءَ کلڻ جو سبب ٻڌائيندي چيس؛ “ڪني رن جا ٻار، جيئن ٿورا تيئن چڱا.”
مطلب: ۱. ڪني وهنوار ۾ هٿ جيئن ٿورو هجي تيئن چڱو. نه هجي ته هيڪاري ڀلو.
۲. ڪوئلن جي دلاليءَ کان پاسو چڱو آھي.
۳. ڪنيءَ رن جا يار به گهڻا، ٻار به گهڻا. (ضد)

390- ڪڻڪ ڪڍي، بُهه کي باهه ڏيڻ. (ورجيس)
دنيا ۾ موجود سمورا ماڻهو سٺا ناهن. جيڪي سٺا آهن سي به ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ۾ کٽل ضرور آهن. ڪامل ۽ اڪمل ڪو به انسان ناهي. تنهنڪري، جنهن ۾ جيترا گهڻا او-ڳڻ آهن، اوترن تي نظر نه وجهجي بلڪ سندس باقي ڳڻن تي نظر وجهجي. جيڪڏهن ٻين مان رڳو عيب ڪڍبا ۽ انهن جي آڌار تي ساڻن تعلقات استوار ڪبا ته پوءِ دنيا ۾ رهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو.
مطلب: ٻين جي اوگڻن/ اوڻاين تي نه بلڪ گڻن/ اوصافن تي نظر وجهڻ گهرجي.
۲. ماس کائي، هڏو اڇلي ڇڏجي.
۳. بود خار با گل هم اي هوشمند،
چہ در بند خاري؟ تو گلدسته بند. (فارسي)
۴. اي سياڻا! گل ۽ ڪنڊو گڏ ٿا رهن،
ڪنڊي جو فڪر ڇو ٿو ڪرين؟ گلدستو ٺاهه! (ترجمو)
۵. خلاف طريقت بود که اوليا،
تمنا کند جز خدا از خدا. (فارسي)
۶. درويش لاءِ اهو طريقت کان ابتڙ آهي،
جو ڌڻيءَ کان، ڌڻيءَ جي نالي کانسواءِ ڳنهي. (ترجمو)
۷. دنيا مان هڪڙو پاڪ ڌڻيءَ جو نالو هٿ ڪر ۽ ٻين ڌنڌن کي ڇڏي ڏي.

391- ڪوري پلوين، نه پائجي. (چوڻي/ پهاڪو)
ڪوري: نئين نڪور.
پلوين: پلون کان، پاسن کان.
پلوين پائڻ: چادر، ڌوتي يا اجرڪ چوڙڻ- پائڻ پڄاڻان وچ تان ڳري وڃن، جڏهن ته سندن پَلَوَ اڃا ڏاڍيرا رهن. ان صورت ۾ ٻهراڙيءَ جا غريب ماڻهو، کين ڪم لائق بڻائڻ لاءِ وچان ڦاڙي، پاسا پاڻ ۾ سبن، پوءِ نون پلن کي وٽيون ورائي ڇڏين. انهيءَ ڌوتيءَ وغيره جي پائڻ کي پلوين پائڻ چئبو آهي.
پراڻي گندي يا چادر پلوين پائبي آهي، جڏهن ته نئين گندي پلوين ڪو نه پائبي آهي. ائين ڪرڻ سان چادر يا گنديءَ جي عمر اڃا گهٽجي ويندي. ڇو جو وچ وارو ٽوپو، اصل ڪپڙي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور هوندو آهي ۽ ڌوتيءَ جي جلد ڦاٽڻ/ کُسڻ جا گهڻا امڪان هوندا آهن. جيڪڏهن ڪو بيوقوف ائين ڪندو ته پاڻ تان فقط ماڻهو کلائيندو.
مطلب: ۱. هر ڪم جو، مهل کان اڳي الڪو/ اونو نه ڪجي.
۲. مسافر کي خبر هجي ته ميل کان پوءِ ندي ٽپڻي آهي ۽ اتان ئي ڪپڙا لاهي هٿ ۾ رکي ته کيس بيوقوف ڄاڻبو.
۳. هڪڙو ماڻهو گهر ۾ چڱو ويٺو هجي ۽ ٻيو بازار مان موٽي ته سندس لاءِ ڪفن وٺي اچي ۽ اچي چوي؛ “نيٺ ته مرندو! نيٺ ته ڪم ايندس.” کيس هر ڪو بيوقوف سمجهندو.
۴. پاڻيءَ کان اڳي، ڪپڙا لاهڻ نه گهرجن.

392- ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ پوي. (پهاڪو)
کڏ: دَکڻ، کڏو.
ڪوري، ڪپڙو اڻڻ وقت آڏاڻي آڏو ويهن پر سندن ٽنگون آڏو اچن، جنهن ڪري ڄنگهن واري جاءِ تي کڏ کڻي منجهس ڄنگهون لڙڪائي پوءِ آڏاڻو هلائين. اها کڏ کڻندا به پاڻ آهن، منجهس پوندا به پاڻ آهن.
مطلب: ۱. دنيا ۾ جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کڻي ٿو، سو نيٺ پاڻ ان ۾ پوي ٿو.
۲. جو تيري کڏ کڻي، تون اس دي راهه سنوار،
اوه آپي پوسين کڏ وچ، تون لنگهي پوسين پار. (بابا فريد صاحب)
۳. جو تو لاءِ کڏ کوٽي، تون ان جي واٽ جوڙ،
هو پاڻ کڏ ۾ پوندو، تون لنگهي پهچندين توڙ. (ترجمو)
۴. جيڪو ٻين لاءِ کڏ کڻي، سو پاڻ پوي.
۵. پِٽِ پَرَ کي، لڳئي سِرَ کي.

393- ڪوڙ، ڄمار جي ڪتر آهي. (چوڻي)
ڄمار: حياتي، عمر، زندگي، زندهه رهڻ جو وقفو.
زندگي گذارڻ لاءِ ڪي اصول، انهيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن حياتي پُر امن نموني، امن امان سان گذري، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي. حياتي آهي ته دنيا جا ڪاروبار به پيا هلندا، حياتي وئي ته دنيا ئي ختم ٿي وئي.
مڙني پُر-امن رکندڙ اصولن منجهان، هڪڙو اصول سچ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙ کان پرهيز رکڻ آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ سان ماڻهوءَ جو مان گهٽجي ٿو، جتي ڪٿي گلا ٿئي ٿي. مڙني جي نظرن ۾ ماڻهو ڪري ٿو پوي، حتيٰ ڪ هڪ ڏينهن پنهنجي نظرن ۾ به ڪري ٿو پوي. اهڙي بي ماني يا گلاري جيئڻ کان بيزار ٿي، مرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. تڪليف- ده زندگي گذارڻ سان ڳڻتيون ۽ ڳارا وڌن ٿا، جيڪي ماڻهوءَ جي حياتي کٽائين ٿا.
مطلب: ۱. ڪوڙي ماڻهوءَ جي حياتي گهٽ ٿئي ٿي.
۲ گر روي در دهانِ شير و پلنگ،
نه خورندت مگر بروز اجل. (فارسي)
۳. جيڪڏهن وڃين شينهن ۽ چيتي جي وات ۾،
نه کائي سگهندئي، مگر ڏهاڙي موت جي. (ترجمو)
۴. جو جڳ ۾ اپ ڪيرت هوءِ سٺ، ميچ ڀلي ره ڀات جيئي تي. (هندي)
۵. جهان ۾ گلا ٿئي، اهڙي جيئڻ کان موت ڀلو. (ارٿ)
۶. ڪوڙ، ايمان ۾ ڪتر آهي.

394- ڪوڙي جي ڳالهه، کُڏ جي ڊوڙ. (چوڻي)
کُڏ: ڪوٺو، ماڙو، ڪمري يا جاءِ جي مٿين ڇت.
هڪڙو ماڻهو ڪنهن کان لڪڻ لاءِ ڇت تي چڙهي وڃي ۽ ڳوليندڙ ڏاڪڻ رکي مٿي پهچي، پوءِ هو وري کڏ جي مٿان ڊوڙي ته ڊوڙي نه سگهندو. ڇو جو کُڏ يا ڪوٺو، ايترو وڏو نه هوندو آهي، جو ماڻهو چڱو وقت ڊوڙي، ڳوليندڙ جي اکين کان غائب ٿي وڃي.
اهڙيءَ طرح ڪوڙي ماڻهوءَ جي ڳالهه آهي. کانئس جڏهن سوال پڇبا ته هڪ ٻن جوابن کانپوءِ ڇڙٻون ڏيڻ شروع ڪندو. ڇو جو گهڻن سوالن جو جواب، حقيقت ڄاڻڻ وارو ته يادگيريءَ تي ڏئي سگهي ٿو، پر ڪوڙو ماڻهو ڪيترو ٺاهيندو؟ هڪڙي پاسي ڏانهن ٺاهيندو ته ٻه ٽي پاسا پنهنجي لاءِ بند ڪندو ويندو.
مطلب: ۱. ڪوڙ جي پاڙ، ٺڪريءَ تي.
۲. دروغ را حافظه نيست. (فارسي)
۳. ڪوڙي کي يادگيرو نه ٿيندو آهي. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو: ڪوڙ، ڄمار جي ڪتر آهي.

395- ڪوڙي سڄڻ کان، سچو ويري به چڱو. (چوڻي)
جيڪو ماڻهو اندر ۾ ويري هجي ۽ ظاهري طرح سڄڻ هئڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائي ته پوءِ ان کان وڌيڪ خطرناڪ ڪير به نٿو ٿي سگهي. ڇو جو کيس سچو ۽ همدرد ڄاڻي، دل جا راز پيا ٻڌائبا آهن ۽ هو وري راز معلوم ڪري، وقت سر ترا پيو ڪڍندو آهي.
ان جي برعڪس اهو ويري، جيڪو ظاهر توڙي اندر ۾ ويري آهي ۽ ٻولائي چوي ته؛ “مان دشمن آهيان” سو وري به ٺيڪ آهي. کيس دشمن سمجهي، ساڻس محتاط رويو اختيار ڪبو آهي. کيس رازن کان آشنا نه ڪبو آهي. مٿس ڪو به اعتبار نه ڪري، کانئس پهچڻ واري نقصان جي انديشي تحت، حتي المقدور احتياط ڪبو آهي. جنهن ڪري پاڻ کي محفوظ رکي سگهبو آهي.
مطلب: ۱. سچي ماڻهوءَ جو ويرپو به ڀلو، ڪوڙي ماڻهوءَ جي سڄڻائپ به خراب.
۲. ڀاڙيءَ جي ڀاڪر کان، مڙس جو موچڙو/ ڀونڊو به ڀلو.

396- ڪوسا ناوي، ٿڌا کاوي، ويڄ پاس نه جاوي. (چوڻي)
ننڍپڻ جي ڏهاڙن ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ هڪڙو مهتو، تاراچند سيوهاڻي، ڏٺو هئم. جيڪو هميشه کاڄ/ کاڌو تمام گهڻو ٺاري کائيندو هيو. سنان ڪندو هيو ته ڪوسي پاڻيءَ سان ڪندو هيو. تن ڏيهاڙن ۾ اٽڪل روءِ پنجاسي (۸۵) ورهين جي ڄمار/ عمر هيس. تڏهن به اکين جو سهائو/ ديد/ نظر اهڙي هئس، جو رات جو به بنا عينڪ جي لکندو هيو ۽ ڏند وري اهڙا مضبوط ۽ سالم هيس جو انهن سان ڀڳڙن جهڙيون شيون به چٻي ويندو هيو.
سياڻو ماڻهو ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ ۽ کاڄ ٺاري کائڻ جو گهڻو تاڪيد ڪندا آهن. جيڪو اها هلت ڪندو، تنهن کي گهڻو ڪري نه اگهائيءَ جو ڊپ رهندو ۽ نه وري طبيب جي ضرورت پوندي.
ڪي يوناني طبيب، ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ بابت چوندا آهن؛ “مئل ماڻهوءَ کي ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجارين ٿا، سو جيئرو ڇو نٿو ٿئي؟ تنهن جو عجب آهي!”
مطلب: ۱. ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ ۾ اهڙي ڀلائي آهي جو جيڪر مردو به زندهه ٿي پوي.
۲. ٿڌي کاڌي کائڻ سان، صحت آخر دم تائين سالم رهي ٿي.
۳. پيٽ نرم، پير گرم، مغز ٺنڊو،
ڊاڪٽر اچي ويجهو ته وهاءِ ڏنڊو.
۴. ٺنڊا کاوي، گرم نهاوي، آڌ ڪوس پر جنگل جاوي،
اس ڪي دمڙي، ويديہ نه کاوي. (هندي)

397- ڪوسو پاڻي، ڪک نه ساڙي. (پهاڪو)
پاڻي، باهه وسائڻ جي ڪم ايندو آهي، باهه لڳائڻ جي ڪم نه ايندو آهي. ڪک تڏهن سڙندا، جڏهن منجهن باهه لڳي. گرم پاڻيءَ مان باهه ڪين لڳندي آهي. گرم هئڻ سبب جسم جي نرم عضون کي لهسائي ڇڏيندو آهي، البته ساڙڻ جي خاصيت منجهس ناهي.
۲. ڪک پاڻيءَ مان ڦٽن ٿا. پاڻيءَ تي پلجي وڏا ٿين ٿا. تنهنڪري ڪوسو پاڻي، پنهنجي پاليل جو ڪڏهن به مَٺو نه ٿو گهري.
۳. ڪک پاڻ کي هيڻو چوايو، تنهن ڪري ڪوسو پاڻي نه ٿو ساڙيس.
مطلب: ۱. پنهنجي اولاد تي ظاهر ڪيل ڪاوڙ، اولاد کي ماري نه ٿي ڇڏي.
۲. چوب را آب فرو مي نبرد، حڪمت چيست؟
شرم دارد ز فرو بردن پرورده خويش. (فارسي)
۳. ڪاٺ کي پاڻي نه ٿو ٻوڙي، ڪهڙي حڪمت آهي؟
پنهنجي پاليل کي ٻوڙيندي، لڄ ٿي ٿئيس. (ترجمو)
۴. درويش پڻ پاڻ کي نماڻو ٿا ڄاڻن، تڏهن سنسار جي ڌنڌن، ڏاکڙن ۽ گوندرن کان ڇٽي وڏي پد کي ٿا پهچن.
۱-۴ “طريقت جز اين نيست درويش را،
که افکنده دارد تن خويش را.” (فارسي)
۲-۴ “ان ڌاران درويش لاءِ ڪا واٽ ناهي،
جو ڪريل/ عاجز رکي، پنهنجي پاڻ کي.” (ترجمو)
۵. شاهه عنايت، مدن ڀڳت کان هڪڙي دفعي پڇيو؛ “خدا جو در ڪيڏو آهي؟”
“ايترو ننڍڙو آهي جو جڏهن نِوڙي نِوڙي پنهنجو ڳاٽو ڀڃين، تڏهن مس منجهانئس لنگهين.” مدن کيس ورندي ڏني.
۱-۵. “نوڙت ڪري هيڻو چوائيندين، تڏهن انهيءَ پد کي پهچندين.”
۲-۵. “در آن حضرت آنان گرفتند صدر،
که خود را فرو تر نهادند قدر.” (شيخ سعدي)
۳-۵. “ان درٻار ۾ انهن جاءِ پاتي،
جن پاڻ کي گهٽ قدر وارو ڄاتو.” (ترجمو)

398- ڪؤڙو کائجي، مٺي جي لالچ تي. (پهاڪو)
جڏهن ڪنهن ۾ ڪم پوندو آهي، تڏهن وٽس هلي وڃبو آهي. پنهنجي غرض پوري ڪرڻ جو شرط رکندو آهي ته پنهنجي ڪم ڪڍڻ سارو اهو به مڃبو آهي. حتٰي ڪ جيڪڏهن دڙڪا دهمان ڪندو آھي يا ڪي اُگريون ۽ ڪؤڙيون ڳالهيون يا ويڻ چوندو آهي ته به لالچ ۾ پيا سهبا آهن.
مطلب: ۱. پنهنجي غرض خاطر، ٻين جا ويڻ به سهجن ٿا.
۳. بن سوارٿ ڪئسي ڪو اوڪڙ وي بَين؟
لات کاءُ ٻچڪارئي جيون دو ڌارو ڌين (هندي)
۳. پنهنجي مطلب بنا، ڪير ٿو ڪؤڙا ڳالهَوَ سهي؟
جيئن ڌنار لت کائي به، ڳئون کي ٻچڪاري ڏُهي. (ارٿ)
۴. پنهنجي ٿوري، پئجي گڏهه کي پيري.
۵. پنهنجي مطلب لاءِ، گڏهه کي به بابو ٿو ڪوٺجي.

399- ڪوئي مري، ڪوئي جيوي،
شتريا گھول پتاشا پيوي. (چوڻي/ پھاڪو)
شتريا: سٿريا، فقيرن جي ھڪڙي ذات، جيڪي ھميشھ بي فڪر ۽ خوش طبع رھن ٿا.
گھول پتاشا پيوي: شربت ٺاھي پيا پيئن.
جيڪي فقير، ڌڻيءَ جا طالبو يا ڳولھائو آھن، سي دنيا کي تياڳي ساري جسم کي ڀڀوت لائي، گھر گھاٽ ڇڏي ھلندا رھن ٿا. اھا ٻي ڳالھ آھي ته دين اسلام، اھڙي رھبانيت واري زندگي گذارڻ کان منع ڪئي آھي. جن وٽ اھا ڳالھ جائز آھي، تن اھو رستو اختيار ڪري، مٽن مائٽن سان لاڳاپا لاھي ڇڏيا آھن. ھاڻي پوئتي، موتي فوتي ٿئي يا خوشي خورمي ٿئي ته کين ان جي ڳڻتي نه ٿي رھي. کين ھر حال ۾، پنھنجو جيءُ سکيو رکڻ لاءِ، شربت وغيرھ کپن ۽ بس. اھي پنھنجي فقيري رنگ ۾ اھڙا رَتا ۽ رِڌا ٿا رھن جو کين ڪنھن جي مرڻ ۽ جيئڻ جي سُڌِ ڪا نه ٿي پوي.
مطلب: ۱. دنيا کي تياڳ ڏيڻ وارن لاءِ، ڪنھن جو مرڻ يا جيئڻ ڪو به اثر نه ٿو رکي.
۲. ما در دو جھان غيرِ خدا يار نداريم،
جز يادِ خدا با دگران ڪار نداريم. (فارسي)
۳. اسان ٻنھي جھانن ۾، ڌڻيءَ ڌاران ڪو يار نه ڌاريون،
سواءِ ڌڻيءَ جي يادگيريءَ جي، ٻين سان ڪو ڪم نه رکئون. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو: گنجي جي مٿي ۾، جونءَ نه لِيکَ.

400- ڪهڻيءَ سڀڪو ڪهي،
کرو ڪو وهڻيءَ وهي. (چوڻي)
ڪهڻي: چوڻ وقت، زبان ڪرڻ وقت.
وهڻي: موقعي تي، ڪم پوڻ وقت.
کرو: سچو، جنهن جو قول ۽ فعل ساڳيو هجي.
وهي: نباهي، منهن ڏئي.
دنيا ۾ نيڪيءَ جا ڪم، ڪرڻ جي حساب سان آهن سولا پر سچن ماڻهن لاءِ. بد نيت ماڻهن لاءِ، ڪرڻ جي حساب سان، ڏاڍا ڏکيا آهن. هام هڻڻ لاءِ ته هر ڪو هڻي ويندو آهي ته؛ “مان فلاڻو يا فلاڻو نيڪيءَ جو ڪم ڪندس” پر ڪري نه سگھندو آھي. يا هر ڪو ائين چوندو آهي ته: “مان ڪوڙ نه ڳالهائيندس. سچ جو ساٿ ڏيندس. چوري نه ڪندس، گلا کان پاسو ڪندس، حرام نه کائيندس.” پر مٿن عمل ڪرڻ ۽ وعدا نڀائڻ، ڪنهن جگر-گردي واري ماڻهوءَ جو ڪم آهي.
مطلب: ۱. زبان سان اها هام هڻجي، جيڪا نباهي سگهجي.
۲. اول تولو، پهر بولو. (اردو)
۳. پهرين تورجي، پوءِ اورجي. (ترجمو)
۴. واعدا سڀ ڪو ڪندو آ، کرو ئي فقط نباهي سگهندو آ.
۵. واعدو ڪرڻ وقت، اڳ- پوءِ جاچي واعدو ڪجي، جيئن پوءِ جي اوڀالي/ شرمساريءَ کان بچي سگهجي.

401- ڪهي سا رهي، ٻولي ٻاروچن جي. (چوڻي)
بهادر ۽ سچار ماڻهو، زبان مان جيڪو گفتو ڪڍندا آهن، تنهن تي پير کوڙي بيهي رهندا آهن. ڪيڏيون به آفتون اچن پر پنهنجي ڳالهه تان ٽس کان مس نه ٿيندا آهن.
ان جي برعڪس، گيدي ۽ بزدل، ڪانئر ۽ ڪوڙا، گهڙي گهڙيءَ پيا پنهنجا بيان بدلائيندا آهن. نه هڪ پير تي بيهندا آهن ۽ نه هڪ بُرج تي هوندا آهن.
مطلب: ۱. سچار ماڻهوءَ جي زبان مان نڪتل ڳالهه، ڄاڻُ/ اجھا ٿي.
۲. سچار، قول ڪرڻ کان پوءِ، ڪين ڦرندو آهي.
۳. نامردان دي ڦرڻي گهرڻي، مردان دي اڪ هي. (سرائڪي)
۴. مڙسان دي ڦرڻي گهرڻي، گانڊو دي اڪ ھي. (ضد)