لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

و

527- واتئون خرار کاڄن، نڪئون ڪڻو نه کاڄي. (پهاڪو)
فطري طور تي انسان سان لڳل مختلف عضون جا مختلف ڪم آهن. هٿ ڪم ڪرڻ لاءِ، ڄنگهون هلڻ لاءِ، اک ڏسڻ لاءِ، ڪن ٻڌڻ لاءِ، نڪ ساهه کڻڻ ۽ سنگهڻ لاءِ، زبان ڳالهائڻ ۽ چکڻ لاءِ ۽ وات کائڻ لاءِ آهي. هڪ عضوي جو ڪم، ٻيو عضوو نه ڪري سگھندو. نڪ جو ڪم هٿ نه ڪندا، هٿن جو ڪم ڪن نه ڪندو، ڪن جو ڪم اکيون نه ڪنديون ۽ اکين جو ڪم زبان نه ڪندي.
اهڙيءَ طرح زبان ۽ ڏندن جي گڏيل محنت سان جيڪو ڪم ٿئي ٿو، سو نڪ کان هرگز ڪين ٿيندو.
جيڪڏهن وات سان کائبو رهبو ته حياتيءَ اندر، خرار کاڄي ويندا. نڪ جو رستو، معدي بدران ڦڦڙن ڏانهن آهي. جيڪڏهن نڪ ذريعي هڪڙو ڪڻو به اندر وجهڻ جي ڪوشش ڪبي ته بجاءِ معدي ۾ وڃڻ جي ڦڦڙن ڏي هليو ويندو ۽ اتي وڃي اڃا خلل ڪندو.
مطلب: ۱. جنهن ڪم لاءِ جيڪو رستو جڙيل آهي، سو اختيار ڪجي.
۲. واجبي طرح يا جوڳائيندو سڀ ڪو کائي ۽ ٻئي کي لکا به نه پوي. اڻ جوڳائيندو ۽ غير واجبي کائيندڙ، ماڻهن جي نظرن ۾ به ٿي پوي ٿو ۽ نظرن ۾ ڪري به پوي ٿو.

528- واڳ ڌڻين جي هٿ، آءٌ ڪا پاڻ-وهيڻي. (چوڻي)
پاڻ-وهيڻو: خود-مختيار.
انسان دنيا جي تختي تي نه پاڻ-مرادو آيو آهي ۽ نه وري پنهنجي مرضيءَ سان هن دنيا مان هليو ويندو. هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ، کيس هن دنيا جي خبر به نه هئي ته منجهس ڇا ٿو وهي واپري. ڪهڙيون قومون ۽ ذاتيون رهن ٿيون. ڪهڙا ملڪ ۽ خطا آهن. منجهانئن ڪهڙو خطو يا قوم شرف ۾ منفرد آهي. انهيءَ خطي ۽ ذات ۾ ڪهڙو خاندان معتبر آهي ته ان جي گهر ۾ پيدا ٿي، مزا ماڻيان. فلاڻي وقت تي، فلاڻي خطي ۾، فلاڻي قوم جي فلاڻي ذات واري فلاڻي اوچي خاندان اندر پيدا ٿي، زندگي عيش آرام جي گذاري وٺان.
جيئن ته انسان پيدا به پنهنجي مرضيءَ سان نه ٿيو آهي، تنهنڪري هتي رهڻ ۾ به سندس مرضيءَ کي عمل دخل ناهي. سندس مرڻ ۽ جيئڻ، اٿڻ ۽ ويهڻ، کائڻ ۽ پيئڻ، پائڻ ۽ چوڙڻ، ڏک ۽ سک، کٽيو ۽ ڇيئو، يا ٻيا سمورا ڪم ڌڻيءَ پاڪ جي هٿ وس آهن. پاڻ-وهيڻو ڪي به ڪين اٿس.
مطلب: ۱. ڪير به دنيا ۾ پنهنجي مرضيءَ سان نه آيو آهي ۽ نه ويندو.
۲. ڪري ڪرائي آپي آپ، مانکُ لي ڪڇ نهين هاٿ. (گرو نانڪ صاحب، وچن)
۳. ڪرائي ڪري سڀ ڌڻي پاڻ، ماڻهوءَ جي هٿ ڪي به نه آهي. (ارٿ)
۴. لائي حيات، آئي، قضا لي چلي، چلي،
اس دنيا مين کوئي نه اپني خوشي آئي، نه چلي.

529- واڱڻ هڪڙن کي وائي، هڪڙن کي پيچي. (پهاڪو)
واڱڻ، هڪ سبزي آهي، جنهن زمين ۾ ٿئي تنهن جو اثر وٺي. کائڻ وارن تي به مختلف اثر وجهي. جهڙي طبيعت وارو کائيندو، مٿس اثر به انهيءَ آهر پوندو. هڪڙن کي کائڻ ۾ گرم ۽ بادي لڳي. سي منجهس ساوا بصر گڏي پوءِ ٻوڙ رڌين. سائو بصر ٿڌو آهي، گرم واڱڻ ۾ گڏڻ سان، ٻنهي جو گرم-سرد وارو اثر زائل ٿيو وڃي ۽ ڀاڄي وچٿري اثر واري ٿيو پوي.
ڪي وري واڱڻ کي سرد يا وائيءَ وارو ڄاڻن. اهي کيس تري کائين. انهن کي اهو ڀانءِ پوي. رڌل ٻوڙ يا واڱڻن جو برفو کين ڀانءِ نه پوي.
مطلب: ۱. جهڙي ماڻهوءَ جي طبيعت هوندي، واڱڻ جو مٿس اهڙو اثر پوندو.
۲. قدرت واري جا به رنگ آهن. ساڳيا ڪم هڪڙن کي فائدو ڏين ته ٻين کي نقصان.
۳. شرم ڪرڻ، اشراف زال جي سونهن وڌائي، جڏهن ته ڪسبياڻي شرم ڪرڻ سان بک مري.
۴. ماٺ ڪرڻ/ چپ رهڻ، فقير لاءِ ڀلو، سندس مانُ وڌي.
ماٺ رهڻ، راجا لاءِ نقصانڪار، راڄ ئي ڦري ويندس.

530- واهڻ جو واڻيو: ڍوري جو پاتڻي. (چوڻي)
۱. واهڻ، وستي يا ڳوٺ، آدمشماريءَ جي لحاظ کان تمام ننڍو هوندو آهي. گهٽ ايراضيءَ تي پکڙيل ڳوٺ ۾، ساديون جايون جوڙيل ۽ سادا ماڻهو رهندڙ هوندا آهن ۽ تعداد به ٿورو هوندو اٿن. اتي جيڪڏهن ڪو واڻيو هٽ کوليندو ته سڀڪو کانئس سيڌو پاڌو پيو وٺندو. شهر ڏانهن ٽڪي پيسي جي شيءِ لاءِ پنڌ نه پوندو. اوڌر پاڌر تي به سيڌو ڏيندو ۽ فصل تي پيو اوڳاڙي ڪندو. اهڙي صورت ۾ اگهه گهٽ ڏئي يا مهانگو، سندس مرضي آهي. گراهڪ مجبور آهن. ڪڇن ٿا ته اوڌر تي نه ٿو ملين ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ٻيو دڪان به ناهي جو سٽ پائي اتان وٺي اچن. تنهنڪري واهڻ جو واڻيو، مرضيءَ جو مالڪ ۽ اڇي ڪاري جو مالڪ ٿيندو آهي.
۲. ڍورو به درياهه يا ڍنڍ جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍي ايراضيءَ تي پکڙيل هوندو آهي. هوندو ته درياهه جو پراڻو پيٽ آهي پر ويڪر گهٽ هوندي اٿس. تنهنڪري پار پوڻ لاءِ مسافر ٿورا هوندا آهن ۽ نتيجي ۾ ٻيڙياتا به پتڻ تي هڪ اڌ ٻيڙي، جهليندا آهن. جڏهن ٻيڙي هڪڙي هوندي ته پوءِ ان کي گذر سفر جيترا پئسا ملندا ته ميربحر به ٻيڙي هلائيندو نه ته ٻيڙي بيٺي هوندي. يا مسافر گهڻا مِڙن يا ٿورا مسافر ڀاڙو واڌو ڀري ڏين. اهڙي صورت ۾ پاتڻي به پنهنجي مرضيءَ وارو آهي.
مطلب: ۱. اڻاٺ واري جاءِ تي، شيءِ جو اگهه واڌو هوندو آهي.
۲. جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت.
۳. اگهه ڪنهن وڌو؟ چي؛ “جنهن جي نه سري.”
۴. اگهه ڪنهن وڌو؟ چي؛ “جنهن جا ٻچا رات بک تي ستا.”

531- وڇ کير ڏئي ته مينهن ڇو ڌارجي؟ (پهاڪو)
وڇ: مينهن جو مادي ڦر.
وڇ، ماءُ جي ڀيٽ ۾ گهٽ کائي ۽ سندس نيپاڄ سستو پڻ ٿئي. ميهار کي سنڀالڻ لاءِ جتن ۽ ڏاکڙا به گهٽ ڪرڻا پون. ان جي ڀيٽ ۾ مينهن جي ٽينهن ڏاڍي ڏکي آهي. سياري ۾ سيءَ کان بچائڻو آهي، اونهاري ۾ اوسي کان ۽ مڇرن جي مند ۾ مڇرن کان. کاڌ خوراڪ به جام ڏيڻي آهي. کير وڌائڻ لاءِ کڙ ڪتر به جام کارائڻي آهي. ڏهڻ لاءِ به مقرر وقت تي پاڻ کي پابند ڪرڻو آهي. گهٽ وڌ ڪرڻ سان مينهن کري ويندي. هڪ دفعو مينهن کري ته کٽر ٿي ويندي. لت هڻي پنهنجو ته هاريندي، ٻيءَ کي به کاريندي.
جيئن ته وڇ نابالغ ۽ کير يا ڦر ڏيڻ لائق ناهي، تنهن ڪري مينهن جا مٿي ٻڌايل سڀ ناز نخرا برداشت ڪجن ٿا. ٿوري خرچ ۽ خفي واري وڇ ته وڏي ٿيڻ لاءِ ڌارجي ٿي پر کير وڪڻندڙ ڀاڳيا، گهڻو ڪري ننڍا ٻچا وٿاڻ تي ناهن رکندا.
مطلب: ۱. ٿوري خرچ سان گهڻو فائدو پوي ته اهو ڪم ڪجي ۽ گهڻي خرچ واري ڪم ۾ نه پئجي.
۲. جيڪو ڪم ٿوري ڳالهائڻ سان ڇٽي، تنهن لاءِ گهڻو نه ڳالهائجي.
۳. چو کاري بر آيد به لطف و خوشي،
چه حاجت به تندي وگردن کشي؟ (فارسي)
۴. جڏهن رس ۽ محبت سان ڪم ڇٽي،
تڏهن تيک ۽ هٺ ڪرڻ جو ڪهڙو کپ؟ (ترجمو)
۵. گندئين کير ملي، مينھن ڪير ڌاري؟
۶. ڀيٽيو: نهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو وجهجي؟

532- وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي. (پهاڪو)
وسي: مينهن وسي، رحمت پوي.
ڏٻري: ڏٻرو ڍور، ڪمزور ۽ بيمار ڍور.
گسي: پُڇ پوي، مري، تڪليف هيٺ اچي.
مينهن وسندو آهي ته گپ چڪ ٿيندي آھي. ڪمزور ڍور، مينهن-ڦڙي ته برداشت نه ڪري پر گپ چڪ ۾ به ترڪي پيو هَڏُ گُڏُ ڀڃائيندو. چڪڻ تي ٿيل مڇر پيا پٽيندس. گپن چڪن جي سبب جهنگ ۾ چرڻ لاءِ، جن چارن تان وڃڻو پوندس، تن تان پڻ ڪرڻ ۽ زخمي ٿيڻ جو انديشو رهندس. تنهنڪري گهر ۾ ئي رهڻو پوندس. جتي بيٺي بيٺي بک ۾ پيو پاهه ٿيندو يا مري ويندو.
برسات سبب، گاهه ته جام ٿين پر ڪمزور کي چرڻ جي ويساند نه ٿئي. برسات نه پوي ته جهنگ ۾ گاهه پٺا به نه ٿين. جيڏانهن تيڏانهن ڏڪر منهن ڪڍي. ان ۾ به وري ڏٻرو ڍور ئي بک مري ۽ بک جي سٽ نه سهي مريو وڃي.
مطلب: ۱. ڏٻرو ڍور هر حالت ۾، آزار ۾ هوندو آهي.
۲. هيڻو ماڻهو نه ٿڌي سهي سگھي، نه ڪوسي سهي سگهي.
۳. ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا ته بيماريون به گهڻيون.

533- ونڊ کائيئي، سک پائيئي. (چوڻي)
آيل مال ملڪيت، جيڪا ڪنهن به ذريعي سان آئي آهي، سا اڪيلي سر جي کائڻ کپائڻ کان گهڻي هوندي آهي. گهر ڀاتي، مٽ مائٽ، دوست يار ان ۾ حصيدار آهن. ڪمائي گهر ۾ نه آڻبي ته گهر ڀاتين جي نظر ۾ ڪري پئبو. اڙيءَ اُڌيءَ ۾ ڦاٿل مٽ مائٽ جي، مدد نه ڪبي ته اهو به ارهو ٿيندو. فصل جي لاباري يا مڇيءَ جي مند تي مڇي مارڻ وقت، بيٺلن ۽ آيلن کي به حصو ڏيڻ ضروري آهي، نه ته نگَهه ٿي پوندي. آيل مهمان يا دوست دڙي تي به ڪمايل ملڪيت مان خرچ ڪرڻ ۾ فرحت آهي.
باقي پنهنجي ملڪيت سانڍيندو وڃجي ۽ ٻين جي کيسن ۾ نظر وجهندو رهجي، اهو ڪم چڱو ناهي. ڇو جو مال ملڪيت سان هر ڪنهن کي اڻ لکي پريت هوندي آهي. منهنجو مال مون کي پيارو آهي ته ٻين کي به پنھنجو مال پيارو آهي. وقت تي مان ونڊ نه ڏيندس ته مهل تي اڳلا به مون کي ليکي ۾ نه آڻيندا.
مطلب: ۱. بٽئيءَ تي يا ڪمائيءَ جو معاوضو ملڻ وقت، مٽ مائٽ کي ته سارجي پر ڌڻيءَ کي به سارجي. آيل فقيرن کي نه موٽائجي. اهي سندس طرفان آيل آهن. انهن کي ڏيڻ سان اڃا برڪت پوندي، نه ڏبو ته نقصان پوندو.
۲. کائڻ کان باچو ملڪيت، ڌڻيءَ جي نالي تي خرچ ڪرڻ بهتر آهي. رکي زيان ڪرڻ چڱو ناهي.
۳. اگر گنج قارون بدست آوري، نماند مگر آن چہ بخشي خوري. (فارسي)
۴. جيڪڏهن قارون وارو خزانو هٿ ڪندين،
پيٽ ۾ کائڻ ۽ ڌڻيءَ جي نانءِ ڏيڻ ڌاران نه رهندئي. (ترجمو)

534- وڻجن ٻير، کائجن ڊاکون،
تن گهرن جون، ڪهڙيون ساکون؟ (چوڻي/ پهاڪو)
وڻجن: وڻج واپار ڪرڻ، وڪرو ڪرڻ.
کائجن: هنڍائڻ، کائڻ، خرچڻ.
ٻير: ڪنڊيدار وڻ ۾ ننڍڙو ميوو، جيڪو پنھنجي کوکڙي سبب، سادو پڻ ٿئي.
ڊاک: ساري جي ساري کائڻ لائق ۽ مهانگي وٿ آهي.
جنهن گهر جا رهاڪو، ڪمائڻ لاءِ هٿ پير نه هڻن ۽ کائڻ جا خچر هجن، سي هڪ ڏينهن بک مرندا يا پنندا. انسان جو روزي رزق، پهرئين ڏينهن لکيو ته ويو آهي پر ملندو کيس ڏينهين پُني. وقت ايندو، ضرورت پوڻ تي گهربل شيءِ دنيا ۾ نمودار ٿيندي، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندس. محنت نه ڪندو ته بک مرندو.
۲. هڪڙو ماڻهو ٻيرن جو وڻج/ واپار ڪندو ته سادي وکر جي ڪمائي سادي ٿيندس. ايتري ڪمائيءَ مان، ساديون شيون وٺي گذر سفر ڪندو ته محتاجيءَ کان بچيل رهندو. ان جي ڀيٽ ۾ اوچا طعام کائيندو ته هڪ ڏينهن وڻج واپار جي موڙي به کائي ويندو. سياڻن ماڻهن جي نظرن ۾ ساک پت نه رهندس.
مطلب: ۱. گهٽ ڪمائيءَ وارو، عياشي ڪندو ته جلد ساک وڃائي ويهندو.
۲. بر احوال آن کس ببايد گريست،
که دخلش بود نوزده خرچ بيست. (فارسي)
۳. ان جي حال تي روئڻ گهرجي،
جنهن جي اپت اوڻويهه ۽ کپت ويهه هجي. (ترجمو)

535- وهندي پير-ٻوڙ به چڱي، بيٺل تار به نه چڱي. (پهاڪو)
وهندي: نديءَ وهندي، وهندڙ پاڻي، هلندڙ ڌنڌي ۾.
پير-ٻوڙ: پير پسائڻ، تانگهو پاڻي.
بيٺل: بيٺل پاڻي، دُٻي جو پاڻي، گڏ ڪيل ناڻو.
تار: ٽٻي ڏيڻ، گهت هڻڻ، غوطه زني ڪرڻ، گهڻو مال.
وهندڙ نديءَ ۾ ڀلي پير-ٻوڙ جيترو پاڻي وهي ته به ڀلو آهي. پاڪ به رهندو ۽ روانيءَ سبب، هر شيءِ کي صاف به ڪندو ويندو. هڪڙيءَ زمين کي سيراب ڪرڻ ۾ کپندو ته پٺيان آيل ٻيو ريلو کيس زندهه رکڻ ۽ ٻي زمين کي ڀرڻ لاءِ ڪافي رهندو.
ڍنڍ اندر بيٺل پاڻي، ڀلي ڪنن/ ڪنارن تائين تار هجي، ته به خراب آهي. هڪ ته پاڻ پاڪ نه رهندو. ٻيو بيٺل پاڻي، بيٺي بيٺي ڌپ ڪري وڃي. ٽيون بيٺل پاڻي ٻوڙي. چوٿون منجھانئس جيترو ڪڍبو اوترو کٽندو. جيڪڏهن ڪڍڻ سان نه کٽو ته چاليهي جي هوائن، سج جي اس ۽ زمين جي خشڪي، سندس پاڻي ڏينهون ڏينهن چوسي کيس هڪ ڏينهن لڙياٺو ۽ خشڪ ڪري ڇڏينديون.
۲. ڪمائي ڀلي ٿوري هجي ۽ ڏيهاڙي ٿوري ٿوري ٿي اچي پئي ۽ خرچ ٿئي پئي ته به ڀلي آهي. باقي ڪمائي ڪجهه نه هجي ۽ رڳو وڏن کان مليل گنج هجي ته اهو آهستي آهستي خرچ ڪرڻ سان کٽي ويندو. ان جي سنڀال تي ئي ايترو خرچ ٿيندو جو اهو کٽندو ويندو ۽ هڪ ڏينهن خالي ٿي ويندو.
مطلب: ۱. کاڌي خرار کٽي وڃن، تنهنڪري ڪمائڻ ضروري آهي.
۲. ڪم ايندڙ ناڻو، ڀلي ٿورو هجي ته به چڱو.
ڪم نه ايندڙ ناڻو، ڀلي ڪيترو به گهڻو هجي، جهڙا ڀتر.
۳. ز نعمت نهادن بلندي مجو،
که ناخوش کند آب استاد بو. (فارسي)
۴. ناڻي سانڍڻ ۾ وڏائي نه سمجهه،
ڇو جو بيٺل پاڻي ڌپ ڪري ويندو آهي. (ترجمو)

536- وِههُ وڻجي، سو وِههُ مان کائجي. (چوڻي/ پهاڪو)
وڻجي: واپار ڪجي.
پيٽ گذر لاءِ، مختلف هنڌن تي، مختلف ذهن جا ماڻهو، مختلف ذريعن سان، مختلف ڌنڌا ڪن ٿا. ڪي نوڪري ڪن ٿا، ڪي زميندارڪو ڪم ڪن ٿا، ڪي وڻج واپار ٿا ڪن. واپار ۾ به ڪي وکر جا واپاري آهن، ڪي مال ڍڳي جا ته ڪي چمڙي جا ته ڪي ڪنهن جا ته ڪي ڪنهن جا.
جيڪي ماڻهو جهڙو ڌنڌو ڪن ٿا، جهڙوڪ سينکيو يا رسڪپور وڪڻڻ وٺڻ، اناج وٺڻ وڪڻڻ، داليون وٺڻ وڪڻڻ ته پوءِ ان جي ڪمائي به اهي کائين ٿا. جيڪي کنڊ ۽ ڳڙ، مصريءَ ۽ مستيءَ جو ڪاروبار ڪن ٿا سي وري ان جي ڪمائيءَ مان کائين ٿا.
مطلب: ۱. جيڪو ماڻهو جهڙو ڌنڌو ڪندو، ڌڻي سڳورو کيس ان مان روزي ڏيندو.
۲. جڏهن ڪپت ۽ ويساهه گهاتيءَ يا ٻين بڇڙن ڪمن مان هڪڙا ماڻهو پيٽ ڀرين ٿا ته پوءِ سپت ۽ اعتبار واري واٽ هلڻ وارا بک مرندا ڇا؟
۳. روزي رزق ڏيڻ، رب جو ڪم آهي. محنت مزدوري ڪرڻ ۽ ڪرت اختيار ڪرڻ ٻانهي جو ڪم آهي.

537- وير وير واڌائي به وِرچائي. (پهاڪو)
وير وير: هر هر، وري وري.
واڌائي: مبارڪ، خوشامد، خوش آمديد.
وِرچائڻ: بيزار ڪرڻ، تنگ ڪرڻ، پريشان ڪرڻ، دل کٽي ٿيڻ.
انساني طبيعت يا سڀاءُ، مَٽَ سَٽَ کي پسند ڪندڙ آهي. ساڳي ساڳي شيءِ کائڻ ورچائي ڇڏي. مَن و سلويٰ به حضرت موسيٰ عليہ السلام جي قوم کي ورچائي وڌو. جنهن ڪري ٿوم، بصر ۽ دالين وغيره جي طلب ڪيائون. ڏيهاڙي ساڳئي ساڳئي ماڻهوءَ کي ڏسڻ به بيزار ڪري ڇڏيندو آهي. ساڳيو ساڳيو ڪم به دل اڪتائي ڇڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح ساڳي ڳالهه ورجائي ورجائي ڪرڻ سان، مزو به ڇڏي ويندي آهي ۽ بور پڻ ڪندي آهي. پوءِ ڀلي مبارڪ يا واڌائي ڏيڻ جهڙي ڳالهه ڇو نه هجي.
مطلب: ۱. يڪسانيت، ڪنهن کي به نه وڻي.
۲. يڪسانيت جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي.
۳. هڪڙي خول ۾ بند ٿيڻ نه گهرجي.
۴. چڱي شيءِ جو ورجاءُ به، ڳالهه مان سواد ڪڍي ڇڏيندو آهي.
۵. سخن گر چه دلبند و شيرين بود، سزا وار تصديق و تحسين بود،
چو يکبار گفتي مگو باز پس، که حلوه چو يکبار خوردي و بس. (فارسي)
۶. توڙي جو ڳالهه مٺي ۽ وڻندڙ هجي،
سچائيءَ ۽ ساراهه جي پڻ لائق هجي،
هيڪر چيئي ته ٻيهر نه ورجاءِ،
جيئن هيڪر حلوو چٻيئي ته ٻيهر نه کاءُ. (ترجمو)

538- ويري هڪڙو به گهڻو، سڄڻ هزار به ٿورا. (چوڻي)
ويري: دشمن، نقصان رسائيندڙ.
سڄڻ: دوست، ٻانهن ٻيلي، همدرد.
دل تي خوشيءَ جي ڀيٽ ۾ رنج جو اثر جلد ۽ گهڻو ٿيندو آهي. خوشي ۽ دوست، يڪدم دل تان لهي ويندا آهن. غم/ ڏک جا پاڇا ۽ دشمن جو کٽڪو، دل تان لاٿي نه لهندا آهن. دشمن مان خطري جو انديشو چوويهه ئي ڪلاڪ رهي ٿو. وهمن ۽ ڳڻتين ۾ وجهي ڇڏي ٿو. الائي ڪيڏانهن، الائي ڪهڙيءَ طرح حملو ڪري، جھڙا گمان دل تي ڇانيل رھن ٿا.
انهيءَ کٽڪي ۾، ماڻهو پيو جهڄندو ۽ جهرندو. آئي وئي سان صلاح ڪندو ۽ دل جو بار هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. دشمن جي حملي جا ڳٿا بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. پاڻ کي لڪائيندو وتندو ۽ ڪٿي به پاڻ کي محفوظ نه سمجهندو. ويڙهه کائڻ، وس کان ٻاهر نظر آيس ته ٺاهه لاءِ پيو جتن ڪندو. نيڻن مان ننڊ هلي ويندس.
ان جي ڀيٽ ۾، هزار دوستن منجهان هڪ به ساريي ياد نه پوندو آهي. هر ڪو پنهنجي پنھنجي گهر خوش آهي. ساڻس ڏندن جي پريت هئڻ ڪري، سندس به هڏ ڪو نه ڪرڪندو ته وڃي سنگتيءَ سان ساڻي ۽ همدرد ٿيان. هر ڪو خوش رهي پنهنجي گهر ۽ پنهنجي خرچ تي.
مطلب: ۱. دشمن کي هيڻو نه ڄاڻجي، نه ئي دوست کي ڀاري سمجهجي.
۲ . دشمن نتوان حقير بيچاره شمرد. (فارسي)
۳ . ويريءَ کي هيڻو ۽ نماڻو نه ليکجي. (ترجمو)

539- ويهي درياءَ ڀر تي، وجهي ٿو واڳونءَ سان وير! (پهاڪو)
پاڻي، حياتيءَ لاءِ بنيادي ضرورت جي حيثيت رکي ٿو. جيڪي به تهذيبون وڌيون آهن، سي پاڻيءَ/ درياهن سان گڏ وڌيون ويجهيون آهن. درياهه مان ڪيترا ئي فائدا آهن، جهڙوڪ پيئڻ جو پاڻي حاصل ٿيڻ ۽ زراعت لاءِ پاڻي ملڻ، مڇيءَ ۽ پکيءَ جي صورت ۾ پيٽ قُوت ملڻ، ٻيڙين ذريعي آمد رفت جي سهوليت وغيره.
درياءَ منجهان جتي فائدا آهن، اتي نقصان به آهن. جهڙوڪ؛ ٻڏي مري وڃڻ، منجهس رهندڙ واڳن ۽ مانگر مڇن منجھان جان جو خطرو وغيرھ. تنهنڪري جتي مٿي ڄاڻايل فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪجي ٿي، اتي منجهانئس پهچندڙ نقصانن جو انديشو پڻ رهي ٿو.
مطلب: ۱. پاڻان ڏاڍو پاڙي ۾ هجي، تنهن سان وير رکڻ مان نيٺ ڀلائي ڪانه آهي.
۲ . ڪيسي بن هي نِبَل ڪون ڪر سَبَلن سُون غير؟
جيسي بسي ساگرو ڪي ڪَرَت مَگَرَ سُون بَيڙَ. (هندي)
۳ . هيڻي کي ڏاڍي سان ٻيائي ڪرڻ ڇا ٺهي؟
جهڙو درياهه ۾ رهي، مانگر مڇ سان وير ڪجي. (ارٿ)
۴ . درياهه ڀر تي ويهڻ ۽ واڳونءَ سان وير وجهڻ! (ورجيس)
۵ . درياءَ ڀر تي ويهي، واڳونءَ سان وير وجهڻ. (اصطلاح)
۶. درياءَ ڀر تي ويهي، وجھجي نه واڳونءَ سان وير. (چوڻي)
۶. In Rome, do as Romans do

540- ويهي ويهي مڙس ڪري، سا وَهي ڇو وڃائي. (پهاڪو)
عورت جي زندگي مڙس کانسواءِ، عذاب واري آهي. تنهنڪري کيس زندگيءَ ۾ شينهن ڪلهي هڪ ڏينهن ضرور چڙهڻو آهي. بهتر آهي ته اهڙيءَ عمر ۾ شاديءَ لاءِ تيار ٿئي، جنهن ۾ جوان مرد کيس پرڻجڻ لاءِ راضي ٿئي.
جوانيءَ ۾ پاڻ ٻئي مرد جي اوسيئڙي ۾ ويهي ۽ جيڪو رشتو اچي تنهن مان پئي عيب ۽ ڪيڙا ماڪوڙا ڪڍي ته پوءِ انتظار ۾ سندس مٿو به اڇو ٿي ويندو. جڏهن ويهي مٿو اڇو ڪري، جواني ۽ جوڀن هوا ۾ ڳاري ڇڏيندي ته پوءِ ڀُتي-ڀاڻ سان ڪير مرد شادي ڪرڻ لاءِ به تيار نه ٿيندو. جيڪڏهن ڪير راضي به ٿيو ته ان جي به اهڙي ئي مجبوري ۽ خامي ضرور هوندي يا پيريءَ ۾ زال مري وئي هوندس يا اوسيئڙي ۾ جوڀن وڃايو هوندائين. اهو بي جوڙ رشتو آهي، ان ۾ نه مرد کي سواد، نه عورت کي سرور. نه اولاد ٿيڻ جو آسرو، نه هڪ ٻئي کي مدد ڪرڻ جي اُميد.
مطلب: ۱. جڏهن شادي ڪرڻي آهي ته پوءِ جوانيءَ ۾ ئي ڪجي.
۲ . جنهن ڪم مان نيٺ هلي پڇتاءُ ڪرڻو پوي، سو مهل سر ويچاري اڪلائي ڇڏجي ته بهتر.

541- ويئي سڱن کي، ڪن به ڪپائي آئي. (ورجيس)
هڪڙي گڏهه، ڌڻيءَ/ مالڪ کي چيو؛ “جڏهن زمين ۾ گاهه ٿين ٿا، تڏهن سائو گاهه ان ڪري چرڻ نه ٿو وڃان جو اتي موجود ڍور، گهڻو گاهه ڏسي مست ٿي ٿا پون. مون کي چرڻ اصل نه ٿا ڏين. بلڪ مون کي ڏسندي ئي سڱن تي ٿا اچي کڻن. جيڪڏهن نه مون کي به سڱ هجن ته جيڪر مقابلو ڪري، گاهه کائي سگهو ٿي پوان ۽ تنهنجا وڏا بار ويٺو ڍوئيان.”
سندس ڌڻي/ مالڪ به ڪو سادڙو هيو، تنھن به اڻ-پڇيو ۽ اڻ-صلاحيو، ڪاھي وڃي پاڙي جي هڪڙي موچيءَ وٽ بيھاريس. موچيءَ کي چيائين؛ “ڍورن جا سڱ، ڪاسائيءَ کان هٿ ڪيا اٿم، سي گڏهه جي مٿي تي سبي ڏئين ته ڏاڍو چڱو!”
موچي به کانئس وڌيڪ سادو هيو يا وٽس به ڏينھن پڄاڻان ڪو گراھڪ مس آيو هيو، تنهن به آئي روزي سمجھي ٽارڻ نه پئي چاھي ۽ چيائينس: “گڏهه کي، سڱن هڻڻ لاءِ ڪا جڳهه مٿي ۾ بچيل ڪانهي. جيڪڏهن اجازت ڏين ته ڪنن واري جاءِ تي سبي ڇڏيانس!”
“اتي ئي سبي ڇڏينس!” ڌڻيءَ به اجازت ڏيندي چيس.
موچيءَ سڱن هڻڻ لاءِ گڏهه جا ڪن ڪپيا ته رت ڏاڍو اڙھس. سڱ هڻڻ ته کانئس وسري ويا، اچي ڪنن جي زخم کي بند ڪرڻ ۾ مُوڙهو. انديشو ٿيس ته متان گهڻي رت وهڻ سبب گڏهه مري پوي. ڌڻيءَ کي ستت چيائين: “گڏهه کي تَهِه تَالِ حڪيم وٽ پهچاءِ. رت ٺينڍيون ڪري ٿو وهي. پٽي ٻڌي اٿمانس پر رت گهڻو وهيو ته گڏهه مري پوندو.”
ڌڻيءَ هڻي ماري، گڏهه جي ڪنن وٽان وهندڙ رت ته بند ڪرايو پر زخم ڀرجڻ تائين گڏهه هڪ هنڌ ويٺو رهيو. عذاب سهي چاق ٿيو ته سڱن هڻائڻ وارو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏيائين.
مطلب: ۱. هڪڙو فقير-ٽڪر مانيءَ لاءِ سين هڻي ۽ اڳلا لٽا به لاهي وٺنس.
۲ . سڱ ٺهرائڻ لاءِ وڃڻ، ڪن به ڪپرائي اچڻ. (ورجيس)
۳ . ويئي سڱن ٺهرائڻ لاءِ، اتان ڪن به ڪپائي آئي. (ورجيس)
۴ . بيچاره خر آرزوي دُم کرد، نايافت دُم و دو گوش گم ڪرد. (فارسي)
۵ . ويچاري گڏهه پُڇ جي سڌ ڪئي،
پُڇ ته نه مليس، هٿائين ڪن به وڃايائين. (ترجمو)
۶. ويئي پٽ پنڻ، گڪ به ڪڍائي آئي.