چ
چاڪر؛ نوڪر، محنتاڻي جي بدلي ۾ خدمت ڪندڙ.
چياڪر؛ چيو ڪندڙ، چيو مڃيندڙ، فرمانبردار.
مالڪ، نوڪر کي پنهنجي ڪمن ڪرڻ لاءِ، پگهار، معاوضي يا اجوري؛ ڏيھاڙيءَ تي، هفتي پيري، ماھاني يا پيٽ تي بيهاريندو آهي. جيڪڏهن نوڪر، پگهار/ اجورو پورو وٺي ته کيس حڪم به سمورا مڃڻا کپن. هڪڙا ڪم ڪري، ٻين ڪمن کان، واندو هوندي، منهن موڙي ته مالڪ جي دل ڀڄي پوندي ۽ جلد ئي موڪل وٺائيندس.
مطلب: ۱. فرمانبردار نوڪر ئي مالڪ وٽ مانُ لهندو آهي.
۲. چاڪر لڳي چاڪري جي چلي خس ۾ ڀاءِ،
حرمت اُس نون اگلي، وجهه به دوڻا کاءِ. (گرونانڪ، وچن)
۳. نوڪر، نوڪريءَ ۾ لڳي جي مالڪ جي مرضيءَ/ وڻنديءَ تي هلي،
مان ته وڏو ملندس، پر اجورو پڻ ٻيڻو ملندس. (ارٿ)
222- چاڪريءَ چور، نِوالي حاضر. (ورجيس)
چاڪريءَ؛ نوڪريءَ ڏيڻ وقت، ڪم مهل.
نِوالي؛ نواله، کاڄ جي گرهه وقت، کاڌي کائڻ وقت، کائڻ ويل.
نوڪر، رکبو آهي ڪم ڪار ڪاڻ لاءِ. کيس پگهار سان گڏ پيٽ قُوت پڻ ڏبو آهي ته جيئن هريل رهي ۽ تازو توانو ٿي خدمت ڪندو رهي. ان جي ابتڙ، نوڪر ڪم جي وقت چورن وانگر لڪي وڃي ۽ ماني کائڻ وقت مالڪ کان اڳي ٻوٿ ڪڍيو بيٺو هجي ته اهڙي نمڪ حرام کي ڪو به نوڪر ڪو نه رکندو.
رب پاڪ، ٻانهي کي سرير، عمر ۽ دولت ڏيئي دنيا ۾ آزمائڻ لاءِ موڪليو آهي. انسان انهن ٽنهي مليل مُوڙين/ نعمتن کي اجاين ڌنڌن ۾ وڃائيندو ۽ ڌڻيءَ جو نالو هينئين سان نه هنڍائيندو ته ان جو مثال پڻ نمڪ حرام نوڪر جهڙو آهي.
مطلب: ۱. نمڪ حرام نه ٿجي.
۲. هڏ حلال ٿجي.
۳. هڏ حرام نه ٿجي.
۴. کائڻ ويل گڏ، سمهڻ ويل مسيت ۾. (ورجيس)
۵. کائڻ مهل کرو، ڪم مهل ٻرو. (ورجيس)
۶. کائڻ جو خچرو، ڪم جو ڌچرو. (روجيس)
۷. ڀيٽيو: ڏندين ڏاند، کُرين گابي. (ورجيس.)
223- چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌاري. (پهاڪو)
ڏاند، هر وهڻ، نار ڪاهڻ، چيچڙو پيڙڻ ۽ بيل گاڏيءَ ڇڪڻ ۾ ڪتب ايندو آهي. گهاڻو گهمائڻ ۾ پڻ ڪم اچي. گهاڻو، جيئن ته اندر جاءِ ۾ ٿئي ٿو، جتي ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ رهي ٿي. ماڻهن جي موجودگيءَ ۾، طبعي طور ٽاهڙ هئڻ سبب، ڏاند ڇرڪندو ۽ ٽاهه کائيندو آهي، جنهن ڪري چاڪي سندس اکين تي اکا چاڙهي ڇڏيندو آهي. اکن چڙهڻ سبب، ڏاند نه ڏسندو آهي ۽ نه ٽهندو آهي، بلڪ پاڻ-مرادو مقرر چڪر ۾ پيو ڦرندو آهي. کيس هڪلڻ يا لڪڻ هڻڻ جي ضرورت به گهٽ پوندي آهي.
چاڪيءَ جو ڏاند، ٻين ڪمن جهڙوڪ؛ هر وهڻ ۽ گاڏي ڇڪڻ کان کري ويندو آهي.
۲. وڃايل ڏاند، گهاڻي چوڌاري ڦري ڳولڻ سان ڪين لڀندو، بلڪ کيس ٻاهر ڳولبو ته لڀندو. جيڪڏهن چاڪي چريائپ ڪري، صبح کان شام تائين، گهاڻي چوڌاري گهمي، گم ٿيل ڏاند ڳوليندو ته پنهنجو ڏاند موراڳو وڃائيندو.
مطلب: ۱. هنر واري/ فنڪار کي هنر/ فن اجاگر ڪرڻ لاءِ هيڏي هوڏي گهمڻ ڦرڻ گهرجي. هڪ هنڌ لڪي ويهڻ نه گهرجي.
۲. باز، گهمڻ ڦرڻ سبب شڪار هٿ ڪري ٿو ۽ بادشاهن/ شڪارين جي ڪلهن تي چڙهي ناز ڪري ٿو.
۳. چِٻَ، اونداهين ڪُنڊن ۽ کوهن ۾ لڪل رهي ٿي، جنهنڪري سڀڪو کيس نڀاڳو چئي سندس پاڇي کان ونءُ وڃي ٿو.
۴. نيست صائب در وطن اهل سخن را آبرو،
آبرو گوهر نباشد تا که باشد در صدف. (فارسي)
۵. سياڻي ماڻهوءَ جو پنهنجي وطن ۾ مانُ نه ٿو رهي،
موتي جيسين سپ ۾ آهي، تيسين قدر نه اٿس. (ترجمو)
224- چريا چرين گڏيا، چي؛ “ادا عيد مبارڪ.” (پهاڪو)
عيد مبارڪ ڏيڻ؛ خوشيءَ جي واڌائي ڏيڻ. مسلمان خوشيءَ جي ڏيهاڙي ملهائڻ وقت هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏين.
سياڻا سيبتا پاڻ ۾ عيد ملن ته عيد مبارڪ چوڻ سان گڏ تحفا تحائف ۽ خرچين ڏين وٺن. چرين کي نه ڏيڻ لاءِ ڪجهه هڙ ۽ نه ئي ڏيڻ ڄاڻن. سي رڳو ٺلهو پاڻ ۾ ڏند ڪڍي پيا عيد مبارڪ چون.
چريو؛ ذهني مريض هئڻ به، ٻين کي مريض ۽ پاڳل، ڀليل ۽ دشمن پيو سمجهندو آهي. سياڻن جي سنگت ته ڇا پر ويجهڙائپ به ڪين وڻندس. ان جي برعڪس پاڻ جهڙو چريو مليس ته ان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو. سمجهندو ته دنيا ۾ اڃا ڪي ٻه چار ماڻهو آهن، جن جي سهاري هيءَ دنيا هلي چلي ٿي. ڊڪي سيني سان لائيندس، اول گهول پيو ويندس ۽ خوشيءَ جون واڌايون پيو ڏيندس.
مطلب: ۱. سياڻي کي چريي جي سنگت نه وڻي ته چريي کي پڻ سياڻي جي سنگت نه وڻي.
۲. چريي جو سياڻن جي وچ ۾ اچڻ، کير ۾ لوڻ پوڻ برابر آهي. جڏهن ته لوڻ لسيءَ ۾ ۽ کنڊ کير ۾ ٺهندي آهي.
۳. اُتم سُون اُتم ملي، ملي نيچ سون نيچ،
پاني سون پاني ملي، ملي ڪيچ سون ڪيچ. (هندي)
۴. چڱي سان چڱو ۽ ڪميڻي سان ڪميڻو گڏجي،
پاڻيءَ سان پاڻي ۽ گپ سان گپ گڏجي. (ارٿ)
225- چري ڦٺ ۾ به خوش. (چوڻي)
ڦٺ؛ ٿڪ لعنت، ٿڪ بجو، بي عزتي.
چريي جي نظر ۾ عزت/ ذلت جا معيار (Parameters) ئي پنهنجا هوندا آهن. سنگتيءَ، غلط ڪم تي بجو ڏنس ته به پيو خوش ٿيندو ۽ چوندو ته مون سان هجائتو آهي ۽ اسان پاڻ ۾ گهرا آهيون.
مطلب: ۱. بيوقوف ماڻهو، سياڻي جي ڪيل ٺٺولي کي ساراهه سمجهي پيو ٽيڳرندو آهي.
۲. چريو، ٿوري معاوضي تي به ڏاڍو گدگد ٿيندو آهي.
۳. سگي را چون کُلوخش بر سر آيد،
ز شادي بر جهد کين استخوان ست. (فارسي)
۴. ڪتي کي مٿي تي جڏهن ڪو پٿر لڳي،
خوشيءَ مان هڏو سمجهي مٿس ٽپو ڏئي. (ترجمو)
226- چرين ڪهڙا چت، مئن ڪهڙا مامرا. (چوڻي)
چِت؛ دل، دماغ، سوچ، چنتا، فڪر.
مامرا؛ معاملا، واسطا، تعلقات.
چريي ماڻهوءَ کي دنيا جي ڏيتي-ليتيءَ، اٿا-ويٺيءَ، ڪار-وهنوارَ ۽ ڌنڌي-ڌاڙيءَ سان ڪو واسطو ناهي. تنهنڪري هو انهن جي نفعن نقصانن وارن انديشن ۽ چتونائن، پريشانين ۽ جنجهٽن کان آجو هوندو آهي.
جيڪو ماڻهو مري ويو، تنهن جا به دنيا سان لڳ لاڳاپا، واسطا وڙا، معاملا ۽ تعلقات ختم ٿي ويا. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ، هر ڪنهن جي دل تان لهي وڃي. اهڙيءَ طرح جن ڪامل شخصن دنيا کي هيچ سمجهي، حياتيءَ ۾ کيس تياڳي ڇڏيو، سي به ڄڻ مرڻ کان اڳي مري ويا ۽ دنيا جي مامرن کان آجا رهن ٿا. ماڻهن جو اجايو سجايو ڳالهائڻ ۽ ٻين معاملن جو الڪو کين نه ٿو رهي.
مطلب: ۱. چريو، دنيا جي فڪر کان ۽ مئلُ، دنيا جي مامرن کان آجو آهي.
۲. جيوين عملي سنگ عمل لُڀانا، ميرا من رامهن لپٽانا،
رام نام ميري هُردي بسي، نهين ڇوڙون چاهي ڪوئي هسي. (وچن)
۳. جيئن آفيمي آفيم سان لوڀيل آ، تيئن منهنجي دل ڌڻيءَ سان ڳنڍيل آ،
ڌڻيءَ جو نالو منهنجي دل ۾ ٽڪي، توڙي ڪو کلي ته به ڪين ڇڏيندس. (ارٿ)
227- چريءَ جو چوڙو، ڪڏهن ٽنگ ۾ ڪڏهن ٻانهن ۾. (پهاڪو)
چوڙو؛ ٻانهن ۾ پائڻ جو چوڙيءَ کان چَوڙو زيور.
ٻانهن ۾ پاتل زيور، ٺُمڪائي ڏيکارڻ سولو آهي. شان مان پڻ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو. ڇو جو ٻانهن هر ملندڙ جي اک آڏو آڻڻ سولي آهي، جڏهن ته ڄنگهن کي ڪير به چتائي ڪين ڏسندو آهي. جيڪڏهن زيور، ڄنگهه ۾ پاتل هوندو ته مٿس ڪنهن جي نظر نه ويندي ۽ پائڻ جو مقصد پڻ فوت ٿي وڃي ٿو.
چريي ماڻهوءَ جو اهڃاڻ اهو آهي ته ڪنهن به شيءِ جو سڦلائتو استعمال نه ڄاڻندو. ٻانهن ۾ پائڻ وارو زيور ٽنگ ۾ ۽ ٽنگ ۾ پائڻ وارو چيلهه ۾ پايو پيو گهمندو ۽ ان ۾ پيو پنهنجو شان مان ڄاڻندو.
مطلب: ۱. چريو ماڻهو ڪڏهن ڪهڙي رنگ ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي رنگ ۾.
۲. پاڳل ماڻهو ڪڏهن سيرُ ته ڪڏهن مڻُ.
228- چريي کان پڇيائون؛ “ڪي چڱو آهين.”
چريي چيو؛ “ويران وير وڌ آهيان.” (پهاڪو)
ويران وير وڌ؛ ڏينهان ڏينهن واڌو. اڳي کان به ويتر وڌيڪ.
ذهني مريض يا چريو، دنيا جي نظرن ۾ چريو هوندو آهي، جڏهن ته سندس ذهن مطابق دنيا جا سڀ ماڻهو پاڳل ۽ بيوقوف هوندا آهن. لٽا لاهي پيو گهمندو ته به مڙني کان پاڻ کي سياڻو ۽ هوشيار پيو سمجهندو. پڇبس ته به پيو چوندو؛ “چڱن کان چڱو آهيان.”
اهڙيءَ طرح، ڪو عيب جنهن ماڻهوءَ کي چنبڙي پوي ته اهو ان ۾ مستغرق يا ٻڏي ويندو آهي. جهلڻ تي به ڪين مڙندو آهي. زاني يا شرابي، جواري يا هيروئني وغيره پاڻ کي سياڻو ۽ حق تي سمجهندو آهي. ٻين کي پاڳل ۽ ڀليل پيو سمجهندو آهي. نصيحت ته ڪو نه ٻڌندو، هٿائين پنهنجي ڪڌي ڪم کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ وڏا وڏا دليل گھڙيو پيو هلندو آهي.
مطلب: ۱. ڪانگ پڙهايا پڃري، پڙهه گيا چارون ڀيد،
سمجهايا سمجهي نهين، ڪورا ڍيڍ ڪا ڍيڍ. (هندي)
۲. ڪانءُ پڃري ۾ ويهي چار ئي ويد پڙهي،
سمجهائڻ سان به نه سمجهي، ڪورو پليد جو پليد. (ارٿ)
۳. شمشير نيک ز آهنِ بد چون کند کسي،
نا کس به تربيت نشود اي حکيم کس. (فارسي)
۴. ڪني لوهه مان، ڀلي ترار ڪير جوڙي سگهي؟
غير انسان، سيکارڻ سان انسان ڪين ٿيندو. (ترجمو)
229- چڱا سي، جن جا پويان چڱا. (چوڻي)
دنيا ۾ آخر نيڪي رهي ٿي، سا به ان جي جنهن جي پويان سلڇڻو ۽ فرمانبردار اولاد آهي. فرمانبردار اولاد، پنهنجي نيڪناميءَ سان گڏ، وڏڙن جو نام ناموس به برقرار رکيو اچي. نافرمان اولاد، وڏڙن جي نالي جي مٽي پليد ڪرائي ڇڏي ٿو. اولاد کي گهرجي ته فرمانبردار ۽ نيڪوڪار ٿئي ته جيئن سندس وڏڙن جو نام ناموس به ڪو وقت دنيا ۾ قائم رهي سگهي.
وڏڙن کي به گهرجي ته اولاد کي چڱي تعليم ڏيارين ۽ سٺي تربيت ڪن. سندن وِئي کان پوءِ، اهي ئي سندن جاءِ-نشين ٿيندا. منجهن نيڪ خصلتون هونديون ته پنهنجي به عزت ڪرائيندا ته وڏڙن جو به نام ناموس برقرار رکندا.
مطلب: ۱. والدين کي، اولاد جي سٺي تربيت ڪرڻ گهرجي.
۲. نام نيکو رفتگان ضايع مکن،
تا بماند نام نيکت پايدار. فارسي)
۳. وڏڙن جو نام ناموس ضايع نه ڪر،
ته جيئن تنهنجو نالو پڻ سدا موچارو رهي. (ترجمو)
230- چڱو جن لکيو، مندو سي نه پسن،
توڙي رڻ رهن، ته به کنڊون کائين کير سان. (چوڻي)
لکيو: لکايو، ڀانيو.
چڱي نيت رکڻ وارا، بختاور هوندا آهن. شڪي مزاج ماڻهو ڪم بخت ٿيندا آهن. نيڪ نيت ماڻهوءَ کي سڃ ۾ اڇلي ڇڏبو، ته به سندس اخلاق سان اتي وسندي ٿي پوندي. جتان ٻئي کي ٽوٽو پوندو، اتان کيس فائدو پيو پوندو. بد نيت ماڻهوءَ کي جتان نڀاڳ ۽ اهنجائي ٿيندي، اتي نيڪ نيت ماڻهوءَ کي ڀاڳ ۽ سهنجائي پئي لڳندي.
مطلب: ۱. نيتن تي بهرا آهن.
۲. فروز بخت طلب، سايه هما مَ طلب،
چو بخت يار شود، چغد هم هما گرد. (فارسي)
۳. ڀاڳ جو سوجهرو گهُر، هماءَ جو پاڇو نه گهُر،
جڏهن بخت ساٿي ٿئي، تڏهن چٻ پڻ هماءُ ٿئي.
231- چڱو ڪر ته چڱو ٿيئي. (چوڻي)
دنيا ۾ ڪار وهنوار، ٻين سان ربط ۾ رهڻ سان هلي ٿو. ٻين سان چڱي اخلاق سان پيش اچبو ته ٻيا به پاڻ سان سٺائيءَ سان پيش ايندا. ٻين سان برائيءَ سان پيش اچبو ته ٻيا به بدلو وٺندا. جيڪو ورتاءُ ٻين سان ڪجي ٿو، سو ڄڻ پاڻ سان ڪجي ٿو. ٻين سان ڀلائي، پاڻ سان ڀلائي آهي ۽ ٻين سان برائي پاڻ سان برائي ڪرڻ آهي.
مطلب: ۱. ادلي جو بدلو آهي.
۲. چڱائي لهڻو، مدائي ڏيڻو.
۳. ڪرند پسند، ڏيند لھند.
۴. قتل ۽ زنا، اوڌر آھن. دنيا ۾ ئي اوڳاڙيا ويندا. ڪندڙ پاڻ اھو قرض نه چڪائيندو ته سندس پوين سان حساب ضرور سڌو ڪيو ويندو.
۵. اتي ئي ڪر، اتي ئي لوڙ.
۶. نيڪيءَ منجهان نيٺ، چوڌاري چڱو ٿئي،
بري پائي بِيٺ، چڱي چوڙي ڪو نه ڪو. (بيت)
232- چوري نه مُوري، مُوري ته به گهوري. (چوڻي)
مُوري؛ مُورجڻ، گؤنچ نڪرڻ، شاخون نڪرڻ، وڌڻ ويجهڻ، سائو ٿيڻ.
چوري ڪيل مال مان ڪاروبار وغيره ڪري، ڍڳا ڍور ۽ زمينون جائدادون ڪو نه ٺاهي سگهبيون آهن. ڇو جو چوريءَ جي مال جا حصيدار تمام گهڻا ٿيندا آهن ۽ چوريءَ جو مال حصا پتيون ٿيڻ پڄاڻان بچندو ئي ڪين آهي ته وڌندو ڪٿان. جيڪڏهن ڪنهن کي چوريءَ جو مال ڦٻي وڃي ۽ بر وقت پچائي ويو ته به نقصانڪار آهي. ڇو جو هڪ دفعو جنهن کي چوريءَ جو مال ڦٻيو، تنهن جي ڏاٺ ان تي هري پوندي ۽ کانئس ٻيو ڪم ڪين ٿيندو. اوڻٽيهه راتيون چور جون ته ٽيهين رات ساڌ جي به ٿيندي. چور نيٺ چؤکنڀو پڪڙجي. اڳيون پويون سچيون ڪري. مال ته موٽائي پر ننگ ناموس به وڃائي.
مطلب: ۱. چوريءَ وارو سائو ڪين ٿيندو.
۲. بڇڙي ڪم کان پاسو ڪجي.
233- چُوڻو؛ نه اُوڻو. (چوڻي)
چُوڻو: چُوڻ، کاڌ خوراڪ، ڏيهاڙيءَ جو رزق.
اوُڻو: اُوڻ، اڻ پورو، کٽل، گهٽ.
دنيا ۾ ماڻهو چوڙي ماڻي اهو ٿو، جيڪي سندس ڪرم ۾ لکيل آهي. اهڙيءَ طرح کاڌو به اوترو کائي ٿو، جيڪو سندس نصيب ۾ لکيل آهي. ڪي ماڻهو گهڻو رزق هئڻ جي باوجود ڪن اڻ-ٽر سببن جي ڪري گهٽ کائيندا آهن. ڪي وري پنهنجو مال گهٽ هئڻ جي باوجود، هِتان هُتان آيل روزيءَ مان، گهڻو کائي ويندا آهن. کائيندا اوترو آهن، جيترو سندن نصيب ۾ لکيل هوندو آهي.
مطلب: ۱. نصيب ۾ لکيل رزق، گهٽ/ وڌ نه ٿيندو.
۲. دو چيز محالِ عقل است و خلافِ نقل؛
خوردن کم بيش از رزق مقسوم،
مردن پس پيش از اجل معلوم. (فارسي)
۳. ٻه شيون عقل کان اهنجيون ۽ آکاڻيءَ کان ابتڙ آهن؛
هڪ، لکيل رزق کان گهٽ يا وڌ کائڻ،
ٻيو، موت واري ڏينهن کان اڳي يا پوءِ مرڻ. (ترجمو)
234- چيريءَ آهر، پير ڊگهيڙجي. (پهاڪو)
چيري: سوڙ، ڪمبل، سيءَ کان بچاءَ لاءِ رات جو مٿان وجهڻ وارو اوڇڻ.
سوڙ، سيءَ کان بچاءَ طور مٿان وجهبي آهي. جيڪڏهن ماڻهوءَ جو قد، سوڙ کان وڏو هجي ته ضروري ناهي ته قد آهر ڊگهو ٿي سمهي ۽ سوڙ کان باقي عضوا ٻاهر ڪڍي ڇڏي. ائين ڪرڻ سان هڪڙا عضوا گرم ۽ ٻيا سرد ٿي پوندا. گرم-سرد ٿيڻ سبب، اڌ-رنگي وغيره جي بيماري پڻ ٿي سگهي ٿي. نند ۽ آرام، سڪون وارا نه ٿيندا.
مطلب: ۱. پنهنجي ڪمائيءَ آهر خرچ ڪجي. قرض کڻي، خوشحال زندگي نه گذاري سگهبي.
۲. سوڙ آهر پير ڊگهيڙجن.
۳. اپني پهچ وچار ڪي ڪرتب ڪرئي دوڙ،
تتي پير پسارئي، جتني لنبي سوڙ. (هندي)
۴. وِتَ سارو ڪم لاءِ ڊوڙ ڪجي،
ايترا پير ڊگهاڙجن، جيتري سوڙ هجي. (ترجمو)