لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ن

507- نانگ ريجهائڻ سولو، کرو ڪو ڳوهه ريجهائي. (پهاڪو)
نانگ کي، جوڳي آسانيءَ سان پڪڙي وٺندا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته نانگ، لِڪڻ لاءِ پنهنجي ڏر پاڻ نه کڻندو آهي. بلڪ ڪُئي وغيره جي کوٽيل ٻِرُ/ ڏر ۾ لڪندو آهي. پرائي ڏر ۾ لڪڻ ايترو آسان ناهي. جوڳي ڪوڏر سان ٻه چار لپا هڻي، يڪدم کوٽي وڃي هٿ ڪندس. پوءِ پڇ کان پڪڙي پوئتي ڇڪي، سندس ڏند ڀڃي ڇڏيندا آهن. مخصوص انداز ۾ ٺهيل ٽٻڻيءَ ۾ بند ڪري، گهربل وقت تي ڍڪ کولي، ٿوري ٺينشڙي سان جاڳائي، مرليءَ جي آواز تي کيس لهر هڻائيندا آھن. مرليءَ تي اهڙو هري ويندو آهي، ڄڻ جوڳيءَ جو مطيع هجي. ان جي ڀيٽ ۾ ڳوهه، ڊِٺي ۽ نٺر آهي. هڪ ته پنهنجي ڏر پاڻ کوٽي ۽ گهري کوٽي. جڏھن لڪي وڃي ته جوڳي يا ڳوهون جهليندڙ، سڄو ڏينهن مرليون وڄائين يا سڄي ڏر گُڏي اچن ته به کين هٿ نه اچي. ڇو جو سندس ڏر، هيٺ وڃي وري زمين جي سطح سان هموار ور وڪڙن سان کوٽيل هوندي آهي.
مطلب: ۱. نانگ ريجهائڻ سولو، کرو اهو جيڪو انسان ريجهائي.
۲. سلڇڻو ماڻهو، لڇڻ/ ڳڻ جلد سکي وٺي ۽ مٿن عمل پڻ ڪري. ڪلڇڻو ۽ ڳوهه، نه لڇڻ سکن نه ارڪان سڌارن.
۳. باران که لطافت طبعش خلاف نيست،
در باغ لاله رويد در شور خار وخس. (فارسي)
۴. مينهن جي موچارائيءَ ۾ ڪو ڦير نه آهي،
باغ ۾ پوي ته گل ڦٽن، ڪلر ۾ وسي ته ڪنڊا ڄمن. (ترجمو)

508- نانءَ چڙهيو واپاري، کٽيو کٽي کائي،
نانءَ چڙهيو چور، ڦاسيءَ اچي. (پهاڪو)
واپار ۾ واڻيي جو وکر نه وڪامندو آهي پر وڙ به وڪامندو آهي. جيڪو واپاري ساک پت وارو آھي ۽ ايمانداريءَ سان، چڱي شيءِ، مناسب اگهه تي توري ڏئي ٿو ۽ اوڌر جي ڪتاب ۾ غلط رقم نه ٿو چاڙهي ته هر ڪو سيڙجي به کانئس سودو وٺندو آھي. پنهنجا ته ٺهيو پر پراوا به اچي کانئس سودو وٺندا آھن. ان جي برعڪس، جيڪو دڪاندار، ڇڙٻن سان اگهه ٻڌائي، اڇلن سان توري ڏئي، سٽون ڏئي پئسا گهري/ وٺي، چهڙن سان قرض اوڳاڙي ۽ کنڌي جي ڪتاب ۾ ابتا سبتا انگ لکي، تنهن کان ٻيا ته ٺهيو پر پنهنجا سڳا مائٽ به سيڌو ڪو نه کڻـندا آھن.
۲. چور ڀلي کڻي ڪک جو هجي پر جڏهن بدنام ٿيو ته هر ڪو کانئس پيو ڇرڪندو. اهو مشهور ڪندس؛ “فلاڻو ڪک به نه ٿو ڇڏي!” ڪک نه ڇڏڻ واري بدنامي ايڏي آهي جو لکن جو چور، ليکي ۾ ئي نه ايندو آهي. جڏهن ماڻهو چور طور مشهور ٿيو ته جتي ڪٿي پيو جهلبو ۽ پاڻ کي به چور/ گنهگار ڄاڻي، ٻيا گناهه ڪرڻ جائز پيو ڀانئيندو. دل ۾ پيو چوندو؛ “گنهگار ۽ چور ته اڳيئي سڀڪو چوي ٿو، پوءِ ويهي بک مرڻ کان هٿڙي هڻي خوش ڇو نه گذاريان.” ائين ڪرڻ سان، پيو پوليس ۾ پڪڙبو ۽ ڀاڳين جي لعنت ملامت هيٺ ايندو.
مطلب: ۱. سيبتي واپاريءَ جو واپار گهڻو هلي. بدنام چور جتي ڪٿي پادر کائي.
۲. چڱ-مُڙسيءَ جي واٽ هلڻ وارو، جتي ڪٿي مان لهي. لچائيءَ ۾ پڌرو، هر هنڌ بي مانائتو.

509- ناڻو، جهڙي تاءَ سان گهُرجي، تهڙي تاءَ سان نڪري. (چوڻي)
مير صاحبن جي راڄ ۾، حسن شاهه تحصيلداريءَ جو ڪم ڪندو هيو. انهن ڏيهاڙن ۾، هڪڙي هاريءَ ڏي هڪڙو رپيو رائر/ ڍل جو رھيل هيو. تنهن کان مَنَ ڀاوَ سان گهري ٿڪو، ته به کيس نه پئي ڏنائين.
تڏهن کيس هڪ ڏينهن گهرائي، ماڻهن جي سامهون، زمين ۾ ڏرا کڻائي، سندس ٻانهون کڏ ۾ پوري، اس ۾ ويهاري ڇڏيائينس. مٿئون نِٽهڻ اُسَ، هيٺ ڌرتيءَ ۾ ٻانهون بند، مٿان ماڻهن جون ٽوڪون ۽ ڪوڪرا، تڏهن مس مس سڌو ٿيو. پٽڪي ۾ رپيو ٻڌل هئس، سو ڇوڙي ڏنائين.
“رپيو ساڻ هوندي، هيتري مار ڇو کاڌئي؟!” مٿئون رونشو ڏسڻ وارن منجهان، هڪڙي شخص پڇيس.
“اڙي يار!” دليل ڏيندي چوڻ لڳو؛ “متان رپيو ائين سمجهي ته ڪنهن گانڊوءَ جي هڙ ۾ هيس.”
تڏهن وري اتي ڪي عزت وارا به بيٺا هيا، جن لقاءُ پئي ڏٺو. هڪڙي رڄ اشراف کان رهيو نه ٿيو، تنهن حسن شاهه تحصيلدار کي چيو؛ “ٿوري ناڻي لاءِ ايترو مارڻ نه گهربو هيو.”
“ناڻو ٻئي کان ڪڍڻ ڪو سٿرو آهي.” شاهه صاحب به دليل ڏيندي چيس؛ “ناڻو جهڙي تاءَ سان گُهرجي، تهڙي تاءَ سان نڪري.”
مطلب: ۱. ناڻو هڙ مان ڇوڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
۲. مٿو ڀاڳو ساڄو ٿئي، روپيو ڀاڳو ساڄو نه ٿئي. (ٿري)

510- ناڻو ڏجي آڪرو، گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو. (پهاڪو)
آڪرو: ڪڙڪ نوٽ، مهانگو، جنهن جو ڳاٽ اوچو هجي.
گيهه ٻاڪرو: سادو، نه هئڻ برابر. گهٽ طاقت وارو.
ٻڪريءَ جو گوشت، ٻين مڙني پالتو جانورن جي گوشت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذائقيدار ٿيندو آهي. ٻاڪرو کير هلڪو ٿيندو آهي، جنهن ۾ سڻڀ گهٽ هوندو آهي. جنهن ننڍڙي ٻار کي، ماءُ جي ٿڃ نه لڳي يا پيٽ ۾ خرابي هجيس ته ان کي ٻاڪرو کير ڏيندا آهن. ٻاڪري کير جي لسي، ٻين لسين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ کٽي ٿيندي آهي. ولوڙڻ سان، مکڻ ڪو ذرو پرزو نڪري ته نڪري، نه ته نڪرندو به ناهي. جڏهن مکڻ نڪري ئي نه ته پوءِ گيهه ڪيڏانهن ٺهندو؟ اهڙي اڻ ٿيڻي شيءِ حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا پئسا سيڙائبا، تڏهن وڃي مس آنو اڌ يا پاءُ کن جڙندو. جڏهن ته ڳئون ۽ مينهن، ويلي تي ان کان وڌيڪ کير ذريعي گيهه مکڻ ڏين. اھڙي صورت ۾ ٻڪريءَ جي کير ۽ گيهه لاءِ پئسا ڇو سيڙائجن؟!
مطلب: ۱. مُلهه/ اگهه/ پئسا گهڻا ڏئي، شيءِ سادي نه وٺبي آهي.
۲. خدمت ايمان سان ڪبي، ته ڦل تمام چڱو ملندو.

511- ناڻو سو جو ڳنڍ، ٻاڻي سا جا ڪنٺ. (چوڻي)
ناڻو: ڌن، دولت، مايا.
ڳنڍ: هڙ ۾ ٻڌل، ساڻ هئڻ.
ٻاڻي: جيڪا پڙهي وڃي، علم.
ڪنٺ: ڪنٺو، موتين وانگر پوتل. دل ۾، ياد.
ناڻو، رائج الوقت سڪو هئڻ سبب، هر ڪم ۾ لائي سگهجي، پر جڏهن هٿ ۾ هجي. بئنڪ ۾ پيل يا ٻئي وٽ ڌراوت رکيل به دير سان ملڻ سبب ايترو ڪارائتو نه ٿئي، جيترو پنهنجي کيسي يا گهر ۾ رکيل ٿئي. مال ته ڪم اچي پر سون جيڪو زيور جي صُورت ۾ رکيل هجي سو به ڪم اچي. ڪنهن کي اڌارو ڏنل، وقت تي ته ڇا پر گهرڻ پڄاڻان سڄي عمر ۾ به نه ٿو ملي. اوڌر تي ڏنل شيءِ جو ڀروسو ئي نه ڪجي.
۲. اهڙيءَ طرح علم به اهو آهي جيڪو ماڻهوءَ جي سيني ۾ آهي. جيڪو ڪتابن ۾ آهي سو ڄڻ پرائو آهي ۽ ڪنهن ڪم جو ناهي. تعويذ يا دعا به اها اثر ڪندي، جيڪا دل ۽ زبان سان پڙهي وڃي. جيڪا ياد نه هجي ۽ پڙهجي ئي نه، سا ته ڪم نه ٿي اچي.
مطلب: ۱. ناڻو، ڳنڍ/ هڙ ۾ ٻڌل ڪم اچي ۽ علم سيني وارو ڪم اچي.
۲. علم همان نيست که در جلدِ ميش،
علم همان ست که در جلدِ خويش. (فارسي)
۳. اهو علم ڪارگر ناهي، جيڪو چمڙي جي پوستين ۾ آهي،
علم اهو ڪارگر آهي جيڪو پنهنجي چم/ سيني ۾ آهي. (ترجمو)

512- ناڻو، نر چتو ڪري. (چوڻي)
ناڻو: دولت، پئسو.
معاشرتي زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي اندر ڪم ڪاريون پون ٿا پيا. مفت ۾ ڪير به ڪنهن جو ڪم نه ٿو ڪري. موٽ ۾ کيس معاوضو ضرور کپي. معاوضو ڪيترو هئڻ گهرجي؟ ان لاءِ ضرور ڪا ڪَٿَ ماپ هئڻ گهرجي. ڪم جي بدلي ڪم، شيءِ جي بدلي شيءِ، جنس جي بدلي جنس تڏهن ٿي سگهندي، جڏهن وٺڻ واري کي ضرورت هجي ۽ ڏيڻ واري وٽ واڌارو هجي. جيڪڏهن منجهانئن ڪنهن هڪ وٽ ڪمي هوندي ته سودو نه ٺهندو.
تنهنڪري ڪار-وهنوار کي هلائڻ لاءِ، وچئون اهڙو سڪو رائج ڪرڻ ضروري هيو، جيڪو مڙني ڌرين کي قابل قبول هجي، سو ھيو ناڻو. سون ۽ چاندي، نوٽ ۽ بانڊ وغيره، ناڻي جا مختلف روپ آهن ۽ سمورا رائج الوقت آهن.
نتيجي طور هر ڪم ناڻي سان ڇٽندي نظر اچڻ لڳو. ڪن ماڻهن جو ته ايمان ئي وڃي پيسي تي بيٺو ته جي اهو هوندو ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سر ٽوڙ ڪوششون ڪن ٿا. ايستائين جو ڪريل ۽ ڪڌا ڪم به ڪرڻ لڳن ٿا. مڙس ماڻهو به، ناڻي کي حاصل ڪرڻ لاءِ، بري ڪم ڪرڻ کان ڪيٻائين نه ٿا.
مطلب: ۱. دولت، اڻ ناين کي نوائي ڇڏي.
۲. هر که زر ديد سر فرود آيد، ور ترازوي آهني دوش است. (فارسي)
۳. جنهن به ناڻو ڏٺو، تنهن مٿو نِوايو،
توڙي لوهن مٿن واري ساهمي ڪلهن تي پوي. (ترجمو)

513- نچڻ هلي ته گهونگهٽ ڪهڙو؟ (پهاڪو)
گهونگهٽ: منهن ڍڪڻ.
منهن ڍڪڻ يا پردو ڪرڻ، ستر واري عورت کي جڳائي. ڇو جو چهرو، هٿ ۽ پير، لڪائڻ جهڙي شيءِ ناهن. گهر ۾ مٽن مائٽن آڏو، اهي عضوا ظاهر ئي رهن ٿا. تنهن هوندي به غير مرد جي آڏو چهرو لڪائڻ چڱو ڪم آهي. نظر ملڻ سان يا چهري تي نظر پوڻ سان، مرد جو عورت ڏانهن ڌيان فطري طور کڄي ويندو آهي. جڏهن ته عورت، ٻين نسواني عضون جي ساخت ۽ رنگت سبب پرڪشش ٿيندي آهي. نچڻ مهل، تماشبينن آڏو، ٺمڪائڻ سبب، انهن عضون جي نمائش ٿئي ٿي. جيڪي عضوا لڪائڻ اشد ضروري آهن، سي نه لڪيا ۽ چهرو لڪيو ته پوءِ ڪهڙو پردو ٿيو؟
راڳ ۽ ناچ جو ھنر، انھن عضون جي نمائش سان ئي ڏسڻ وارن کي وڻي ٿو. گهونگهٽ واري صورت ۾، نه راڳ ٻڌڻ ۾ ۽ بگ وري ناچ ڏسڻ ۾ مزو ايندو. نه ئي وري نرتڪي ڍڪيل چهري سان پرڪشش expressions & performance ڏئي سگهندي.
مطلب: ۱. گندو ڪم ڪجي ته نروار ٿي ڪجي، ته جيئن اشرافن ڏانهن، اهڙي ڪم جو شڪ يا گمان نه وڃي.
۲. جيڪو درويش، دنيا جا ڌنڌا ڇڏي، ڌڻيءَ جو ڳولائو ٿيو آهي، تنهن کي هاڻي دنيا جي ڪمن جي گلا ڪرڻ جي ڪهڙي ڳڻتي آهي.

514- نه ڏي، نه ڏکوءِ. (چوڻي)
هن جڳ ۾ جيئڻ وارن لاءِ لازمي آهي ته آرام-ده زندگي گذارڻ لاءِ، هڪ ٻئي سان ربط ۾ رهن. هڪ ٻئي جي ڪم اچن. هڪڙا ڪم هڪ ٻئي ۾، انفرادي پون ٿا ٻيا اجمتاعي. اجتماعي ڪمن ۾ ته هڪ ٻئي جي مدد ڪجي پر انفرادي ڪمن ۾ پڻ ڪجي. اجتماعي ڪم آهن، ڳوٺ راڄ يا قوم ملڪ جي اخلاقي فلاح و بهبود، ملڪي سرحدن جي حفاظت، معاشري جي معيشت ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوششون.
انفرادي مدد ۾ انهن ڪمن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ آهي، جيڪي ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي ذات کي فائدو ڏين ٿا. ائين ڪرڻ سان به موٽ ۾، پاڻ سان مدد ٿيندي. اها مدد بي بها ۽ قيمتي هوندي آهي.
ان جي برعڪس جيڪڏهن مدد نه ڪجي يا ڪرڻ جي لائق نه ٿي سگهجي ته چُپ ڪري ويهجي. هروڀرو ڪنهن سان کينس نه ڪجي ۽ نه ئي ڪنهن کي رنجائجي. اجتماعي نقصان ته نه ڪجي پر ڪنهن کي انفرادي طور به نقصان نه ڏجي. موٽ ۾ جيڪو پاڻ کي نقصان ملندو، ان سان پيڙهيون پيون لوڙ لوڙينديون.
مطلب: ۱. ڏيڻ چڱو آهي، پر جي ڏئي نه سگهجي ته ڏکوئجي نه.
۲. چيزي مدهِ درويش را، چيزي مگو درويش را. (فارسي)
۳. فقير کي ڪا شيءِ نه ڏين ته، فقير کي ڪا شيءِ چؤ به نه. (ترجمو)
۴. نه ڏين ته ڏکوءِ به نه.
۵. ڏين نه، ته ڏکوءِ به نه.

515- نه ڪتڻ، نه ڪوريءَ جي ڪاڻِ ڪڍڻ. (ورجيس)
جڏهن ڪپڙي جا ڪارخانا نه هيا، تڏهن ڪوري آڏاڻن تي ڪپڙو اڻندا هيا. ڪپڙي اڻڻ لاءِ، کين سُٽُ درڪار هوندو هيو، جيڪو تُڻايل ڪپهه مان جوڙبو هيو. اهو سُٽُ، ڌاڳن جي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ، وري ڪي عورتون گهرن ۾ مُلهه تي ڪتينديون هيون. واڻيي يا ڪوريءَ وٽان ڪپهه جا ڦورا آڻي، گهر ۾ سُٽ ڪتينديون هيون، پوءِ ان جي محنت يا قيمت وٺي واڻيي يا ڪوريءَ کي واپس ڪنديون هيون.
جيڪي سُٽ ڪتينديون هيون، تن جو مهاڳو ڦري گهري ڪوريءَ سان پڻ پوندو هيو. واڻيي کي وِڪيل سُٽُ، جڏهن ڪوريءَ وٽ پھچي ۽ ڪوري جيڪڏهن منجھانئس ڪو عيب ڪڍي ته وري به ڪتيندڙ کي وٽس پيش پوڻو پوي. جيڪڏهن ڪوريءَ کان محنتاڻي عيوض، سڌو سنئون کنيل هجي ته به ڪوريءَ جي ڪاڻِ/ محتاجي ضرور ڪڍڻي پوي. ڪوري ٿيو معتبر ۽ ڪتڻ وارو ٿيو، سندس محتاج. جيڪي موراڳو سُٽ ڪتڻ ئي نه ڄاڻنديون هيون، تن کي ڪوريءَ جي آڏو سائين سائين نه ڪرڻي پوندي هئي.
مطلب: ۱. محنتاڻي عيوض ڪم ڪندڙ کان، آڏي پڇا ٿئي.
۲. بڇڙي ڪم کان پري رهندڙ کي، آڏي پڇا جو ڊپ يا اونو نه رهي.
۳. ڊڄي اهو جيڪو، ڪتي. ڇو جو اڳيان توريندڙ تارا ڦاڙيو ويٺا آهن.
۴. نه ڪتي، نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍي. (ورجيس)
۵. نه ڪتيان، نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍان. (ورجيس)
۶. آن را که حساب پاک ست از محاسبه چه باک؟ (فارسي)
۷. جنهن جو ليکو چوکو آهي، تنهن کي ليکي وٺندڙ جو ڇا ڊپ؟ (ترجمو)

516- نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لاءِ، نه پنهنجو پَٽُ پڻاءِ. (پهاڪو)
پَٽُ پڻائڻ: پَٽَ جي ڪپڙي کي بڇڙو چوائڻ.
کٿو، اُن يا ڏاس مان جڙي ٿو. تمام گهڻو کهرو هوندو آهي. منجهس پيل وارن جون تُهون به ڪڏهن ڪڏهن نرم جسم کي تڪليف ڏينديون آهن. ان جي ڀيٽ ۾ پَٽُ تمام نرم ۽ چلڪيدار ڪپڙو ٿئي ٿو. نرم ۽ نازڪ بدن تي وڌيڪ ٺهي به ٿو ۽ آرام-ده پڻ آهي.
پراڻي شيءِ آخر پراڻي آهي. جيڪڏهن ان جي گلا ڪبي يا ان کي نقصان ڏبو، پوءِ ڀلي کٿي وانگر کهري ۽ بي سري هجي پر، اڳلي کي دل ۾ ضرور ڏک ٿيندو. موٽ ۾ هو به بدلو وٺڻ چاهيندو ۽ سوچي سوچي اسان جي ان شيءِ تي حملو ڪندو، جنھن سان اسان کي گهڻو نقصان رسي. اهو وري، کٿي بجاءِ اسان جي پَٽ کي پيو لوئيندو.
مطلب: ۱. ٻين سان اڍنگو نه ڳالهاءِ ته جيئن ڪو تو سان اڍنگو نه ڳالهائي.
۲. تون ٻئي ڪنهن جو مانُ نه لاههِ ته جيئن هو به تنهنجو مانُ نه لاهي.
۳. تنهنجو مانُ، تو وهيڻو آهي. تنهنجو مانُ، تنهنجي هٿ/ وس آهي.
۴. چه نيکو زده است اين مثل برهمن،
بود حرمت هرکس از خويشتن. (فارسي)
۵. ڪهڙو چڱو مثل ٻانڀڻ چيو آهي،
سڀ ڪنهن جو مانُ، پاڻ وهيڻو آهي. (ترجمو)

517- نه ڪنهن کي عقل منجهايو آهي،
نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آهي. (چوڻي)
۱. هڪڙي گندي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾، ڪجهه ڏيڏريون گڏ ٿي ويٺيون هيون. وهنتيون به پئي ته ڪچهري به پئي ڪيائون. منجهانئن ڪنهن، هڪڙيءَ حور جي باري ۾ ذڪر ڇيڙيو. ٻيءَ پڇيس؛ “حور ڇا آهي؟”
پهرينءَ ڏيڏريءَ چيس؛ “چون ٿا ته ڏاڍي سهڻي هوندي آھي!”
“اسان کان به وڌيڪ سهڻي هوندي ڇا؟” ٽينءَ وچ ۾ ٽپڪو ڏيندي پڇيو.
“اسان کان وڌيڪ وري ڪهڙي سهڻي هوندي؟” چوٿين، جيڪا اوچتو ويجهو آين، سا ٽينءَ جو پڙلاءُ ڪن تي پوندي، پڇڻ لڳي.
“نه ادي! اسان کان وڌيڪ وري ڪهڙي سهڻي هوندي!” پنجينءَ وچ ۾ ڇپڙڪو ڪڍيو.
گهڻو بحث ۽ گيڙ-بگيڙو ٿيو. معاملو اڇو نه پئي ٿيو ته هڪڙيءَ وچ ۾ چيو؛ “اسان جڏهن هيونسين ته پوءِ اهڙين حورن جي جوڙڻ جو کپ ڪهڙو؟ خوامخواهه اسان اچي سندن بحث ۾ منجهيون آهيون.”
۲. ڏيڏريون به جڏهن پنهنجي پاڻ ۾ ڪچهريون ڪن ٿيون تڏهن پاڻ کي حسين سمجهن ٿيون ۽ ڪنهن معاملي تي ڊگهو بحث ڪري، پاڻ کي عقل وارو به سمجهن ٿيون.
مطلب: ۱. هر ڪو ڄاڻي ٿو ته حسن ۽ عقل، مون کان پوءِ دنگ آهي.
۲. عقل ۽ حسن عارضي شيون آهن. اڄ آهن، سڀاڻي ناهن. اڄ ناهن سڀاڻي ٿي پون ٿا. وري ختم ٿي وڃن ٿا. انهن عارضي شين تي نه ڀروسو ڪجي ۽ نه منجهن الجهي، دنيا جا ٻيا ڪار-وهنوار چٽ ڪجن.
۳. گر از بساطِ زمين عقل منهدم گردد،
بخود گمان نه برد هيچ کس که نادانم. (فارسي)
۴. جيڪڏهن سڄيءَ ڌرتيءَ تان عقل ناس ٿي وڃي،
تڏهن به ڪو پاڻ ۾ شڪ نه آڻيندو ته مان ڪو اڄاڻ آهيان. (ترجمو)

518- نڪي پاراتن ۾، نڪي منجهه دعا،
انگ اڳيئي لکيا، پاڙڻ پوءِ پيا. (چوڻي)
انسان جو نصيب، هڪ ڏينهن لکجي چڪو آهي. جن قلمن نصيب لکيو، سي هن دنيا جي ٺهڻ کان ڪافي اڳ، خشڪ ٿي چڪا آهن. هاڻي اهو نصيب ڊهي، ٻيو نه ٿو ٿي سگهي.
پٽ ۽ پاراتا، دعائون ۽ ڦيڻا، تعويذ ۽ سڳا وغيره به نصيب ۾ لکيل هوندا ته پوندا ۽ اثر به لکيل هوندو ته ٿيندو. جيڪڏهن ناهي لکيل ته نه ٿيندو. ڪڏهن به کانئن نه ڀانئجي. وري به مالڪ کان ڀانئجي. کيس ئي ٻاڏائجي.
مطلب: ۱. نصيب ۾ لکيل انگ پڙندو، ٽرندو ڪين.
۲. نصيب تي جيڪڏهن ڪير راضي رهيو ته به لوڙيندو، ڏک-ڀرو ٿيندو ته به ڀوڳيندو.
۳. قضا دگر نشود گر هزار ناله و آه،
به شکر يا به شڪايت برايد از دهني. (فارسي)
۴. لکيو ڪين ڦري، ڀلي هزار دانهون، ڪوڪون،
شڪر يا شڪايت سان، ڪنهن وات مان نڪرن. (ترجمو)

519- نڪي دٻگرن مال ميڙيو، نڪي سرهيا بک مئا. (پهاڪو)
دٻگر: مئل ڍور تان چمڙو لاهي سڪائڻ وارا، سوچي، ڍيڍ، چهڙا، شڪاري.
سرهيا: مشڪ ۽ عنبر جي ڪرت ڪرڻ وارا.
دٻگر ۽ سرهيا، ڌنڌي پويان سڏجندڙ ذاتيون آهن پر سندن ڪرت مختلف آهي. دٻگرن جي ڪرت ڪني آهي. سدائين “مفت جي مال تي” يا “الله جي ماريءَ” کي ڳوليندا وتن ٿا. سدائين نوس نوس ڪندا ۽ ڪمائيءَ لاءِ ووڙون ڏيندا وتندا آهن. تڏهن به مال ڪو نه ميڙيائون.
ان جي ڀيٽ ۾ سرهيا وري سڳنڌ واري ڪرت ڪن ٿا. آيو ويو خريد نه به ڪري ته به مفت ۾ وٽانئن واس وٺي وڃي ٿو. انهيءَ مفت ورهائڻ واري ڪار سان، سڃا ڪين ٿا ٿين. اهي به دنيا ۾ هلندا چلندا وتن ٿا ۽ پيٽ-گذر ٿئين ٿو پيو.
مطلب: ۱. جيڪو چوريءَ/ ڪپت/ ٺڳيءَ مان گهڻو ناڻو ڪمائيندو، تنهن وٽ به سدائين ڪين هوندو ۽ جيڪو ڀل-مانسائيءَ جي ڪرت مان ٿورو ٿورو گڏ ڪندو سو به بک ڪين مرندو.
۲. روزي رزق، ٿوري ڪي گهڻو، هر ڪنهن کي مليو وڃي.

520- ننڍڙي مري نه مايڙي، ٻڍڙي مري نه جوءِ،
ڪنت چوڙيلي نا مري، مت جهڻڪ وهيڻي هوءِ. (چوڻي)
مايڙي: ماءُ.
ٻڍڙي: ڪراڙپ ۾.
ڪنت: مڙس.
چوڙيلي: جوان جوءِ.
جهڻڪ-وھيڻي: طعنن تنڪن ھيٺ.
۱. ٻچي جي سار سنڀال، ماءُ کان وڌيڪ ڪير به نه ٿو ڪري سگهي. ڄمڻ وقت، ٻار ايترو ڪمزور هوندو آهي جو ڪاڪوس به پِئي پِئي پيو ڪندو آهي. کائڻ لاءِ فقط پٽڙي شيءِ، سا به کير جهڙي خوراڪ، گهرجيس. اهي سڀ ڏاکڙا ماءُ ڪري سگهي ٿي. ٻي عورت به نه ٿي ڪري سگهي. ڇو جو ماءُ جي سيني ۾ اهڙو لطيف جذبو رکيل آهي، جو اها جڏهن ٻار جي اوئان اوئان ٻڌي ته سڄي لرزي ٿي وڃي. جيستائين ٻچڙي جي خدمت نه ٿي ڪري ته قرار نه ٿو اچيس. ٻارائپ ۾ ماءُ مئي ته ڄڻ ماڻهو/ ٻار، پاڻ مري ويو.
۲. ڪراڙپ به ٻيو ٻار-پڻو آهي. ائين به چيو اٿن؛ “ٻڍاپو، ٻيو ٻالپو.” ان ۾ به ماڻهو ڪمزور ٿي ٿو وڃي. انساني حاجات لاءِ به اٿڻ ويهڻ کان هلاک ٿي ٿو پوي. بستري تان اٿي ڪاڪوس ۾ وڃڻ جيتري به منجهس ڪڏهن ڪڏهن سڪت نه هوندي آهي. لڱائيءَ چڱائيءَ ۾، اوگهڙ سوگهڙ، جتي عورت سا به زال ڍڪيندي، اتي ٻيو مرد ته ڇا پر سڳي ماءُ، ڀيڻ يا ڌيءَ به نه ڍڪي سگهندي. اهڙيءَ صورت ۾ زال مري وڃي ته ماڻهوءَ لاءِ ڄڻ دنيا مري وئي ۽ ڪاري قيامت ٿي وئي. ڪراڙي کي هاڻي ٻي زال ملڻ به ممڪن ئي نه آهي.
۳. هڪڙو ته مڙس ڳولھڻ سان به ڪو نه ملي. وري جي ملي ۽ جوانيءَ ۾ مري وڃي ته عورت ويچاري ڪيڏانهن جي به نه رهي. ٻار ناھي ته به زندگي گذارڻ عذاب. ٻار آهي ته به کيس پالڻ جهنم کان گهٽ نه. ٻيو مڙس ڪري ته ٻار لاءِ ويل، نه ڪري ته پاڻ لاءِ ويل. ري-اولادڻ هجي ۽ ٻيو مڙس وٺڻ چاهي ته ڇڙو ڇانڊ گهٽ پر شادي شده سو به ري-اولاديو مس خيال ڏيکاريندو. تنھن ھوندي به جهڻڪن ۽ سهمن ۾ هوندي؛ “اڳيون مڙس ماريو اٿئين. ٻئي جو خدا خير ڪري!”
مطلب: ۱. زندگيءَ جي ٻن مرحلن ۾، مرد کي عورت جي ضرورت آهي. ٽئين ۾ وري عورت کي مرد جي.
۲. ٻار ماءُ کانسواءِ ڇورو، جوان عورت مڙس کان سواءِ اڀاڳڻ، ڪراڙو مڙس زال کان سواءِ نڌڻڪو ۽ اٻالو.

521- ننڍي وات مان، وڏو ويڻ نه ڪڍجي. (چوڻي)
ويڻ: مهڻو، طعنو، بڇڙو گفتو.
وات جي اندر هڪڙو گوشت جو ٽڪرو آهي، جنهن کي زبان ٿو چئجي. آهي ننڍڙي پر ڪم تمام وڏا اٿس. تلوار جو ڌڪ گسي وڃي پر زبان جو ڌڪ نه گسي. گهڻي دير تائين ۽ دل تائين گهرو اثر ڪري. جيڪڏهن اهو عضوو سڌري وڃي ته ڄڻ پورو انسان سڌري وڃي. اهو نه سڌري ته ڄڻ پورو انسان بگڙي وڃي. انهيءَ سان ئي ٻين جي دل وٺجي ٿي، انهيءَ سان ئي ٻين جي دلين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽجي ٿو. جيڪڏهن اها هڪڙي پنهنجي ڪنٽرول ۾ هجي ته انسان لاءِ جيئري ئي جنت آهي.
مطلب: ۱. زبان مان گفتو ڪڍڻ وقت، صبر جو دامن نه ڇڏجي.
۱. زبان آهي ننڍڙي، پر ڄاڻِ وهِ جي ڳنڍڙي.
۲. زبان ننڍڙي نه ڄاڻ، بلڪ وه جي ڳنڍڙي ڄاڻ. کلئي کان پوءِ اڳلو به چٽ ته ڳالهائڻ وارو به چٽ.
۳. اها ئي زبان اس ۾ ويهاري، اها ئي زبان ڇانءَ ۾ ويهاري.
۴. زبان شڪل زنان دارد، زنان را ستر درکار ست،
شکستن ستر مستورات، به پيش عاقلان عار ست. (فارسي)
۵. زبان ۽ زنان، لفظن جي شڪل ساڳي آهي،
زن کي ستر گهرجي.
ستر وارن جو ستر ڀڃڻ، سياڻن آڏو عيب/ ويڪ وارو آهي. (ترجمو)
۶. زبان ۽ زنان ۾ حرفن جي صورت ساڳي آهي، رڳو هڪڙي نقطي جو ڦير آهي. هڪ ۾ هيٺ ته ٻئي ۾ مٿي آهي. تنهن ڪري ٻنهي کي ڍڪڻ ضروري آهي.

522- نُهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو وجهجي؟ (پهاڪو)
شيون، ساخت جي حساب سان ٽن قسمن جون ٿينديون آهن؛ نرم، سخت ۽ وچٿريون. سخت شيءِ جهڙوڪ؛ هڏي واري گوشت وغيره کي وڍڻ لاءِ، ڪات ڪم اچي. نرم شيءِ جهڙوڪ؛ ماني يا کاڌي پيتي جي ڪا رڌل شيءِ، سا هٿ سان ئي ڀڃي سگهجي. وچٿريون شيون جهڙوڪ؛ ميوو ۽ سبزي وغيره، ڪاتيءَ پائڻ سان وڍڻ ۾ چڱيون لڳن.
هاڻي جيڪڏهن ڪنهن کي ماني کائڻي آهي يا رڌل وڏي ٻوٽي کائڻي آهي، ان لاءِ به ڪاتيءَ جو انتظار ڪري ته پوءِ انتظار ئي پيو ڪندو، ڇو جو اهي شيون نُهن سان ڇڄي سگهن ٿيون.
مطلب: ۱. جيڪو ڪم آهستي ۽ ٿورڙن لفظن ڳالهائڻ سان ڇٽي، تنهن لاءِ ڏاڍيان ۽ گهڻو ڳالهائڻ نه گهرجي.
۲. اگر مي بر آيد به نرمي وهوش،
به تندي و خشم و درشتي مکوش. (فارسي)
۲. جيڪا شيءِ ڪنئرائپ ۽ ڏاهپ سان ٿئي ٿي،
اها تک، ڏمر ۽ ڏاڍ سان نه رٿ. (ترجمو)
۳. جيڪا نهن سان ڇڄي، تنهن تي ڪاتي نه وجهجي.
۵. ڀيٽيو: ڳڙ سان مري ته زهر ڇو ڏجيس.

523- نون ميهارن مينهون ڌاريون،
کٿا لاهي، دونهيون ٻاريون. (پهاڪو)
ميهار: مينهون ڌاريندڙ، مينهن جي وٿاڻ وارا.
مينهن جي وٿاڻ ۾، گاهه پٺو يا ٻاٽ/ ڏارو گهڻو آڻبو آهي. اتي وري مينهن جو ڇيڻو ۽ موٽانگي جي ڇر به گهڻي ٿيندي آهي. جنهن تي مڇر ۽ ٻيا جيت جڙا تمام گهڻا ٿيندا آهن. انهن جي لاءِ ترت ۽ سهنجڙو ڪم آهي؛ اتي موجود آڊوکن ڇيڻن مان دونهيون ڪري، مڇرن کي ڀڄائڻ ته جيئن مال ڀٽارو ۽ ميهار آرام سڪون سان رهي سگهي. ان جي برعڪس، جيڪي ماڻهو نئينءَ مان ميهار ٿيندا آهن، سي ڪجهه شوق ۾ ۽ ڪجهه وڏائيءَ کان، ڇيڻن جي دونهين کان پيا ٽهندا ۽ ڇرڪندا آهن. تنهنڪري پاڻ کي اوڙهيل کٿا پيا مينهن کي اوڍائيندا آهن يا انهن جو دونهون ڪري پيا کين مڇرن کان بچائيندا آهن.
مطلب: ۱. نئين يا نو-آزموده يا اڻ-پڙهيل ماڻهوءَ سان ڪار-وهنوار سوچي سمجهي ڪجي. منجهانئس فائدي جي اميد گهٽ رکجي.
۲. غير تجربيڪار ماڻهو، ابتا ڪم ڪندو آهي.
۳. اڻ-آزمودگار، ڦٽڪيءَ کي مصري ۽ لوڻ کي کنڊ پيو ڄاڻندو آهي.
۴. نئون ملو، ڏاڍيان ٻانگ ڏئي.
۵. نئين ڏائڻ، ڳئيءَ ڏانهن ساهه ڪڍي.
۶. نئين کدڙي، طبلي جو زيان.
۶. ڀيٽيو: نئين سنياسڻ، چيلهه ۾ جٽائون.

524- نئن به تکي، ڳڙ به مٺو. (ورجيس)
هڪڙي ماڻهوءَ کي، هڪڙي دوست ڳڙ جو آسرو ڏنو هيو، تنهن لاءِ گهران سنڀري نڪتو. واٽ تي کيس هڪ نئن پار ڪرڻي هئي. ڇو جو سندس دوست جو ڳوٺ ۽ ٻني ٻارو، نئن جي پراڙ/ پار هيو. جڏهن نئن وٽ پهتو ته ان ڏينهن تازين بارشن سبب، نئن جي وهڪري ۾ ڏاڍي تيزي هئي. نئن کي ڏٺائين ته دل دهلجي ويس. وري ڳڙ ڏي ڌيان ويس ته اهو به ڏاڍو مٺو لڳس. نئن ۾ گهڙيو پئي ته جان وڃڻ جو خطرو پئي ٿيس. نئن جي مٿان بيهي، نئن جي وهڻ ۽ ڳڙ جي نه ملڻ جو ڏاڍو ارمان کاڌائين. روح نه مڙيس ۽ ور ڪُنجي نئن پار ڪرڻ لڳو. نئن جو پاڻي ڇوٽ هيو، سو کيس کنيو ويو. هڪڙي وڪڙ ۾ وڃي سٽيائينس. تيستائين هڪڙو تارو همراهه به سندس مدد لاءِ پهچي ويو. تنهن اچي ڇڪي ٻاهر ڪڍيس ۽ چيائينس؛ “ڏٺئه پئي ته نئن تکي آهي ته پوءِ ڇو گهڙئين؟”
“تو واري ڳالهه سچي آهي.” سهڪندي وراڻيائينس؛ “نئن به تکي آهي پر ڳڙ به ته مٺو آهي.”
مطلب: ۱. مايا، جنهن وٽ آهي سو اڃا هٻڇ وگهي ڏک ٿو ڏسي، جنهن وٽ ناهي سو ڏک ۾ موڙهو وتي، وچئون ڌڻي ٻنهي کي ياد ناهي.
۲. اگر تونگر باشي، مشتغل شوي بمال،
اگر درويش شوي، تنگ دل نشيني بمال،
پس حلاوتِ ذکرِ حق کجا يابي،
و به عبادتش که شتابي. (فارسي)
۳. جڏهن ونهيون هئين ته مال ۾ ريڌين،
جڏهن فقير ٿئين ته اڻ تڻ ۾ موڙهيل سوڙهيل هئين،
پوءِ ڌڻيءَ جي يادگيريءَ وارو سواد ڪٿان لهندين،
سندس بندگيءَ ڏي ڪڏهن ڊوڙندين!؟ (ترجمو)

525- نئين سنياسڻ، چيلهه ۾ جٽائون. (پهاڪو)
جٽائون: هندو مذهب جا سنياسي فقير، مٿي جي وارن ۾ بَڙ جو کير ۽ رک وجهي، نوڙن وانگر وٽي مٿي تي ويڙهين، تنهن کي جٽائون چئبو آهي.
مٿي جا وار مٿي تي ئي ويڙهبا ته کڻڻ ڪرڻ، هلڻ گهمڻ ۾ سهنجا لڳندا. جيڪا به سنياڻين ٿيندي آهي، سا گروءَ جو اپديش وٺي جٽائون ڇڏيندي آهي. حسب روايت ٻين سنياسين کان سکي ڪري مٿي تي ويڙهي ڇڏيندي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ نئين ۽ اڻ آزمودگار يا پنهنجي منهن سنياسڻ ٿيڻ واريءَ کي ڪا به ڄاڻ نه هوندي آهي. تنهنڪري جيئن جيءَ ۾ ايندو اٿس، تيئن پئي ڪندي آهي. مٿي جي بدران لڙڪندڙ جٽائون، چيلهه ۾ ويڙهي پئي پاڻ کي اجايي بار کان آجو ڪندي آھي.
مطلب: ۱. دنيا توڙي دين جو هر ڪم، گروءَ/ استاد/ مرشد جي ڏسيل واٽ ڌاران نه ڪجي.
۲. جي سوَ چنڊان اُگوي، سورج چڙهن هزار،
ايتري چانڊاڻ هونديان، گور بن گهور انڌار. (گرو نانڪ صاحب)
۳. جيڪڏهن سؤ چنڊ ۽ هزار سج کڻي اڀرن،
ايتري چانڊاڻ ۽ سُهائي/ سوجهرو ٿئي ته به گروءَ بنا ڪاري اوندهه آهي. (ارٿ)
۴. نئين نائڻ، بانس جو نهيرڻ.
۵. نئون ملو، ڏاڍيان ٻانگ ڏئي.
۶. ڀيٽيو: نون ميهارن مينهون ڌاريون، کٿا لاهي دونهيون ٻاريون.

526- نيچ نوڪري، اتم کيتي، وڌنت واپار. (چوڻي)
ماڻهوءَ کي زندگي گذارڻ لاءِ، کاڌ خوراڪ، لٽي ڪپڙي ۽ جاءِ جڳهه جي ضرورت آهي. جيڪو ماڻهو زمين سان محنت ڪري ٿو، ان وٽ مال متاع، جاءِ جاڳاهه، ٻني ٻاري تي ئي ٿيو وڃي. مند تي فصل ڦاڙي اچي ۽ ڪاٺي ڪلي به مفت مليس. ڀاڄي ڀُتي به محنت ڪري ته گهر ويٺي ملي وڃيس. پرديس جي ڏاکڙن جي، يا ڪنهن کي سائين سائين ڪرڻ جي، کيس ضرورت نه ٿي پوي. ملڪ ۾ نوٽ ڇپجي ٿو يا نه، حڪومت ساڳي آهي يا مٽجي وئي، انهن ڳالهين جو مٿس ڪو اثر نه ٿو پوي.
ان جي ڀيٽ ۾ واپار اندر پئسو پنجڙ ته جام ملي ٿو، جنهن سان زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. جڏهن ته واپار ۾ لاها چاڙها، رولھڙا، پرديس جي سفر جا ڏاکڙا ۽ گراهڪن جون لايون چايون به آهن. ڪو اوڌر رکائي کائي ويو، ڪٿي بارش يا باهه سان مال کي آڻيندي نيندي يا ٺڪاڻي لڳائيندي ڇيهو رسيو ته واپاري ڍيري.
پنڻ واري جي ڌنڌي ۾ ڪا سيڙپ ناهي. البته ماڻهوءَ جي چهري جو نور نڪري ٿو وڃي. گهرڻ ڌاران، اڳلو خيرات ڏئي يا نه. مورڳو چهڙون به ملي سگهن ٿيون. ٻيو پنڻ وارن کي اها شيءِ ملندي آهي جيڪا مالڪن جي دل تان لٿل هوندي آهي. ان جي حيثيت اها ناهي، جنهن سان دل کي راحت ملي.
نوڪريءَ ۾ مهيني تي پگهار ملي ٿي. ڀلي ڏڪر پوي، ٻوڏ اچي يا مينهن وسي، مهيني تي معاوضو مليو وڃي. جنهن سان ضروريات زندگيءَ جون شيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. اهو به تڏهن جڏهن مٿيان صاحب راضي هجن. مٿيان رشوت، سفارش ۽ سائين سائين ڪرڻ کان سواءِ راضي ڪين ٿيندا آهن. نوڪريءَ واري کي غرض پوري ڪرڻ لاءِ، سندن آڏو نيچ ٿيڻو پوندو آھي.
مطلب: اتم کيتي، وڌنت واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.
۲. نان جُوي خوردن، و بر زمين نشستن،
بہ که کمر زرين بستن و در خدمت سلطان ايستادن. (فارسي)
۳. جون جي ماني کائي ڌرتيءَ تي ويهڻ،
سوني ترار ٻڌي راجا آڏو خدمت ۾ بيهڻ کان ڀلو آهي. (ترجمو)
۴. نوڪري، گند جي ٽوڪري.