لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ٿ

110- ٿڌو گهڙو، پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائي. (پهاڪو)
جنهن دلي ۾ پاڻي سگهو يا گهڻو ٺري، تنهن کي ٿڌو گھڙو سڏبو آھي. جيئن ته منجھانئس ٿڌي پاڻي ملڻ وارو فائدو حاصل ٿئي ٿو، تنھنڪري ھر ڪو سندس قدر ڪندي، کيس پاڻ-مرادو ڇانو ۾ رکي ٿو ته جيئن منجھس پيل پاڻي ٿڌو ئي رھي.
مطلب: ۱. جيڪو ماڻهو اشرافت ۽ ايمانداريءَ، وفاداريءَ ۽ نمڪ حلاليءَ سان هلندو، تنهن کي سڀڪو آڌر ڏيندو.
۲. پنهنجو مانُ، سڀ ڪنهن کي پنهنجي وس آهي.

111- ٿورو ڏسي ارهو نه ٿجي،
گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي. (پهاڪو)
سک ۽ ڏک، سڀ ڌڻيءَ جي پاران آھن. پاڻ-مرادو يا ماڻھوءَ جي ارادي سان نه ٿا ٿين. کين مالڪ پاران ئي ڄاڻڻ گھرجي. نه ئي سک جي ملڻ سان سرهو ٿجي، نه وري ڏک جي ملڻ سان ارهو ٿجي.
مطلب: ۱. هر حال ۾ شڪر ڪرڻ گهرجي. ڌڻي ان ڳالهه ۾ راضي رهندو آهي.
۲. اگر عز و جاهه است ور دلِ قيد،
من از حق شناسم نه از عُمر و زيد. (فارسي)
۳. جيڪڏهن وڏائي ۽ مان آهي يا قيد جي ڀنڊي آهي،
ڌڻيءَ کان ڄاڻان، نه الائي فلاڻي کان.

112- ٿوري کٽئي، گهڻي برڪت. (پهاڪو)
غالب گمان اھو آھي ته وڏن ڪاروبارن جو منافعو وڏو ٿيندو آھي ۽ ننڍن ڪاروبارن جو منافعو تمام ٿورو ٿيندو آھي. هتي ڪاروبار جي ڳالھ نه ٿي ھلي، بلڪ کٽڻ يا ڪمائڻ جي ڳالھ ٿي ھلي.
وڏن ڪاروبارن ۾ سيڙپ تمام وڏي ٿيندي آھي. وڏي سيڙپ جي سنڀال، ڏاڍي ڏکي، تجربو ۽ احتياط گھرندڙ ھوندي آھي. ان جي برعڪس ننڍي سيڙپ سان شروع ڪيل ڪاروبار مان، وقتي منافعو ٿورو ھوندو آھي پر اھو، آسان ھئڻ سان گڏ، گھٽ محنت ۽ احتياط جو حامل ھوندو آھي.
وڏي ڪاروبار مان اپت، قدري وڌيڪ ھوندي آھي پر ٿلھي ليکي جڏھن حساب ڪبو آھي ۽ لاڳتون وغيرھ ڪٽبيون آھن ته منافعو گھٽ بيھندو آھي. وڏن ڪاروبارن ۾، ھار وير وڏي ھئڻ سبب، نقصان به گھڻا ٿيندا آھن. ان جي برعڪس ننڍن ڪاروبارن ۾ نقصان گھٽ ٿيندا آھن، مٿن لاڳت گھٽ ھوندي آھي. جيڪا اپت ٿيندي آھي، ان ۾ نفعي جو سيڪڙو تمام گھڻو ھوندو آھي.
ننڍي ڪاروبار ۾ ڪمائي ته ٿوري ھوندي آھي پر منجھس سڪون ۽ قرار ھئڻ سبب، برڪت گھڻي ھوندي آھي. ھر ڪو پيو ننڍڙي ڪاروبار واري کي وڌڻ ويجھڻ لاءِ دعائون ۽ واڌايون ڏيندو. ننڍي ڪاروبار وارو، ھر قدم ڇنڊي ڇنڊي پيو کڻندو. سوچي سمجھي لاڳت ڪندو، ڪاروبار ۾ اجايون عياشيءَ واريون سيڙپون نه ڪندو. جنھنڪري مجموعي طور سندس منافعو گھڻو ۽ برڪت وارو ھوندو آھي.
جڏھن ته وڏي ڪاروبار واري لاءِ، نه ڪير وڌڻ جي دعا ڪندو آھي ۽ نه ڏانھس ڪنھن جي دل ٺريل ھوندي آھي. ھٿائين سندس ڪاروبار ۾ گھڻن جي نگھ ھوندي آھي. جنھن سببان سندس سالياني اپت ۾ نفعي جو سيڪڙو گھٽ ھوندو آھي. ان کان علاوہ، وڏي ڪاروبار وارو اجايون ۽ عياشيءَ واريون سيڙپون پڻ ڪندو آھي ته جيئن گراھڪ ڏانھنس ڊڪي اچن. جھڙوڪ؛ اشتھار بازي، وڏي ڊيڪوريشن، مھانگي پگھار وارا ملازم وغيرھ. ان کان علاوه وڏن ڪاروبارن منجھ ٻيون به کوڙ ساتريون خرافات ھونديون آھن، جيڪي ڪاروباري منافعي تي منفي اثرات مرتب ڪنديون آھن. جنھن سببان وڏي ڪاروبار ۾ برڪت گھٽ نظر ايندي آھي.
مطلب: ۱. قناعت ڪرڻ واري کي ڪمائي ٿوري هوندي پر خرچ اپت آهر ڪندو ته سکيو رهندو.
۲. اگر فرمان رواءِ کامران است
و گر درويش حاجتمند نان است،
دران ساعت که خدا هر اين و آن مرد.
نخواهند زين جهان بيش از کفن برد. (فارسي)
۳. جيڪڏهن راجا مراد هلائيندڙ آهي،
جيڪڏهن فقير مانيءَ جو محتاج آهي،
جنهن مهل هيءُ ۽ هو مرندا،
هن جهان مان ڪفن کان واڌو نه نيندا. (ترجمو)

113- ٿوري گرهين، گهڻو کائجي. (پهاڪو)
ننڍن گرهن کاڌي، کاڄُ گهڻو کائجي. جيڪو ماڻهو ٿورو کائيندڙ هوندو، تنهن جو هَٺُ (هاٺي، صحت) سڄو رهندو. هَٺَ-سڄي وارو ماڻهو، گهڻا ڏهاڙا جيئندو ۽ کائيندو. جيڪو گهڻ-کائڪ هوندو، تنهن لاءِ هڪڙي پاسي گلا، ٻئي پاسي طبع ۾ ڪَسُ آهي.
مطلب: ۱. وڏين منزلن وارو پانڌيئڙو، سگهو ٿڪجي. ننڍين منزلن وارو چرڪو-دير سان.
۲. کائڻ ۾ قناعت/ پرهيز ڪرڻ گهرجي.
۳. اي بسا اسپ تيز رو کہ بماند،
کہ خر لنگِ جان به منزل برد. (فارسي)
۴. گهڻا ڀيرا تکو گهوڙو، رستي ۾ رهجي ويو،
۽ منڊي گڏهه، منزل تي وڃي ساهه پٽيو. (ترجمو)
۵. چو کم خوردن طبيعت شد کسي را،
چو سختي پيشش آيد سهل گيرد،
و گر تن پرور است اندر فراخي،
چو تنگي بيند از سختي به ميرد. (فارسي)
۶. جڏهن ٿورو کائڻ ڪنهن جي عادت ٿئي،
جڏهن اهنجي اڳيانئس اچي ته سهنجي لڳيس،
جيڪڏهن بت پاليندڙ آهي سهنجائيءَ ۾،
جڏهن اهنجي ڏسي ته ڏک ۾ مري. (ترجمو)