لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ت

99- تاڙي، هڪ- هٿي نه وڄي پر ٻِه-هٿي وڄي. (پهاڪو)
تاڙي: هٿُ هٿَ تي هڻجي، تنهن مان ٺڪاءُ نڪري، تنهن ٺڪاءَ کي تاڙي چئبو آهي.
دوستي توڙي وير، جاسين هڪڙي دل ۾ هجي، تاسين پڌري نه ٿئي. جڏهن ٻن ڌرين جي دل ۾ پوي، تڏهن اثر ڪري.
مطلب: ۱. نقصان ۾ ٻئي ڌريون شريڪ هونديون آهن. هڪ جنهن جي هٿان نقصان پيو، ٻيو جنهن کي نقصان پيو.
۲. دو اُو چاهي ملن ڪون تو ملاپ نرڌار،
ڪٻهون نانهه باجي، ايڪ هاٿ سون تار. (هندي)
۳. ٻئي ملڻ ڀانئين، تڏهن گڏجاڻي ٿئي،
ڪڏهن هڪ هٿ سان تاڙي نه وڃي. (ارٿ)

100- تر جي گُٿي، سَوَ چوٽون کائي. (پهاڪو)
تِر: هڪڙو اَنَ جو قسم، جنهن جو داڻو تمام ننڍڙو ٿئي. اصطلاحًا، ٿوري شيءِ کي چئجي.
چوٽ: ڌِڪو.
گُٿي: گسي وئي، چُڪ کاڌائين.
ٿوري تان به، ڪنهن ڳالهه ۾ جيڪو ماڻهو گُٿو، سو سَوَ (۱۰۰) ڌڪا کائيندو؛ يعني ڏکيو ٿيندو. تنهنڪري کپي ته جيڪي ڳالهائجي يا ڪم ڪجي ته سمجهي ويچاري ڪجي. تڪڙي يا بي ويچاريي ڳالهائڻ يا ڪم ڪرڻ کان ويچار واري ماٺ ڀلي آهي.
مطلب: ۱. هر قدم سوچي سمجهي کڻجي.
۲. تامل کنان در خطا و صواب،
بہ از ڙاڙ گويان حاضر جواب. (فارسي)
۳. ويچار ڪندڙ، سڌائيءَ ۽ ڏنگائيءَ ۾،
اجائي ڳالهائيندڙ حاضر جواب ڏيڻ واري کان چڱو. (ترجمو)

101- تڪڙو ماڻهو، ٻه ڀيرا هنگي. (پهاڪو)
ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو تڪڙو ڪم ڪرڻو هجي ۽ ان مهل جهاڙو يا جهنگ جو خيال اچيس. تڙ تڪڙ ۾ جھنگ ڏانهن خيال لاءِ وڃي پر اتي وري ڪم ياد پويس. ڪم ياد پوندي تڪڙو ٿئي ۽ ھنگڻ جو خيال لھي وڃيس. وري يڪدم ڪم ڏانھن ڀڄي. خطري جو خيال مٽائڻ کان اڳي، جهاڙي تان اٿي آيو ۽ وري ھلندي ڪم، جهاڙي جو خطرو ٿيس ته کيس پوٽي ڪرڻ لاءِ ٻيو دفعو پئيءَ /ڪاڪوس خاني (Latrine) ۾ وڃڻو پوندو. هاڻي ڏسو، ان تڪڙ مان اٽلو سيڙاپو ٿيو يا نه؟
مطلب: ۱. اجائي تڪڙ کان پاسو ڪجي.
۲. ڀيٽيو؛ تڪڙي ڪتي، انڌا گلر.

102- تڪڙ ۽ طمع، ڇا ڏجي؟ (چوڻي)
ڪنهن ڪم جي طمع رکي، منجهس تڪڙ ڪبي ته ڇا پرائبو؟ ڇاڪاڻ جو طمع پاڻ هڪڙي بڇڙي بلا آهي.
هاڻي قياس ڪرڻ گهرجي ته جاتي هڪڙي بلا خراب ڪرڻ لاءِ گنج آهي، تاتي ٻه بلائون گڏ هونديون ته منجهانئن ڪٿان سک ٿيندو؟
مطلب: ۱. بڇڙائي جيترو گهٽ، اوترو چڱو.
۲. بدوزد طمع ديدي هوشمند،
در آرد طمع مرغ و ماهي به بند. (فارسي)
۳. لالچ سياڻي جي اک سبي،
مڇيءَ ۽ پکيءَ کي لالچ ڦاهيءَ ۾ وجهي. (ترجمو)
۴. التعجيل فعل الشيطان. (عربي)
۵. تڪڙ، شيطان جو ڪم آهي. (ترجمو)

103- تڪڙي ڪتي، انڌا گلر (پهاڪو)
گُلرَ؛ ڪتيءَ جا پونگڙا
ڪتي توڙي ٻي ويامندڙ، پوري وقت کان اڳي ويامندي ته ٻچو/ ڦر، ڪچو ۽ ڪمزور ڄڻيندي، جنهن سبب سدائين لاءِ ڦر انڌو به ٿي سگهي ٿو.
مطلب: ۱. ڪم ۾ جيڪو اجائي تڪڙ ڪندو، تنهن جو ڪم رلندو.
۲. تعجيل کار شياطين بود. (فارسي)
۳. تڪڙ شيطان جو ڪم آهي. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو؛ تڪڙو ماڻهو، ٻه ڀيرا هنگي.

104- تڪيا سڀ تڪيام، توريءَ تڪيو ناهه. (چوڻي)
تڪيو: آسرو.
تڪيام؛ ڳوليم.
سڀ آسرا ڳوليم، اي ڌڻي! توکان سواءِ ٻيو آسرو ڪو نه آهي. اها حقيقت آهي ته مالڪ حقيقيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به مددگار ڪونهي.
مطلب: ۱. الله کان وڌيڪ، ٻيو ڪو به سهارو ڪونهي.
۲. ندارم بجز تو پناهي دگر،
نه غير از درت رُوءِ راهي دگر. (فارسي).
۳. تو ڌاران پناهه نه رکان ٻي،
تنهنجي در ڌاران، ڪو منهن يا واٽ نه رکان. (ترجمو)

105- تماڪو تاڻي، جنين وڌو جان ۾،
انهن کي آڻي، حورون ڏيندا هنجن ۾. (نعرو)
موالي، چرس يا تماڪ جي تعريف ۾، پنهنجو شرم پرچائڻ لاءِ وڏي واڪي ائين نعرا هڻندا آهن. موٽ ۾ وري ماڻهو، گهٻو ڪري کين ائين چوندا آهن.
سنجيدگيءَ سان سوچجي ته اهو بيت اصل ۾ هيٺينءَ طرح آهي.
“طمع کي تاڻي، جنين ڪڍيو جان مان،
تنين کي آڻي، حُورون ڏيندا هجن ۾.”
مطلب: جيڪو لالچ ڇڏيندو، سو سکي رهندو.

106- تنهن جي مرڻ جو ارمان کائجي،
جنهن جي جيئڻ مان فائدو هجي. (پهاڪو)
ڪو به ماڻھو ڪنھن مري ويل جي ڏک ۾ ڪو نه روئندو آهي، بلڪ سڀ ڪو پنهنجي سک ڦٽڻ سبب روئندو آهي. مرڻ وارو جڏھن جيئرو ھيو تڏھن منجھانئس جيڪي فائدا ھيا سي ھاڻي ملڻ بند ٿي ويندا. اھي ياد ڪري پٿر ڪندڙ روئندا آھن.
مطلب: ۱. جنهن مان سک ڪو نه هوندو، تنهن جي مرڻ جو ڏک ڪو نه ٿيندو.
۲. هر که در زندگي نانش نخورند،
جون بميرد نامش نه برند. (فارسي)
۳. جنهن جي جيئري هٿانئس ماني نه کائيندا،
جڏهن مرندو ته زبان تي ان جو نالو به نه آڻيندا. (ترجمو)

107- توڙي وڃي روم، ته به نصيبان اڳرو،
ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيس لوح قلم ۾. (چوڻي)
ڍوڍو: جوار يا ٻاجهري جي (ٿلهي) ماني.
ٿوم: سائيءَ ڀاڄيءَ جو قسم، جيڪو مصالحي طور ڪتب آڻبو آهي.
ڍوڍو ۽ ٿوم، ساديون شيون هئڻ سبب، غريبن جو کاڄُ/ کاڌو آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُوچي کاڄ حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪنهن پرانهين ملڪ يا روم ملڪ ۾ به ويندو ته به نصيب کان وڌيڪ نه ملندس. سادو کاڌو لکيل هوندس ته سادو ئي ملندس، اُوچو نه ملندس.
مطلب: ۱. جيڪو نصيب ۾ هوندو، ان کان گهٽ يا وڌ نه ملندو.
۲. رو مغرب، رو مشرق، رو، رو، رو،
هر چه نصيب است ازان کم نشود جو. (فارسي).
۳. الهندي وڃ! اڀرندي وڃ، جاڏي وڻئي وڃ،
جيڪو نصيب آھي، منجهانئس جو/ تر نه گهٽبو. (ترجمو)

108- توڻ جو تڪرار سان، سڏ جنهن کي هوءِ،
منجي اتي جوءِ، وڃي تنهن کان وسري. (پهاڪو)
توڻ؛ رات/ ڏينهن جو کاڌو.
رات ڏينهن جي کاڌي جي ڳڻتي به ڏاڍي خراب آهي. بازار ۽ سرڪار جو قرض به خراب آهي. پر بازار ۽ سرڪار جي قرض جي ڊپ ۽ رات ڏينهن جي کاڌي جي بندوبست جي ڳڻتيءَ جي وچ ۾ وڏو ڦير آهي. بازار جي قرض واري کي معافيءَ جي اميد آهي. ٿوري قيد جو ڀؤ اٿس. جڏهن ته اتي به کاڌي جي بک ڪا نه رهنديس. توڻ جو اُلڪو، سڀ کان ڏاڍو سخت آهي. ڌڻي انهن سڀني ڳڻتين کان شال بچائي.
مطلب: ۱. جنهن کي کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، تنهن کان زال به وسري ٿي وڃي.
۲. شب پراگنده خسپد آنکه پديد،
نبود وجہ با مدا دانش. (فارسي)
۳. رات جو پريشان سمهي اهو،
جنهن کي پڌري نه هجي، توڻ صبحاڻي جي. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو؛ رڻي ۽ رائر جو، سڏ جنهن کي هوءِ،
منجي اتي جوءِ، وڃي تنهن کان وسري.

109- تيل سهانگو هيو، ته جيڪر گدڙن به پڇ مکيا. (پهاڪو)
سڀ ڪم مان نتيجو حاصل ڪرڻ لاءِ، ٻن شين مان هڪڙي ضرور گهرجي؛ زر يا زور. پوءِ عقل ته به زر ۽ زور، علم ته به زر ۽ زور، جي سگهه ته به زر ۽ زور. جيڪو ماڻهو انهن ڌاران ڪنهن ڪم جو سوسُ رکندو، سو گدڙ آهي ۽ ڪم اڳيانئس تيل آهي.
مطلب: ۱. سستي شيءِ مان بزدلن/ ڪانئرن کي به حصو مليو وڃي.
۲. ميخواستم کہ سکہ زنم تا بہ روم و شام،
عقلم جواب داد کہ به زَر نميشود. (فارسي)
۳. ڀانئيم ته روم ۽ شام تائين پنهنجو سڪو هلايان،
عقل جواب ڏنم ته ناڻي ڌاران نه ٿو ٿئي. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو؛ پاهڻ ڪنئرا هئا ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا.