لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ڌڻيءَ جي ساراهه

ساراهه ٿو ڪريان ڌڻيءَ جي، جنهن پنهنجي توهه سان هن ماڻهوءَ (انسان) کي سڀن ساهه وارن ۾ وڏي مانَ وارو ڪيو آهي. ڳالهائڻ لاءِ ڄڀ/ زبان ۽ سمجهڻ لاءِ ڏاهپ بخشي، مٿس اشرف المخلوقات نالو رکيو اٿائين. سندس کائڻ، پيئڻ، پهرڻ لاءِ طرح طرح جون وٿون/ شيون جوڙيون اٿائين. تڏهن هن/ انسان کي پڻ جڳائي، جو پنهنجي ڏاهپ آهر، ڄڀ سان سندس ساراهه ڪري. پڄنديءَ سارو سندس وڏائي چئي سڻائي.
اُن ٻاجهاري جو شڪرانو ٿو ڪريان، جنهن مون کي پڻ اُن ماڻهن ۾ اُپائي، ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي نالو رکي، حيدرآباد سنڌ ۾ رهاڪو فرمايو.
تنهن اُپائڻهار جي دِڳي/ مھربانيءَ سان ڪي ڏهاڙا مير صاحبن جي راڄ جا، ۽ گهڻا ڏهاڙا سرڪار جهانمدار انگريز صاحب بهادر جي سلطنت جا، ايمان ۽ مانَ سان نوڪري ڪري، تاريخ ۱۶ فيبروري ۱۸۶۴ع کان وٺي سو (۱۰۰) رپين مهيني پينشن ۾ آيو آهيان.
هڪڙيءَ مهل، هڪڙي سردار سنڌي پهاڪن ٻڌڻ جي دل رکي، تڏهن سؤ (۱۰۰) ٻه سؤ (۲۰۰) پهاڪا لکائي پهچايامانس. پر ويچار ڪيم، جو پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ملڪ جا اصطلاحي اکر آيا آهن، جن مان ڪي اکر سنڌ جي سڀن ماڻهن کي پڻ سمجهڻ ۾ نه اچن، جن جي ٻولي ماءُ پيٽان آهي، تڏهين ٻين ملڪن جي ماڻهن کي جي پوءِ ٻولي ٿا سکن، سمجهاڻيءَ جي گهرج ڇو نه ٿيندي؟ تنهن خيال تي هن ريت جي ڪتاب جي رٿ ڪيم.
اڳي گهڻن سياڻن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب جوڙيا آهن، پر اُهي عمر جا جوان، ۽ عقل جا تکا، سي وڏن ڪاريگرن وانگي آهن! جهڙا وينجهر، جي موتي ونڌن، يا خاتو-بند، جي ڪاٺ ۽ عاج جا اُچا اُچا ڪم ڪن، يا جَڙيا جي سون ۾ جواهر جي جڙت جوڙن، يا نقاش جي چڱيون صُورتون جوڙن، تن آڏو آءٌ هڪڙو پوڙهو، اياڻو ڌوڙ-ڌوئي جهڙو سادي ڪم وارو آهيان. هن ريت، جو ڌوڙ-ڌوئي جو ڪم هي آهي، جو سونارن جي هٽن جو يا گهٽين جو ٻُهر گڏ ڪري، ڌوئي، منجهانئس مال ڪڍي. تن وانگي مون پڻ گهڻن جا چيل سادا پهاڪا گڏ ڪري، پورهئي سان منجهائن مطلب ڪڍيو آهي. مگر پڙهندڙن جي مهربانيءَ ۾ هيءَ اُميد ٿو رکان، جو جيڪو منجهس ڀولو رولو ڏسن، تنهن جي ڏڏائيءَ (ڪچائيءَ) ڏي نه نهاري، پنهنجو لائق سڃاڻي، اُن ڀل چڪ کي سنواري ڇڏين.
پهريائين ڀانيم، جو هڪڙي هڪڙي ذڪر بابت ڌار ڌار باب ڪري لکان؛ پر پهاڪا گهڻن ذڪرن بابت آهن، اِن طرح جيڪر گهڻا باب ٿي پون. ڪي ته پهاڪا اهڙا آهن، جو جيڪر هڪڙي پهاڪي لاءِ ڌار/ نِجو باب ڪرڻو پوي. تنهن ڪري سنڌي الف بي جي تختيءَ تي نظر رکي، هڪ ٻئي پٺيان هڪڙي هڪڙي منڍ واري اکر جا پهاڪا لکان ٿو.
ڪن پهاڪن جي معنيٰ ۾ ڳالهه جي پورائيءَ لاءِ ٻين ٻولين جون شاهديون آيون آهن. تنھن ڪري ڊنس ته متان صاحبن، سنڌيءَ جي پيار وارن کي، نه وڻن. يا ٻين ٻولين جو محاورو نه هجين، تنهن ڪري اُن کي پڻ اُتي جو اُتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڇڏيو اٿم.
ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي