لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

گل شڪر

ڪتاب ”گلشڪر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جو لکيل آهي جنهن جو پهريون ايڊيشن ورهاڱي کان اڳ 1905ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي انجنيئر عبد الوهاب سهتي نئين سر ترتيب ڏنو آهي.
Title Cover of book گل شڪر

ڏ

251- ڏاندان ڳاهُ، مردان ڌڪا،
زالان ساهُ، پنڌ وچ سڪا،
گهوڙا ضبط ڪنان، وڃ لڪا. (چوڻي)
ڳاهه: ڪڻڪ يا سارين وغيره جو لابارو ڪري، پوءِ ول هڪ هنڌ ڪٺي ڪري رکبي آهي. جڏهن ته جوئر ۽ ٻاجهريءَ جا سنگ وڍي ڍير ڪبا آهن. پوءِ ڏاندن جي لتاڙ سان مٿن هلر هلائبو آهي ته جيئن داڻا سنگ کان جدا ٿي بيهن.
ول جا گڏا گهڻا هجن ته ڏاندن جي مدد سان هلر يا گانبول ڪري ڳاهه ڪجي. ول ٿوري هجي ته پوءِ سَٽَ ٿئي. جيڪا زالون مرد گڏجي ڪنهن پڪيءَ جاءِ يا پڪي روڊ، سرن جي فرش يا مضبوط ڪاٺيءَ وغيرھ تي ڪن يا ڌُڪن سان کين سٽين.
ضبط: جڏهن پوک جي ڪڇ ماپ ٿيندي آهي ته لوهي زنجيرن(Guners chain) سان ڪبي آھي. اھي لوھي زنجير ڳرا ٿيندا آھن، جن کي ڍوئڻ لاءِ خاص ماڻھو رکڻا پوندا آھن. جيڪي زنجير کي ڪڏھن ھيڏي کڻي ايندا آھن ته ڪڏھن ھوڏي کڻي پيا پھچائيندا آھن. اھا ماپ، گهڻو ڪري گهوڙن تي چڙهي ڪبي آهي. انهيءَ هيڏي هوڏي اچڻ ۽ کڙ ٻڙ/ کيڙهيءَ واريءَ زمين تي هلڻ کي ضبط چئبو آهي.
ڏاندن کي ڳاه ۾ وهڻ، مردن کي ڌڪن سان ان سٽڻ جھڙا ڪم، اهنجا ۽ اڻاوا لڳندا آهن. جڏهن ته عورتون پرانهين پنڌ ۾ ٿڪجي پونديون آهن ۽ گهوڙو وري ضبط واري سفر/ ڪم ۾ بيزار ٿيندو آهي.
مطلب: ۱. مٿي ڄاڻايل ڪم، ٻڌڻ شرط، ھر ڪو لِڪڻ جي ڪندو آهي.
۲. ڌڻي شل سهندا بار ڏئي.


252- ڏاند چڙهيي ٿي ڏک ڏسي. (ورجيسي جملو)
هڪڙو غريب ماڻهو، پنهنجي قبيلي وارن سنئين، هڪ هنڌان لڏي ٻئي هنڌ ڏانهن پئي ويو. وٽس ملڪيت ۾ هڪڙو جنڊ هيو ۽ سواريءَ لاءِ ٻيو ڪي ڪين هيس، سواءِ هڪڙي ڏاند جي. تنهنڪري جوءِ/ زال کي ڏاند تي ويهاريائين ۽ پاڻ، جنڊ مٿي تي کڻي، قافلي سان روانو ٿيو.
سفر دوران، جوڻس کان هڪڙيءَ ساهيڙيءَ حال اوريندي پڇيو؛ “ڏي خبر! مڙسنهن تو کي ڀلا ڪو گهري ڀانئين ڪي ڪين!؟”
مائي به سفر منجهان ڪڪ ٿي هئي يا مڙس تي ڪا ٻي ڪوسائي هيس، تنهن هڪدم اڳيان مٿي تي جنڊ کڻي هلندڙ مڙس ڏانهن آڱر جو اشارو ڪندي چيس؛ “ادي! ڪهڙا ٿي سور پڇين! ڏسين ڪو نه ٿي ماريي کي، پاڻ جنڊ کنيو جشن ڪندو ٿو هلي، مون ڏکيءَ کي ڏاند تي چاڙهيو ڏجها ڏيندو پيو هلي.”
تنهن تي ساهيڙيءَ چيس؛ “ائي شڪر ڪر! وزن پاڻ مٿي تي کنيو اٿائين. توکي ڏاند تي ويهاريو اٿائين، ته به پئي ٿي گلا ڪرينس. اهڙي ڳڻ-چور آهين ته پوءِ مڙس توکان ڇا راضي ٿيندو. هو ويچارو، ان کان وڌيڪ تو لاءِ ڪري به ڇا ٿو سگهي.”
مطلب: ۱. غريب ماڻهوءَ کي پنڌ ۾ چڙهڻ واسطي ڏاند ملي، سو پنڌڙئي کان سکيو هلندو. اهڙي حالت ۾ به ڪُرڪي ته ڄاڻبو ته ڌڻيءَ جي ڏني تي ناشڪر آهي.
۲. جيڪو ڌڻيءَ جي ڏنل نعمت تي راضي نه ٿيندو، تنهن مان ڌڻي به راضي نه ٿيندو.
۳. خداوند زان بنده خورسند نيست،
که راضي به قسمت خداوند نيست. (فارسي)
۴. ان ٻانهي کان ڌڻي سڳورو راضي نه آهي،
جيڪو ڌڻيءَ جي ورهاست تي راضي ناهي. (ترجمو)
۵. ڏاند چڙهئي ڏک ڏسڻ. (اصطلاحي ورجيس)

253- ڏاهو ڪانءُ، ٻِه ڄنگهو- ڦاسي. (پهاڪو)
ٻه- ڄنگهو ڦاسڻ؛ سُڪ ڦاسڻ، ڀڄڻ جي واهه نه بچڻ.
ڪانءُ؛ سياڻو ۽ ٽهي ڀڄندڙ پکي آهي. پکين ڦاسائڻ واري ڄار/ ڪوڙڪيءَ ۾ ڏاڍو ڏکيو ڦاسندو آهي. روشنيءَ جي اولڙي تي ئي ڀڄي ويندو آهي. تير يا بندوق سڌي ڪرڻ کان اڳي، نشاني تان ترڪي ويندو آهي.
گهڻين چالاڪين سان جڏهن گهڻن کي ستائي ناراض ڪندو آهي ۽ اهي سمورا وسلا جڏهن سندس پويان هٿ ڌوئي لڳندا آهن، تڏهن وري ڪانءُ ٻه- ڄنگهو ڦاسندو آهي ۽ پنهنجي لاءِ ڀڄڻ جو ڳٿو به نه ڇڏيندو آهي.
مطلب: ۱. جيڪو ٻين جي لاءِ، پنهنجي غرض خاطر، ڌرتي ٽامڻي ڪري ڇڏيندو آهي، سو پنهنجي بچڻ/ڀڄڻ لاءِ به واهه نه ڇڏيندو آهي.
۲. ڀيٽيو؛ ڏاهو ڪانءُ کائي گونهن، ڀوري بربلي کائي شڪر.

254- ڏاهو ڪانءُ کائي گونهن، ڀوري بربلي کائي شڪر. (پهاڪو)
ڏاهو: چالاڪ، مطلبي، خود-غرض.
ڀوري: ڀورڙي، اياڻي، پگلي، بي غرض، جنهن کي پنهنجي غرض نه هجي.
گونهن کائڻ: ڪِن کائڻ، حرام تي گذارو ڪرڻ.
سياڻپ يا اياڻپ، ٽن قسمن جي آهي.
۱. رحماني؛ جيڪو فقط ٻين جي ڀلي لاءِ سوچي ۽ پنهنجي غرض نه رکي.
۲. انساني؛ جيڪو ٻين سان گڏ، پنهنجو بچاءُ/فائدو به نظر ۾ رکي.
۳. شيطاني؛ جيڪو فقط پنهنجي غرض خاطر ڪم ڪري، ٻين جو خيال ئي نه ڪري.
ڪانءَ جي سياڻپ، شيطاني سياڻپ واري آهي. پنهنجي غرض/ پيٽ خاطر، ٻارڙن جي هٿن مان لولا ڦُريندو وتندو، ٻين پکين کي سندن آکيرن مان تڙي پاڻ قابض ٿي ويهندو. جانِ، وري ايتري پياري اٿس جو ٺڪاءَ تي ته ڇا اولڙي تي به ڇرڪي ڀڄي ويندو. نتيجي طور وڃي ڍيرن تي گند کائي ٿو.
ان جي برعڪس بربلي/ بلبل ڀورڙي آهي، سندس اياڻپ/ سياڻپ، رحماني اياڻپ/سياڻپ واري آهي، جنهن ڪري ٻار به کيس گهر ۾ پالي ٿو. ڏور ٻڌي هٿ تي ويهاري ٿو ۽ کيس ماوا ۽ مٺايون کارائي ٿو.
مطلب: ۱. اهڙي سياڻپ خراب، جنهن سان دنيا به خراب ٿئي ۽ آخرت به. ان کان اهڙي اياڻپ چڱي، جنهن سان خلق به نه آزارجي ۽ ڌڻي به راضي رهي.
۲. بهت سياڻپ جَمَ جو ڪا ڀَو وياپي. (گرو نانڪ، وچن)
۳. گهڻي ڏاهپ، موت جو ڊپ ويڙهي ڇڏي. (ارٿ)
۴. بنادان آن چنان روزي رساند،
که صد دانا دران حيران بماند. (فارسي)
۵. اياڻي کي ڌڻي اهڙيءَ طرح رزق پهچائي ٿو،
جو سَوَ سياڻا ان ۾ منجهيل رهن ٿا. (ترجمو)
۶. ڀيٽيو؛ ڏاهو ڪانءُ ٻه-ڄنگهو ڦاسي.

255- ڏائڻ هلي مڙدا ڪڍڻ، مڙدن ڪپڙا به لاهي ورتس. (پهاڪو)
هڪڙو ڪوريئڙو/ تانيئڙو مک جي شڪار لاءِ هليو. رستي تي کيس مک بدران باز ويٺل نظر آيو. ڀانئيائين؛ “مک گهڙي سوا جو قوت آهي پر جي هيءُ شڪار هٿ اچي وڃي ته گهڻا ڏيهاڙا پيو هلندو. بلڪ ست پيڙهيون به پيون رَڄَ ڪنديون.”
اهو خيال ايندي، لوڀجي پيو ۽ لوڀ ۾ اچي، باز کي ڦاسائڻ لاءِ پنهنجي گگ جي تاني، سندس چوڌاري ويڙهڻ شروع ڪيائين. انهيءَ ڪم ۾ تمام گهڻي ويرم وڃايائين. ايتري ۾ باز به اک پٽي ۽ وٺي اڏاڻو. گگ جي تندن ته باز کي جهليو ئي ڪين، هٿائين ٽڪرا ٽڪرا ٿي هوا ۾ اڏامي ويون. ڪوريئڙو خود، سندس پَرن جي کنڀن جي واءَ ۾ اڏامي ويو ۽ پولار جي ڪنهن ڪُنَ ۾ وڃي ڪريو.
مطلب: ۱. پنهنجي پهچ کان واڌو ڪم ۾ هٿ وجهڻ وارو، نيٺ باهوڙبو.
۲. ڏائڻ، جيئرن کي ته ماري پر مُڙدن مان به نه مڙي ته نيٺ جُٺِ ته ٿيندس.

256- ڏٻري ڍور کي مڇر به گهڻا. (پهاڪو)
مڇر، هميشه پوسل، پونءِ ۽ ڌپ تي ٿيندو آهي. جيڪو ڍور ڏٻرو ٿيندو، سو بيمار رهندو. کائڻ گهٽ، تيڪڻ وڌيڪ هوندس. سندس انهيءَ حالت تي مڇر گهڻا پيدا ٿيندا. بکيا مڇر، جنهن شيءِ کي چڪڻ شروع ڪن ته رت ڪڍڻ کان سواءِ ڪين مڙن. رت به ايستائين پيئندا رهندا، جيستائين پيٽ ڀرجي ڀرجي ڦاٽين نه. يا جنهن تي ويٺا آهن سو تڙين يا ڌڪ هڻي مارين نه.
ڏٻرو ڍور پاڻُ کڻڻ ۾ به آذرت/ عاجز هوندو آهي. اهو پڇ لوڏي ڪيترو کين تڙي؟ جيڪڏهن مالڪ مڇرن تڙڻ لاءِ دونهون ڪندو، سو به ڏٻري ڍور کي پريشان پيو ڪندو. تنهن ڪري مڇرن جو مارو مڙئي، ڏٻري ڍور تي سبيل ئي هوندو آهي.
مطلب: ۱. هيڻي کي سڀڪو پيو ماريندو آهي.
۲. بقهر خدا چون ڪسي اوفتاد،
همہ عالمش پاءِ بر سر نهند. (فارسي)
۳. ڌڻيءَ جي ڏمر هيٺ، جڏهن ڪو اچي،
سڄو جهان سندس مٿي ۾ لتون هڻي. (ترجمو)
۴. جيڪا لَٽَ لڳي، سا اٿيل اک ۾.

257- ڏٿ نه کٽو، ڏوٿي کٽا. (چوڻي)
ڏُٿُ: جهنگلي خود-رو ٻوٽا جهڙوڪ ساوڙي، قُم، مکڻي، لوڙهه، بِهه وغيره يا منجهانئن نڪتل اَنُ.
ڏوٿي: ٻهراڙين جا غريب ماڻهو، جيڪي ڏٿ تي گذارو ڪن. ڏُٿ تي پلجندڙ. ٿوري اسباب تي گذارو ڪندڙ.
انسان کي ڌرتيءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي. سندس کاڌ-خوراڪ به ڌرتيءَ مان پيدا ڪئي وڃي ٿي. جيڪا حالتن ۽ وقت سارو، کيس جيئڻ خاطر ملي ٿي. دنيا جي تختي تي ڪيترا ئي آيا، پنهنجي پنهنجي حصي جي خوراڪ کائيندا ويا، پر اڳيان ايندڙن جي حصي مان ڪجهه به کائي نه سگهيا. خوراڪ، ايندڙ ماڻهن لاءِ، ايندڙ وقتن ۾ ظاهر ٿيندي، تنهن مان اڄ جا ماڻهو ڪين کائي سگهندا. ان جي کُٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
اهڙيءَ طرح هن ڌرتيءَ تي ڪيترا ئي راجائون آيا، بادشاهي ڪيون هليا ويا پر ايندڙن جو رزق نه کائي کٽائي سگهيا ۽ نه وري ساڻ کڻي ويا. سڀڪجهه هتي ئي ڦٽي ڪري ويا.
ٻن راجائن، ڌرتيءَ تي پنهنجي پنهنجي هجڻ جي دعويٰ ڪري ويڙهه کاڌي. تڏهن ڌرتيءَ کلي کين چيو؛ “توهان جهڙا ڪيئي اڳي ڳيٿا اٿم، توهان به هڪڙو گِرهڙو آهيو.”
مطلب: ۱. ڏوٿي گهڻا ئي آيا ۽ ڏٿ چونڊي چونڊي کائي مري ويا، پر ڏٿ مند تي اڳي کان به اڳرو آهي.
۲. روزي رزق رازق تي آهي، سو ڪڏهن به کٽڻو ناهي. سندس خزانا ڀرپور آهن، منجهن ڪا به ڪَرَ اچڻي ناهي.

258- ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺي کي ياد ڪر. (چوڻي)
ڏٺو: جيڪا شيءِ ظاهري اک سان نظر اچي ٿي، دنيا، دنيا جا ڌنڌا وغيره.
اڻ ڏٺو: جنهن کي اکين سان نه ڏسي سگهجي يا جيڪو اکين کان اوجهل آهي. جھڙوڪ جنت، دوزخ، قبر، حشر، ڌڻي پاڪ پاڻ.
جيڪا شيءِ هن فاني دنيا ۾ ظاهري اک سان نظر اچي ٿي، سا هڪ ڏينهن ضرور فنا ٿيڻي آهي. اها جڏهن هٿن مان هلي ئي وڃڻي آهي ته پوءِ ان جي هچر پچر ڪرڻ مان ڪجهه به فائدو نه آهي. تنهنڪري ان کي وساري، ان حقيقت کي هينئين سان هنڍائجي، جيڪا آخر تائين رهڻي آهي يا جنهن کي بقاءُ/ دوام حاصل آهي. الغرض دنيا کي وساري، ڌڻيءَ کي ياد ڪجي.
مطلب: ۱. دنيا جي ڌنڌن ۾ گم ٿيڻ کان، رب جي يادگيري ۾ وقت گذارڻ گهرجي.
۲. جو ديسي سو سگل بناسي، جيون بادل ڪي ڇائي. (گرونانڪ)
۳. جيڪي ڏسجي ٿو سو ناس ٿيندو، جيئن ڪڪر جي ڇانءَ. (ارٿ)
۴. آنچه در انديشہ آيد آن فنا است،
آنچه اندر وهم نايد آن خدا است. (فارسي)
۵. جيڪو گمان ۾ اچي ٿو سو ناس ٿيندو،
جيڪو سوچ ۾ نه اچي سگهي، سو خدا آهي. (ترجمو)

259- ڏُچر گهوڙو، سُچر زال، ٻيئي ٻن پيا. (چوڻي)
ڏُچر؛ ٿورَ-کائڪ. سوچي سمجهي کائيندڙ.
سُچر؛ گهڻ-کائڪ. جيڪو آڏو اچيس سو ٻڦي کائي.
ٻَنِ پوڻ؛ پاڻيءَ ۾ پوڻ، کوهه ۾ پوڻ، کڏ ۾ پوڻ.
گهوڙي تي ڀڄڻ/ ڊوڙڻ جو ڪم رکيل آهي، جنهن لاءِ جانٺو ۽ ڪسرتي بت هجڻ گهرجي. تازي تواني بت جي لاءِ، خوش-خوراڪ هجڻ ضروري آهي. ان جي برعڪس جيڪڏهن گهوڙو گاهه سان ياري رکندو ۽ کيس دوست سمجهي چڪ نه هڻندو ته ساڳائيندو ئي ڪو نه. ڏينهون ڏينهن ويندو لاغر ٿيندو. مهل تي ڊوڙائبس ته هاڦارجي، ڪري پوندو.
زال کي گهر سنڀالڻو آهي. مڙس جيڪي ڪمائي آڻي ٿو، تنهن مان کيس پورت ڪرڻي آهي. سوچي سمجهي خرچ ڪرڻو آهي. ساري ڪمائي هڪ ڏينهن ۾ رڌڻ پچائڻ وارين شين تي چٽ نه ڪرڻي اٿس. ڇو جو عورت جي هوڙ کي هڪ دفعو چسڪي جي هير پئي ته سگهو ئي گهر کي ٻهاري، چَٽُ ڪندي. گهڻي کائڻ ڪري چرٻي چاڙهيندي ويندي ۽ ٿلهي ٿي ويندي. ڄڻڻ ڪرڻ کان ته ويندي پر گهر جي ڪم ڪار کان به هلي ويندي.
مطلب: ۱. گهوڙي لاءِ گهڻ-کائڪ هجڻ ضروري آهي. زال لاءِ ٿور-کائڪ ۽ سهيڙ وارو هئڻ ضروري آهي.
۲. گهڻ-کائڪ زال ۽ ٿور-کائڪ گهوڙيءَ کان، ڀينگ ڀلي آهي.

260- ڏڌو کير، ٿڻن ۾ نه پوي. (پهاڪو)
کير، مال جي ٿڻن مان ڏهڻ سان نڪرندو آهي. جنهن رستي سان ايندو آهي، اهو فقط اچڻ واسطي جڙيل آهي. موٽڻ واسطي نه. ٿڻن ۾ قدرتي طرح بيشمار ننڍڙيون رنڊڪون(non-return valves) لڳل هونديون آهن، جنهن سببان کير ساڳئي رستي سان موٽي يا وري پئجي نه ٿو سگهي.
مطلب: ۱. ڳالهايل گفتو، وري زبان ۾ موٽي نه ٿو اچي.
۲. ڇٽل تير موٽي، ماڳ تي نه ٿو اچي.
۳. هٿان نڪتل پنج شيون موٽي نه ملنديون آھن؛ اڇليل پٿر، چيل گفتو، ھٿان نڪري ويل موقعو، ماضي ۽ وڃايل پيار.
۴. ڀيٽيو؛ کُٿي ڏاڙهي، هٿ نه اچي.

261- ڏِس ڪاڻيءَ کان، اک ڪاڻي چڱي. (پهاڪو)
ڏِس ڪاڻي ڪرڻ: ڏيهه يا ديس لڄائڻ.
هڪڙو ماڻهو پنهنجي ملڪ مان ٻئي هنڌ ڪمائڻ خاطر وڃي ۽ اتي ويهي ڪڌا ڪم ڪري، جهڙوڪ؛ چوري يا ٺڳي، بدمعاشي ڪرڻ يا اوڌر ڦٻائڻ، سو نالو ته ڪڍائيندو. جڏهن پنهنجو نالو بد ڪرائيندو، تڏهن سندس نالي پويان، سندس ذات ۽ قوم، ڪڙم ۽ قبيلي، ديس ۽ ديسين جو نالو به پيو پُڻندو.
مطلب:۱. ڪُپت ڪري، ديس جو نالو بدنام ڪرڻ کان، ڪاڻو ٿيڻ جهڙو عيب چڱو آهي.
۲. ڪاڻي کان موراڳو انڌو ٿجي پر قوم، ملڪ يا ديس جي نالي تي حرف اچڻ نه ڏجي.

262- ڏکڻ مينهن نه وسڻا، وسي ته ٻوڙي،
ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، هڻي ته جهوري. (چوڻي)
ڏکڻ مينهن: ڏکڻ جي طرف کان ايندڙ مينهن.
ڪانئر: گيدي، ٻين جي ٽڪرن تي پلجندڙ.
ٿر ملڪ ۾ ڏکڻ پاسي جو مينهن گهڻو ڪري ڪين وسندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن قضا نِئي وسندو آهي ته ايترو گهڻو وسندو آهي جو ملڪ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏيندو آهي.
ڪانئر يا گيدي، جيڪو ٻين جي ٽڪرن ۽ ٿورن تي پلبو آهي سو طبعي طور تي ڊڄڻو ٿيندو آهي يا ٻين جي احسان جي بار هيٺان دٻيل هوندو آهي. انديشو هوندو اٿس ته جهيڙي ڪرڻ سان ملندڙ ماني موراڳو بند ٿي ويندي، تنهنڪري ڪڏهن به ڌڪ نه هڻندو آهي. هڻڻُ هڻڻَ جي ماڳ، اولاريندو به نه آهي. جڏھن جلي جلي ڌڪ هڻندو آهي ته ڌڪ جي موٽ ۾ ملندڙ مارَ جي ڀَوَ کان ايڏو زورائتو ۽ زمائتو هڻندو آهي جو اڳلي کي جهوري رکندو آهي.
مطلب: ۱. جيئن نه وسندڙ مينهن، وسڻ کان پوءِ ٻوڙي رکندو آهي، تيئن بزدل ماڻهو به اک ڦيرڻ کان پوءِ وڏي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيندو آهي.

263- ڏنڀجي گڏهه، سور ٿئي ساٽيءَ کي. (ورجيس)
ساٽي؛ گڏهه جو ڌڻي، سٽيندڙ. مياڻيءَ تان مارڪيٽ تائين مڇي رسائيندڙ، مهاڻن جي هڪڙي ذات.
علاج واسطي گڏهه کي ڏنڀ ڏبو ته گڏهه ضرور هينگندو. ڇو جو اھو ڏنڀ جو سور، کيس ئي ٿيندو آھي. سندس مالڪ کي ڪين ٿيندو آھي.
سندس مالڪ کي سور ٻيءَ صورت ۾ ٿيندو. اهو هيئن ته جڏهن گڏهه ڏنڀبو ته سور ۽ زخم تتان بار ڍوئڻ لائق نه ٿيندو. گاهه وغيره به حلال مال وانگر ڍوئي آڻي کيس کارائڻو پوندو. انهن اهنجن کي اندر ۾ اوري، ساٽي پريشانيءَ وچان ضرور سور سهندو. ٻيءَ صورت ۾ کيس سور ٿيڻ، سندس بي سمجهي ئي آهي.
مطلب: ۱. بعضي لچا ماڻهو پنهنجو ڪيتو لوڙين ته ٻيا مورک وري سندن حال ڏسي ارمان کائين ۽ ڳڻتيءَ ۾ ڳرن.
۲. بار گڏهه تي، ٽٽ ڇڏي کودي.

264- ڏني جو پٽ، ڇٽو. (پهاڪو)
ڏنو: ڏيڻ، ڏنل، ڏئي ڇڏڻ، ڏيندڙ، ڏئي ڇڏيندڙ. اسم، ماڻهوءَ جو نالو پڻ.
ڇٽو: ڇٽڻ، آجو ٿيڻ، بند خلاص ٿيڻ، ڇٽندڙ، آزاد ٿيندڙ. اسم، ماڻهوءَ جو نالو. هڪ ذات جو نالو پڻ.
هڪڙي ڪامل شخص، پنهنجي هڪڙي (چڳ-وڍيي) مريد کي اُپديش (نصيحت) ڪئي؛ “دنيا ڇڏيندين ته ڇٽندين.”
هڪڙي ڏيهاڙي ساڳيو مريد، ڪامل جي ڪچهريءَ ۾ ويو. اتي تمام گهڻا معتقد، مرشد کي گهيرو ڪيون ويٺا هئا، جنهن ڪري هن کي لنگهي مرشد جي ويجهو ٿيڻ جي اميد نه ٿي. تڏهن هڪڙي سوني مُهر، کيسي مان ڪڍي ڪامل جي خاص مريد (چيلي) کي ڏنائين. اهو چيلو، مرشد جي ويجهو ويٺو هيو. مُهر ملڻ جي لالچ ۾ پنهنجي جاءِ ڇڏي کيس ڏنائين ۽ پاڻ ٻاهر هليو ويو.
جڏهن مريد، مرشد سان خلوت ۾ ويجهو ٿيو ته کيس عرض ڪيائين؛ “اوهان جنهن دنيا ڇڏڻ لاءِ فرمايو هيو، اڄ ان جي برڪت سان اوهان جي آڏو هئڻ جو موقعو مليو اٿم!”
“جڏهن تو دنيا هٿان ڇڏي، تڏهن توکي جاءِ ملي.” مرشد سمجهائيندي چيس؛ “جنهن ورتي، تنهن کان اها جاءِ وئي.”
مطلب: ۱. جنهن ڏنو، سو ڇٽو.
۲. ڇٽو پٽ ڏني جو، ٻئي ذات جا فرحتي.
۳. قرض ڏيندڙ، جڏهن قرض ڏيندو تڏهن ڇٽندو.
۴. سخاوت ڪندڙ، پرلوڪ/آخرت جي ڏکن کان ڇٽي ويندو.
۵. دنيا، خدا جي واٽ کي بندُ آهي. بند کي جو ڇڏيندو، سو ڇٽندو.

265- ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو،
ننڍو وڏو چڀڙ مٺو. (چوڻي)
چڀڙ؛ متيرو، ڪتيءَ ڌاران وَلِ ۾ ٿيندڙ ڦل.
چڀڙ يا متيرا، ماڻهو ڪڏهن ڪچا کائين ته ڪڏهن ٽماٽي جي جاءِ تي ٻوڙ/ تيوڻ ۾ وجهن. ڪي ته وري کين چيري، لوڻي (لوڻ ٻرڪي) يا سَنڌي، سڪائي، ڪچريون ڪري گيهه ۾ تري کائين.
ڪچڙا هوندا آهن ته ڪڙا لڳندا آهن. جڏهن ڏياري ٿيندي آهي، تن ڏينهن ۾ منجهن مٺاس پيدا ٿيندو آهي. پوءِ ته گدري وانگر بنا لوڻ جي ڪچا پيا کائبا ته به پيا وڻندا. ٻوڙ ۾ وجهڻ يا رڌڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي.
مطلب: ۱. چڀڙ مٺا ٿين ته ڏياريءَ جي ڏڻ جي يادگيري ڏيارين.

266- ڏيتا نهين، چي؛ “پورا تول”. (ورجيس)
هڪڙو شخص اڻ-ڪوٺيو/ ريءَ-سڏيو، ڪنهن جي گهر ۾ وڃي ۽ گهر- ڌڻيءَ کي دعوت کارائڻُ ته کارائڻَ جي ماڳ، سندس اچڻُ به نه وڻي ۽ هيءُ ويهي فرمائش ڪري؛ “مان ته کچڻي ڪين کائيندس. مون لاءِ ڪو پلاءُ ذرو رڌيو!”
سياڻي ۽ داناءَ ماڻهوءَ کي اهڙي هلت ڪرڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ جو ڪنهن ٻئي تي اجايو بار ٿي پوڻ چڱو ڪم نه آهي.
مطلب: ۱. اڳلو وڪڻڻ واري نه ڪري، هيءُ چويس؛ “پورو تورجانءِ.”
۲. مانُ بنائي بن ڪهت؛ آو، کيل، هس، ٻول،
بَنِڪُ هاٽ بيٺن نه دي، ڪہِ جهڪتو ئي تول. (هندي)
۳. آڌر بنا گهرڻ ملي، آءُ! کيڏ، کل، ڳالهاءِ،
واڻيو هٽ تي ويهڻ نه ڏئي، چي؛ “اٽل سان تور”. (ارٿ)
۴. اڳلو سودو نه سلي، هيءُ اٽل گهري.
۵. ڀيٽيو؛ هو ساڻ نه نيندا، هيءَ ڏاند تي چڙهندي.

267- ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ؛ ٽيئي اهنجا. (چوڻي)
ڏيڻ: ناڻو يا ڌن وغيره هٿن سان ڏيڻ.
ڏيهه ڇڏڻ: وطن ڇڏڻ، پرڏيهه يا پرديس تي وڃڻ، ملڪ بدر ٿيڻ.
ڏيهي ڇڏڻ: وطني ماڻهو ڇڏڻ، جاني جدا ٿيڻ، مري وڃڻ.
۱. ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ڇو جو ڏيڻ ۽ روئڻ دل جي هيٺان آهن. جڏهن ته کِلڻ ۽ گهرڻ ٻئي دل جي مٿان آهن. مٿان رکيل شيءِ کڻڻ سولي آهي. هيٺان دٻيل/ سٿيل شيءِ، کسڪائي ڪڍڻ ڏاڍي ڏکي آهي.
۲. ڏيهه ڇڏيڻ سولو ڪم نه آهي. ڇو جو اڻ ڏٺي ڏيهه جي سفر ۾ ڏک ڏاڍا ايندا آهن. جنهن ڏٺا هوندا، تنهن کي انهن اهنجن جي سڌ پوندي.
۳. مرڻ به مڙني کان ڏکيو آهي. هڪڙي پوڙهي عورت زندگيءَ مان اچي ڦاٿي، سا ڏيهاڙي اُڀ ڏي نهاري پئي چوندي هئي؛ “ڌڻي منهنجا! هاڻي عزرائيل کي موڪلي مون کي پاڻ وٽ گهراءِ!” هڪڙي ڏيهاڙي، رات ڌاران، سندس پاڙي واري گهر ۾ هڪڙي گابي وڃي اٽي جي پاري ۾ ٻوٿ وڌو. ٻوٿ پاري ۾ ويو ته سهي پر ڦاسي پيو. گابو تس سوڌو ٽاھ ۾ هيڏي هوڏي ڦرندو، اچي پوڙهيءَ جي گهر جي اڱڻ تي نڪتو. اوندهه سببان، پوڙهي کيس گابي بدران عزرائيل ڄاڻي بيٺي ۽ چوڻ لڳس؛ “ميان عزرائيل، جنهن دعائون گهري ڌڻيءَ وٽان توکي گهرايو آهي سا مان نه بلڪ منهنجي ڀيڻ آهي. منهنجي مهانڊي آهي، تنهن ڪري تون ڀليو آهين.”
مطلب: ۱. مٿي ٻڌايل ٽئي ڪم سچ پچ ڏاڍا اوکا آهن.
۲. سفر گرچه به يک نقطه کمتر از سقر است،
ولي عذاب سفر از سقر زياده تراست. (فارسي)
۳. سفر ۾ سقر (دوزخ) کان هڪ نقطو گهٽ آهي،
پر سفر جو ڏک، دوزخ کان واڌو آهي. (ترجمو)
۴. نديدہ کہ چہ سختي رسد بحال کسي،
کہ از دہانش بدر ميکنند دنداني،
قياس کن کہ چہ حالت بود دران ساعتي،
کہ از وجود عزيزش بدر رود جاني. (فارسي)
۵. ان شخص جي تڪليف نه ڏٺي اٿئي،
جنهن جي وات مان فقط ڏند ڇڪي ڪڍندا آهن.
ويچار ڪر، ان وقت ڪهڙو حال ٿيندو هوندو،
جڏهن پياري بت مان ساهه ٻاهر نڪرندو هوندو. (ترجمو)
۶. مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ عرب دوست به ساڻ پڙھندا ھيا. ھڪ ڏينھن ھڪ عرب دوست خليل البحر جو، ڏنل ٽائيم تي انتظار پئي ڪيم. تنھن ڏاڍي دير ڪئي. جڏھن آيو ته دير سان اچڻ جي ميار ڏيندي چيومانس؛ “الانتظار اشد من الموت!” تنھن تي وڏو ساھ ڀري چيائين؛ “لا وھاب! الموت اشد من کل شيءِ.” (مرتب)
۷. موت جي سختي، مڙني سختين کان وڌيڪ سور ڏيندڙ آهي.

268- ڏيڻ سڀ چڱو، بڇڙي هڪڙي گار،
وٺڻ سڀ بڇڙو، چڱي هڪڙي دل. (چوڻي)
دل وٺڻ: خوش ڪرڻ، راضي ڪرڻ.
ڏيڻ، ڏکيو ضرور آهي پر جنهن کي ڏجي ٿو تنهن کي وڻي ٿو. ڏيڻ به ان شيءِ جو چڱو آهي، جيڪا ٻين کي وڻي ۽ جنهن مان کين فائدو پوي. جنهن شيءِ مان کين نقصان پوي يا سندن دل آزارجي سا کين ڪين وڻندي. تنهنڪري اهڙي شيءِ جو ڏيڻ بڇڙو ۽ خراب آهي. جيئن گار ڏيڻ سان سڀڪو چڙي پوندو، تنهنڪري اها ڏيڻ خراب آهي.
وٺڻ؛ وٺندڙ کي ته وڻي ٿو پر ڏيندڙ جي دل کان ڪير پڇي؟ ان ڪهڙيءَ دل سان ڏنو. تنهنڪري زبان سان سوال ڪرڻ ته ڇا پر دل سان سوال ڪرڻ کان به پاسو ڪجي. جيڪڏهن وٺڻو آهي ته پوءِ ٻين جي دل وٺجي، جيڪا مٿن احسان ڪري وٺي سگهجي ٿي. دل وٺڻ سان اڳيان خوش به ٿيندا.
مطلب: ۱. ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ، ٽئي ڪم اوکا.
۲. ڏيڻ آهي دل هيٺان.
۳. بدست آوردن دنيا هنر نيست،
يکي را گر تواني دل بدست آر. (فارسي)
۴. دولت هٿ ڪرڻ وڏو فن ناهي،
جيڪڏهن هٿ ڪرڻو آهي ته ٻين جي دل هٿ ڪر. (ترجمو)

269- ڏيئي کي پُٺِ ۾ اوندهه. (پهاڪو)
ڏيئو: روشني ڏيڻ واري بتي.
ڏيئي جي منهن مان روشني ٻاهر نڪرندي آهي. سندس روشنيءَ تي سندس جسم جو پاڇو جڙي، جيڪو سندس هيٺيون حصو ڍڪي اونداهو ڪري ڇڏي.
ڪي عالم/ ڄاڻو پنهنجي علم ۽ هنر سان پاڻ کي ملڪن/ ڏيهن ۾ روشناس ڪرائين ٿا، جڏهن ته سندن گهر ۾، سندن ڄائو اولاد انهيءَ فضيلت کان وانجهيل رهي ٿو.
مطلب: ۱. چالاڪ ئي ٻين آڏو عيب لڪائي، صواب پڌرو ڪري ٿو.
۲. اي هنر ها نهاده برکف دست،
عيب ها را نهاده زير بغل،
تا چہ خواهي خريدن اي مغرور،
روز در ماندگي به سيم دغل؟ (فارسي)
۳. سياڻا پنهنجا ڳڻ تريءَ تي رکيا اٿئي،
اوڳڻ بغل ۾ لڪايا اٿئي،
اي هٺيلا ڇا خريد ڪري سگهندين،
ضرورت وقت کوٽي سِڪي سان. (ترجمو)