گ
تازي ڄاول ڦر کي، مينهن يا ڳئون وغيره چٽينديون آهن. گابن جي عادت آهي جو اهي وري ڌائڻ وغيره منجهان، چٽ چٽيان جا هيراڪ ٿي پوندا آهن. هر شيءِ کي پيا چٻاڙيندا ۽ چٽيندا آهن. حتيٰ ڪه پاڻ ۾ به پيا هڪ ٻئي کي چٽيندا آهن. هڪڙو ٻئي کي چٽيندو ته موٽ ۾ ٻيو وري پهرئين کي پيو چٽيندو.
مطلب: ۱. جنهن سان ڀلائي ڪبي، تنهن مان موٽ ۾ چڱائي ٿيڻ جي اميد رهندي.
۲. بنده حلقه بگوش از ننوازي برود،
لطف کن که بلطف بيگانه شود حلقه بگوش. (فارسي)
ٻڌو ٻانهو، جيڪڏهن نه پاليندينس ته ڀڄي ويندو،
مهرباني ڪر، مهربانيءَ سان ڌاريو به ٻڌو ٻانهو ٿئي. (ترجمو)
۳. تون مون کي غازي ڪوٺ ته مان توکي قاضي ڪوٺيان.
۴. تون مون کي حاجي ڪوٺ ته مان توکي زوار ڪوٺيان.
۵. You scratch my back, I yours.
417- گدرو ڪري ڪاتيءَ تي، ته به گدري جوکو،
ڪاتي ڪري گدري تي، ته به گدري جوکو. (پهاڪو)
دنيا جي تختي تي جيڪي به شيون پيدا ڪيون ويون آهن، تن جا ضد به پيدا ڪيا ويا آهن. تضداد کان سواءِ شين جي ماهيت، افاديت ۽ فطرت سمجهڻ ڏکي ٿي پوي. هڪڙن کي ڪمزور ته ٻين کي ڏاڍو ڪري پيدا ڪيو ويو آهي. هڪڙن کي ڪارو ته ٻين کي اڇو ڪري پيدا ڪيو ويو آهي. هڪڙن کي بااخلاق ته ٻين کي بداخلاق ڪري پيدا ڪيو ويو آهي. هڪڙن کي وڻندڙ ته ٻين کي قابل نفرت ڪري پيدا ڪيو ويو آهي.
انهن جي ضد ۽ تڪرار ۾ پوڻ ئي نه گهرجي. ڇو جو ڏاڍو هر هميشه ڏاڍو ئي آهي. ڪمزور ۽ ڏاڍي ۾، اهي خاصيتون فطرتي طور قدرت طرفان رکيل آهن.
فطرتي ڏاڍو، هر صورت ۾، هيٺينءَ يا مٿينءَ ۾، فطرتي هيڻي کان زور-آور آهي. جيئن گدري ۽ ڪاتيءَ جو مثال آهي. ڪاتي وڍيندڙ آهي، ان کي هر صورت ۾ اهو امر مڃڻو آهي. گدرو وڍجندڙ آهي، ان کي هر صورت ۾ اهو امر مڃڻو آهي.
مطلب: جبل فطرتي طور تي ڏاڍو آهي ۽ مٿو ڪمزور آهي. هاڻي جبل سان جيڪڏهن ڪير مٿو هڻندو ته پنهنجو مٿو ڦاڙائيندو، جبل کي ڪي به ڪين ٿيندو.
۲. ٺڪر جي ٿانون سان پٿر گڏ رکبا ته ٺڪر ئي ڀڄندا.
۳. ڏاڍي ۽ هيڻي جي ويڙهه مان، ٻنهين پارين هيڻي کي نقصان/ جوکو آهي.
418- گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ “ٿُو! ڪؤڙي!”
ناچو نچ نه ڄاڻندا، آکي؛ “ڀونءِ سوڙهي!” (پهاڪو)
ڀونءِ: زمين، ٽِڪري، ميدان.
هڪڙو گدڙ، جهنگ چرندو، هڪڙي انگور/ ڊاک جي باغ ۾ پهتو. انگورن جي ول، مَنَهه تي چڙهيل هئي، جنهن ۾ چمڪندڙ انگورن جا ڇڳا لڙڪيا پئي. ڊاک کائڻ لاءِ گهڻا ئي نرا ڏنائين پر ڊاک سندس پهچ کان مٿي هئي. نرا ڏيئي ڏيئي جڏهن ٿڪو، تڏهن پنهنجو مرم رکڻ لاءِ اهو چوندو هليو ويو؛ “ڊاک ته ڪؤڙي آهي.”
۲. هڪڙي شاديءَ ۾ ناچو گهرايا ويا. شادين جي موسم هئي. تجربيڪار ناچو نه آيا. ان جي جاءِ تي نوان ۽ الهڙ ناچو آيا. ڏسڻ جا چڱڙا پر جڏهن پٽيءَ تي لٿا ته نچي نه سگهن. گهور گهاٻور نه ملڻ سبب ڪرڪڻ لڳا ته ماڻهن چين؛ “ناچ ڏيکاريو ته گهور ڏيون.”
“ڇا تي نچئون.” نون ناچن، ناز مان جواز پيش ڪندي چيو؛ “ٽِڪري نچڻ واري تمام سوڙهي آهي، اسان جو پير کڄي ئي ڪو نه ٿو.”
مطلب: ۱. ماڻهو، ڪنهن ڪم/ هاج کي نه پهچي سگهندو آهي ته ان لاءِ دليل گهڙيندو آهي.
۲. جوان گوشه نشين، شير مرد راهِ خدا ست،
که پير خود نتواند ز گوشه برخواست. (فارسي)
۳. جوان ڪناره ڪشي ڪري ته خدا جي راهه جو شينهن آهي،
پوڙهو اٿڻ کان هلاک آهي، سو ڪُنڊ ڇو نه وسائيندو. (ترجمو)
۴. بوڍا جوڳي، سهجي جُتي. (هندي)
۵. جھونو جوڳي، جھريل جُتي. (ارٿ)
419- گدڙُ گدڙَ جي ڪوڪ تي نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿئي. (پهاڪو)
اُونائي: ورنائڻ، سڏ ۾ سڏ ڏيڻ.
ڪوڙهيو: برص يا بگ جي بيماري ٿيڻ.
۱. جنس جنس سان گڏ رهندي آهي. هڪ کي تڪليف پهتي ته سڀ مِڙي مُچ ٿيندا. ايستائين جو جهنگل جا گدڙ به تڪليف ۾ هڪ ٻئي کي سڏين. هڪڙو گدڙ رات جو اونائيندو ته اوسي پاسي وارا گدڙ موٽ ۾ اونائي کيس تسلي ڏيندا؛ “ٻيلي! تون اڪيلو ناهين، اسين به تنهنجي جُوءِ ۾ موجود آهيون.” جيڪڏهن ٻيا گدڙ، پهرئين گدڙ جي اونائڻ تي نه ورنائيندا ته سمورا تڪليف ۾ ايندا.
۲. ٽي ڄڻا؛ ٻانڀڻ، لنگهو ۽ بٺارو، پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي هندو هاريءَ جي پوک منجھان، ڏاڍ سان، ڪمند پٽي کائڻ لڳا. هاريءَ ويچاري ڏاڍو جهلين پر جهل تي مڙن ئي ڪين. هاري به جيتوڻيڪ ڏاڍو مڙس هيو پر اڪيلي سر ٽنهي سان نه پئي پڄي سگهيو. ٻن پاڏن سان اڪيلو شينهن به نه پڄي. اندر ۾ سوچ ويچار ڪري، هوري هوري ڪري ٻانڀڻ کي چوڻ لڳو؛ “توهان اسان هندن جا مصر آهيو. توهان کاڌو ته اسان جي اولاد کي موٽي ملندو. هيءُ لنگهو به کائيندو ته جتي ڪٿي وڃي واکاڻ ڪندو. توهان ٻئي ڀلي کائو پر ٻيلي هن بٺاري کان ته نه ڦرايوم!”
اها ڳالهه ٻڌي ٻنهي چيس؛ “بٺاري کي لوڌي ڇڏ!”
انهيءَ تي بٺاري کي ٻه ٽي ٿڦون هڻي، هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيائين. وري ٻانڀڻ کي چوڻ لڳو؛ “آئون غريب ماڻهو! مون کي واکاڻ جي ڪهڙي ضرورت! تون برهمڻ ڀلي کاءُ پر هيءُ لنگهو ته نه کائي!”
ائين ٻانڀڻ کان آگيا/ اجازت وٺي لنگهي سان به بٺاري واري ڪار ڪيائين.
ٻنهي کي هٿيڪو ڪرڻ کانپوءِ دل جاءِ ٿيس. ھاڻي ٻانڀڻ کي چوڻ لڳو؛ “مصر جي! پاڻ ته ڦريو پر ٻين کان به ڦرايو!” ائين چئي لت ڏئي ان کي به ٻڌائين. ٽنهي کي ڪاھي اچي سرڪار ۾ پهچايائين.
مطلب: ۱. جيستائين ٻڌيءَ ۾ رھبو ۽ مِڙي مُٺ ٿيو رهبو، تيستائين ڪير به وار ونگو نه ڪري سگھندو. ڇُڙ- ڇُڙ-گابڙا ٿبو ته ڪمزور دشمن به چڙهت ڪري ويندو.
۲. دو دل يک شود بشکند کوهه را،
پراگندگي آورد انبوهه را. (فارسي)
۳. ٻه دليون هڪ ٿين ته جبل ڏاري وجهن،
انبوهه کي ڊانوان ڊول ڪري وجهن. (ترجمو)
420- گڏهه، پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي. (پهاڪو)
ساواهه گاهه پٺا، سانوڻيءَ ۾ ٿيندا آهن. سياري ۾ ٿڌ ۽ پاري تي ايترا نه ٿين. سانوڻيءَ جي مند، گاهه پٺي جي حساب سان مال متاع لاءِ موج ماڻڻ واري هوندي آهي. گڏهه، اهڙي موسم ۾ به بجاءِ ساوا گاهه چرڻ جي، وتندو گڏهين پويان هينگون ڏيندو ۽ پُئين مان سڪي ڪرڦٽي، ڪُرٽيندو کائيندو. وڏي ڊسڙ ڏسي، منجهس ليٽهڙا ڪندو. سانوڻيءَ ۾ ساوا گاهه کائڻ کان کرندو ته سياري ۾ وزن ڍوئڻ جي قابل نه رهندو. ان وقت دايي جي مٿس لٺين/ باٺن جي ريهه پئي پوندي آهي.
مطلب: ۱. هر موقعي مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي.
۲. ٻار کي پنھنجو ننڍپڻ، راند روند ۾ وڃائڻ بدران پڙهڻ ڪڙهڻ تي صرف ڪرڻ گهرجي.
۳. سرڪاري نوڪر کي، نوڪريءَ ويل، ڪچهري نه ڪرڻ گهرجي.
۴. واپاريءَ کي ڏيتي ليتيءَ وقت، بازار جي گهوم ۾ وڃائي، ڪرت کان سيڙجڻ نه گهرجي.
۵. گهور مهل، نڀاڳي مڱڻهار کي، ٽوري جو بهانو ڪري، نصيب کي پٺي نه ڏيڻ گهرجي.
۶. مانيءَ جي مهل، نڀاڳي ماڻهوءَ وانگر، نڪهير وهڻ نه گهرجي.
۷. غفلت ۾ وقت اپنا نه کهو، هوشيار هو هوشيار هو. (هندي)
۸. آرس ۾ مهل نه وڃاءِ، اک پَٽِ، سجاڳ ٿيءُ. (ارٿ)
421- گڏهه جو ڇا وَسُ، جو ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهندو؟ (پهاڪو)
گڏهه، عادتًا گوهي ڪندڙ ٿيندو آهي. بار رکبس ته نٽائيندو، ٺينگ ڏئي وزن ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندو، اڳتي هلي پوئتي موٽڻ لاءِ ڪَنَ هڻندو. بهرحال گڏهه، خر-دماغ هئڻ سبب، وس ڪندو آهي ته جان ڇڏائي ڀڄائي.
ماڻهو به سندس رڳ تاڙي ويا آهن ته گڏهه سوٽيءَ سان سڌو آهي. تڏهن کيس سوٽيءَ سان اهڙو سڌو ڪن جو گوهيون ڏيڻ ئي وسري وڃنس. جيڪڏهن اهو گڏهه، درياهه پار ڪرڻ لاءِ، پتڻ تي آڻجي، جتي اُٺ به پيا ڪٽبا ۽ رڙندا آهن، تتي پاڻي ۽ ترندڙ ٻيڙي ڏسي، گهه ڪري ته پوءِ اٺ کان وڏو جانور ته ناهي جو کيس ٻيڙيءَ تي نه چاڙهي سگهبو. سوٽن هڻڻ سان نه چڙهيو ته ڄنگهون ٻڌي کڻي اڇلبس ٻيڙيءَ ۾. آخر تائين ڇڙھ ھنيون ويٺو هوندو.
مطلب: ۱. گڏهه جي ڪهڙي مجال آ جو ڪم کان نٽائي ڀڄي؟
۲. ماڻهوءَ جي ڪهڙي مجال آ جو موت مٿان اچي ڪڙڪيس پوءِ اتان ڀڄڻ لاءِ ڳٿو ڳولهي ڪڍي ۽ ڀڄي وڃي.
۳. نا ڇٽي گا ڳڙهان ڪوٽان ۾، نا ڇٽي گا لکهان ٻانهين،
جان جم آوي، پڪڙ چلاوي، عذر کسي دا ناهين. (وچن)
۴. نه قلعن ۽ ڪوٽن ۾ ڇٽندين، نه لکين ٻانهان ڇڏائيندئي،
جڏهن موت ايندئي، کنڀي ويندئي، بهانو ڪو به نه ٻڌندئي. (ارٿ)
422- گڏهه کي به ڪڏهن گابو ڄائو آهي؟ (پهاڪو)
قانونِ فطرت آهي ته هر جنس، پنهنجي جنس منجهان، نسلي افزائش اختيار ڪندي آهي. ڪانءَ جو ٻچو ڪانءُ ٿيندو، مورُ نه ٿيندو. ڪتي جو ٻچو ڪتو ٿيندو، ٻڪري نه ٿيندو. حرام حلال نه ٿيندو، توڙي سَوَ تڪبيرون پڙهجنس. بگهڙ جو ٻچو بگهڙ ٿيندو، رڍ نه ٿيندو. گدڙ جو ٻچو گدڙ ٿيندو، شينهن نه ٿيندو. تهڙيءَ طرح گڏهه جو ڦر گڏهه ئي ٿيندو، گابو نه ٿيندو.
هاڻي جيڪڏهن ڪير اچي خلافِ فطرت ڳالهه جي خبر ڏئي ته تپرس/ حيرت يا عجب وٺندو ته؛ “چوي ڇا ٿو؟” پهرينءَ سٽ ته نه ڪنن تي اعتبار ايندو نه سندس زبان تي. ورجائي پڇڻ کان پوءِ به ساڳيو جواب مليو ته ڳالهائيندڙ جي عقل تي ۽ پنهنجي سمجهه تي اعتبار نه ايندو. جيڪڏهن اڳلي جي خبر هوندي ته نه ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ نه ئي بددماغ آهي ته پوءِ پنهنجي مشاهدي ۾ ڪمي نظر ايندي. يڪدم کيس چئبو؛ “ثبوت پيش ڪر! جاءِ واردات تي وٺي هل، اکين سان لقاءُ ڏيکار، جيڪڏهن سچو آهين!”
مطلب: ۱. لچ ماڻهوءَ مان ڪنهن به چڱائيءَ/ ڀلائيءَ جي اميد رکڻ عبث آهي.
۲. صائبا اميد فيض از صحبت دونان مدار،
بوئي جستن از گُلِ ڪاغذ، نشانيِ ابلهي است. (صائب شاعر)
۳. اي صائب! ڀلائيءَ جي اميد ڪميڻن ۾ نه رک،
ڪاغذي گل مان خوشبوءِ ڳولڻ، اياڻپ جو آ اهڃاڻ. (ترجمو)
423- گڏهه کي به ڪو گج پائي؟ (پهاڪو)
گج: گگهو، ڀرت ڀريل جهولدار چولو، فراڪ نموني ٺهيل ۽ ڀرتيل چولو، جيڪو اڪثر عورتون پائين.
ريشمي ڪپڙي جو گگهو/ گج عورتن جو سينگار آهي. انهن لاءِ خاص طور تي ڀرايو ويندو آهي، جيڪي سونهن سوڀيا ۾ وڌيڪ هجن ۽ سندن شادي ٿيندي هجي. انهن عورتن لاءِ نه، جن سان نه رشتو ناتو هجي، نه ئي سندن شادي ٿيندي هجي، نه وري سندن شڪل صورت ڪا ملوڪ ئي هجي. ڪي عورتون عمر کائي، رنگ ڦٽائي، چال وڃائي ويهن. هاڻي پئسن جي زور تي گج پائي پاڻ سيبائڻ جي ڪوشش ڪن ته اهو فقط گج کي لڄائڻو آهي، پائڻو ناهي.
۲. ريشمي ڪپڙي جي رنگين ڦولدار جُهل گهوڙي تي رکبي آهي. گهوڙو ڏسڻ ۾ ملوڪ، سندس چمڙي پڻ رنگ روپ ۾ وڻندڙ، چال تکي، مٿس ويهڻ ۾ شان، تنهن ڪري سڀڪو مٿس جُهل رکي. ان جي برعڪس، گڏهه چال ۾ ڍرو، رنگ ۾ اُگرو، ڏسڻ جو بي سُرو، مٿس جُهل رکڻ، جُهل کي لڄائڻ آهي.
مطلب: ۱. مهرباني، چڱي ۽ حياءَ دار تي ڪجي، لچ تي نه.
۲. لچ سان مهرباني ڪبي ته منجهانئس چڱائيءَ بجاءِ الٽو ڇيهو/ نقصان رسندو.
۳. چو با سفله گوئي به لطف و خوشي،
فزون گرددش کبر و گردن کشي. (فارسي)
۴. جي تون لچ سان مٺو ڳالهائيندين،
ھن جو هيڪاري هَٺُ ۽ وڏائي وڌائيندين. (ترجمو)
424- گڏي اڏجي، يا لڏي ڇڏجي. (چوڻي)
حياتي، سک ۽ سانت سان گذارڻ لاءِ، هم خيال ماڻهن سان گڏ رهڻ گهرجي. جيڪي هم خيال نه هوندا، سي پيا هر وقت ڏنڀيندا.
جيڪي هم خيال ۽ دلبر هجن، تن سان ٻانهن ٻيلي ٿي، ڳوٺ اڏجن. ساڻن گڏ رهجي. جيڪڏهن ساڻن دل نه ڳنڍجي ته پوءِ وَيري ٿي وِيري وجهي، اتان لڏي هليو وڃجي. وقت گذاري لاءِ اندر ۾ وير رکي، ٻاهران دوستيءَ وارو ٻنو رکي نه هلجي.
مطلب: ۱. اندر ۾ هڪڙي، ٻاهر ۾ ٻي نه رکجي.
۲. رُو سياهي بہ از سياهي دل. (فارسي)
۳. منهن جي ڪاراڻ، دل جي ڪاراڻ کان چڱي. (ترجمو)
۴. دليون محبت جن، سيئي ساچيا،
جن من هور مُک هور، سي ڪاڍو ڪاچيا. (گرو نانڪ، وچن)
۵. جن کي دلي محبت آهي، سي ئي سچار آهن،
جن جي دل ۾ هڪڙي ۽ منهن ۾ ٻي، سي ڪچا ڪڍي ڇڏجن. (ارٿ)
425- گذر گئي گذران، ڪيا جهوپڙي ڪيا ميدان. (چوڻي)
گذران: زندگي، گذارو ٿيڻ، حياتيءَ جو لنگهي وڃڻ.
انسان، دنيا جي تختي تي مختصر زندگيءَ جي موڙي وٺي آيو آهي. اها کيس ملي آهي ته آخرت لاءِ، لڳائي ۽ منجهانئس آخرت سنواري. هن دنيا کي آباد ڪرڻ، منجهس عيش آرام ڪرڻ لاءِ نه آيو. هن عارضي دنيا جو وقت، جهوپڙيءَ ۾ به ڪٽجي ٿو وڃي ته ميدان، مڪان يا محلات ۾ به گذري ٿو وڃي. سک ۾ توڙي ڏک ۾، هيءَ حياتي ته پوري ٿي ٿي وڃي. اصل ڳالهه آهي ته انسان منجهانئس ڪمائي ڪهڙي ڪئي؟ اها ڳالهه ڳڻي ويندي يا ڳڻپ ۾ منجهانئس ڪيل ڪمائي ئي ايندي، ٻي ڪا شيءِ نه.
۲. هڪڙو راجا سياري جي مند ۾، صبح جو ڪاڏي چڙهي ٿي ويو. واٽ تي هڪڙي سائين والي فقير تي نظر پيس، جيڪو هڪڙي بَٺَ/ تنور کي پاسو ڏيو، پاڻ کي سيءَ کان بچائي رهيو هيو. راجا سندس اها حالت ڏسي ويچار ۾ پئجي ويو؛ “آئون سڄي رات سمور جي وڇاڻي تي ستل هئس ته به سيءَ لکايو پئي. پوءِ اهڙي سرد رات، هن فقير تنور ۾ ڪيئن گذاري هوندي؟”
اهو خيال دل تي ايندي، فقير کان سندس ڪيفيت پڇيائون، جنهن چيس؛ “سمور ۾ به گذري وئي ته تنور ۾ به گذري وئي. گذرڻ واري شيءِ کي گذرڻو ئي آهي، سا گذري ئي ويندي.”
مطلب: ۱. زندگي، هر حال ۾ گذري وڃي ٿي،
۲. شب تنور گذشت و شب سمور گذشت. (فارسي)
۳. بٺ ۾ توڙي سمور جي وڇاڻي تي، حياتي گذري ئي وئي. (ترجمو)
۴. ڀيٽيو؛ گذري ڪون ڦر ياد نه ڪرڻا، جا گذري سا چوکي.
426- گذري ڪون ڦر ياد نه ڪرڻا، جا گذري سا چؤکي. (چوڻي)
دنيا جي تختي تي، حياتي ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي کٽندي. سک ۾ يا ڏک ۾، پٽ تي يا کٽ تي، هر حال ۾ وڃي ٿي گذرندي. ڪاٿي رڪجي بيهي نه ٿي رهي. نه سج هڪ هنڌ ٽڪ ٻڌي بيهي رهي ٿو، نه موسمون هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪري بيهي رهن ٿيون. هلُ هلان جو جهان آهي.
ان حياتيءَ ۾ جيڪو ۽ جهڙو حال گذري ٿو، تنهن سان منهن ڏجي. گذريل ڏينهن کي ورجائي ياد ڪرڻ اجايو آهي. اهي سک ۾ گذريا ته به گذري ئي ويا. ڏک ۾ گذريا ته به گذري ئي ويا. هاڻي به جيڪڏهن سک آهي ته اهو به گذري ويندو. جيڪڏهن اهنج ۽ ڏک آهن ته اهي به لهي ويندا. جيڪا گهڙي گذري وئي، جهڙي حال ۾ به گذري، تنهن تي شڪر ڪرڻ گهرجي.
مطلب: ۱. حياتي هر حال ۾ چُڙي ختم ٿيڻي آهي. بعد ۾ افسوس ڪرڻ کان، اڄ ئي ان کي سڦل بڻائڻ لاءِ محنت ڪرڻ گهرجي.
۲. ز روزگار همين عادتم پسند آمدمِ،
که خوب و زشتِ جهان، جمله درگذر ديدم. (فارسي)
۳. زماني جي هيءَ عادت گهڻو وڻيم،
جو حياتيءَ جي چڱي مدي (گهڙي) لنگهندي ڏٺم. (ترجمو)
۴. گهنٽو لڳو گهنٽي تي، گهڙيال ڪيو گهوڙا،
ٻڌئي ڪين ٻوڙا، اها به گھڙي گھٽ ٿي.
۵. ڀيٽيو: گذر گئي گذران، ڪيا جهوپڙي ڪيا ميدان.
427- گرمي ڇڏي، جهڻ-ڪنگر سان،
سردي ڇڏي، زر-ڪنگر سان. (پهاڪو)
جهڻ-ڪنگر: لسيءَ يا ڇاڇ جو ڀريل ڪينگر يا لوٽو، ٽڀو يا چاڏي.
زر-ڪنگر: دولت يا چانديءَ سان ڀريل لوٽي.
گرميءَ ۾ ماڻهوءَ جو جياپو ٿڌين شين تي آهي. بجليءَ تي هلندڙ ايئرڪنڊيشنڊ، فرجون ۽ ڊيپ فريزر هر ماڻهوءَ وٽ دستاب ڪينهن. بوتلون(Beverage) واپرائڻ هر ماڻهوءَ جي وس جي بات ناهي. اهڙيءَ صورت ۾ سادو ۽ سستو رستو آهي؛ لسي کير وغيره، جيڪي ٺڪر جي ٿانءَ ۾ رکيل هجن. منجهانئن پاڻي ۽ لوڻ وجهي جهارو ٺاهي پيئبو ته گهٽ ڌَنَ سان، تَنُ مَنُ به ٺري پوندو.
سرديِءَ ۾ اوچا اوڇڻ ۽ وڇاڻا، ڀليون ۽ بند جايون، کائڻ لاءِ گوشت ۽ ڪباب، پيئڻ لاءِ گرم مشروب جهڙوڪ؛ برانڊي، ڪافي، يخني، سوپ، چانهه وغيره گهرجن. اهي مڙيئي شيون غريب ماڻهوءَ جي پهچ کان مٿي آهن. ان کي دستياب ٿينديون، جنهن وٽ ڌن دولت جام آهي.
مطلب: ۱. گرميءَ ۾ بچاءَ لاءِ ٿڌا مشروب ۽ سرديءَ ۾ بچاءَ لاءِ گرم مشروب ۽ اوڇاڻا کپن.
۲. ڀيٽيو: سياري ۾ سي ئي چڱا، جن وٽ ڪي آه،
اونهاري ۾ سي ئي چڱا، جن وٽ ڪي آه.
428- گُگِرُ گِگِرُ، پنڊا اڙيا. (پهاڪو)
گگر: ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ وڻ جي کونئر جو قسم. ٽن قسمن جو ٿئي؛ ۱. ڳاڙهو؛ دوائن ۾ ڪم اچي ۲. ڳاڙهو زرداڻ مائل ۽ ۳. ڳاڙهو ڪاراڻ مائل. پويان ٻئي شيشي ڳنڍڻ جي ڪم اچن.
هڪڙي پساريءَ وڪڻڻ لاءِ گُگِرُ وٺي، هڪڙي پنڊي ۾ پائي رکيو هيو. جيستائين ڪو گراهڪ اچي کانئس اهو وکر وٺي، تيستائين گُگر مان نڪتل گگ/ لِوَ سبب، گُگِر پنڊي کي چنبڙي پيو. اهڙو چنبڙيو جو گراهڪ جي اچڻ وقت ڇڏائجي نه سگهو. حتيٰ ڪ ڀڃڻ کان پوءِ به پنڊي کي سندس باقيات ايتري چنبڙي وئي جو پنڊي جو حصو ٿي وئي. الغرض گِگِري گُگِر منجهان پنڊو ئي اڙجي ويو.
۲. ٻه ڄَتونئڙا ماءُ کان موڪلائي، چُوڻي ڳولڻ لاءِ سفر تي اسهيا. هلندي هلندي هڪڙي پُست/ ڏوڏيءَ جي پوک ڏٺائون، جنهن منجھان ڏوڏيون کائي، ڍؤُ ڪري هڪڙي وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي رهيا. ڏوڏين جي نشي ۾ پنڪيون کائي ليٽيا پر چنبا ٽاريءَ ۾ اٽڪيل رهين، تنهنڪري چمڙن وانگر اونڌا لڙڪڻ لڳا. ايتري ۾ ماءُ ڳوليندي اچي لڌن. کين لٽڪندو ڏسي پڇيائين؛ “گهر ڇو نه ٿا هلو!” جواب ۾ چيائونس؛ “اسان ته اکين سان هلون پر وڻ جي ٽاري اسان کي چنبڙي پئي آهي ۽ اسان کي نه ٿي ڇڏي.” تنهن تي ماءُ چين؛ “ٽاريءَ ڪين جهليو اٿو پر توهان ٽاريءَ کي جهليو آهي.”
مطلب: ۱. انسان، ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ آيو آهي پر دنيا کي اهڙو چنبڙي پيو آهي جو هاڻي دنيا مورڳو منجهانئس اچي اڙي آهي.
۲. مان ڪمبل کي ڇڏيان ٿو پر ڪمبل مون کي نه ٿو ڇڏي.
۳. جِنُّ ته جنيءَ کي ڇڏي پر جَني جنَّ کي نه ٿي ڇڏي.
429- گنجو کنهڻ کان نه رهي. (پهاڪو)
وارن جي سيوا نه ڪبي ته منجهن جونءَ ۽ کارس رهندي. کنهندي کنهندي ايتري عادت پئجي ويندي جو کنهڻ کان سواءِ مزو ئي نه ايندو. اهڙو ماڻهو، وارن جي ٻي سار سنڀار لهڻ بجاءِ، پيو کنهندو آهي. جڏهن ته کنهڻ علاج ناهي. وارن مان، ڌوئي تيل هڻڻ ڌاران، اها خارس نه ويندي. کنهڻ سان ويتر وارن ڇڻڻ واري بيماري لڳندي. ايتري لڳندي جو مٿي جا سمورا وار ڇڻي ويندا. انهيءَ دوران انهيءَ نئين ٿيل گنجي کي کنهڻ جي عادت ايتري پڪي ٿي چڪي هوندي آهي جو جيئن عضوو ساڻ هجي. سمورا وار کسي وڃڻ پڄاڻان به، گنجي جي مٿي ۾ ڪرنهن رهي، جنهن کي عادتًا کنهندو رهي.
مطلب: ۱. لچ ماڻهو، لچائيءَ جي سزا ملڻ ڌاران به، لچائيءَ کان ڪين مڙي.
430- گنجي جي مٿي ۾، جُونءَ نه ليک. (پهاڪو)
گنجو: جنهن جي مٿي جا سمورا وار کسي ويا هجن، جنهن جي ٽِڪڻ تريءَ وانگر لسي هجي، روڏو، ٺوڙهو.
جونءَ: تر جيڏو جيت، جيڪو وارن ۾ ڄاپي، آنو لاهي، ٻچا ڪري ۽ وڌي ويجهي.
انساني مٿي جا وار، خوبصورتي وڌائڻ لاءِ آهن. انهن جي سار سنڀار ۽ خبر- چار ڏيهاڙي وٺڻ گهرجي. ڇو جو انساني جسم، فطرتي طور تي ڦِٽندڙ وٿ آهي. جيڪو کاڌو کائجي، تنهن جو فُضلو غلاظت جي صورت ۾ نڪري. پاڻي پيئجي ته پيشاب ۽ پگهر جي صورت ۾ نمودار ٿئي. ٻنهي ۾ پنهنجي بوءِ ۽ غلاظت آهي. اهڙيءَ طرح، چمڙي ۽ وار پڻ آهن. ڏيهاڙي کين ڌوئي ڌپوئي تيل ڪريم هڻي اڇو اجرو ۽ صاف شفاف نه ڪبو ته گندا ٿيندا ويندا ۽ بدبوءِ پکڙجي ويندن.
مالڪ کي، مٿي ۾ پيدا ٿيندڙ بدبوءِ، آهستي آهستي پيدا ٿيڻ ۽ وڌڻ سبب لکائيندي ئي ناهي. پاڻ، هيراڪ ٿيندو ويندو آهي. ٻيو ماڻهو جڏهن اوچتو سندس ويجهو ايندو ته ان کي يڪدم بڻاس ايندي ۽ ڪرڀ کڻي ويندي. اهڙي مٿي ۾ ڄِؤن، ليکون ۽ جونءَ پاڻ-مراديون پيدا ٿي پونديون آهن. مٿي جي کردري چمڙيءَ ۾، سندن سرسراهٽ لڳي پئي ھوندي آھي، جنھن سبب، مالڪ جي کنھ کنھان لڳي پئي ھوندي آھي. مالڪ کي مفت ۾ کنهڻ وارو مزو پيو ايندو آهي ته کين وري خوراڪ پئي ملندي آهي.
ان جي برعڪس، جنهن جي مٿي تي وار ئي ناهن، تنهن جي مٿي ۾ نه بدبوءِ پيدا ٿيندي ۽ نه ئي جَونءَ وجود وٺنديون. تنهنڪري کيس جونءَ جي وجود جي سُڌ به نه هوندي.
مطلب: ۱. جيڪو مايا جي ڌنڌن کان آجو آهي، تنهنکي سڪار ڏڪار ۽ سوڪ ٻوڏ جو ڪهڙو ڊپ؟
۲. ڀيٽيو: ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شتريا گهول پتاشا پيوي.
431- گندُ گندَ سان نه ڌوپي، نيٺ پاڻيءَ سان ڌوپي. (پهاڪو)
گندُ: ڪِنُ، گونهه، پليتي.
گندگيءَ کان هر ڪو پري ڀڄندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته گندگي انسان سان پيٽ ۾ به ساڻ آهي. مجبورًا کيس ڪٿي اڇلڻي پوي ٿي ۽ پاڻ، آجو ڪرڻو پوي ٿو. فراغت بعد، پنهنجي جان صاف ڪرڻ لاءِ، پاڻي استعمال ڪرڻو پوي ٿو. ڇو جو پاڻيءَ کان سواءِ صفائي ڪين ٿيندي آهي. جيڪڏهن ساڳيي گند کي اهڙي ئي ٻئي گند سان صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته اڃا گندگي ۽ بدبوءِ وڌندي، صفائي يا پاڪائي حاصل ڪا نه ٿيندي.
مطلب: ۱. اَوٺي شيءِ، اَوٺيءَ کي سُٺو ڪين ڪندي.
۲. گونهن گونهن سان ڪو نه ڌوپي، وري به پاڻيءَ سان ڌوپي.
۳. ڪِنُ ڪِنَ سان ڪو نه ڌوپندو.
۴. لچائپ کي لچائپ سان ختم ڪري ڪين سگهبو.
۵. تحمل چو زهرت نمايد نخست،
ولي شهد گردد چو در طبع رُست. (فارسي)
۶. کانڌ/ بردباري پهريائين، وِهَ وانگر ڏيکاري ڏئي،
ماکي ٿي پوندي، جڏهن طبيعت ۾ ويهي ويندي. (ترجمو)
۷. سنگ بد گوهر گر کاسئه زرين شکند،
قيمت سنگ ني فزايد، زر کم نشود. (فارسي)
8. بڇڙو پاهڻ، جيڪڏهن سوني باسڻ کي جهوري،
پاهڻ جو ملهه وڌندو ڪين، باسڻ جو گهٽجندو ڪين. (ترجمو)
432- گولاڙو، ڳُيان پچي. (پهاڪو)
گولاڙو: ٿر ۾ پاڻمرادو ول مان ٿيندڙ ڦل/ ميوو.
گولاڙو: غلام، ٻانهو، نوڪر.
گولاڙو: وونئڻن ۾ ٿيندڙ ڏينو، جنهن مان ڪپهه ڦوٽهڙو کائي نڪري.
گولاڙو، ٿر ۾ برسات جي موسم ۾ ٿيندڙ هڪڙي پاڻ- مرادو ول مان ٿيندڙ ميوو آهي، جيڪو ڪرڙ جي ڏيلهي يا ٻير جيترو ٿيندو آهي. اها ول اڪثر ڪنڊيدار وڻن تي ٿيندي آهي. جڏهن گولُو پچندا آهن، تڏهن ٻين ميون جي ڀيٽ ۾ پيٽ وٽان يا بول کان يا ڳئيءَ وٽان پچندا آهن. مٿين بونڊ پڪي هوندي اٿن، جنهن ڪري ڇڻندا گهٽ آهن. کائڻ ۾ سوادي هوندا آهن، تنهنڪري ماڻهن کان اڳي، پکي مٿن مارو ڪندا آهن. پڪلُ پڪلُ وچُ، کائيندا ويندا اٿن، باقي وڃي ڏانڊيءَ ۾ کل ڇڏيندا آهن. گولُوءَ جو اهو ڳئيءَ وٽان پچڻ، مارو ماڻهن کي سِڪايو ڇڏي.
۲. گولاڙو، غلام يا گولو پڻ انهيءَ وَلِ جي ميوي وانگر آهي. جيڪا ڳالهه ٻڌي سا پيٽ ۾ نه ٽِڪيس. جيستائين ٻين سان ٻاڦي نه تيستائين بول پيو ڦاٽندس.
۳. وونئڻن جا گولاڙا يا ڏينو، پڻ بول وٽان ٽڙندا آهن، جن منجهان ڪپهه/ ڦُٽيون نڪرنديون آهن.
مطلب: ۱. انسان به ٻانهو/ گولو آهي. مٿس جيڪي ڪم سونپيا ويا آهن، سي کانئس واجبي طرح ادا ٿيڻ بجاءِ ابتي نموني ٿي ٿا وڃن. کيس هر ڪم ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي.
۲. پرستار زاده نيايد بِکار، گر چه بود زادهِ شهرِ يار. (فارسي)
۳. ٻانهيءَ منجهان ڄاول ڪم نه اچي،
پوءِ ڀلي راجا مان ڄاول ڇو نه هجي. (ترجمو)
433- گَھُ پِيھُ، ٺڪرن جو پاڻي سڪائي. (پهاڪو)
گَههُ پيهه: گَهَڻُ ۽ پيهڻ، گهه- پي، ڪلڪل، جهيڙو، ڪروڌ.
ٺڪرن مان پاڻي سڪڻ: سڃ ٿيڻ، اَڇ ٿيڻ، ويراني ٿيڻ.
انسانيت، پاڻ ۾ گڏجي رهڻ جو نالو آهي. جنهن جي رس محبت ۾ عورتون توڙي مرد، ننڍا توڙي وڏا، ٻڍا توڙي جوان، صحتمند توڙي مريض، گڏ رهي سگهن. انساني سڀاءُ آهي ته جتي عزت ۽ مانُ ملي اتي، رهبو. جتي سُهمون ۽ دڙڪا ملن، هر ڳالهه تي ٽوڪ ۽ هر قدم تي چوڪسي، شڪ ۽ پهرو هجي، اتان جان ڇڏائي ڀڄبو. پيار قرب سان نه ڀڄي سگهيو ته پوءِ رُسي نڪربو. رُسي نڪرڻ جا رستا بند هجن ته وڙهي، جهيڙو ڪري، هر شيءِ ڦٽائي به جان آجي ڪري نڪربو.
ٿوري ڪلڪل سان، دلين جي اندر نفرت جي چڻنگ دکي ٿي، جيڪا روز روز جي گهه- پيهه سان دکي دکي ڀنڀٽ ٿئي ٿي. آخر، سڄو گهر توڙي معاشرو، بگاڙ جي ور چڙهي وڃي ٿو.
مطلب: ۱. جنهن گهر ۾ ريڙهه پيڙهه هوندي، سو وسندو ڪين.
۲. تهي پائي بودن بِہ از کفش تنگ،
بلائي سفر بهتر از خانئه جنگ. (فارسي)
۳. سوڙهيءَ جتيءَ کان پير اگهاڙا چڱا،
جهيڙي واري ھنڌ کان پرڏيهه جو ڏک چڱو. (ترجمو)
434- گَهَه-گِيرو گهوڙو ۽ پيٽيرو ماڻهو، مهل ۾ ڪم نه اچن. (چوڻي)
گَههَ-گيرو: هلندي هلندي اٽ هڻي بيهي رهندڙ، ڊٺو، نٺر، وقت تي ڪم نه ايندڙ، گوهي هڻندڙ، اٽون هڻندڙ، پـٺيرو هلندڙ.
پيٽيرو: پيٽي، گهڻ-کائڪ، مانِيَر، پيٽ تي بيٺل نوڪر.
۱. گهوڙو، سواريءَ جي ڪم اچي. ڪٿي تڪڙو پهچڻو هجي ته پنڌ بجاءِ گهوڙي تي سوار ٿي پهچي وڃجي. عين وقت تي جي گهوڙو گههُ ڪري (ڊُهي هڻي) بيهي رهي ته پوءِ وڏو ڌڪ نڪري وڃي.
۲. گهڻ-کائڪ يا اهو نوڪر جيڪو رڳو پيٽ قوت ملڻ تي بيٺل آهي، مشڪل وقت ۾ رڳو سر لڪائڻ ۾ پورو هوندو. هيڏي ڀڄي هوڏي ڀڄندو، باقي ڪا به مدد نه ڪري سگهندو.
مطلب: ۱. نٺر ۽ ڪاهل ماڻهو، وقت سر ڪم نه ايندو آهي.
۲. چه مردي کند در صف کارِ زار؟
که دستش تهي باشد از روزگار. (فارسي)
۳. ڪهڙي مڙسي ڪندو، جنگ جي ميدان ۾،
جنهنجو هٿ، قوت ڪمائڻ لائق ناهي. (ترجمو)
435- گِيهَه پوندي به ڪو مٿو سڙي؟ (پهاڪو)
مٿو سڙڻ: مٿو ڪُرڻ، مٿو پوسرڻ.
تيل، مٿي ۽ منهن کي مکبو آهي ته چمڪي پوندا آهن. خاص طور تي سياري جي مند ۾ تيل مکڻ ضروري آهي. انهيءَ سان چمڙي نرم ۽ چمڪندڙ رهندي. تيل نه هڻڻ جي صورت ۾ چمڙي کهري ۽ سڪل رهندي. جنهن کي خارس سبب کنهڻ جي پڻ ضرورت پئي رهندي. ماڻهن جي آڏو، پنهنجي چمڙيءَ کي گري ڪتي وانگر پٽ پٽيان، بڇان ڏياريندڙ ٿيندي آهي. مِٺي تيل بجاءِ جيڪڏهن ڪؤڙو تيل هڻبو ته کڻندو. پهرين لڱ ڪُرندا ۽ هڻڻ وارو پيو ٽپ ڇڏيندو، جيستائين لڱ ٺرنس.
ان جي برعڪس مٺي تيل يا سچي گيهه مَکَڻَ مَکِڻَ تي لڱ ڪو نه ڪُرندا آهن. جيئن ته گيهه ۽ مکڻ، تيل کان وڌيڪ ڪارائتا ۽ ملهائتا آهن، تنهن ڪري هر ڪو تيل ئي هڻندو آهي. جيڪڏهن ڪير ماڻهو، گيهه يا مکڻ لڳائڻ تي به ويهي رڙيون ڪري، ٽپ ڇڏي ۽ ڪُرڪي ته پوءِ اها ان جي بيوقوفي ئي چئبي.
مطلب: ۱. چڱائي ڪرڻ سان ڪنهن کي بڇان آئي آهي؟
۲. ڪي ماڻهو اهڙا آهن جو جڏهن ڌڻيءَ ٻاجهه ڪري، مٿن ڪو آبروءَ جهڙو ڪم رکيو آهي، پوءِ دل ۾ خوش هوندي به، وات سان چون؛ “هن ڪم مان مورڳو اڙيا آهيون!” انهيءَ هلت مان هڪڙو پاپ/ گناهه اهو آهي جو ماڻهو، اندر-ٻاهريون يعني منافق ٿي ٿو پوي. ان کان علاوھ ڌڻيءَ جي مهربانيءَ جي ناشڪريءَ سبب، ناشڪرو ٿو ٿئي. اهي ٻئي گناه، نه ئي ڌڻيءَ کي وڻن ۽ نه ئي ديندارن کي.