اداري پاران
سنڌ جي ناليواري اديب، دانشور، بيحد قربائتي ۽ اتساھ بخشيندڙ شخصيت سائين نورالدين سرڪيءَ جو سهيڙيل هي ڪتاب ٻن ڀاڱن تي ٻڌل آهي، پهرين ڀاڱي ۾ پهاڪا آهن ۽ ٻي ڀاڱي ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جون اهي سون ورنيون سٽون آهن، جيڪي پڻ اسان وٽ پهاڪي جيان ڪم اچن ٿيون. هن ڪتاب ۾ سهيڙيل پهاڪن جو انگ تيرهن سئو جي لڳ ڀڳ ۽ سون ورنين سٽن جو تعداد ست سئوکن ٿيندو.
پروفيسر عرساڻي پنهنجي ڪتاب سنڌي ورجيسي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي ته ”پهاڪي لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ”پھ ڪري يا سوچي سمجهي اچاريل ٻول“ ليڪن اصطلاح جي معنيٰ ۾ هڪ عام چوڻيءَ کي پهاڪو چيو ويندو آهي. ساڳي طرح پهاڪي جي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪري ڊاڪٽر سنديلو پنهنجي ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ ۾ لکي ٿو ته ”پهاڪا، چوڻيون ۽ ٻهڳڻن جا ٻول، سنڌي سڃاڻپ جو آئينو آهن. منجهن سنڌي رهڻي ڪهڻي ۽ ڳڻ ڳوت جي گهڻي ڀاڱي جيئري جاڳندي تصوير ڇڪيل آهي، جيتوڻيڪ هي مختصر آهن، مگر چوڻ وقت مطلب کي مفصل ڪن ٿا. سندن ڪامل استعمال ٻوليءَ کي ٻهڪايو ڇڏي“.
لوڪ ڏاهپ جي صنِف تي ٻڌل ڪتاب ”پهاڪا- ڪلام جا ڏيئا“ اوهان آڏو سنديلي صاحب جي لفظن ۾ ”سنڌي سڃاڻپ جو آئينو“ ۽ سنڌي سماج ۽ ان جي ڪمال ۽ زوال جي پيمانن جا معيار ٻڌائي ٿو. اهڙي طرح پهاڪو ۽ زوال جي پيمانن جا معيار ٻڌائي ٿو. اهڙي طرح پهاڪو جتي اوهان جي ڳالھ ۾ وزن پيدا ڪري ٿو اتي ٻڌندڙن تي تمام تڪڙو اثر به ڇڏي ٿو ۽ قائل ڪرڻ ۾ لاڀائتو ٿئي ٿو.
اميد ته ”پهاڪا- ڪلام جا ڏيئا“ اوهان کي پسند ايندو ته سنڌ جي بيحد محبتي ۽ مڻيادار انسان جي پيار ۽ پاٻوھ سان ڪيل اها محنت سجائي ۽ ڪارائتي ثابت ٿيندي.
حميد سبزوئي
نئين سنڌ اڪيڊمي ڪراچي