ٽ ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو. ٽپڙ ئي ٽيشن تي. ٽپڙ لڀن ڪو نه، هليو آ شادي ڪرڻ. ٽڪريءَ کي ٿيا سور، ڄائي ڪُئي. ٽَڪي جو ٺڪر به ٺڪي ٺوڪي وٺجي. ٽڪو ۽ دعا. ٽَڪي جي ڪُتي، ٽي پئسا گهلاڻي.