و
واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.
واٽون ويھ ٿيون، ڪُہُ ڄاڻان ڪيهيءَ ويا.
واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
واڪو ڪنديس ووءِ! مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري.
واڳ پريان جي وَسِ، آئون ڪا پاڻ وهيڻي.
وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن ورُ وڏو ڪيو.
وَرِ اباڻن اُڃ، کوءِ شربت تنهنجو سُومرا.
وَرِ پريان سين پِڪ، ٻيا ڀاڻ ڀَريا ئي گهوريان!
وَر ريءَ وانڍين اَڏيا، پَکا سي مَ پُسن.
وَرِ سا سُڃي ويڙھ، جنهن ۾ سَڄڻ هيڪڙو.
وَرِ سي کارا کوھ، سنجيم جي ساڻيھ جا!
وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
وصالان فراق جي، سُڄي ڳالھ ڳري.
وطن وسائيج ته سنگهارن سُکُ ٿئي.
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾.
ولين جئن وَريام، گوندر غم پرين جا.
ويا سي وينجهار! هيرو لعل وِنڌين جي.
ويا مور مور مري، هنجَ نه رهيو هيڪڙو.
وياءَ واسينگن جا، سنها ڀانءِ مَ سپَ.
ويراڳين وسي، رام سدائين روح ۾.
ويٺي آهيان واٽ تي، آهيان آسَروندي.
ويٺي ور نه پون، سُتي ملن نه سپرين.
ويٺي وٽيائون، ڪي جي سڳا سُور جا.
ويٺين ناه وراڪو، سُتين ڪونهي سڱ.
ويڄَ ڏنڀئين ڪُھ ٻانهن، سُورَ هنئين کي سامهان.
ويڄَ! مَ ٻُڪي ڏي، الا! چڱي مَ ٿيان.
ويهي تون وُجود مان، ڳولي لَهج ڳُجھ.
وٽان واڍوڙين، رهي اچجي راتڙي.
وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ.
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳوليين هوت کي.
وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناه حسن ري.
وڍيل ٿي واڪا ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري.
وڏا طالع تن جا، جي مٿي مارڳ منجھ مرن.
وڏو طالع تن، مٿي مارڳ جي مئا.
وڻجاري وائي، سدا آھ سفر جي.
وهان ڪئن ماٺ ڪري، هيڏو سور سهي.
وَهَمَ ورساياس، نا ته پنهون آئون پاڻ هئي.