مهاڳ
ڪي پهاڪا سادا عوامي گفتا ٿين ٿا ۽ انهن جي معنيٰ پڌري هجي ٿي پر ڪي پهاڪا سوچ ويچار ۽ معنيٰ سان ڀريل هوندا آهن ۽ زندگيءَ جي منجهيل معاملن سان واسطو رکن ٿا.
ڪي پهاڪا وري ظاهر ۽ مثالي ۽ تشبيهي ٿين ٿا پر حقيقت ۾ مڻيادار ۽ اندروني معنيٰ وارا هوندا آهن.
ڪي پهاڪا نه رڳو ننڍا ۽ ياد رکڻ جهڙا هجن ٿا پر اُهي بي معنيٰ ۽ ڪنهن مطلب کان خالي به نه هوندا آهن. ساڳي وقت اهو به ضروري نه آهي پهاڪا ڪو سؤ سيڪڙو حقيت تي ٻڌل هجن. ڇاڪاڻ ته لوڪ سياڻپ ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ۾ عقل جي ابتڙ ۽ سمجھ کان مٿانهين به هوندي آهي.
پهاڪن کي گذريل زماني جي گڏ ڪيل موڙي يا سيڙايل سياڻپ چوڻ به شايد ٺيڪ نه لڳي؛ بهتر ٿيندو ته اسان ائين سمجهون ته پهاڪا اُهي اهڃاڻ يا وسيلا آهن جي ڪن خاص خيالن کي ٺاھ ٺوھ بنا اسان تائين پهچائين ٿا.
پهاڪي کي انگريزي ۾ Proverb چون ٿا. عيسائي مذهبي ڪتاب انجيل (Bible) جي پراڻي عهد نامي (Old Testament) ۾ ته اخلاقي سکيا ۽ عملي نصيحتن سان ڀريل هڪ الڳ باب ڏنل آهي جنهن کي چون ئي پهاڪن جو ڪتاب. نئين آڪسفورڊ ڊڪشري مطابق انهن مان گهڻا پهاڪا حضرت سليمان جا چيا وڃن ٿا. اصل ۾ انگريزيءَ جا ڪيترا ئي پهاڪا انهيءَ پراڻي عهدنامي تان ئي ورتل آهن.
انگريزيءَ ۾ پهاڪي يعني (Proverb) کانسواءِ ٽي ٻيا لفظ به آهن جي لڳ ڀڳ ساڳي پهاڪي واري معنيٰ ۾ ڪم اچن ٿا.
(1) ADAGE (2) APHORISM ۽ (3) MAXIM ADAGE:-
ADAGE:- آنندرام شهاڻي توڙي سنڌيڪا جي ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ پهاڪو، چوڻي لکيل آهي.
APHORISM:- جي معنيٰ آنندرام شهاڻيءَ چوڻي يا مثال ڄاڻائي ٿو ته سنڌيڪا واري ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ چوڻي يا پهاڪو لکيل آهي.
MAXIM:- آنند رام جي ڊڪشنري ۾ قول يا مثال ته سنڌيڪا ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جو مطلب آهي اهو مڃيل اصول جنهن ۾ ڪو اخلاقي ضابطو بيان ڪيو ويو هجي.
آنندرام جي ڊڪشنريءَ ۾ Proverb جو مطلب ته عام طرح قبول ڪيل پهاڪو يا چوڻي ڏنل آهي ۽ سنڌيڪا جي ڊڪشنريءَ ۾ ان کي چوڻي يا ننڍڙو مثال جيڪو سچ کي هٿي ڏيڻ واسطي ڪم اچي، ڄاڻايل آهي.
هن ڪتاب ۾ پهاڪن سان گڏ شاھ جي رسالي مان چونڊيل، سون ورنيون سٽون پڻ ڏنل آهن ۽ اهي به عام ڳالھ ٻولھ توڙي تحرير ۽ تقرير ۾ پهاڪن، مثالن ۽ چوڻين طور ڪم آڻي سگهجن ٿيون.
سنڌي ٻوليءَ جو ماٺيڻو محبتي،
نورالدين سرڪي