ڀ ڀلائيءَ جا ڀير، پيشانيءَ ۾ پرينِ جي. ڀيلو ڀيري ڀڃ، اُڪنڍ کڻ عميق ۾. ڀينر آئون ڀُلياس، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو. ڀينر آئون ڀلياس، نه ته سِڪَ سُمهڻ ڇا لڳي. ڀڳيءَ سين ڀير، جانسين رتو راس ٿئي.