پ
پاڙهي پاڻ نه ڄاڻي، ماري کُتابي.
پيٽ نه پالي، ڪُتا ڌاري.
پاڻ نه پلي، ڏوجهان متيان ڏيوي.
پاٽ ۾ اهو ئي پوندو، جيڪو ڪُنيءَ ۾ هوندو.
پُٽَ ڄائي کان پوءِ، پُٺ پڌري ٿئي.
پاڻي پنهنجو رستو پاڻ لهندو.
پٽ ٻٽيھ لکڻو، پادر ڇٽيھ لکڻو.
پاڇي پٺيان ڊوڙڻ، ڪهڙو لاڀ؟
پاپ جو گهڙو، ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي.
پاڻُ پالي يا گهوڙا سنڀالي.
پاڻَ پني، گهوڙا ڳنهي.
پُٽ جيسين جوءِ مليس، پر ڌيءَ هميشه ڌيءَ آهي.
پٽ ڪپُٽ، پينگهي ۾ پڌرو.
پُٽ پرڻيو معنيٰ پَر نيو.
پٿر پرائي سور سڀ ڪا پنهنجا روئي.
پٿرُ به پنهنجي جاءِ تي ڳورو.
پنڌ پڄي پاڻ کان ڪو نه، لک لعنت گوڏن تي.
پرائي آس، ڪُني جي لاس.
پرائي ٻار کي ٽڪو ڏيئي کارجي.
پَرَ خير، پنهنجو خير. (اول پر خير، پوءِ سر خير.)
پَرُڻ چوي ڏونگهي کي: هل ڙي ٽه ٽُنگا.
پرائي قبر ۾ ڪوئي نه پوندو.
پرائي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس.
پرائي پُلاءَ کان پنهنجي دال ڀلي.
پرائي دهلين، احمق نچي.
پروا پٽ پنهنجا ٿين ها ته زالون سور ئي نه سهن ها.
پر پٺ بادشاھ کي به گاريون ملن ٿيون.
پري کان، هر ڪا شيءِ سٺي لڳي.
پري رھ، خوش رھ.
پڙهڻ، پڳ ٻڌڻ، ترڻ، تير هڻڻ، پنجين گهوڙي سواري، جيڪو ننڍي هوندي نه سکيو تنهنجي وڏي هوندي خواري.
پڪي گهڙي، ڪنا نه پوندا.
پڪيءَ ماني تي هر ڪو حاضر.
پڪي ماني به يا نصيب.
پڪل ٻير کي، هر ڪو ڀتر هڻي.
پگهر بنا پئسو ڪونهي.
پنهنجي گهوٽ ته نشو ٿئي.
پنهنجي ٿوري، گڏھ کي به پيرين پئبو.
پنهنجي ڏر تي گدڙ به شينهُن.
پنهنجي ڌيءَ، پرائي نُنهن، سڀني کي سٺي لڳي.
پنهنجي، سهنجي.
پنهنجي گهر ٻلي به شينهن.
پنج آڱريون برابر ناهن.
پنج؛ گنج.
پنئين مڱئين گهر هلي، ته کُھ اُڌاري واٽ.
پنهنجي وڍيءَ جو، نه ويڄ نه طبيب.
پٿر گپ ۾ اڇلائبو ته ڇنڊا منهن ۾ پوندا.
پهرين تڪ تور، پوءِ چپ چور.
پهاڪا، ڪلام جا ڏيئا آهن.
پهرين ٽِڪي کير ڀري، ٻي به ڏيندو الله.
پوکجي ڪڻو، ٿئي گهڻو.
پئنچن سان به پورو، ساڌن سان به سنمک.
پئنچن ۾ پرميشور.
پوکين تان ڪي پوک، جيسين پاڻي اٿئي ٻار ۾.
پوءِ-ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڻي لُٽائي لک.
پيٽ ته ڀريو، منهن ڪارو ئي سهي.
پيٽ ۾ لُل، ته ڳوٺ ۾ هُل.
پيٽ ڪو دائيءَ کان ڳجھو؟
پيٽ ته ڪتا به پيا پالين.
پير کي پڏائي خليفو.
پيريءَ جي شادي، آهي خيراتي کوھ.
پيريءَ جي شادي، پاڙي جو سُک.
پيٽ آهي، ڏيڍ خدا.
پيئيءَ ليئيءَ ڌيءَ ڪم اچي.
پير ڀلو ڪ ويساھ ڀلو؟ چي: ويساھ ڀلو.
پئسي پلو مهانگو، روپئي پلو سهانگو.
پيرين پيادو، مادر زادو.
پيار ۽ پلاند، ڪڏهين پراڻا نه ٿين.
پئسو آ هٿن جي مَرُ.
پيٽ نه هجي ته سونيون ڀتيون اڏجن.
پيءُ وڏو؟ پِير وڏو؟ پئسو سڀني کان وڏو.
پرائي جهار، پرائي جهرڪي.
پاڻي ۽ باھ، ٿورا ڪري نه ڄاڻجن.
پيٽ ڀر، پٺي لڏ.
پنهنجي پڳ لاهي جنهن هٿ ۾ ڪئي، تنهن کي ٻي جي لاهيندي ڪهڙو ڀؤ.
پئسن بنا پرساد، هَروُ ڏئي نه هٿ ۾.
پنهنجو منهن، پنهنجو موچڙو.
پنهنجا وري به پنهنجا.
پاڻ کان مٿي جا ٻئي کي گُهري، سا به ڏائڻ.
پني پني ممن ڄايو، تنهن ۾ به اڌ پرايو.
پڳ کان بِتانو وڏو.
پوئين بي حيائيءَ کان، پهرين بي حيائي چڱي.
پاڻيءَ کان اڳ، ڪپڙا نه لاهجن.