لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڪا: ڪلام جا ڏيئا

ڪتاب ”پهاڪا : ڪلام جا ڏيئا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي پهاڪن جو ڪتاب نور الدين سرڪي جو لکيل آهي جيڪو نئين سنڌي اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book پھاڪا: ڪلام جا ڏيئا

س

ساڌو ٻه آڱر واڌو.
سائيءَ واري کي، هر شيءِ سائي نظر اچي.
سائي جو سڀ ڪو، سڃي جو ڪو ئي نه.
سالا شينهن کي به پيارا.
ساھ بند ڪرڻ سان پيٽ ڀريو؟
ساعت (سائٿ) وارو کايو وڃي، لهڻيدار موٽيو وڃي.
سُڀاڻي جا ڀاڳ، سڀاڻي سان.
سڀاڻي جي ڪهڙي خبر.
سٻر سوٽو ساڻ ته گڏھ گوهي نه ڪري.
سُتل شينهن کي نه جاڳائجي.
ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال.
سٺ ته لٺ.
سپاهيءَ جهڙو يار، ٻيو دشمن نه ڌار.
سپ نه ماري، سڀ جو ڊپ ماري.
سڃي کي ڏي ڪو نه، سائي کي سهي ڪو نه.
سُڃو ماڻهو، الله کان به ڏاڍو. (نعوذ باالله)
سرمو سڀڪا پائي، پر اک اک جو ڦير.
سر جي بازي سر سان.
سِر ڏجي، سُر نه ڏجي.
سُر ٺهي نه وٺ رينگٽ کي. (نار وھي نه وهي، وٺ رينگٽ کي.)
سڪيلڌو ٻار، چريو يا چُتو.
سُڪن سان گڏ آلا به سڙيو وڃن.
سُکن پٺيان ڏک، ڏکن پٺيان سُک.
سکڻي دعا، پِٽ برابر.
سکڻو ڦيڻو، سور ٻيڻو.
سکڻي ڪُني، گهڻو اُڀامي.
سَلو سو، جو نسري ئي سڌو.
سَلو اهڙو، جو انگورئون ڀلو.
سُمهڻ آ سگهرن جو، ڇڙن جو آڊهڻ.
سج، ٻه پاڇا.
سڄڻ سڄي ڏئي، ته سڄي نه وٺجي.
سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ.
سچ مرچان ڪوڙ ڳڙ، پير پئسو، زال گر، جيئن آکي تيئن پيو ٽُر.
سچ جي ٻيڙي لُڏي لُڏي، پر ڪڏهن نه ٻُڏي.
سچ چوندي يار رُسي ته ڀلي رسي، ڦڻي ڏيندي وار کسي ته ڀلي کُسي.
سچ جَنين جو سِير، تير نه گُسي تن جو.
سچ سونهي سچن کي.
سج اُڀرندي کان پوءِ سوير ڪانهي، سج لٿي کان پوءِ اوير ڪانھي؟
سخيءَ کان شوم ڀلو، جو ترت ڏي جواب.
سخيءَ جو ٻيڙو سُتڙ.
سخي ۽ شوم جو، ٻارهين مهيني ساڳيو حساب.
سخي ۽ سرنهن ٻئي ساوا، جيئن ڀيل تيئن ڀلا.
سنسار مها ڄار.
سنڌ گدڙن ڪا نه کاڌي آهي.
سنڌ آهي آين جي، نه ڄاين جي.
سَگهو کائي ان، اگهو کائي ڌن.
سنگ جو پرسنگ.
سنئين ڪاٺيءَ جو، واڍو ويري.
سنئين ڪاٺيءَ تي بار گهڻو.
سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي.
سهڻي صورت کان، سهڻي سيرت ڀلي.
سهڻا ٽوھ پٽن تي.
سَوَ ڌڪ سونار جا، هڪ ڌڪ لوهار جو.
سهاڳڻ سا ئي، ڪانڌ جنهنجي ڪڇ ۾.
سو ڪوئا کائي، ٻلي حج تي هلي.
سونُ، سؤ ورهين به سوايو.
سواري پاڻ سان، پئسو جان سان، رن ران سان، مرد شان سان.
سئي پاڻهي سڳي کي سوريندي.
سياڻو چئي، اياڻو ويڃائي.
سيڻ آهن نيڻ.
سياري جي سوڙ، سڀ ڪو پاڻ ڏي ڇڪي.
سيڻپو، ويڻپو ويريو.
سيهڙ ٽنگهون ٽي، چوٿين ٺهي ئي ڪا نه.
سؤ ڪري سينگار، ته به کودڙي پٽ کودڙو.
ساري رات ويامي ڌيءَ ڄائي، اها به ڪاڻي.
سر منڊل جي ساز مان، سانڊو ڇا سمجهي.
سن ڳولي سن کي.
سيوهاڻي چريا، ڀتر به پنهنجي گهر اڇلائين.
سونارو ماءُ جي نٿ مان به نه مُڙي.
سڀڪو پنهنجو هٽيءَ جو هوڪو ڏئي.
سومر سوار، جاڏي وڄ تاڏي تيار.
سوڙهيءَ سيرانديءَ وهنوار نه ڪجي.
سر ڏجي، سام نه ڏجي.
سڌي وائي، ڪم نه آئي.
سوڙ آھر، پير ڊگھيرجن.
سياڻو ڪانءُ، ٻه-ٽنگو ڦاسي.