تون ڇا ڄاڻين درد مٽيءَ جو
او لفظن جا جادوگر!
تون ڇا ڄاڻين درد مٽيءَ جو.
ماروئڙن جي مُرڪ ذريءَ کان واقف ناهين،
يا ڳوڙهن جي ڳالهه ڳريءَ کان واقف ناهين.
جڏهن ورهاڱي ڪَرَ کنيا،
ڏارَ ڀڳا ۽ا اڏريا ڳيرا،
جهرڪين تي بازن جا گهيرا،
ٻولي هڪ هئي خواب به پنهنجا هڪجهڙا هئا،
اٿڻ ويهڻ، آداب به پنهنجا هڪجهڙا هئا،
پنهنجا پيارا وڇڙي ويا ۽
ڌارين جي ڪا لوڌ لٿي،
بي پاڙن کي ڪنهن نه قبوليو، سنڌ قبوليو.
جڏهن ڪراچيءَ جي رستن تي،
روز گلاب جي پاڻيءَ سان،
ها ڇڻڪار پيا ٿيندا ها،
سو سينگار پيا ٿيندا ها،
هُنن کان اڳ ۾،
ڪيڏي ڇڪ ۽ پيار هيو،
امن، سڪون، قرار هيو.
هاڻ انهن جي ايندڙ نسلن،
روشنين جي شهر کي مقتل گاهه بڻايو.
ڌرتيءَ جا اصلوڪا وارث،
ٻئي درجي جا شهري آهن.
اڄ به سنڌين کي،
رت ۽ باهه ۾ وهنجاريو ويندو آهي،
اڄ به ڪنوارين نياڻين سان،
وحشي هٿ کيڏن ٿا پيا،
ٻارنهن مئي تي ڇا ڇا ٿيو،
توکي ڪِوِل نه چَڪُ پاتو،
تنهنجي مٿي تي جونءَ نه چُري ڪا،
توکي ڪا پرواهه نه آهي،
۽ تون پنهنجي لاءِ ترقي چاهين ٿو.
ٻهراڙين جي ٻاجهارن انسانن جي،
دل جي ريت کان واقف ناهين،
پيار، ڪُريت کان واقف ناهين،
ٽوپيءَ تي هِيرن جي ٽِڪَن کان واقف ناهين،
۽ اجرڪ جي حُسناڪين کان واقف ناهين،
او ويڪائو مال ٻُڌي ڇڏ!
تنهنجي ڪا تاريخ جي ننڍڙي صفحي تي ڀي جاءِ نه آهي،
توکي عياشيءَ جو سامان ميسر سارو،
توکي شراب، شباب، ڪباب کان فرصت ناهي،
توکي اُلڪو ننڊ ڦٽيءَ جو،
تون ڇا ڄاڻين درد مٽيءَ جو.