.....۽ آزادي اهم آهي
اسان جو هي وهم آهي،
ته ساريون پوپٽيون ڇرڪي،
گلن جي واس تي اڏري رهيون آهن،
۽ آزاديءَ سان آڙيون،
مٿي آڪاس تي اڏري رهيون آهن،
شڪاري تاڙ ۾ آهن،
ٻڌو بندوق جا فائر،
پکين سان جي مخاطب ٿا ٿين،
گوليءَ جي ٻوليءَ ۾،
ڏسو هي نيرڳا نِوڙيا،
پهاڙي سلسلو آ ڪونج جي هر گونج جا،
سارا ئي سُرَ وڇڙيا،
سموري سنڌ جي موسم،
ته پن ڇڻ ۾ پنن جا لڙڪ ٿي،
وکري ويل آهي.
اُٺي برسات جي ڪائي،
منسٽر جي فقط هڪڙي ڳلي،
نکري ويل آهي
اسان جو هي وهم آهي،
ته پنهنجي ڏيهه ڏاڏاڻي ۾،
آزادي اها آهي.
اسان جي نينهن جهڙي سوچ ڪاٿي ٿي رِها آهي،
سياسي چال بازين کان،
ڪٿي واقف ٿيا آهيون،
اسان ڄڻ درد جي تاريخ جا تعارف ٿيا آهيون،
اسان وٽ خوبصورت پارٽين جي کوٽ ناهي ڪا،
۽ نعرا سنڌ جي ايجاد ڄڻ آهن،
ڪا تازي ياد ڄڻ آهن
پلئه پئجي ويون آهن،
اسان جي ڀاڳ ۾،
ساريون گرفتاريون،
وري اوسيئڙي ۾،
جيل جون کوليون سدا آهن،
اسان جي ذهن توڙي دل جي ليکي ۾،
اها قومي سڃاڻپ آ،
اهو قومي شعور آهي،
اسان کي سار محبوبا جي هُٻڪاريل خطن جي آ،
فقط هڪ ياد تازي ناهه جا،
پنهنجي مٽي جي آ،
صبح جي هر نئين ويلا،
به ڪوهيڙي جي قبضي ۾ آ،
اڃا به درد جا بادل،
ڍڪيل سوراج جو سورج،
اسان جا سون جيئن ارمان آهن،
وقت جي بيدرد واڻئي وٽ،
اسان جا نيڻ توڙي خواب سڀ گروي رکيل آهن،
نئين تاريخ جا
ڄڻ باب سڀ گروي رکيل آهن.
ڪراچي تون ڪٿي آهين،
اسان جي،
ٻانهن تنهنجي ڪنڌ ۾،
لاڙي سگهيا ناهيون،
اسان تنهنجن اکين جا لڙڪ به ناهيون اگهي سگهيا،
اسان جي ڳوٺ جون،
ڳاڙهيون گهٽيون پيلاڻ ڏي مائل،
اسان جو مال،
اڃا تائين چَرڻ جي آس ۾ آهي،
اسان کان ڄڻ ته پٽڪي جا وڪڙ وسري ويا آهن،
اسان کان ۽
ڪهاڙي ڀي کڻڻ وسري وئي آهي،
اسان اجرڪ کي سمجهي گوڏ،
استعمال ڪريون ٿا،
اسان پنهنجي ثقافت جو نه ڪوئي خيال ڪريون ٿا،
اسان جون آجپي ڌاران،
سڀئي مرڪون به اڻپوريون،
چپن جا رنگ اڻپورا،
چُمين جا چنگ اڻپورا،
اسان جي محبتن جو مان اڻپورو،
اسان جو دين ۽ ايمان اڻپورو
۽ آزادي اهم آهي،
اسان جو هي وهم آهي.